جامي چانڊيو
هڪڙي هئي خيرو!
زندگيءَ
۾ اڳتي نهارجي ته وقت جو احساس ئي نه ٿيندو آهي،
لڳندو آهي وقت اڳتي سُري ئي نه ٿو. زندگي ڄڻ ته
اوسيئڙو ۽ انتظار ٿيو پوي. وري جڏهن ڪا ياد، ڪو
وڇڙي ويل ماڻهو، ڪو گذري ويل پَلُ يا حادثو، ڪا
پوئتي رهجي ويل سارَ، ڪي اَڌَ ۾ رهجي ويل ماضيءَ
جون وِکون، ڪنهن لمحي هنيانءُ ۾ چُهنڊي پائي،
زندگيءَ ۾ پُٺتي نهارڻ تي مجبور ڪنديون آهن ته
ماڻهوءَ کان بي ساخته دانهن نڪريو وڃي. مارِ!
زندگي ته بس ڪا اَکَ-ٻُوٽَ جي راند آهي- بس ڪجهه
يادن، حادثن، ناڪامين، ڪاميابين، خواهشن، وفائن،
بي وفائين، حسرتن ۽ اَڌَ ۾ رهجي ويل اُڌمن ۽ ڪنهن
اَڄاتل بيوسيءَ ۽ اُداسيءَ جو نالو آهي. ماڻهوءَ
جي حياتي بس ڪجهه پاڻ مرادو کنيل ٻِرانگهون ئي ته
آهن. ماڻهوءَ جو ٻاروتڻ ته هڪ ڌنڌلي خوابَ جيان
اَکِ ڇِنڀَ ۾ گذريو وڃي. اسان وٽ ته گهڻن تي
ٻاروتڻ ايندو ئي ناهي. آزادين، خوشين ۽ سُکن
کانسواءِ ڪهڙو ٻاروتڻ! هن لوڻ جي کاڻ جهڙي معاشري
۾ ته ماڻهو ڄمندي ئي پيريءَ ۾ هليو وڃي. ٻاروتڻ جي
بيپرواهي ۽ لااُباليت گهڻن ٻارن کي نصيب ٿيندي
هوندي! غريب جي گهر ۾ ٻار معنيٰ ڪمائيندڙ ٻه هَٿَ-
ڇا جو ٻاروتڻ! ماڻهوءَ جي ٻي ٻرانگهه بيپرواهه
جوانيءَ ۾ ته ٽين ٻِرانگهه ۾ ماڻهو پِيريءَ کان
ٿيندو وري ٻاروتڻ ۾ پُڄيو وڃي. بس فرق رڳو ايترو
آهي جو ٻاروتڻ ۾ زندگي بيپرواهه ۽ سراپا اتساهه
هوندي آهي ۽ پِيريءَ ۾ بس هڪ بارُ!
اکيون ٻُوٽي تصور جي اکين سان پُٺتي نهاري زندگيءَ
۾ وڇڙي ويل پيارن ماڻهن کي ساريان ٿو ته روحَ مان
سَٽَ اُڀريو وڃي – دل نه ٿي مڃي ته سنڌ جِي سدا
ملوڪ ڪهاڻيڪاره ۽ ليکڪا خيرالنساءَ جعفريءَ ۽
منهنجيءَ آپا خيروءَ کي هن جهانَ کان وَئي ڀريا
چوڏنهن سال ٿي ويا آهن. ويساهُه ئي نه آيو- فون
ڪري آپا خيروءَ جي ڌيءَ صائمه کان پڇيم ته هن به
تصديق ڪئي ته کيس وَئي چوڏنهن سال ٿي ويا آهن.
زندگيءَ ۾ انيڪ ماڻهو گڏيا، ڪيترن سان زندگي گڏ
گذري، هر رنگَ ۽ ڍنگَ جا ماڻهو زندگيءَ ۾ آيا ۽
ويا – پر خيرو ته سنڌ ته ڇا هن ڪائنات ۾ هڪ ئي
هئي– خيرو ڪير سڏائي! لطيف چيو آهي: “مِٽي ان
خميرَ، اصل هئي ايتري!” سچ به هن ڪائنات ۾
ارڏائيءَ ۽ معصوميت جي مِٽي بس هئي ئي ايتري، جنهن
کي ڳوهي، خيرو ئي جُڙي سَگهِي ٿَي! تڏهن ته لَکن
ته ڇا کربن ۾ هڪ هئي – خيرو! آپا خيرالنساءَ
جعفريءَ سان منهنجون ٻَٽيِههَ نه پر ٻَٽيِهَه هزار
دليون هيون. هن جون به مون سان جِيءَ جُون جُڙيون
هيون. ويندي ويندي مون تي هڪ وڏو ٿورو ڪري وئي.
اهو ٿورو سندس مون تي اعتبار هو. پنهنجيءَ ڌيءَ
صائمه کي چيائين، ”مون کان پوءِ تنهنجو وڏو جامي
آهي!“ صائمه اڄ پاڻ ٻارن واري آهي، پر هن جو پيڪو
گهر، منهنجو ئي گهر آهي.
خيرالنساءَ جعفري – هونئن ته سندس سڃاڻپ لاءِ اهو
نالو ئي ڪافي آهي. ڀلا سنڌ ۾ ڪير نه سڃاڻي “تخليق
جو موت”، “67،
68،
69” ۽ “حويليءَ کان
هاسٽل تائين” جهڙين منفرد سنڌي ڪهاڻين جي بي باڪ
ليکڪا کي. ڪو وقت هو جڏهن حيدرآباد جي هر ادبي
محفل هن کانسواءِ ٻُسي هوندي هئي، يا ڪنهن به ادبي
فنڪشن جي ڪاميابيءَ لاءِ اهو ئي ڪافي هوندو هو ته
ان جي دعوتنامي تي خيرالنساءَ جعفريءَ جو نالو
هجي. هوءَ جڏهن ادبي محفلن ۾ تقريرون ڪندي هئي ته
هال سندس ٻُڌندڙن جي بي اختيار ٽهڪن سان گونجندا
هئا ۽ اوچتو کِلائيندي کِلائيندي هوءَ ڪا اهڙي
چُڀندڙ ۽ دل کي ڇُهندڙ ڳالهه ڪري ويندي هئي جو
ماڻهو سوچ ۾ ٻُڏي ويندو هو ته هوءَ ڇا ڇا نه چئي
وئي! گهڻن جيان مان به کيس خيرو سڏيندو هوس ۽ نصير
مرزا کان وٺي ٽنڊي ولي محمد جا موالي ۽ فقيرَ کيس
“ادي گُڏي” سڏيندا هئا. هڪ وقت هو جڏهن حيدرآباد ۾
مون لاءِ ڄڻ ته هوءَ سڀ ڪجهه هئي – هڪ رازدان
دوست،
بنهه حُجائتي سهيلي ۽ ماءُ جهڙي مهربان ۽ ٻاجهاري
هستي.
خير النساءِ جعفري ۽ جامي چانڊيو ڪنهن
سنجيده موضوع
تي ڳالهائي رهيا آهن
|
عبدالقادر جوڻيجي صحيح چيو آهي ته، “گُڏي، خيرو ۽
خيرالنساءَ جعفري – هڪڙو ماڻهو، هڪڙو روپ، ٽي
نالا. جنهن کي جهڙي ڏسڻ ۾ آئي، انهيءَ کڻي اهڙو
نالو رکيو هوندس.” هونئن ته ماڻهن جي سوچ، زندگيءَ
۽ ڪردار تي ڪتابَ لکي سگهجن ٿا پر اسان جي خيرو
بيان ڪرڻ کان زور آهي. هن جي شخصيت ۽ سڀاءَ جو
پنهنجو هڪ تِکو مِٺو ذائقو هو، جنهن کي شايد لفظن
۾ بيان نه ڪري سگهجي. هڪ وجود ۾ سندس انيڪ روپ هئا
۽ سندس هر روپ هڪٻئي کان وڌيڪ نرالو،تخليقي ۽ عجيب
هو. ڪيئن چئجي ته سندس شخصيت جو ڪهڙو روپ وڌيڪ
حسين هو. زنده دل، بي ريا، ٺَههَ پَههَ مُنهنَ تي
چئي ڏيڻ واري. ٺهي آيس ته وَسَ پڳي جملن جا طنز
ڀريا تيرَ هڻڻ کان مُڙندي ڪونه ۽ جي پاڻ کي لڳس ته
ڌَڪُ دشمن جو به نه وڃائيندي، واههَ جو ڀِير تي
ڏَونڪو هڻي مڃيندي پر ويرُ وري اهڙو وٺندي (هن جو
وير به سندس جيان بنهه معصوم هوندو هو) جو اڳين کي
ڀَل ته ڇَٺيءَ جو کير ياد اچي وڃي. ڪنهن زماني ۾
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ خيرو، تنوير جوڻيجو ۽ ليليٰ
بانا جو گروپ مشهور هوندو هو. سنڌي ڊپارٽمينٽ جي
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سان سندس حُجائتا چرچا
مشهور هوندا هئا. ڊاڪٽر جوڻيجو اُهي ساروڻيون ساري
بيحد کِلندو هو ۽ هميشه خيروءَ جي چرچن ۽ جملي
بازين کي مِس ڪندو هو. ٽنڊي ولي محمد ۾ پنهنجيءَ
هڪ پاڙيسري دوست جو نالو رکيائين ادي ........!
خيروءَ جي ڪري اُها عورت منهنجي به دوست ٿي وئي.
هن کي خيروءَ جي گارين کانسواءِ مزو نه ايندو هو.
صائمه ۽ مان حيران به ٿيندا هئاسون پر خيروءَ کي
ڪير جهلي!
ڏسڻ ۾ بنهه سادي، رڌڻي ۾ صندليءَ تي ويهي ماني
پچائيندي هئي ته لڳندو هو، ڪا ڳوٺاڻي سُگهڙ زال
هجي، جنهن زندگيءَ ۾ ڪو هڪ اکر به ناهي پڙهيو. وري
جي خيرو لکي يا ڳالهائي ته اُهو ڏانءُ ڪو کانئس
سِکي. زندگيءَ ۾ تمام ٿورو لکيائين پر سنڌي ادب ۾
پنهنجو اُهو منفرد مقام ٺاهي وئي جو سنڌي ڪهاڻيءَ
جي تاريخ سندس ذڪر کانسواءِ سدائين اڻ پوري رهندي.
نفسيات جي استاد هئي پر زندگيءَ جي هڪ موڙ تي پاڻ
به چريائپ جو شڪار ٿي، هيءَ اُها چريائپ هئي، جيڪا
دل جي بادشاهه نما فقيرن جي ڪُڻي ۾ نڪرندي آهي.
هوءَ صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جي هڪ درويش صفت انسان هئي.
خير النساءِ جعفري پنهنجي شاگردن سان گڏ |
هيءُ سماجي وهنوار جتي ماڻهو هر ڏينهن ڇا هر گهڙي
ٻين سان ته ٺهيو پر پنهنجو پاڻ سان به وڙهندو
وَتي، ٻَهروپَ ڪندو پنهنجي اردگرد خوشفهمين ۽
خودفريبين جا ڄارَ اُڻندو وتي ۽ پوءِ پنهنجي ئي
اُڻيل ڄارَ مان نڪرڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻندو وتي، پر
خيرو جهڙي اندر تهڙي ٻاهر. هوءَ اهڙي مِٽيءَ مان
ڳوهيل هئي جو ڪنهن سان به ڪوڙ، ٺڳي ۽ دوکو جي چاهي
به ها ته نه ڪري سگهي ها، جو ان تي سندس ڪو وَسُ
نه هو. عبدالقادر جوڻيجي هن بابت لکيو آهي ته
خيروءَ جهڙي دوست دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي. مان ڀاڳ
وارو هوس جو هوءَ منهنجي دل گهري دوست هئي. مان جي
حيدرآباد ۾ هوندو هئس ته ٻئي ٽئين ڏينهن هن سان
ضرور ملاقات ٿيندي هئي پر جي وچ ۾ ڪا وِٿي پئجي
وڃي ته پوءِ سڄو ڏينهن گهر ۾ ويٺي گاريون ڏيندي
هئي (گاريون ڏيڻ آپا جو محبوب مشغلو هوندو هو) ۽
پنهنجي اڪيلي ڌيءَ صائمه کي چوندي هئي، “اِهو مُئو
جامي الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي، هاڻي اچي ته
ساڻس جُٺِ ڪبي”. وري جي مان اچي نڪرندس ته ڏاڪڻ جي
کَڙڪي مان ئي سمجهي ويندي هئي ۽ سموري ڪاوڙ گم.
ويهڻ شرط پُڇندي “چانهن ڪهڙي پيئندين؟” “ڳاڙهي يا
کير واري؟” وري چانهن کڻي ايندي ته چوندي، “ڀلا اڄ
ڏينهن جو ڇا کاڌُئي؟” آپا خيرو کائڻ جي بلا جي
شوقين هئي ته کارائڻ جي به. ڇا ته کاڌا ٺاهيندي
هئي – جهينگن جو سنڌي پُلاءُ، سَيهيل پَلا، پَلي
جون ڀُڳلَ آنيون، ٻاڪري مَغزَ جا چَهرا پڪوڙا،
بادامن ۽ پِستن ۾ ٺهيل ديسي ڪُڪڙن جون ڪڙهايون ۽
ٻيو الائجي ته ڇا ڇا؟ سندس والد جيڪو سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ رجسٽرار رهيو، به کائڻ جو بلا جو
شوقين هو. مجال آهي جو بمبئي بيڪريءَ کانسواءِ ڪو
بسڪيٽ يا ڪيڪ کائي.
ٽنڊي ولي محمد ۾ سندس گهر “شيرين ڪارنر” گُڏيَ-
گُڏيءَ (سندس ڀاءُ کي به گُڏو چوندا هئا) جو اباڻو
گهر ئي نه پر حيدرآباد جو هڪ جَهانُ هو. مهمانن کي
ماني ۽ چانهن ملندي، دوستن کي گاريون، پاڙي وارين
ماين کي سفيد پَنَ جون ٻِيڙيون ۽ پاڙي جي ڪُتن کي
تَئي تان لَٿلَ گرم گرم مانيون ملنديون هيون.
مانيءَ جو وقت ٿيو ناهي پاڙي جا ڪُتا “شيرين
ڪارنر” جي ڏاڪڻين جي اوٽ ۾ اَچي ويهي رهندا، جو
کين خبر هئي ته اِهو خيروءَ جو گهر آهي، جتان ٻيو
ته ٺهيو پر ڪُتن لاءِ به سکڻو موٽڻ خيروءَ لاءِ
عيب هو. زندگيءَ جي مادي حقيقتن کان بنهه پري، نه
شهرت جي بُکَ، نه پئسن ميڙڻ جي هَٻَڇَ، نه وڏائي
نه هَٺُ، اصل ملنگ مست. ڪُرسي گهَر جي هجي يا آفيس
جي، هن لاءِ عذاب هوندي هئي. پنهنجي گهر ۾ پينگهي
۾ ويهندي هئي يا آڳر ۾ رکيل صندليءَ تي. سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ نفسيات جي پروفيسر هئي. جڏهن کيس
ڊپارٽمينٽ جو چيئرپرسن مقرر ڪيائون ته عذاب ۾ هئي،
جيسين عهدي تان استعيفيٰ نه ڏنائين، سُکَ جو ساهه
نه کنيائين. ماڻهو ڪرسين خاطر سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ
لاءِ تيار هوندا آهن ۽ هوءَ هئي جو ڪرسي هن لاءِ
عذاب هئي. پنهنجي گهر ۾ هن کي صائمه کانپوءِ اباڻو
پينگهو، ڪاٺَ جي صندلي ۽ اُها دَٻُلي پياري هوندي
هئي، جنهن ۾ ڳاڙهي چانهن ۾ وجهڻ لاءِ ايراني يا
اٽليءَ جو زعفران پيل هوندو هوس.
آپا
خيروءَ کي ننڍپڻ ۾ گُڏي چوندا هئا، جو هن جو اندر
زندگيءَ جي آخري پل تائين واقعي به ڪنهن گُڏيءَ
جهڙو هو. خيرو- معنيٰ زندگيءَ ۾ وڏن مسئلن کي
ليکندي ڪونه ۽ ننڍڙن مسئلن لاءِ سخت پريشان ٿي
ويندي. اصل زندگي حرام هوندس. ٻارن جيان ننڍڙين
ڳالهين تان خوش ٿي ويندي. ڪو دوستيءَ ۾ دغا ڪري
ويس ته درگذر ڪري ڇڏيندي. حضور شرميءَ کان اڳئين
کي نه چئي سگهندي ته پنهنجي مُنهنِ ويٺي ان تي عجب
کائيندي يا صائمه ۽ منهنجي سامهون کين دل کولي
گاريون ڏيندي ۽ پوءِ وري اهڙي هلڪي ٿي ويندي، ڄڻ
ته اُهي گاريون هن نه پر ڪنهن ٻئي ٿي ڏنيون. ڀلا
هوندو ڪو دنيا ۾ اهڙو! جتي آپا خيروءَ جون محبتون
غيرمشروط هيون، اُتي سندس جهيڙا به عالم آشڪار
هئا. خيروءَ سان سنگت ۽ ساڻس جهيڙو نه ٿئي- اهو
ڪيئن ممڪن آهي؟ کوڙو ئي نه ٿو لڳي. جتي محبتون ڏيڻ
۾ حاتم طائي هئي، اُتي جهيڙي ۾ به هن جو “زيبِ
داستان” ۽ افسانوي انداز ڏسڻ وٺان هوندو هو. اڳئين
جون جملي بازيءَ سان کَلون لاهي سندس کيسي ۾ وجهي
ڇڏيندي هئي. سندس مامو حميد جعفري جيڪو تلهار ۾
رهندو هو، اهو به هڪ عجيب ڪردار آهي. خيروءَ جي
ڪري اهو منهنجو به دل گهُريو دوست ٿي ويو ۽ هن جو
محبت جو اهو تعلق اڄ سوڌو قائم آهي. سموري خاندان
مان مون فقط حميد ڏٺو، جيڪو خيروءَ وٽ ايندو ويندو
هو ۽ کيس بيحد ڀائيندو هو پر حميد جعفريءَ سان
سندس جهيڙا به ڪي گهٽ نه هوندا هئا. پَرَپُٺِ حميد
جون ڳالهيون ڪندي سندس ڇوڏا لاهي ڇڏيندي هئي،
ماڻهو ڀانئين ته وڏي ڪنهن دشمن جون ڳالهيون پئي
ڪري پر حميد گهر ۾ داخل ٿيو ناهي – خيرو تبديل!
شايد اهو به سندس پيار ڪرڻ جو ڪو انداز هو. صائمه
– خيروءَ جي اڪيلي پياري ڌيءَ پر وڙهندي ساڻس ايئن
هئي ڄڻ صائمه سندس ڌيءَ نه پر سَسُ هجي. پنهنجي
ڀاءُ گُڏَي جي ننڍڙي ڌيءَ شاندار فاطمه ۾ ته ساههُ
هوندو هوس، پر پنهنجيءَ تي آئي ته ننڍڙي شاندار
فاطمه کي به نه بخشيندي. هن جي ڪهاڻي تخليق جو موت
پنهنجي مامي حميد جعفريءَ جي ڀاءُ تي ئي لکيل هئي،
جنهن سان سندس جهيڙا جڳ مشهور هوندا هئا.
ڊڄڻي اهڙي جهڙي سهي جي کَلَ، اصل جهرڪيءَ کان به
هيڻي ۽ جي خيرو پنهنجيءَ تي اچي ته پوءِ خبر ناهي
انهيءَ سهي جي کَلَ ۾ اُها سگهه ڪٿان اچي ويندي
هئي، جنهن ۾ مجال آهي جو خيرو مُڙي وڃي. خيرو
پنهنجيءَ تي اچي ته سمنڊ پار ڪري ويندي ۽ جي ڪنهن
ڳالهه تي اَٽڪي بيهي رهي ته سندس لاءِ ڪَکُ به
ڳرو، پر سندس هر انداز ۾ هڪ جهڙائپ هئي ۽ اُها هئي
سندس معصوميت. هن پنهنجي اندر جي ٻار کي ڪڏهن به
مرڻ نه ڏنو.
هن جي کِلَ، روئڻ، ڏسڻَ، پرچڻ، خوشفهميون،
مايوسيون، دلاسا ۽ شرارتون – سڀ ٻارن جيان ئي ته
هيون، ۽ جيڪو ماڻهو اهڙو معصوم هجي، ان جِي دل ۾
ڪير ڪندو! هونئن ته ساڻس وابسته سوين ڇا هزارين
واقعا آهن پر هڪ واقعو مون کان نه وسرندو آهي. مان
هڪ ڀيري پنهنجي دوست ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي کي وٽس سنڌ
يونيورسٽيءَ واري گهر تي وٺي ويس، ڀانيان ٿو
منهنجو فلسفي دوست جاويد ڀٽو به اسان سان گڏ هو.
ان ملاقات جي ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ ڊاڪٽر محبت
ٻرڙو دل جي دوري ۾ گذاري ويو. خيرو مون سان سخت
ناراض ٿي ته جڏهن محبت کي جلد ئي مري وڃڻو هو ته
پوءِ مون کيس ساڻس ڇو ملايو؟ محبت جو بي وقتائتو
موت کانئس آخر تائين نه جو نه وِسريو. ايتري حساس
هئي، ان ڪري ئي سندس دوست ڪي گهڻا نه هئا، ڇاڪاڻ
ته جنهن کي زندگيءَ ۾ دوست سمجهندي هئي، اهو/ اُها
سندس ڪمزوري بڻجي ويندا هئا. ناتا وقتي طور
ٽوڙيندي ٻارن وانگر هئي پر نڀائيندي عجيب انداز
سان هئي، بلڪل هڪ مهربان ماءُ مثل!
آپا خيرالنساءَ جعفري هونئن ته ماڻهن جهڙي ماڻهو
هئي پر هوءَ حقيقت ۾ سنڌ جي ادبي ۽ قومي زندگيءَ
جو هڪ حَسين رنگ ۽ منفرد ڪردار هئي. هن جي سائِٿَ
جو عالم اِهو هو جو هن جي لکيل ۽ چيل تِکي کان
تِکي ڳالهه تي به ڪو دل ۾ نه ڪندو هو، جو سڀ ڪنهن
کي معلوم هو ته هوءَ هڪ نِج نِبار، حساس ۽ ٻارن
جيان معصوم انسان هئي. چريائيءَ جي حالت ۾ سائين
رسول بخش پليجي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، اردو اديب
احمد هميش ۽ الائجي ڪيترن وڏن ماڻهن کي دل کولي
گاريون ڏنائين. ڪنهن به دل ۾ نه ڪيو، ويترو خيروءَ
لاءِ ڏکارا ٿيا. خيرو جڏهن سنگاپور مان علاج ڪرائي
آئي ته هڪ هڪ وٽ معافيءَ لاءِ وئي ۽ ان تي ٻارن
جيان کِلندي به هئي. مون پنهنجيءَ سانڀر ۾ سنڌ ۾
اهڙا ٻه ماڻهو ڏٺا، جن کي زندگيءَ ۾ ڪنهن کي به
ڪجهه به چئي ڏيڻ جو ڄڻ ته پروانو مليل هو ۽ ڪوبه
مٿن اَرهو نه ٿيندو هو. اُهي ٻه ماڻهو هئا آپا
خيرالنساءَ جعفري ۽ چاچو حفيظ قريشي.
آپا خيرو ڪا اديب ٽائيپ ماڻهو به نه هئي ۽ نه وري
هن کي پنهنجي ليکڪا هجڻ تي ڪو ناز هوندو هو. بس
ڪهاڻيون هن کان لکجي ويون. هوءَ اصل ۾ هئي ئي
اهڙي، هن پنهنجي اندر جي ليکڪا کي ويهي گهَڙيو
ڪونه هو. سڄو ڏينهن اهو ئي ڳالهائيندي هئي، ان مان
جيترو به لکي سگهي بس اُهو ادب ٿي ويو ۽ اوريجنل
ادب چئبو به ان کي آهي. تخليقي ادب ڪنهن صنف جو
محتاج ناهي. جي هوءَ لکڻ کي سنجيدگيءَ سان وٺي ها
ته مان سمجهان ٿو ته هوءَ عصمت چغتائيءَ کي به
پُٺتي ڇڏي وڃي ها. خيرو جيتري حساس هئي، اوتري
ذهين هئي، جيتري تخليقي هئي اوتري وري سُست به
هئي، سو زندگيءَ ۾ تمام ٿورو لکيائين.
آپا
خيرالنساءَ جعفري گهڻو پڙهيل نه پر تمام گهڻو
ڪڙهيل انسان هئي. هن زندگيءَ جي ڪتابن کي تجربن ۽
محسوسات جي اکين سان پڙهيو هو. جيتوڻيڪ زندگيءَ ۾
گهڻو ۽ معياري پڙهڻ بيحد ضروري آهي. پر شايد گهڻو
ڪڙهڻ ان کان به وڌيڪ اهم آهي. هوءَ سچ پچ به هڪ
ڪڙهيل انسان هئي. ڪڙهڻ کانسواءِ ٺلهو پڙهڻ وقت جو
زيان آهي. هن جتي زندگيءَ ۾ انيڪ محبتن کي ماڻيو
اُتي زندگيءَ جي نٽهڻ اُسَ جهڙين تِکين حقيقتن ۽
بي رحمين کي پڻ ڀرپور ڀوڳيو. اُهي حقيقتون ئي
هيون، جيڪي کيس زندگيءَ جي هڪ موقعي تي چريائيءَ
جي درجي تي پڻ وٺي ويون. مون کي ساڻس پهريون ڀيرو
زندگيءَ ۾ اظهار سومري ملايو پر پوءِ اسان جو تعلق
اهڙو ٿي ويو، جو ان جي ساکَ شايد اُهو پينگهو
ڏيندو، جنهن تي ويهي اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ايراني
زعفران واري ڳاڙهي چانهن تي دنيا جهان بابت اَڻ
کُٽ ڪچهريون ڪندا هئاسين. پاڻ هئي ڪهاڻيڪار پر
ڳالهيون ٻُڌندي ٻارن وانگر هئي. وِچَ وِچَ ۾ سندس
بَلا جا طنزيه ۽ اوچتا تخليقي جملا، ٽهڪ، گاريون ۽
هر هر چانهن ٺاهي اچڻ کي ڀلا ڪير ٿو وساري سگهي!
ٽنڊي ولي محمد جي اباڻي گهر شيرين ڪارنر مان لڏي
سنڌ يونيورسٽيءَ جي سوسائٽيءَ واري گهر ۾ اچي ويٺي
ته خيروءَ جون خوشيون موڪلائي ويون. سندس امڙ
شيرين جي نالي سان منسوب اهو رڳو ڪو گهر ٿورو ئي
هو، هڪ پورو جهان هو خيروءَ جو. “نه سي وونئڻ وڻن
۾، نه سي ڪاتاريون، پَسيو بازارون هينئڙو مون لوڻ
ٿئي!” ٽنڊي ولي محمد جي ته دادلي هئي خيرو – گهر ۾
ڪا شيءِ کُٽي ناهي- دريءَ کان بيهي ڪنهن به
دڪاندار يا پاڙيواري کي سڏ ڪندي هئي ته هر شيءِ
حاضر! ڪير جواب ڏيندو هن مهربان ۽ ارڏي ماڻهوءَ
کي. خيروءَ کي نئون گهر ڀانءِ نه پيو. وڏيءَ
اُڪيرَ سان ٺهرايو هئائين اُهو گهر- پر گهر دَرَ ۽
ديوارن جو نالو ته نه هوندو آهي. گهر ته هڪ احساس
جو نالو آهي، ضروري ناهي ته ديواريون لازمي طور
گهر به ٿي سگهن. ديوارن سان گهرَ ٺهن ها ته پوءِ
احساسن جي ڪهڙي اهميت هجي ها! گهر ته هڪ آٿتَ ۽
اُڪيرَ جو نالو آهي. ننڍڙين ننڍڙين شين سان اٿاهه
گِهري وابستگيءَ جو نالو آهي. گهر ته ماڻهوءَ کي
گهُوريندو آهي- ديوارون ته بي جان، بي روح بس
اُڀيون بيٺيون هونديون آهن. خيروءَ کي شيرين ڪارنر
کان جلاوطنيءَ جهوري وڌو. آپا خيروءَ جا آخري
ڏينهن ڄامشوري ۾ گهڻو بيمارين ۽ اُداسين ۾ گذريا.
مان وٽس هر هفتي وڃي رهندو هوس پر خيروءَ جو اهو
حال مون کان به سَٺو نه ٿيندو هو. رڌڻي ۾ ٻوڙ
چاڙهڻ لاءِ ويندي هئي ۽ وڃي ڏسبو هو ته رڌڻي ۾ ٻوڙ
سڙي چڪو هوندو هو ۽ هوءَ بي خبر معصوم ٻار جيان
صندليءَ تي سُتي پئي هوندي هئي. زندگي هن لاءِ ڄڻ
ته بارُ ٿي پيئي هئي. ويندي ويندي به پنهنجي زندهه
دلي نه ڇڏيائين. دنيا ۾ ڪو اهڙي وصيت ڪري سگهندو!
لکي وئي ته، “مُئي کانپوءِ جيڪو به منهنجيءَ قبر
تي اچي ته خالي پنا، بال پينون ۽ سفيد پَنَ جون
ٻِيڙيون کڻي اچي.” خيرو سچ پچ به هڪ عجيب انسان
هئي. ماڻهو نه هئي، سنڌي ادب ۽ دوستن لاءِ قدرت جو
ڪو انعام هئي خيرو! هن جي لکيل ادب، ڏنل محبتن ۽
بي باڪ انوکي شخصيت کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو.
“آپا خيرو!
We miss you badly”. |