سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون آگسٽ- آڪٽوبر 2012ع

مضمون--

صفحو :3

ڊاڪٽر تهمينه مفتي

خيرالنساءِ جعفري شخصيت ۽ فن

مان جڏهن 1974ع ۾  سنڌ يونيورسٽي ۾ قدم رکيو هو، تڏهن سنڌي شعبو گرائونڊ فلور تي هوندو هو، سنڌالاجي به تڏهن هڪ ننڍي ڪمري تي مشتمل هئي، مان سنڌي شعبي کي ڪراس ڪندي سنڌالاجي ۾ ويندي هيس جو لسانيات جو ڪلاس اُتي ٿيندو هو، ايندي ويندي شاگردن جي پيهه، استادن جي اچ وڃ ان راهداري کي آباد رکندي هئي. خيرالنساء جعفري کي مون تڏهن ڏٺو هو ۽ خبر پئي هيم ته آپا خيرالنساء نفسيات جي شعبي ۾ پڙهائيندي آهي.

سنڌي شعبي ۾ بحيثيت استاد جي جڏهن مون جوائن ڪيو هو ته آپا خيرالنساء سان ڏيٺ ويٺ جو سلسلو شروع ٿيو. شروع ۾ تعلق دعا سلام تائين رهيو پر سندس شخصيت ٿوري وقت ۾ ئي پنهنجن گڻن کي ظاهر ڪيو، جڏهن به ڳالهائين ڪنهن به موضوع تي صاف صاف کليل ۽ واضح، حتمي ۽ مدلل، سياسي هجي، يا سماجي يا ادب جي حوالي سان سندس گفتگو رياڪاري ۽ ٻيائي کان پاڪ هئي. هن وٽ ڪو ماسڪ نه هو، جيڪو منهن تي چاڙهي، ڪرتب ڏيکاري، سندس هڪ ئي روپ هو جيڪو سڀني جي سامهون هو. لڪل يا منفي نه هو، سندس ظاهر ۽ باطن هڪ جهڙو هو، بحيثيت استاد جي يونيورسٽي جي ماحول تي سندس ڪڙي گهري نظر هوندي هئي. حالتن سان هن ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو، نتيجي ۾ زيرِ عتاب آئي. سندس اکين مان پيار ليئا پائيندو هو. مون کي اهو وقت ياد آهي، جڏهن سندس ٽهڪ ۽ مرڪون ماحول ۾ هڪ خوشگوار تبديلي جو احساس ڏياريندا هئا. آپا خيرالنساء همت واري ۽ (Bold) هئي. آس پاس جي ماحول تي تنقيد ڪيائين، ۽ ان نتيجي ۾ کيس سخت حالتن سان منهن ڏيڻو پيو، ذهني طور تي کيس ٽارچر ڏنو ويو، هوءَ مضبوط اعصابن جي مالڪ هئي. هڪ ذهين ۽ سوچ رکندڙ انسان کي اندر جي ٽوڙ ڦوڙ ڪمزور بنائيندي آهي. هو جسماني طور تي ڪمزور ٿي پئي پر مون کي هميشه اٽل ارادو رکندڙ، نه جهڪڻ واري شخصيت نظر آئي. سندس سوچ ۾ ڪو ڦيرو نه آيو هو ۽ سندس اندر جي ڪشمڪش اسان کان آپا خيرالنساء کسي ورتي. بحيثيت استاد جي، پنهنجي ساٿين، شاگردن ۾ قابل احترام ۽ ڄاڻ رکندڙ شخصيت جي حوالي سان سڃاتي ويندي هئي، ساڻس منهنجي آخري ملاقات جنوري 1998ع ۾ ٿي هئي. کيس اڪيلائپ جو احساس وڪوڙي ويو هو، زندگي جا آخري ڏينهن هن ڄام شوري جي بي رحم فضائن ۾ گذاريا هئا. ادب جي حوالي سان سندس تحريرون سوال ڪندڙ، کريون ۽ سچ ٻولين ٿيون. سندس قلم ڄڻ نشتر آهي سماجي رسمن تي تنقيد ڪري ٿي. هوءَ اهم ليکڪا جي حيثيت ۾ اڀري سامهون آئي. نفيساتي مسئلن تي لکيائين، ورهاڱي کان اڳ آسانند مامتورا، نفسياتي، جنسياتي موضوع سنڌ ۾ روشناس ڪرايو هو. ورهاڱي کان پوءِ غلام رباني آگرو، غلام نبي مغل، عبدالجبار جوڻيجو، ماڻڪ پڻ نوان لاڙا متعارف ڪرايا. ان حوالي سان آپا خيرالنساء به زندگي جي تاريڪ پهلوئن تي روشني وجهي ٿي، ”حويلي کان هاسٽل تائين“ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ جنس جي مسئلي تي قلم کنيو آ ۽ پن پوائنٽ ڪيو اٿس ته گهر جو ماحول جاگيرداري سسٽم ۾ گهٽيل هڪ فرد جو رويو ڪيئن سامهون اچي ٿو. سنڌي سماج آڳاٽي دور کان وٺي جاگيرداري نظام ۽ قبيلائي نظام تي آڌاريل سماج آهي. منهنجي تحقيق موجب هومو جو رجحان اسان جي سماج ۾ آڳاٽو آهي. شادين، مرادين ۾ عورتون مردانو ويس ڍڪي تماشو ۽ ڍونگ رچائينديون هيون ان ۾ ڪي حرڪتون ۽ ڍونگ جنسي تسڪين جا عمل هوندا هئا. علم جي وڌڻ ڪري پوءِ پڙهيل، لکيل خاندانن ۾ ان کيل کي ختم ڪيو ويو. سنڌي لوڪ داستانن ۾ به اهڙا لاڙا نظر اچن ٿا جنهن ۾ مومل راڻي جي قصي ۾ سومل جو مردانه لباس پهري مومل کي ريجهائڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا جنهن جو ذڪر مون هڪ مقالي ’سنڌي ڪهاڻي ۾ علامت نگاري‘ ۾ به ڪيو آهي، سندس ڪهاڻين جو خاص موضوع رشتا ۽ ناتا آهن جن ۾ هوءَ Involve نظر اچي ٿي. هن جي نزديڪ انساني رشتن جي اهميت اولين حيثيت رکي ٿي. سندس لکڻين ۾ جذبات جي شدت ڀرپور ۽ نمايان آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: ” خيرالنساء جي ڪهاڻين ۾ غير شعوري طور به ڪردار جي نفيساتي ڪيفيت نمايان نظر اچي ٿي، سندس بيانِ انداز ڪهاڻي جو جديد ترين انداز آهي.“ هڪ فنڪار جي حيثيت ۾ هوءَ حسن ۽ سونهن کي ساراهي ٿي جنهن  جي هڪ ڪهاڻي ”1967ع، 1968ع ۽ 1969ع“ جيڪا ڊگهي ڪهاڻي آهي ۽ ڪيترن ئي سوالن کي اڀاري ٿي، سونهن جي حقيقتن ۾ ان جي اثرات کي ظاهر ڪري ٿي. ”مڃان ٿي ڪائنات جي طلسم ۾ حسن جي رعنائي بيحد هوشربا آهي“. هڪ هنڌ لکي ٿي ”حسن هميشه کان رازن جو اَمين رهيو آ“ سندس ڪهاڻي جا موضوع ٻٽيل- نه آهن، انهن ۾ -نواڻ آهي.

”پيڙا جو پڙلاءُ“ به رشتن، محبتن جي ڪهاڻي آهي محبتون ۽ فاصلا رسمن ۽ روايتن تي ٻڌل آهي، ”ڪهڙو برانڊ ۽ ڪهڙي سگريٽ آ“ مرد جي بي جا آزادي سڀ ڪجهه ڪرڻ ان جي لاءِ جائز آهي ۽ عورت جڏهن اعتماد سان زندهه رهڻ چاهي ٿي ته کيس رهڻ به نٿو ڏنو وڃي، اهي آهن سندس ڪهاڻيون. ”تخليق جو موت“، سندس مامي جي وفات تي لکيل هڪ گهرو تاثر آهي جنهن ۾ مذهبي آنڌ مانڌ موت جي بي رحمي جي ڪهاڻين جا ڪردار سندس ئي ويجهو آس پاس آهن ڪردارن سان ٽريٽمينٽ منفرد  ۽ سندس شخصيت جو عڪس ڏسي سگهجي ٿو. عورت جي حوالي سان ان جي خوبين ۽ مرد جي ڪرپٽ عملن کي به سامهون آندو اٿس، محسوسات جي هڪ دنيا آهي جا ڏسي سگهجي ٿي، ڪيترن جذبن احساسن جي انڊلٺ ۾ پوپٽ اڏامندا نظر اچن ٿا. جن کي جهٽڻ لاءِ هو پاڻ پنهنجو رستو وڃائي ويٺي. سماج ۾ ٿيندڙ اڳرايون زيادتيون هڪ حساس فنڪار پاڻ تي محسوس ڪري ٿو. هو سمجهي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه ان جي مٿان ٿي ۽ گذري رهيو آهي. هو ان جو پارٽ ۽ حصو آهي، هو ان کان ڌار نه آهي سندس ڪهاڻيون سماجي حقيقت نگاري جي تحت ”ڪهڙو برانڊ ڪهڙي سگريٽ؟“ ۽ ”حويلي کان هاسٽل تائين“ جي عڪاسي ڪن ٿيون، پر سندس ڪهاڻين جا ڪردار جي اهڙي نموني ۾ عمل ڪن ٿا. جن ۾ نڀاءَ مختلف قسم جو نظر اچي ٿو ڇاڪاڻ ته لکندڙ  پاڻ به هڪ ڪردار آهي. هوءَ پاڻ ان کان ڌار ٿي نٿي بيهي، انڪري کيس سريئلزم جي فڪر ۾ بيهاري سگهجي ٿو، سندس ڪهاڻيون سندس تاري جي من ۾ خلش ٿيون اڀارين، آپا خيرالنساء جعفري زنده آهي پنهنجي لکڻين ۾ ساهه کڻندڙ زندگي سان ڀرپور، اهائي هڪ آٿت آهي ته هوءَ هميشه سنڌي ادب ۾ هڪ اهم نالو بنجي زنده رهندي...

نصير مرزا

توسين منهنجا جهيڙا، توسين منهنجا ميڙا

 

 ادي گُڏي سان منهنجي پهرئين روبرو ملاقات..... پر هيءَ ادي گُڏي ڪير!؟ خيرالنساء جعفري.... يعني خيرو! ته بس ان ئي گُڏيءَ بابت مون هتي لکڻ پئي چاهيو ته ساڻس منهنجي پهرئين پهرئين باالمشافه ملاقات، ٽنڊي ولي محمد جي هڪ سوڙهي گهٽيءَ ۾ ’شيرين منزل‘ جي ڏاڪڻين وٽ ٿي هئي. مون ڪال بيل تي آڱر رکي ۽ هوءَ.... ’اچان ٿي اچان ٿي‘.... چوندي فرسٽ فلور تان هيٺ لهي آئي. دکيل اڻ دکيل پن جي ٻيڙي هن جي آڱرين ۾ ڦٻيل.... ۽ مٿو اگهاڙو تصويرن ۾ ڇاڪاڻ ته هوءَ منهنجي اڳ ئي ڏٺل هئي، ان ڪري مٿس نظر پوندي ئي دل دانهن ڪئي... اهائي ته آهي ڪهاڻي ’تخليق جي موت جي‘ زنده دل هستي، خيرالنساء جعفري!! سن ته هن وقت پوريءَ طرح سان ياد ڪونه پيو اچيم، پر ڀانئيان ٿو هوندو اهوئي ڪو اوڻيهه سؤ چوهتر/پنجهتر يا شايد مرڳوئي اوڻيهه سؤ ڇاهتر.

اصل ۾ رسالي ’نئين ٽهيءَ‘ ۾ انٽرويوءَ لاءِ سائين نثار حسينيءَ هن کان اهو وقت ورتو هئو ۽ گڏوگڏ اهو به طئه ڪيو هو ته اهڙو انٽرويو هن کان آءٌ ئي وڃي وٺندس.

ادي گُڏي اعليٰ تخليقڪار آهي. تيز ترار آهي، سيلاٽڻين جي پاڙيسرياڻي آهي. يونيورسٽي ۾ شعبه نفسيات سان وابسته آهي. بيباڪ ۽ سادي سڀاءُ واري آهي... ۽ اهو سڀ ته هن سان ملڻ کان اڳ ئي مون ڄاتو پئي.... بهرحال

هن جي پويان پويان ’شيرين منزل‘ جا ڏاڪا چڙهندي ۽ سندس پينگهي واري ڪمري تائين پهچندي پهچندي ان ڏينهن، آءٌ هن جي لاءِ..... ’آئي مئا نصير‘..... ۽ هوءَ منهنجي لاءِ، محترمه خيرالنساء جعفري مان ڦري ادي گُڏي ۽ ادي خيرو بڻجي چڪي هئي.

خير، ادي گُڏيءَ کان ورتل اهو منهنجو پهريون انٽرويو بعد ۾، غالبن هن کان ورتل ڪو شايد پهريون ئي ادبي انٽرويو هو جيڪو ’پاڻيءَ منجهه پتاشو‘ جي عنوان سان هن بابت شايع ٿيل هڪ انٿيالاجيءَ ۾ به شامل ڪيو ويو. ۽ ٻين به ڪيترن ئي هنڌن تي اڄ تائين شايع ٿي چڪو آهي.

علي بابا جي لکيل هڪ مشهور سٽ آهي:

’توسين منهنجا ميڙا.... توسين منهنجا جهيڙا‘..... ته بس ان پهرئين ملاقات واري ڏينهن کان ئي وٺي، ادي گُڏيءَ سان پوءِ زندگيءَ ۾ جيئن جيئن آءٌ ويجهو ٿيندو ويس، جهڙوڪر جهيڙن ۽ ميڙن جي هڪڙي فلم ئي ته ٺهندي وئي. جنهن ۾ ڀاءُ، ڀيڻ جو والهانه پيار به هئو. کل ڀوڳ وارا منظر ته لڙائي جهڳڙي وارا زبردست ’سين‘ به ايندا رهيا. هونئن ئي آءٌ غريب، ادي گُڏي جهڙي دبنگ خاتون سان وڙهي ئي ڪٿي ٿي سگهيس؟ ۽ ٻيو ته هن سان جهيڙو ڀلا ڇا تي!؟ ها! بس ايترو سو ٿيندو هو جو ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ڪو ادبي غير ادبي تڪرار شروع ٿي ويندو هو يا کل ڀوڳ ۾ هيڏانهن هوڏانهن جو جملو وات مان نڪري ويندو هو ۽ بي سبب هوءَ تپي تئي وانگر ٿي ويندي هئي ۽ جنهن کان پوءِ مون کي ڪنهن مانيءَ وانگر، ساڙي ئي لاهيندي هئي. اڇا! هي اهو زمانو هو، جڏهن ڊاڪٽر شمس سومرو، جامي چانڊيو يا اظهار سومرو وغيره... اڃان هن جي ويجهو نه آيا هئا ۽ آءٌ ئي ادي گُڏيءَ، بابا سائين پروفيسر احمد علي خواجه، امان شيرين، ڀاڀي شمع، ماما حميد ۽ Even گم چپ رهندڙ ادا الطاف عرف ڀاءُ، گُڏي جي به پسنديده گهر ڀاتين مان هڪ هوندو هوس. سندس بابا سائين باوجود شيعه هجڻ جي امام غزالي جو قائل ۽ علامه آءِ. آءِ قاضي جو مداح هوندو هو ۽ هيڏانهن هي آءٌ؟ بلڪل ئي نه، جو علامه آءِ. آءِ قاضي هجي يا ان جا الاڻا فلاڻا حواري ۽ پوئلڳ ۽ ڊاڪٽر..... جو هي سڀ منهنجي خيال ۾ ايڏا ته ظالم هئا جو ڀٽائيؒ صاحب جي رسالي مان ڪيڏاري کي ته ڌڪي ڌار ڪيائون پر ’سُر رام ڪليءَ‘ ۾ حضرت عليؑ جي نالي وارا به هڙئي. بيت ڪڍي کڻي ڦٽي ڪري ڇڏيائون ۽ اهڙن بيتن لاءِ مٿان وري هي حڪم صادر ڪيائون، ته اهي ڀٽائيؒ جا نه... پر سندس خليفي تمر فقير جا چيل آهن... خير مون ڳالهه ڪئي پئي بابا سائين احمد علي خواجه جي، جيڪو هڪڙو لبرل خيالن وارو انسان هوندو هئو، جڏهن ته ’امان شيرين‘، مون ئي وانگر، بقول لڇمڻ ڪومل جي..... ”اوٽ موٽ شيعه هوندي هئي!! ۽ اها به ايڏي ڪٽر! جو، گوڏن ۾ شديد سور هجڻ جي باوجود ٻارهين غائب امام.... امام مهديؑ هادي آخر زمان جو نالو جيئن ئي ڪنين پوندو هوس ته، شيعه روايت مطابق تڙي کڙي مون سان گڏجي احترامن اٿي بيهي رهندي هئي“. جڏهن ته اسان ماءُ پٽن جي اهڙي عمل تي پروفيسر احمد علي خواجه وري دل ئي دل ۾ ويٺو مسڪرائيندو هو.

هڪڙي ڀيري شام جي چانهه بعد ٽي وي ويٺي ڏٺيسين، ته ’نيلام گهر‘ پروگرام ۾ ملتان جي سادات گهراڻي جي هڪڙي بزرگ ٻڌايو پئي ته، هن جي ’صاحبِ حال‘ نياڻيءَ کي بشارت نصيب ٿي ته، سڀ گهر ڀاتي وڏي پيتيءَ ۾ بند ٿي، سمنڊ ۾ لڙهندا بصره بغداد پهچو ۽ اچي ڪربلا جا زوار بنجو. هنن پوءِ ايئن ئي ڪيو، پر صد افسوس، بشارت جي ابتڙ، پوءِ سمنڊ ۾ ٻڏي وڃڻ کان بچي ويل ان بزرگ ٽي وي تي ٻڌايو ويٺي ته، اسين ڪربلا، ان ئي ريت هر حالت ۾ ضرور پهچي به وڃون ها پر پڪ سان اسان مان ڪنهن زائر جي نيت ۾ اوچتو خلل اچي ويو هوندو، جنهن باعث اسين ڪربلا پهچڻ کان محروم ٿي وياسين.

ٽي وي تان امان شيرين اها سموري روداد سربستي ٻڌڻ بعد، اکين ۾ ڳوڙها آڻي مون کي چيو ابا! ”هي مئا مون کي به جي پاڻ سان ساڻ نيئن ها ته هوند آءٌ به ان پيتيءَ ۾ چڙهي پوان ها“... ۽ پوءِ ڇو نه واٽ ۾ کڻي مري کپي ئي وڃان ها، الاهي!! ڪي سال پوءِ ادي گُڏي جي ان آرپار عزادار ماءُ، منهنجي روحاني امڙ رضا ڪئي ته مون کي ڪنهن ڄاڻ ئي ڪونه ڏنو. ٽيجهي کان پوءِ اهڙو  پتو پيم ته ڊوڙندو ماتم ڪندو، طارق عالم سان گڏجي ’شيرين منزل‘ وڃي پهتس. هي شام جي چانهه جو وقت هئو ۽ بي دڙڪ ڏاڪڻ جا ٻٽا ٻٽا ڏاڪا چڙهي، مٿي پهتس ته، ڇا ڏسان! ادي گُڏي کٽولي تي براجمان، پنهنجي ساهيڙين ادي تنوير جوڻيجو ۽ ادي عزت خواجه وغيره سان شام جي چانهه ويٺي پيتي ۽ بس مون تي نظر پوندي ئي ادي گُڏي بِرُ ٿي وئي. هٿ ۾ پڪڙيل چانهه جو ڪوپ ٺڪاءُ ڪري کڻي هنيائين سامهون ڀت ۾، ۽ هنجون هاريندي مون سان احتجاج ڪرڻ لڳي: هاڻي آيو آهين، امان جي فاتحه تي؟ ڪانه کپي مون کي تنهنجي عذرخواهي. واهه جو امان جو پٽ ٿيو آهين. اڙي ڪُلهي ڪانڌي ٿيڻ جي سڪت به ڪانه هئي تو ۾......

......۽ خدا ٿو ڄاڻي ان وقت حالت منهنجي اهڙي جو ڀانئيان ته زمين ڦاٽي ۽ آءٌ ان ۾ غرق ٿي وڃان.... ڇا ڪريان هاڻي پٺتي موٽان، يا پٽ تي ويهي روئان.... ۽ بس ڪا دير اهڙي ڪيفيت رهيم ته الائي ڪيئن ته اديءَ گُڏي جي دل ۾ رحم ڀرجي آيو ۽ هٿ کان جهلي اندر پينگهي ۾ هلي ويهاريائين. هاڻي هي منهنجو روئڻ هئو جو ختم ئي نه پيو ٿئي ۽ ڀلا عمر ان وقت ڇا هوندي مون ناچيز جي!؟ اهائي بس ڪا اٺاويهه/ٽيهه سال ۽ ان واقعي کي اڃان ڪي ٿورائي ڏينهن گذريا هوندا جو ادي گُڏي فون ڪري اطلاع ڏنو: ’نصير!! آءٌ امان جي جتين تي ٿيسز پئي لکان‘. جهٽ چيومانس، ’اهو به پڪ سان اوهان جي ڪهاڻين وانگر شاهڪار ليک هوندو ۽ ياد آيم... ان ڳالهه کان ڪي ٿورائي سال اڳ، ’شيرين منزل‘ جي سامهون واري بلڊنگ ۾ رهندڙ مشهور ڪهاڻيڪار عبدالحق عالماڻي صاحب جو آنڊي جي ڪينسر سبب جڏهن انتقال ٿيو هو ته ادي گُڏي ان بابت هڪڙو زبردست تعزيتي مضمون لکي، يونيورسٽيءَ جي رسالي ’پرک‘ ۾ شايع ڪرايو هو. تڏهن نسيم کرل ادي گُڏي جو لکيل اُهو نثري شاهڪار پڙهي ايڏو ته پسند ڪيو هو جو طارق اشرف هٿان کيس نياپو موڪليائين: مون تي به جي اهڙو مضمون لکين ته اڄ ئي مرڻ لاءِ آءٌ تيار آهيان‘.

ادي گُڏي ڀوڳائي به بلا جي هوندي هئي. پنهنجي رسالي ’سنڌي ساهت‘ لاءِ ليکڪا ’ز‘- ميتلو جو انٽرويو ورتو هئم. هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هئائين: ڪڏهن ڪڏهن الائي ڇو ڀاسندو اٿم... ڄڻ ڪوئي منهنجي پاڇي تي پير رکيو ويٺو آهي ۽ مون کي پنهنجي جاءِ تان چُرڻ ئي نٿو ڏئي. ادي گُڏي اهو انٽرويو پڙهيو ته، ٻي ڏينهن آرٽس فيڪلٽي ۾ ڏاڪڻ وٽ مون کي چيائين: اَي مئا! هي مائي ميتلو ڇا چيو آهي ته: ڪڏهن ڪڏهن لڳندو اٿم، ڄڻ ڪوئي منهنجي ”پڇي“ تي پير رکيو بيٺو آهي ۽ مون کي چرڻ ئي نٿو ڏئي. ياد اٿم هڪ ڀيري ڪنهن ادبي پارٽي ۾ پنهنجي گهرواريءَ ’دردانه‘ کي وٺي ويس ته الائي ڪيترين ٽئبلن ۽ هجومن کي لتاڙيندي هوءَ منهنجي ڀرسان اچي بيٺي، ٺونٺ هڻندي، چيائين: ”هوش ڪر نصير.... ڏسان پئي ته تنهنجي زال ڊاڪٽر الانا مان اک ئي ڪانه پئي ڪڍي.“ آئي، ٿورو هن ڏانهن ڏس ته، تڏهن کلي پيس چيومانس.... الانا صاحب جا ساروپا سندس مرحوم والد غلام حيدر سان ڏاڍا ملن پيا، سو شايد پيءُ جي سِڪَ پئي منجهائنس پُوري ڪري“. هونئن جوابن چرچا ادي گُڏي سان آءٌ به زبردست ڪندو هوس، هڪڙي ڀيري فون ڪيائين. ڪهڙو ڀاءُ آهين. موت جي مُنهن مان ٿي موٽي آهيان. پُڇڻ به ڪونه ٿو پُڄئي، چيومانس: ڇا ٿيو!؟ ٻڌايائين، گهران بيهوش کڻي ديوان مشتاق پهچايائون، اڙي.... ليٽائڻ سان دل کي هلائڻ لاءِ ڪرنٽ جو هنيائون ته، بدن ٻه فوٽ مٿي کڄي اچي بيڊ تي ڦهڪو ڪيو... ۽ بس ان هنڌ منهنجي وات مان به اوچتو نڪري ويو.

اڙي واهه!! پوءِ مزو به واهه جو آيو هوندو؟ ۽ منهنجي ان هجائتي رمارڪس تي جهٽ ۾ هُوءَ چڙي پئي. جيڪي چيائين، اهو لکان نٿو. بس ايترو هي پڙهو ته، فون جو ڪريڊل هن ٽنڊي ولي محمد واري گهر ۾ ڊائل تي ايڏي ته زور سان ٺڙاڪ ڪيو جو ان جو ’ٽڙڪو‘ مون ڪيئي ميل پري ٽنڊي ٺوڙهي ۾ پنهنجي گهر صاف ٻڌو. اصل ۾ ادي گُڏي سان اها کل ڀوڳ ۽ جملن جي ڏي وٺ روٽين جو حصو هوندي هئي جنهن کي هوءَ ڪڏهن انجواءِ ڪندي هئي ۽ ڪڏهن وري دل تي کنيو ويٺي هوندي هئي. تڏهن سوچيندو هئس هوءَ ڪهڙو مون سان سچ پچ رُٺي هوندي. ٿڌي ٿيندي ته ڊوڙي وڃي پرچائي ايندو سانس. ڪجهه ڏينهن گذريا ته پاڻ ئي فون ڪيائين، نارمل هئي. چيائين تون ان ڏينهن جيڪو مون سان چرچو ڪيو مون به بدلو وٺي ڇڏيومانءِ. پوءِ ٻڌائڻ لڳي ته ڪالهه پنهنجي ڪار ۾ چڙهي، گاڏي کاتي مان ست سيون اپ جون بوتلون وڃي ورتم ۽ تنهنجي آفيس جي ڀَتُ ڏانهن اڇلائي هڻندي وقت سوچيم اِهي توکي ئي پيئي هڻان، چيومانس: هي جو رات کان لڱن ۾ سخت سور پيو محسوس ڪيان ته اهو به شايد ان ئي ڪري، کلي پئي. چيائين: ڳالهه ختم ، جو اهو به ٻڌو ڪونه اٿئي: ’شيشو لڳو دليون جڙيون‘. هاڻي هنئين ڪر آفيس مان اُٿ ۽ سڌو مون وٽ اچ. تنهنجي پسند جي ڀاڄي ’گوار‘ چاڙهي اٿم.... چانورن جو چلو به ٿي پچايان. اچي کائي وڃ.

انهي ڏينهن ساڻس اها لنچ جو گڏجي ڪيم ته، جهڙڪر ٻيئي نوان سنوان ٿي وياسين، ساڻس اچ وڃ وري شروع ٿي ته هوءَ هڪ دفعو ٻيهر مون لاءِ اهائي مٺي ادي گُڏي هئي، آءٌ اهوئي ’مئو نصير!‘ ادي گُڏي جيڪا صائمه کي ڪڇ ۾ کنيو پئي مارڪيٽن مان سودا سلف وٺندي هئي. هاڻي ’مهراڻ‘ ڪار جي مالڪ بڻي ته ڄام شوري کان حيدرآباد جي هوائن ۾ وتندي هئي سير سپاٽا ڪندي.

پاڻ ڇاڪاڻ ته، مڙس ماڻهو هوندي هئي. انڪري ليڊي هئڻ جي ناتي پوئين سيٽ تي ويهڻ جي بجاءِ ڊرائيور ڀرسان فرنٽ سيٽ تي ئي ويهندي هئي. ۽ ڪنهن ڏينهن، ڪنهن خاص تقريب ۾ وڃڻ لاءِ زبردست ساڙهي ٻڌي ۽ لپ اسٽڪ جو شاڪنگ شيڊ هڻي، ڪار جو دروازو کولي ٻاهر پيئي ايندي هئي ته، چئي ڏيندو هوسانس: ”ادي اڄ ته، صفا سريلنڪا واري وزير اعظم، بندرا نائيڪا جهڙا پيا لڳو“.

خدا جو قسم ته هوءَ هڪڙي عجيب تونگر خاتون هوندي هئي. اسان ڇورن ڇنن جو ته خيال رکندي ئي هئي پر پاڙي اوڙي جا جيڪي اڃيا بکيا ٻليون، ڪتا هوندا هئا. هو هر روز انهن جي لاءِ به ٿورا ڪي گهڻو ڇيڇڙا ۽ ٽڪر ڀور جو انتظام باقاعدگي سان پئي ڪندي هئي. قاضي صاحب سان جڏهن خان محمد پنهور صاحب جي معرفت هن جي شادي ٿي هئي، تڏهن آءٌ هن جي ويجهو ڪونه هوس. البت سندس شاديءَ جون پياريون تصويرون، اسان پنهنجي رسالي ’نئون نياپو‘ ۾ وڏي شان مانَ سان ضرور شايع ڪيون هيون. پوءِ جڏهن صائمه سال يا ٻن جيتري ٿي ته، هن مون کي پنهنجي ويجهو ڪيو، ۽ پوءِ ته هوءَ ان حد تائين ويجهي ٿي جو محرم جي ڏهي دؤران پاڻ ۽ امان اسان جي گهر به اچڻ وڃڻ لڳيون.

تڏهن مون ڄاتو ته ادي گُڏي، بظاهر ته هڪڙو مطمئن ۽ کلندڙ کلائيندڙ روح لڳندي هئي، پر جڏهن هن جون ڪهاڻيون پڙهڻ ويٺس ته انهن ۾ هو صفا ئي مختلف لڳندي هئي. هڪ اداس، رومينٽڪ، فلاسفر ۽ سراپا سرم دکم دکم روح، پر اهڙو اداس ۽ رومينٽڪ رويو هن جي صرف ڪهاڻين ۾ ئي نظر ايندو هو. جو، ڪهاڻي کان ٻاهر هو تقرير ڪري خاڪو، لکي، سفرنامو تحرير ڪري يا مهاڳ.... هن جي هر ليک ۾ چلولائپ ضرور نظر ايندي هئي. ۽ جيئن مون لکيو ساڳي وقت هوءَ چيڙاڪ به غضب جي هوندي هئي. غالباً امداد حسيني صاحب هن کي چيو به هو ته: خيرو تون ته صفا ’سيلاٽي‘ ٿي لڳين. ڪڇ تي ۽ ڏسو ته محفلِ حسينيءَ ڏانهن اڏاڻي پئي وڃي. تنهن تي وراڻيو هئائين: ٻڌي ڇڏ ڀاءُ! ”مان سيلاٽي نه، پر چيلاٽي آهيان“، ۽ بس هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو پتو پيو. ڀاءُ الطاف جي وفات ۽ شمع ڀاڀيءَ جي ڪراچي وڃڻ بعد... ’شيرين منزل‘ تين وال ۽ ادي گُڏي، ڄام شوري ۾ پنهنجي ٺهرايل نئين گهر ڏانهن شفٽ ٿي وئي... تڏهن يڪلخت هي ٽنڊو ولي محمد، ادي گُڏي کان سواءِ مون کي ڄڻ کائڻ لڳو. تڏهن بيل خانه روڊ تان ڪنهن وقت لنگهڻ ٿيندو هئم، ته ’شيرين منزل‘ تي نگاهه پوندي ئي، دل دانهن ڪندي هئي: ادي گُڏي!! تون ڪيڏانهن هلي وئي آهين؟ پوءِ هڪ ڏينهن آرٽس فيڪلٽي.... ڪنهن ڪم سانگي ويس ته ڪاريڊار ۾، اوچتو هُن سان مکا ميلو ٿي ويو. چپن تي گهري گلابي رنگ جي لپ اسٽڪ لڳل هوس، بدن تي ريشمي ڪپڙا.... مٿي تي پيازي رنگ، جارجٽ جو وڏو شاهي رئو... صحت ۾ جهريل هجڻ جي باوجود، مون کي هن جي شخصيت سچ ته، ڏاڍي رنگ لڳي ڪي گهڙيون هٿ ملائي اُتي بيهي خوب کلياسين ملياسين. تڏهن مون دل ۾ چيو هو. شڪر مالڪ! ادي گُڏي هاڻي بلڪل خوش باش آهي. پر نه!!! اِها منهنجي غلط فهمي هئي. ترت خبر آئي. ادي گُڏي جي Nervs System ۾ ڪا گڙ ٻڙ ٿي پئي آهي.

ادي گُڏي جو گهر سيلاٽن جي گهرن ۽ کوجن جي جمائت خاني جي پويان واري گهٽيءَ ۾ هوندو هو. اهو بيل خانه روڊ به سڏبو هو. جنهن جي آس پاس اناج منڊي، ٽنڊو ولي محمد، گل خان پيٽرول پمپ، مارڪيٽ ٽاور، شاهي بازار، پوءِ سري گهاٽ، تلڪ چاڙهي ۽ ادي گُڏي کي لڳ ڀڳ مون هر اهڙي پاسي هلندي ڦرندي ڏٺو هو. ڪڏهن ساڻس امان گڏ، ته ڪنهن وقت ننڍڙي صائمه ائين ڪڇ تي، جيئن کوهه ڏانهن پاڻيءَ لاءِ ويندڙ مايون ڍڍ تي گهڙا کڻي پيون وينديون آهن. هوءَ هلندي به ڏاڍو تڪڙو هئي. زندگي... جنهن جو  ٻيو نالو ئي آهي سفر! ۽ ادي گُڏي افسوس ته ان سفر کي الائي ته ڇو، تڙ تڪڙ ۾ اڪلائيندي رهي. هن دنيا کي به جلد از جلد ڏسڻ پئي چاهيو جو هڪ ڏينهن ٻڌم هوءَ مديني پاڪ هلي وئي آهي. اتان موٽي ته ايران هلي وئي. ان وچ ۾ ٻڌم، هوءَ هندستان مان ٿي آئي آهي. محرم جو ڏهو شروع ٿيندو هو ته رڪشا ۾ سوار ٿي، ڪڏهن ٽنڊي آغا ته ڪڏهن اسان وٽ ٽنڊي ٽوڙهي هلي ايندي هئي. ڪنهن وقت اجهو هي صائمه هونئن، ادي گُڏي جڏهن جڏهن به بيمار ٿيندي هئي، ته ڪنهن کي ٻڌائيندي ئي ڪٿي هئي؟ پاڙي جي ڪنهن واقف يا صائمه کي وٺي پاڻ ئي وڃي هاسپٽلائيزڊ ٿيندي هئي. ظاهر آهي گهر ۾ هن سان ڪو مرد ماڻهو هئو به ته ڪونه. ڀاءُ الطاف گذاري ويو هو.... بابا پروفيسر خواجه احمد عليءَ جي ڇانوَ سر تان اڳي ئي سِرڪي چڪي هئس. مڙس قاضي صاحب بي وفا بڻجي ڀڄي ويو هو. ها! وڌ ۾ وڌ سندس همدرد هوندو هو .... ادا حميد!!.... ۽ اهو به.... دور پري تلهار ۾.... پتو ئي نه پيو ته هوءَ ڪڏهن هاسپٽلائيزڊ ٿي؟ ڪٿي سندس آپريش ٿيو! ۽ ڪڏهن گذاري وئي!

الاءِ! سندس لاڏاڻي جي خبر، مون ٻئي ڏينهن واري اخبار ۾ پڙهي، تعزيت لاءِ تڏي تي ڪنهن وٽ وڃان ها. جو  اتي نه امان، نه بابا، نه الطاف نه قاضي صاحب.... سو سندس تڏو پنهنجي ئي وجود ۾ اندر ئي وڇائي ويهي ڳوڙها ڳاڙڻ لڳس.

بابن شاهه واري قبرستان ۾ هن جي لحد تي گل رکڻ جي به همٿ پاڻ ۾ ساري نه سگهيس. ادي گُڏي جيڪا سدا جي چيڙاڪ هئي.... سوچيان ٿو ته بابن شاهه ويندس ته مون کي ڇڏيندي ڪانه. ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويندي ۽ دڙڪا ڏيندي چوندم: هاڻي آيو آهين مون سان ملڻ لاءِ...... هل.... نٿي ملان توسان....  وڏو آيو آهي مون تي فاتحه جا ٻه ٻول پڙهڻ وارو!!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com