ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
خلوص-ڌياڻي، مائي خيرالنساءِ نياڻي
”عورت- ذات کي سياڻن ”اڌ- ڪائنات“ چيو آهي. اهي
سياڻين جون ڳالهيون، سياڻا پاڻ ڄاڻن. پر حقيقت اها
آهي ته عورت- ذات سموري ڪائنات جو رنگ، خوشبو ۽
ساهه آهي. مرد جي ڀيٽ ۾ عورت امن، وفا ۽ ايثار جو
آدرش آهي. دنيا ۾ جيڪي به جنگيون ۽ لڙايون لڳيون
يا لڳي رهيون آهن، اهي مرد ذات جي انا، هوڏ ۽ ڏاڍ
جي ڪهاڻي آهن. عورتن ايئن ۽ ايترا ملڪ ۽ ماڻهون
ناس نه ڪيا. عورت-ذات جي وفا ۽ ايثار سمجهه ۾ نه
اچن ته سنڌ جي ستن سورمين ۽ انهن کان پوءِ پيدا
ٿيل هزارها سورمين جي زندگين ۽ شخصيتن جو مطالعو،
سموري مام سمجهائڻ لاءِ ڪافي آهي.
عورت-ذات جي عظمت کي مڃڻ لاءِ مون وٽ نه فقط
تاريخي اسباب ۽ جواز موجود آهن، پر ان جا ٻيا به
ڪيترا ڪارڻ مون کي انهي وڏي سچ مڃڻ تي قائل ڪن ٿا.
مون پرائمري جا پنج سال گرلس اسڪول ۾ پڙهيا.
”ممتا“ جا سمورا ”مجازي روپ“ مون پنهنجي
استادياڻين جي روين ۾ ڏٺا. نياڻين جي آڪهه ۾ مون
ڀريا پنج سال گذاريا، ڪتاب پڙهيم ۽ کين پڙهيم.
انهن جو اثر ورتم ۽ پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار ۾ سندن
امن پسندي، خيرخواهي، خلوص ۽ ايثار جا رنگ ڀريم.
ان ڪري ”عورت-ذات“ جي عظمتن جي هام هڻڻ پٺيان
منهنجو تجربو ۽ مشاهدو ڪار فرما آهي. عورت مون
لاءِ ”اوپري مخلوق“ ڪانه رهي آهي. مان ان جي
نفسيات جو شاهد آهيان.
ميڊم مون سان ڏاڍي ڪچهريون ڪيون، ۽ انهن
ڪچهرين ۾ شيخ اياز کان وٺي ويندي
عبدالقادر جوڻيجي تائين، ڪيترن اديبن،
ليکڪن ۽ شاعرن جي شخصيتن جا اهي وڻندڙ ۽
دلچسپ روپ ڏيکاري ويندي هئي جو ڏندين
آڱريون اچي وينديون هيون. مائي خيرو مون
کي ڪيترن موقعن تي هڪ برجستي مرد کان به
وڌيڪ مرد محسوس ٿيندي هئي. هن ڪڏهن هڪ
ناتوان، مظلوم ۽ مايوس نياڻي وارو روپ مون
اڳيان ظاهر نه ڪيو.
|
آءٌ جڏهن سنڌالاجيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي آيس ته
هتي مون کي پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ اهي سبق وري
پڙهڻا ۽ ورجائڻا پيا. جيڪي ٻالپڻي ۾ گرلس اسڪول ۾
پڙهيا هيم. يونيورسٽيون ”بند سوسائٽيون“ ٿينديون
آهن ۽ انهن ۾ ڪنهن ٻاهرين ۽ ڌاريئي ماڻهوءَ کي
تڪڙو قبول نه ڪيو ويندو آهي. جنهن ماحول يا معاشري
۾ ذريعا، وسيلا ۽ موقعا محدود هوندا آهن يا اهي
مخصوص آڱرين تي ڳڻجڻ جيترن ماڻهن جي هٿ وس هوندا
آهن، اتي اهڙي سوچ ۽ اهڙي نفسيات اوس ئي جنم وٺندي
آهي ۽ وٺڻ به گهرجي، ڇو ته انهيءَ پٺيان اڻ ڳڻيون
حقيقتون ۽ جائز حقن جي جاکوڙ موجود هوندي آهي.
آءٌ اهڙي صورتحال کان بنهه بي خبر هئس. جيڪڏهن اڳ
۾ اهڙو شعور هجي ها ته شايد سنڌالاجي ۾ نه اچان
ها. سنڌالاجي ۾ مان مستقل طور تي نه آيو هئس، وقتي
طور تي آيس، انڪري ڪنهن جي حق تلفي ڪرڻ وارو گناهه
نه ٿيو. بس، جهڙوڪ ڪجهه گهڙيون ويٺاسين، قرب
ونڊياسين، وس لڳي خدمت ڪئيسين ۽ کلي روئي موڪلائي
ماڳ موٽي وياسين.
جي، روئي ۽ کلي ڇو ته ڪيترن ماڻهن کي ڇڏيندي ارواح
نه پيو ٿئي ۽ ڪيترن ماڻهن جي اندر ۽ ٻاهر وارين
شخصيتن جا متضاد روپ ڏسي، کلي جان ڇڏائڻ ۾ خوشي
پئي محسوس ٿي.
سچ پچ ته مائي خيرالنساءِ پاڻ هڪ آدرش
هئي. اهو آدرش جيڪو هر قسم جي مت ڀيد کان
پاڪ هجي، جنهن جو پنهنجو وجود ۽ تشخص هجي
هوءَ وجود واري هئي ۽ منفرد تشخص واري
هئي. هوءَ سلڇڻي، سٻاجهي ۽ نيڪ سيرت نياڻي
هئي ۽ ان کان به وڌيڪ هڪ بي بدل ليکڪا
هئي. هوءَ اسان کان موڪلائي وئي، پر
پنهنجو مٽ ۽ ثاني نه ڏئي وئي. سندس خال
وڏي عرصي تائين ڀرجي نه سگهندو.
|
سنڌالاجي ۾ مون کي عورت/سنڌ جي نياڻي مادام مهتاب
اڪبر راشدي وٺي آئي. بنهه ائين جيئن ماسي سڀائي ڪن
کان وٺي اسڪولي ڄمار کان اڳ اسڪول وٺي وڃي داخل
ڪيو. سنڌالاجي مون لاءِ عورت-ذات کي ڏسڻ، ٻڌڻ،
پڙهڻ ۽ سمجهڻ وارو ٻيو دور عطا ڪيو. پهريون دور ته
ٻالپڻي جو هو، پر هيءَ ڦوهه جوانيءَ جو هو. سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ سوين شاگردياڻيون هيون ۽ ڪيتريون
استادياڻيون هيون. منهنجي ڊائريڪٽرياڻي عورت هئي،
مون کي جهڙوڪ بنهه پرائمري دور واري حياتي موٽي
ملي. جيتوڻيڪ يونيورسٽيءَ ۾ مرد مهربانن به گهڻيون
عزتون ۽ محبتون ڏنيون، پر انهن کان وڌيڪ خلوص ۽
پنهنجائپ مون کي اتان جي عورتن کان مليو. آءٌ
يونيورسٽيءَ جي نياڻين ۾ ايترو ته مقبول ٿي ويس جو
اتي هڪ دفعي مارئي هاسٽل ۾ جشن جو پروگرام رٿيو
ويو ۽ ان جي صدارت مون کان ڪرايائون. اهي صدارت،
بلڪه هڪ وڏي فنڪشن جي صدارت نوجوان شاگردن به
ڪرائي هئي. يونيورسٽيءَ جا اهي فنڪشن منهنجي زندگي
جو اثاثو بڻجي ويا.
لکڻو خيرالنساءِ تي آهي، انڪري سنڌ يونيورسٽي جي
انهن شاگردياڻين ۽ ٻين استادياڻين کي به ياد ڪرڻو
پئي ٿو. جن جا رويا ۽ رشتا سنڌي عورت جي عظمت جي
ڪهاڻي بڻجي پون ٿا.
مان، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، حليم بروهي ۽ ڊاڪٽر
محمد قاسم ٻگهيئي جي پاڙي ۾ رهندو هئس. ڪچهريون
ساڻن به ٿينديون هيون، پر مون وارو بنگلو
يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻين لاءِ جهڙوڪ ٻيو نمبر
هاسٽل هئي. جڏهن مارئي هاسٽل خالي ٿي ويندي هئي، ۽
ڪن نياڻين کي پڙهائي لاءِ اتي رهڻو پوندو هو ته
اهي مارئي هاسٽل به ان مون وٽ اچي رهنديون هيون.
ان وقت عجيب رونق لڳي ويندي هئي. ڪا شاگردياڻي
ماني پچائيندي، ڪا ٻهاري ڏيندي، ڪا ڪتابن جي بلي
هوندي هئي. پر جڏهن هر ڪو فارغ ٿي ويندو هو ته
پوءِ چوڌاري نياڻيون ۽ وچ تي آءٌ. مذهب کان سياست
تائين، علم ادب کان تعليم تائين بحث مباحثا ٿيندا
هئا. هو مون کي غور سان ٻڌنديون هيون ۽ مان سندن
ويچار هينئين سان هنڊائيندو هئس. انهن شاگردياڻين
مان گلبدن آصف مصراڻي به هڪ هئي. جيڪا پوءِ گلبدن
جاويد بڻي ۽ مون کيس سندس والد جي شهادت کان پوءِ
ڌيءَ ۽ ڀائٽي طور جهڙوڪ گود کنيو.
مائي خيرالنساءِ، قمر واحد، تنوير جوڻيجو ۽ مرحب
قاسمي اهي استادياڻيون هيون، جن جي خلوص ۽
پنهنجائپ کي وسارڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي، پر
مائي خيرالنساءِ جو انداز ئي اور هو. هوءَ ڪنهن ٻي
مٽي مان جوڙي وئي هئي. اڪثر ڪري مون سان
سنڌالاجيءَ ۾ ڪچهري ڪرڻ ايندي هئي. هونءَ ته
يونيورسٽين جي استادياڻين مون سان ”ڏات-ڌڻين جي
رٿا“ واري ڪم ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو. مواد ڏنو،
پروفارما ڀري ڏنا ۽ انهيءَ حوالي سان جيڪو گهربل
هو، اهو ڏنو. پر مائي خيرالنساءِ جهڙوڪ انهن کان
وڌيڪ ڏنو. الله جنت نصيب ڪريس. جڏهن به آئي ته
خلوص ۽ پنهنجائپ جا خزانه کولي ويهندي هئي. ٻيڙي
پيئندي هئي ۽ آءٌ سگريٽ ڇڪيندو هئس. ڪڏهن ڪڏهن
ٻيڙي دکائي ڏيندي هئي ۽ چوندي هئي ته: ”ڪڏهن ڪڏهن
ٻي ڀاڄي به کائجي، هي وٺ، مند مٽاءِ.“ مون کي
لڳندو هو ته هوءَ ڀاءُ، همدرد، هم راز ۽ دوست جهڙا
مقدس رشتا جهوليءَ ۾ ڀري اچي مون سان ويهندي هئي.
هن ڪڏهن به ڪنهن جي گلا نه ڪئي، ڪنهن جي شڪايت نه
ڪئي. پر سندس ڪچهري دوران آليون آکيون گهڻو ڪجهه
ٻڌائي ويهنديون هيون. هوءَ مون کي ”دکي روح“ لڳندي
هئي. کيس اتان قرب ۽ قرار نه مليو، جتي سندس اهو
حق بڻجي پيو. ”مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ“ جا واضح
لفظ جهڙوڪ سندس چهري تي چٽيل هوندا هئا.
پاڻ عبدالقادر جوڻيجي، طارق اشرف، غلام نبي مغل،
علي بابا ۽ ٻين نالي وارن ڪهاڻيڪارن جي هم عصر ۽
ساڳي جوڙ واري فڪشن- ليکڪا هئي. پر جڏهن مون کي
سندس ويجهي وڃڻ ۽ ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو مليو ته
سندس قلم جو تيز رفتار گهوڙو ڪي قدر ٿڪجي چڪو هو.
شايد اندر وارو انسان بي قرار هئڻ ڪري، سندس
قابوءَ ۾ نه رهيو هو. هن جي قلم ۽ زبان جهڙوڪ
خاموش رهڻ جو قسم کنيو هجي.
آءٌ کيس ادبي يادگيرين لکڻ لاءِ صلاحون ڏيندو هئس.
چوندي هئي ته: ”مرد ٿي، ڇو ٿو مردن کي خوار
ڪرائين. اوهان مرد سمجهو ٿا ته سنڌي ادب ڪنهن عورت
(سسئي) جي رلي مرڻ. ڪنهن عورت (سهڻي) جي ٻڏي مرڻ
يا ڪنهن عورت (مومل) جي سڙي مرڻ جو نوحو آهي؟ نه
نه، حقيقت ۾ مرد-ذات جي ڏاڍ ۽ ڏمر، بي وفائي ۽
اکين ٻوٽ جو پڙاڏو آهي.“ پوءِ مون کي ادبي يادگيرن
لکڻ واري مطالبي جي موٽ ڏيندي چوندي هئي ته: ”هتي
هر ڪو سير آهي. پاءُ ٿيڻ يا پنهنجي حيثيت کي گهٽ
ڏسڻ ڪنهن کي سٺو لڳندو؟ پڙهندڙن کان آدرش کسڻ ۾
مون کي ڇا ملندو؟“
زيب نظاماڻي
گُڏي گُڏيءَ جو گهر
سچ جي آڳڻ تي مست الست مي رقصم هستي جنهن جو لفظ
لفظ اکر اکر نجي ماکيءَ جهڙو مٺو ڀاسجندو هيم، هن
کي جڏهن به ڳالهائيندي ٻڌم ته ڪيترين ئي بيمار
دلين کي هن جي لفظن جي ڪوڙين گورين ڳڙڪائڻ سان چاڪ
ٿيندي به ڏٺم. نالو ته هن جو خيرالنساءِ هيو ته
سڀاءُ به سندس نانءُ جيان خير ڀريو هو، هو مون کي
مائي خيريءَ جي مسيت جهڙي پاڪ دل رکندڙ شخصيت
محسوس ٿيندي هُئي. سچ جا مچ اندر ۾ سانڍي هلندڙ
خيرو عرف گُڏي ائين هوا جي جهوٽي وانگر ملي ۽ ائين
ئي وڇڙي وئي. ٽنڊي ولي محمد ۾ سندس ڏاڪڻين وارو
گهر جنهن جي تختيءَ تي لکيل هو گُڏي گُڏيءَ جو
گهر ٻه چار ڀيرا انهن ڏاڪڻن جا ڏاڪا چڙهي ويرانڊي
۾ رکيل جنڊيءَ واري پينگهي جي لوڏ ۾ لڏندي ادي
گُڏي سان منهنجون روح رچنديون ائين ٿي ويون جو پاڻ
۾ ۽ خيرو ۾ عمر جو فرق به نظر نه پي آيم. سنڌ
يونيورسٽي جي نفسيات جي شعبي جي پروفيسر سنڌي ٻولي
جي هيڏي قد آور شخصيت ايڏي سادي ۽ سٻاجهي لڳي جو
وٽس ويهندي پنهنجو قد بت سگهارو ٿيندي محسوس ڪندي
هئس. خيرو جي گهڻ گهُري ساهيڙي جيجي زرينه بلوچ
هئي ۽ جيجي اسان جي آدرشي ماءُ ۽ استاد به رهي.
جيجيءَ واتان کوڙ ڀيرا خيرو جي تعريف ٻڌندي ٻڌندي
نيٺ گُڏي گُڏيءَ جي گهر جون ڏاڪڻون چڙهڻ لاءِ تجسس
وڌندو رهيو ۽ نيٺ اهي ڀيرا ڀاڪرن ۾ ڀري مون ڏات جي
ديويءَ جي روپ ۾ ادي خيرالنساءِ جعفري جا درشن ڪيا
جيڪي نيڻن ۾ اڄ به اهي ئي آهن.
سماج جي هر لاهي چاڙهي تي سندس گهري نگاهه انساني
روين کي پرکڻ جو فن جذبن جي جوڀن جي بوڇڻ جا چٽ
هو ائين پرکي ۽ پرجي ويندي هئي. جيئن جوهري هيري
کي.
ها ادي خيرو اڄ زندگيءَ جي پنجاهين سال ۾
پير پائيندي به اوهان جهڙي عظيم شخصيت جي
اشد ضرورت محسوس ٿيندي اٿم، اڄ نه جيجي
آهي نه نسيم آ هي نه تون آهين. ڊاڪٽر قمر
به ڏورانهين ڏيهه آهي هاڻ مان گُڏي گُڏيءَ
جي گهر جو ڏس ڪنهن کان پڇان ڪير ڏسيندو ته
ڪٿي آهي گُڏي ڪينءَ آهي گُڏي.
|
هو بنيادي لحاظ کان نثر نويس هئي پر ڪڏهن ڪڏهن
سندس گفتگو شاعريءَ جي چاشنيءَ ۾ ٻُڏل لڳندي هئي.
تُز نقاد کانئس ڇرڪندا هئا، هو جڏهن به ڳالهائيندي
هئي ته سندس ذهني پُهچ جي لوچ ۽ سوچ سڀني کي اچرج
۾ وجهي ڇڏيندي هئي. هن کي ڪڏهن ڪڏهن لٻاڙي اديب
ڪاموڊ تي ويٺل دَپ ۽ ڊونڊ پکڙيندا نظر ايندا هئا
ته ڪڏهن سچ جي واٽ تي هلندڙ سخن وَر سنڌوءَ جون
مست ڇوليون ڀاسجندا هئا. مون کي عورتن واري سال
طور ملهائجندڙ سال دؤران ريڊيو پاڪستان تي سگهڙين
سٿ جي سرواڻ خيرالنساءِ جعفري جي اها ڪچهري نه رڳو
ياد آهي پر مون وٽ آڊيو رڪارڊ جي صورت ۾ موجود به
آهي هو هر نئين توڙي سينئر ليکڪ سان ائين ڳالهائي
رهي هئي ڄڻ ته اهي سڀ ان سان گُڏي گُڏيءَ جي راند
رهي چيڪلي پائي وڏيون ٿيون هجن. ان دؤر ۾ اسان ادب
۾ اڃان بامبڙا مس پاتا هئا ته زرينه بلوچ ۽ ادي
خيرالنساءِ جعفري نه رڳو چيچ مان جهلي ادب جي آڏن
ڦڏن راهن تي هلڻ جا ڳُڻ ۽ گُر سيکاريا پر ادب ۽
اديبن جا چهرا به ماسڪ لاهي چٽيءَ ريت ڏيکاريا. سچ
ڳالهائڻ منافقي سان بغاوت خيرالنساءِ کي اڪيلو ڪري
ڇڏيو هو. مون ساڻس آخري ملاقات هن جي ڄام شوري
سوسائٽي واري گهري ۾ ڪئي هئي. ڊاڪٽر قمر واحد جيڪا
نه رڳو منهنجي استاد پر هڪ شفيق شخصيت جنهن سان
خيروءَ جون روح رچنديون چوٽ تي هونديون هيون. ادي
نسيم ٿيٻو سان به خيروءَ جو خير جو پنڌ پير رهيو.
سماج جي هر لاهي چاڙهي تي سندس گهري نگاهه
انساني روين کي پرکڻ جو فن جذبن جي جوڀن
جي بوڇڻ جا چٽ هو ائين پرکي ۽ پرجي ويندي
هئي. جيئن جوهري هيري کي.
|
ادي نذير ناز، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي به خيرو جون
سکيون هيون. ميڊم خيرالنساءِ پنهنجي ذات ۾ هڪ
ادارو هئي. هو استاد جي روپ ۾ اديبه جي روپ ۾ ماءُ
جي روپ ۾ ڀيڻ جي روپ ۾ ۽ دوست جي روپ ۾ مون کي
ڏاڍي مِٺي لڳي. پر هن پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ
سچي ليکڪه هجڻ جو ڏوهه ايترو ڀوڳيو جو لفظن جا پٿر
سندس ڏات ۽ ذات تي ائين وسڻ لڳا جيئنءَ سانوڻيءَ
جو مينهن. پر هو ته ٿر جي اُها کنڀي هئي. جيڪا
پنهنجي سچائي واري سونهن ۾ بنهه نرالي ۽ لاجواب
هئي. جڏهن ڪنهن ادبي ميڙاڪي ۾ اسٽيج تي مهمانن
واري مانائتي جاءِ تي ويٺل هوندي هئي ته سندس
نگاهون مون کي ڳولڻ لڳنديون هيون، مان ڊڪ پائي وڃي
ڀر ۾ ڀڻڪندي هيس جي ادي حڪم، هو ڪرسيءَ تان اٿي
منهنجي ٻانهه مان مون کي جهلي ڪن جي ويجهو اچي
چوندي هئي. ائي ڇوري ٻيڙي ته دکائي ڏيم، آءٌ ڇرڪ
ڀري اچرج ۾ پئجي ويندي هئس تنهن لمحي پنهنجي پرس
مان لائيٽر ۽ ماچس ڪڍي ڏيندي هئي، هان وٺ دکائي اچ
۽ آءٌ اها ماچيس ۽ پن جي ٻيڙي سائين نثار حسيني کي
ڏيندي چوندي هيس ته دکائي ڏيو.
پوءِ پاڻ ان سنهڙي سيپڪڙي پن جي ٻيڙيءَ جا ڪش هڻي
چوندي هئي ائي خبر اٿئي هي مئا جيڪي ڏسين پئي نه
معتبر چور اُٿئي ٺڳيءَ جا ٺاهه ٺاهي پنهنجو ناني
ڳوٺڙو ٻڌيو ويٺا آهن. مُئي متان اچين انهن جي
ڳالهين ۾.
ها ادي خيرو اڄ زندگيءَ جي پنجاهين سال ۾ پير
پائيندي به اوهان جهڙي عظيم شخصيت جي اشد ضرورت
محسوس ٿيندي اٿم، اڄ نه جيجي آهي نه نسيم آهي نه
تون آهين. ڊاڪٽر قمر به ڏورانهين ڏيهه آهي هاڻ مان
گُڏي گُڏيءَ جي گهر جو ڏس ڪنهن کان پڇا ڪير ڏسيندو
ته ڪٿي آهي گُڏي ڪينءَ آهي گُڏي.
سعديه ميمڻ
سُڏُڪا، سارُوڻيون ۽ سُڳنڌ
الائي ڇو؟ مندن پنهنجا ماڳ مٽائي ڇڏيا آهن. هن
بهار جي مند ۾..... گلن ٽڙڻ جي مند ۾.... هي هيتري
پن ڇڻ ڇا جي.... هن شبنمي موسم ۾ هيڏيون لڙڪن
لارون ڇا لاءِ..... هن مِلن رت ۾ هيڏا وڇوڙا ڇو؟
ڇو ڀلا، آخر ڇا لاءِ...... سڀ سهڻا ماڻهو اسان کان
الائي ڇو رسندا پيا وڃن. ڪي محبتن جا سڪايل ته ڪي
وري پنهنجي اصول ۽ عقيدن تي اٽل. 4 ۽ 8 مارچ ۾
ويڇوئي ڪيترو رڳو چار ڏهاڙا! انهن چئن ڏهاڙن اسان
کان ادبي دنيا جا املهه ماڻڪ کسي ورتا آهن. 2 مارچ
جي هڪ رات جو راجپوتانه اسپتال جي خاموش فضا ۾
ڪاريڊور مان لنگهندي ذهن ۾ سوين وسوسا ٿي آيا ته
”آپا الائي ڪهڙي حالت ۾ هوندي.“ ”الائي ڳالهائيندي
يا نه“، ”الائي سڃاڻندي يا نه“. خير اهي ڳڻتيون
پچائيندا آپا جي روم تائين پهتاسين ته آپا جون
اکيون ٻوٽيل هيون. ان سوچ ۾ ئي هئاسين ته آپا کي
جاڳايون يا نه (ڇو جو ان وقت روم ۾ ٻيو ڪير به نه
هو) ته آپا ٻوٽيل اکين سان ئي چيو ته رابعه
(سعديه) آهين نه؟ مون کي حيرت سان گڏ خوشي به ٿي
ته آپا منهنجي هلڻ مان منهنجي قدمن جي چاپ مان مون
کي سڃاتو آهي. وري يڪدم (ڀاءُ عنايت) چيائين عنايت
تون به آيو آهين نه. هلي آءٌ مون توهان کي ئي پئي
ساريو. کيس اهوئي اوسيئڙو هو ته ڪيڏي مهل ٿا
منهنجا دل گهريا اچن. آپا جي آپريشن برابر ٿيل هئي
پر ڳالهايائين بلڪل صحتمند ماڻهن وانگر پئي پر ان
۾ مايوسي جي جهلڪ به نمايان هئي. اسان کي ڏسي يڪدم
چيائين مون کي توهان مان حزب الله جو ساءُ ٿو اچي.
اهو هجي ها ته ائين مون کي اڪيلو نه ڇڏي ها.
منهنجي گهڻي سار سنڀال لهي ها. پاڻ (ادا حزب الله)
جڏهن حج تان موٽيو ته شڪايت ڏني مانس ته آءٌ
ماڳهين مرڻ جهڙي ٿي وئي هئس. ته يڪدم چيائين ته
جيسين آءٌ آهيان توکي مرڻ ڪونه ڏيندس. سو پاڻ ته
پنهنجو واعدو پاڙيائين اڳتي منهنجو خدا مون سان.
وري ادا عنايت (جيڪو ڊاڪٽر آهي) کي سڏ ڪندي چيائين
ته عنايت ”ڀلا تون ٻڌاءِ تنهنجي ڊاڪٽري ڇا ٿي چوي
ته آءٌ ٺيڪ ٿي ويندس يا جڏي ٿي ويندس“. ”اٿي چڱي
ڀلي ٿيندس يا بي ساکيون کڻي هلندس“. وري ٿوري ساهي
کڻي پنهنجي منهن چوڻ لڳي: ”مون کي ته ڊاڪٽرن جڏو
ڪري ڇڏيو آهي.“ اسان تسلي ڏيندي چيو ته: ”نه آپا
اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي اسان اهڙيون ڪامياب آپريشنون
ڏٺيون آهن ماڻهو ٺيڪ ٺاڪ ٿي پيا هلن. توهين به خدا
ڪندو ته چڱا ڀلا ٿي ويندو“.
گهڙي کن ۾ ئي منهن تي رونق اچي ويس جهڙو ٻه لفظ
دلجوئي جا ٻڌڻ ٿي چاهيائين. ته ان جي معنيٰ دل نه
لاهيان ٺيڪ ٿي ويندس نه، پوءِ ٺيڪ آهي.“ ائين کل
مشڪري ۾ وقت گذري ويو اسين وري اچڻ جو واعدو ڪري
ٻاهر نڪتاسين. ٻاهر نڪري سوچيم ته آپريشن ته برابر
ڏکيو آهي پر آپا جو انداز اهوئي غير رسمي. 5 تاريخ
صبح جو اخبار کڻي ڏسان ته بيڪ پيچ تي هڪ ننڍڙي خبر
هئي ته ”خيرالنساء جعفري لاڏاڻو ڪري وئي کيس مٽي
ماءُ حوالي ڪيو ويو.“ دل ۾ چيم ته اخبار وارن جي
گهران ته ڪجهه به ڪونه ٿو وڃي رڳو مرڻ جي دير آهي.
جهٽ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪريو ڇڏين. منهنجي وات مان
بي اختيار نڪتو. ”آپا گذاري وڃڻ جهڙي ته ڪانه
هئي.“ ايترو جلدي.... ماڳهين ايڏي تڪڙ.... آپا جي
پنهنجي چواڻي (ادا حزب الله جي شهادت تي) ته ”الله
سائين حزب الله کي ڪنهن ڪم لاءِ دنيا ۾ موڪليو
هوندو کيس ته اڃا ڪئين ڪم ڪرڻا هئا.“ ائين آپا کي
به ته ڪئين ڪم ڪرڻا هئا. پر پاڻ هميشه جيان هلي به
ائين ئي وئي غير رسمي نموني.
انسان جڏهين دنيا ۾ اچي ٿو ۽ منجهس سمجهه پيدا ٿئي
ٿي ته پنهنجي آس پاس نظر ڊوڙائڻ کان پوءِ کيس جڏهن
اهو اندازو ٿئي ٿو ته هو ٻين جي مقابلي ۾ ڪهڙين
نعمتن کان محروم آهي. پوءِ هو احساس ڪمتري جو شڪار
ٿو ٿئي ۽ اتان کان سندس ان ڪمي جي پورائي جي جستجو
شروع ٿي ٿيو وڃي. پوءِ هو هر جائز ۽ ناجائز ڪم ڪرڻ
کان به گريز نٿو ڪري. اهڙي آپا به سندس والده جي
گذاري وڃڻ کان پوءِ هڪ ڳالهه ٻڌائي ته ننڍي هوندي
مون کي هار سينگار ڪرڻ جو ۽ سرخي (لپ-اسٽڪ)هڻڻ جو
ڏاڍو شوق هوندو هو. پر امان مون کي هڻڻ ڪانه ڏيندي
هئي ۽ ان تان موچڙا به ڏاڍا کائيندي هئس. پوءِ ڇا
ڪندي هئس جو سرخي ورَ ۾ وجهي هيٺ ڏاڪڻ ۾ بيهي هڻي
پوءِ ٻاهر نڪرندي هئس. پر اها تمنا هوندي هئم ته
آءٌ آزادي سان ڪڏهين سرخي پائوڊر هڻندس. ”الله ڪري
امان مري ته آءٌ سرخي هڻان“. ”الائي امان ڪڏهين
مرندي"
پوءِ
منهنجو سڄو ننڍپڻ ۽ جواني ان انتظار ۾ گذري ويا ۽
جڏهين امان مئي (آپا جو مخصوص نان پروٽوڪول انداز)
ته منهنجي سرخي هڻڻ جي عمر ئي گذري چڪي هئي ۽ هاڻي
سرخي ته ڇا پر ڪپڙن پائڻ جو ڍنگ ئي وسري ويو اٿم.
هر ماڻهو جو پنهنجو انداز گفتگو هوندو آهي. جيئن
آپا هميشه ئي نان پروٽوڪول هوندي هئي. سو جڏهن
1981ع ۾ 16 فيبروري تي زينت ادبي انعام جي سلسلي ۾
انعامن ورهائڻ جي تقريب ٿي. خوشقسمتي سان مون کي
به ان سلسلي ۾ انعام مليو هو پر ان انعام جي مون
کي ايڏي خوشي ٿي هئي ۽ ايتري ايڪسائيٽيڊ هئس جو
مون کي بخار ٿي پيو ۽ آءٌ وڃي ڪونه سگهيس. مون آپا
کي فون ڪري چيو ته آپا هي مجبوري آهي. توهان کي
دعوت ضرور هوندي. مهرباني ڪري منهنجو انعام توهان
وصول ڪيو. سو آپا وئي انعام ته وٺي آئي پر پوءِ
ٻئي ڏينهن يونيورسٽي ۾ ادا حزب الله کي شڪايت
ڏنائين بلڪه دانهن ڏنائين ته اهو وري ڇا آهي؟ مون
سڄي ڄمار لکڻ ۾ گذاري ڇڏي مون کي ته ڪڏهين به
انعام ڪونه مليو ڀيڻين کي ڪو ننڍو انعام ته ڪونه
مليو آهي. زينت ادبي انعام آهي جنهن جي سرپرست آپا
شمس عباسي ۽ حميد سنڌي وغيره آهن. وري منهن
موڙيندي چيائين ته ”مون کي سچي پچي ساڙ ٿو وٺي هي
ٿيو اهو قصو ته ننڍا ڪئا وڏن ڪوئن جا ڪن ڪپين.“
وري گهڙي کن ترسي ادا کي ٿي چوي ته: ”ٻڌ حزب الله
دل ۾ نه ڪجانءِ مان سوچيان ٿي ڪجهه ته ڪڻا هوندس
جو انعام مليو اٿس. گهر وڃي منهنجي طرفان به مبارڪ
ڏئي ڇڏجانس“.
آپا سڄي زندگي درد ۾ گذاري ڇڏي هڪ ته جيون ساٿي جي
بي وفائي پوءِ ماءُ پيءُ جو وڇوڙو ان کان پوءِ
اڪيلو ڀاءُ به اڪيلو ڪري ويس. آخري وقت ۾ اسپتال ۾
ڪنهن مهل ڪير ته ڪنهن مهل ڪير، ڪنهن سياڻي جي
چواڻي ته ”عزت ته عزت جي طور تي ڏني ويندي آهي.
خيرات جي طور تي نه“ اهڙي طرح ماڻهو محبت ۾ به سچي
محبت جي طلب چاهيندو آهي. ڀلا ڪرائي جي ۽ ڪشڪول ۾
مليل محبت جي آڌار تي ڪير ڪيستائين جيئندو. آپا جي
ڪا طبعي عمر ختم ڪانه ٿي هئي پر شايد آپا لاءِ
دنيا مان محبت جي ڪوٽا ختم ٿي چڪي هئي.
گُڏي، خيرو ۽ خيرالنساء جعفري- هڪڙو ماڻهو، هڪڙو
روپ، ٽي نالا جنهن کي جهڙي ڏسڻ ۾ آئي، انهيءَ کڻي
اهڙو نالو رکيو هوندس. اک اک جو ڦير آهي، سوچ سوچ
جو تفاوت آهي نه ته خيرالنساء آهي ته هڪڙيئي روپ
رنگ جي مالڪ. وقت جي نزاڪت کي اک ۾ رکي پنهنجو روپ
ڪونه بدلائي. جهڙي پرپٺ هوندي اهڙي منهن تي. منهن
تي جيڪڏهن شينهن شير خدا جو سڏائي ته پوءِ گدڙن
وارا ڪم ڪونه ڪندي. ان ڪري ”مڙس ماڻهو“ هئڻ جي
باوجود پنهنجو پاڻ کي ”شيردي بچي“ چورائڻ جي ڪوشش
ئي ڪانه ڪئي اٿس، جيتوڻيڪ انهن رسمن جو ڪاروبار
ادب جي دنيا ۾ چوٽ تي چڙهيل آهي. بقول هڪ دوست جي
ته جنهن وچولي طبقي مان خيرو کنڀيءَ وانگر ڦُٽي
نڪتي آهي، اتي
Masks
سان مارڪيٽ
ڀريا پيا آهن. جيڪو کپيئي سو منهن تي چاڙهه، جيئن
کپيئي تيئن هل.
ننڍپڻ لاءِ سندس نالو ”گڏي“ رکڻ وارو ڪو مستقبل جو
نجومي ٿو نظر اچي. معاملو ڪيترو به ڌيان طلب هجي،
معاملي ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪيترا به ويجها هوندس پر سندس
منهن تي اهڙي ته معصوميت سادگي ۽ لاتعلقي ڇانيل
هوندي آهي جو کيس بي اختيار گُڏي چوڻ تي دل چوندي
آهي، پوءِ چوڻ واري جي عمر ڇا به هجي. چوڻ وارو
چاهي سٺ سالن جو ٻار هجي يا ويهن سالن جو پوڙهو.
مون کي ته شڪ آهي ته سڀاڻ جيڪو اولاد ٿيندس، اهو
به کيس ”امان“ جي بدران ”گُڏي“ نه چئي وٺيس. قد بت
۽ ڪپڙن ۾ به گُڏي لڳندي آهي. ڪنهن ڳالهه پئي ڪئي
ته شادي وقت جڏهن کيس سنواري سينگاري سندس سهيلين
سهرا پئي ڳايا ته انهن کي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي
ويو ۽ جڏهين هو گڏيون پرڻائينديون هيون. هونئن ته
هر ڪا عورت شادي ٿيڻ وقت ”گُڏي“ هوندي آهي. پر
هيءَ ته شادي ئي گڏي جي هئي.
آرٽس فئڪليٽي جي نراليءَ دنيا ۾ ڪير ڪنهن کي سڃاڻي
نه سڃاڻي، ڪير ڪنهن تي مڇ ڇنڊي يا نه ڇنڊي- گهڻي
ئي خلق خدا جي ڪاريڊارن جو فرش پيئي ڪڇي، پر جڏهن
خيرو، ليلا ۽ تنوءَ جو قافلو ليڊيز روم مان نڪري
ڪاريڊار جي فرش تي پنهنجا پير ڌريندو آهي، تڏهن
فرش ڪڇجڻ جي بدران وڄڻ شروع ڪندو آهي ۽ ڪڪريون
اڏامنديون آهن.
ليليٰ کي چڱمڙسيءَ جو پٽڪو ٻڌي اڳ ۾ هلڻ جي عادت
آهي، ائين ڪندي جيڪڏهن ڪنهن کي اڳيان ٽنگ ڏيئي
ڪيرائڻو پوي ته انهيءَ ڌنڌي کي توڙ تائين پهچائڻ ۾
عيب ڪونه سمجهي. پر خيرو ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي
جوڙ ٿي هلندي ۽ پويان تنو ائين پئي ايندي ڄڻ
چينئوريءَ تي چڙهي هجي، پر ساٿ ڪونه ڇڏيندي.
ڪاريڊار ۾ هلندي سڄيءَ خلق کي منهن ڏينديون
اينديون. ڪٿي ڪنڌ جي لوڏ، ڪٿي مٺا اکر، ڪٿي ڪڙا ۽
تيز اکر، ڪٿي ٿڪ بجو. کين پري کان ايندو ڏسي ڪي
”ڌريون“ اُٺ پکيءَ وانگر واريءَ ۾ مٿو لڪائينديون
نظر اينديون ڀلا جي ڪنهن جي بنهه سر تي اچي پيئيون
ته پوءِ ٿوري گهڻي وات ٽڪاڻي ڪري جند ڇڏائڻ جي
ڪندو. ليليٰ سان ته هڻي ڌڻي ڀڄي وڃجي. پر
خيرو....؟ اسان جا ته ٻئي هٿ ڪنن تي آهن. جنهن کي
کٽي کڻي.... خيرو ڳالهائيندي، ليلا وارو
کڻائينديس، تنو ٽهڪ ڏيندي ۽ سامهين ڌر جي پيرن
هيٺان واري نڪرندي. ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي رحم جي
جذبي کي آٿت ڏيڻي هجي ته اهڙيءَ محفل جو پاسو
جهلي. مجال آهي جو خيروءَ جو جملو گسي! سنڌ اچي
جهليندو. زبان جي ملهه جو انگ انگ سجهيس. ڪهڙو
حملو ڪهڙي هنڌ تي ڪجي، ان جي وڄا اٿس. ائين ڪرڻ
وقت خيروءَ جي ”معصوم گُڏي“ پر ڪري الائي ڪيڏانهن
اڏامي ويندي آهي. ههڙو ڏکيو چيٽڙ مون ڏٺو، هٿ هٿ
ڪري وٺندي آهي. انڪري گهڻيئي خلق کانئس الرجڪ آهي.
خيروءَ جهڙو دوست دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي، خيروءَ
جهڙو دشمن دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي. گهڻگهرائي ۾ سر
ڪپي وڃ، ٻڙڪ ڪانه ڪڍندي. ڏک سک ۾ ٻئي ڪلها وهي
ويندي. ڦاٽل دل جي مالڪ آهي، سو به اهڙيءَ دنيا ۾
جتي دلين جا دروازا نه رڳو بند هوندا آهن پر مٿن
پنج سيرا ڪلف به لڳل هوندا آهن. خلوص خرچ ڪرڻ وقت
ٻئي هٿ کليل هوندا اٿس. روايتي سخين وانگر هٿ
لڪائي خلوص خرچ ڪونه ڪري. جيڪا چلهه تي سا دل تي.
ڳالهه ڪبي ته کلي ڪبي ۽ صاف صاف ڪبي. ڪنهن کي وڻي،
نه وڻي، ان ۾ خيروءَ جو نڪو اڌ نڪو ٽئين پتي.
گڏيءَ مان خيرو ۽ خيروءَ مان خيرالنساءِ
ٿيڻ ۾ وقت ته الائي ڪيترو لڳو، پر ان
لاڳيتي عمل جي رسي ۾ اهڙيون ڪي ڳنڍيون نه
آهن جنهن جي نشاندهي ڪري سگهجي. پر خيرو
ادب جي دنيا ۾ وڏي شان مان سان ڳائي وڄائي
خيرالنساء جعفري ٿي آهي.
|
خيرو دشمن ٿيڻ جي فن کان به چڱيءَ طرح واقف آهي.
دشمنيءَ (عارضي) کي هڪڙيئي ڌڪ ۾ ڇڏائي ڏيندي، پوءِ
جي رنگ رينگان ۽ گيهل گيهلان مان نه ڄاڻي. ذاتي
طرح ته نقصان اصل نه ڏيندي، باقي زبان جي جهٽڪي
سان ايترو گهرو چير ڏيئي ويندي جيڪو پوءِ ڏينهن تي
وڃي ڇٽندو ۽ خيروءَ کي اها خبر ئي ڪانه هوندي
ڳالهه آئي ويئي ٿي ويئي، پراڻين قبرن کوٽڻ مان
ڪهڙو فائدو! هونئن به خيرو ويچاري مستقل دشمني رکي
ڪانه ڄاڻي. ”منهن تي سچ چوڻ“ جي بندوق جي گهوڙي تي
هر وقت هٿ هوندو اٿس. نشانو ور چڙهي آيس ته گهوڙي
تي آڱري دٻائيندي دير ڪانه ڪندي ۽ ظالم جو نشانو
اهڙو پڪو آهي جو شسٽ ئي ڪانه ٻڌي، بارود جي دونهين
وچان رڳو کنڀڙاٽيون اڏرنديون نظر اينديون.
رسڻ پرچڻ ۾ خيرو ٻين اديبن وانگر آهي. ڪڏهن ته
مٿائنس هاٿيءَ جا پير چاڙهي ڇڏينس ته ڪانه ڪڇندي ۽
ڪڏهن مک جي ڀڻڪي تي ڳالهه 10تان چاڙهه کائي 100 تي
وڃي پهچندي. ڳالهه، نه ڳالهه جو پُڇ، خيرو پئي
پڄرندي. گهڻگهرن سان ڊايالاگن جي ڏي وٺ پيئي
هلندي. سندس ذهانت ڊايالاگن ۾ پيئي وٽ کائيندي ۽
ڦوهاڪا ڏيندي. اهڙن سنڌن تان جهليندي، جو ويندا هٿ
پير ٺرندا. اهڙن ڏکين وقتن تي صرف ليلا ئي اهڙي
شخصيت آهي، جيڪا پنهنجا هٿ پير بچائي ويندي بلڪه
ڪڏهن ڪڏهن خيروءَ کي سڄي ٽوٽ ڀرڻي پوندي آهي. قاسم
ٻوگهيو، جيڪو ڊايالاگ اڇلائي هڻڻ جو ماهر آهي، هر
وقت ڊايالاگن جو دڪان کليل هوندو اٿس، اسان جهڙين
جهنگ جي بلائن کي به ڊائيلاگ هڻڻ سيکاري ڇڏيو اٿس،
ان کي ڏس ڏيندس ته، ”پٽ! ٻه ٽي سبق خيروءَ کان
پڙهي اچ، اها هٿ نه اچنئي ته ليلا جا پير جهل.“
گهڻگهرن سان رسڻ پرچڻ ۾ البت خيرو هڪڙيءَ ڳالهه ۾
ٻين اديبن کان ڌار بيٺل آهي. اها هيءَ ته خيروءَ
جي ڪاوڙ چڱي خاصي ڊيگهه وٺيو وڃي. هڻي هڻي وڏيءَ
جاکوڙ کان پوءِ سرچندي آهي. ۽ جڏهين سرچندي آهي،
تڏهن اڳيان ڪارا ڪيل سڀ پنا نه رڳو ڦاڙيندي آهي،
پر انهن کي ساڙي به ڇڏيندي آهي، جيئن تر جيترو به
نشان نه رهي، جن ٻوٽن ۾ اڳ ڇُريون ڦُٽنديون هيون
انهن ۾ گل ڦٽڻ لڳندا آهن.
خيرو اٿڻ وهڻ، ڳالهائڻ ٻولائڻ ۾ عورت جي بجاءِ مرد
وڌيڪ لڳندي آهي. ڪهڙي به ڳالهه اڳيان اچيس ته ڪن
ٽار نه ڪندي ۽ نه وري وٽبي سٽبي. عام ڇوڪرين وانگر
ذهني تحفظات ته صفا نه رکندي آهي. سچ سان اک
ملائيندي ڇنڀيندي به ڪونه، ان ڪري ڪٿان به اتي
ويندي ته پويان ”حيرت“ جا نشان ڇڏي ويندي. نه رڳو
ڳالهائڻ ۾ پر کائڻ کارائڻ ۾ به مڙس ماڻهو آهي،
گهڻگرن کي ماني کارائڻ جي شوق سان گڏ پاڻ به
”کائڻ“ جي شوقين آهي. جنهن ماحول ۾ چانهن جو ڪوپ
به غنيمت آهي، اتي خيروءَ جا هٿ ”هٿ جنين جا
هئين...“ هوندا آهن. ماني کارائڻ لاءِ خيرو
باقاعدي سازش سٽيندي آهي، ڄار وڇائيندي آهي،
منصوبو گهڙي ان تي عمل ڪندي آهي. اڄ نه ته سڀاڻ،
سڀاڻ نه ته پرينهن ڪونه ڪو ”مهمان“ ڦاسي پوندو آهي
۽ خيروءَ جي ماني کائي پوءِ هر وقت ان ڄار ۾ ڦاسڻ
لاءِ واجهه پيو وجهندو آهي.
هاڻ اچون خيرالنساء جعفريءَ تي.
خيرالنساء جعفريءَ جو فني
نڪته نگاهه کان ڪهڙي به مڪتبه فڪر سان
تعلق هجي پر ڪهاڻي ڏانهن سندس سختArtistic
Approach
هئڻ ڪري سندس ڪهاڻيڪارن ۾ اوچو مقام آهي.
|
گڏيءَ مان خيرو ۽ خيروءَ مان خيرالنساءِ ٿيڻ ۾ وقت
ته الائي ڪيترو لڳو، پر ان لاڳيتي عمل جي رسي ۾
اهڙيون ڪي ڳنڍيون نه آهن جنهن جي نشاندهي ڪري
سگهجي. پر خيرو ادب جي دنيا ۾ وڏي شان مان سان
ڳائي وڄائي خيرالنساء جعفري ٿي آهي.
سنڌي افساني جي ارتقا ۾ ماڻڪ جي نئين روپ ۾ مشتاق
شوري جي نالي کان پوءِ ڪجهه وقت ماٺار ۾ اچي ويئي
۽ ڪو اهڙو نئون نالو ڏسڻ ۾ نٿي آيو، جنهن کي سٺن
ڪهاڻيڪارن ۾ ڳائي سگهجي. ڪهاڻي ۾ نيون فڪري راهون
ڳولي لهڻ پنهنجي جاءِ تي پر هڪ تازي تواني ”نالي“
جو وجود ۾ اچڻ، جيڪو هن پيڙهيءَ ۾ پڙهندڙن کي
ڀليون ڪهاڻيون ڏيئي سگهي، وڏي خوشيءَ جي ڳالهه
آهي. پوءِ چاهي کڻي ان ڪهاڻيڪار نيون فڪري راهون
ڳولي نه لڌيون هجن. پر سندس فن ۾ زندگي، نواڻ ۽
”مستقبل ڏانهن سڃيل آڱر“ هجي. سنڌي افساني جي اها
ڪمي خيرالنساءِ جعفري جيتوڻيڪ هونئن ته ڪافي وقت
اڳ کان ڪهاڻيون لکندي اچي، پر سندس اندر ۾ ويٺل
آرٽسٽ سندس تخليق ”تخليق جو موت“ ۾ پڌرو ٿي پيو.
ان بعد سندس ڪهاڻي 1967ع،69،68 ڇپجي پڌري ٿي (جيڪا
ڪافي وقت اڳ جي لکيل هئي) ۽ ان کان پوءِ ”حويليءَ
کان هاسٽل تائين“ لکي اٿس جيڪا ليکڪ جو نالو چٽن
اکرن ۾ لکائي ڇڏيندي ۽ ايندڙ ادبي پيڙهين ۾ به ياد
ڪئي ويندي.
خيرالنساء جعفري ڪهاڻي لکڻ وقت پنهنجي ماحول طبقي
۽ ان طبقي جي بي پاڙن ڪردارن کي پاڻ سان ڳنڍيل
رکيو آهي. اهڙائي ڪردار کنيا اٿس جيڪي سندس آسپاس
موجود آهن ۽ سندس ماحول سان گهاٽو تعلق رکن ٿا. نه
ته شيرين ڪارنر جي ڪنهن ڪمري جي ٿڌيءَ ”ڪنڊ ۾ ويهي
هارين نارين جون ڳالهيون ڪيون اٿس ۽ نه وري ٽنڊي
ولي محمد ۾ رهي ڪري جيٽ ايج جو ڀوت سوار ٿيو آهي ۽
نه وري مغربي ادب جا چاليهارو سال اڳ جا ڦٽا ڪيل
خيال ڊسٽ بن مان ڪڍي، پنهنجي منهن تي ملي، پنهنجو
پاڻ کي زوري ماڊرن ازم جو شڪار بنايو اٿس ۽ پنهنجي
اصلي شڪل ڦٽائي ويهي رهي آهي. اها ئي سندس فن جي
وڏي ۾ وڏي سچائي آهي. ها، البت ٻوليءَ جي نڪته
نگاهه کان ڪن جڳهين تي مٿس اعتراض ڪري سگهجي ٿو.
ڪهاڻي جي ڪردار کي، جيئن به آهن، جهڙا به آهن،
قبول ڪري، پنهنجو پاڻ کي انهن کان ڇني ڌار ڪري،
غير جانبدار ٿي، انهن کي لکت جي سٽاء ۾ آڻيSure
Realism
جي مڪتبه فڪر ۾ اچڻ جي بدران خيرالنساء جو نڀاءُ
مختلف قسم جو آهي. اهو هيءُ ته خيرالنساء پنهنجن
ڪهاڻين جو ڪردارن سان ”نسبتا وڌيڪ“
Involve
ٿيل آهي ۽ هر ڪردار ۾ خيرالنساء سڄي ساري ته نه پر
سندس پاڇولا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ان ڪري کيس بنا شڪ جي
Sure Realism
جي مڪتبه فڪر ۾ ڳڻائي سگهجي
ٿو. (هت اهو به سوچڻ گهرجي ته اسان وٽ ٿيندڙ پرک ۾
فن جي جوڙجڪ مڪتبه فڪر جي نڪته نگاهه کان تمام
گهڻين ڪهاڻيڪارن کي
Realist
سمجهيو وڃي ٿو. حالانڪ ائين نه آهي. مثلا جمال
ابڙي، غلام رباني ۽ منهنجي لاءِ اهو چيو ويندو آهي
ته اهي
Social Realist
آهن پر حقيقت انهن ٽنهين ليکڪن
جون ڪهاڻيون غور سان پڙهبيون ته ليکڪن جي ڪردارن
سان گهري
Involvement
ڏسڻ ۾ ايندي ان ڪري کين
Realist
چوڻ بدران جيڪڏهن
Sure Realist
چيو وڃي ته بهتر. اسان وٽ سنڌيءَ ۾
Social Realist
جا سٺا مثال رسول بخش پليجو، نسيم کرل ۽ غلام نبي
مغل آهن هت وري اهو سوال اٿندو ته ڪردارن سان Involvement
جي سلسلي ۾ آخر جديد نڪته نگاهه رکندڙ ڪهاڻيڪارن
جن جو تعلق
Stream of Consciousness Existentialism
۽ ٻئي جديد فڪر سان آهي، انهن کي ڪٿي به لکجي مثلا
آغا سليم، ماڻڪ، مشتاق شورو ۽ شوڪت حسين شوري جون
ڪجهه ڪهاڻيون؟ ان لاءِ عرض آهي ته ڪردارن سان
”نستبا وڌيڪ“
Involve
هئڻ جي بجاءِ مڪمل طرح تي
Involve
آهن، ٻيءَ صورت ۾ هو خود پنهنجا ڪردار آهن.
بهرحال خيرالنساء جعفريءَ جو فني نڪته نگاهه کان
ڪهڙي به مڪتبه فڪر سان تعلق هجي پر ڪهاڻي ڏانهن
سندس سخت
Artistic Approach
هئڻ ڪري سندس ڪهاڻيڪارن ۾ اوچو مقام آهي. |