نصير مرزا
پاڻيءَ منجهه پتاشو
تعارف
سنڌي ٻوليءَ جي ذهين ۽ بيباڪ ڪهاڻيڪار خيرالنساءِ
جعفري ستر واري ڏهاڪي ۾ اُڀري آيل ليکڪ ۽ ليکڪائن
جي لسٽ ۾ سڀ کان ٽاپ تي نظر اچي ٿي. مولائي طبيعت
واري هي ليکڪا هر ٺاهه ٺوهه کان لاپرواهه. پنهنجي
من ۾ مست مگن. سندس شخصيت کليل آڪاش وانگر آهي.
کيس ڏسي دل چاهيندي آهي ڪاش سنڌي سماج جون سڀ
آئيڊيل ڀيڻون اهڙيون ئي هجن. گُڏي سندس گهريلو
نالو آهي پر هاڻي ادبي دنيا ۾ به انهيءَ نالي سان
سڃاتي وڃي ٿي بظاهر ڏاڍي رلڻي ملڻي. پر سندس
ڊائلاگ ٿري ناٽ ٿري جي گولي جيترو گهرو گهاءَ
ڏيندڙ. سندس ڳالهائڻ تقرير ڪرڻ توڻي ڪهاڻي سندس
اهڙا محاذ آهن جن تي دوست مائٽ ۽ پڙهندڙ ائين
هوندا آهن ڄڻ امتحان هال ۾ ويٺل هجن. جيڪو اڌ ۾
ڇڏي اٿي ڀڳو سو ڇٽو. جنهن کيس برداشت ڪيو ان لاءِ
هو کنڊ پتاشي جيتري مٺي آهي. پنهنجي اينگل کان
ڳالهه سچي کري ۽ منهن تي ڦهڪائڻ جي قائل آهي.
”تخليق جو موت“ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي.
جيڪو 78 ۾ ڇپيو ۽ اڄڪلهه آئوٽ آف اسٽاڪ آهي. بيشڪ
ته سندس اهو مجموعو سنڌي ڪهاڻين جي مجموعن ۾
هڪ اهم مرتبو رکي ٿو.
خيرالنساءِ جعفري بي حد ٿڪل ٿڪل ۽ اداس موڊ ۾،
ٻنهي هٿن جي ڪشڪول ۾ مُک رکي، نهايت ڌيان گيان سان
منهنجا سوال ٻڌي، پرسڪون انداز ۾ ننڍڙا ۽ معصوم
جواب ڏئي رهي هئي. ڪنهن به طرح دل نه پئي چاهيو
ته، سوالن جا ايترا مختصر جواب ملن. ڇو ته خواهش
هئم ته منهنجي سوالن جي ريس ڪورس ۾ ڀيڻ
خيرو (گُڏي) هميشه وانگي پنهنجي جوابن جا گهوڙا
تيز ڊوڙائي. پر پوءِ خيال آيم متان گڏي ان ڳالهه
کي سمجهي وئي هجي ته، تيز هلڻ ۽ تيز ڳالهائڻ سان
ماڻهو جلدي ڪري پوندو آهي اڃان ان ٻڏ تر ۾ ئي هئس
ته، اهڙي حالت ۾ ڪهڙا سوال ڪريان ۽ ڪهڙا ڊراپ
ڪيان. ڇو ته جوابن لاءِ بهرحال سندس موڊ ٺهيو ئي
ڪونه پئي. پر پوءِ اوچتو ٿيو هيئن جو گڏي جي
ڳالهين جو تنور گرم ٿيڻ لڳو..... ۽ سندس آڱرين ۽
چپن جي وچ ۾ پن جي ٻيڙي تيزيءَ سان ختم ٿي رهي
هئي.
کوڙ سال اڳي مون، هالي ووڊ جي تيار ڪيل دنيا جي
حساس ٻارن بابت هڪ عجيب ۽ ٽچي ڊاڪيو مينٽري فلم
ڏٺي هئي. ان فلم ۾ بنگلاديش جي هڪ حساس ٻارڙيءَ جو
ڪردار ڏاڍو عجب ۽ ڏکوئيندڙ هو. هن ٻارڙيءَ وٽ کلڻ
روئڻ ۽ نچڻ لاءِ هڪ شيڊول مقرر هو ۽ هو ان مطابق
زندگي گذاري ٿي. روئڻ لاءِ هن جي موسم هئي سانوڻ!!
جيئن ته ماڻهن جي اڳيان روئندي هو پنهنجي همت جي
انسلٽ فيل ڪندي هئي. ان ڪري سڀ دک ۽ پيڙائون ڊائري
تي نوٽ ڪري ڇڏيندي هئي. سانوڻ جي رم جهم ورکا ۾
پنهنجا سڀ دک ياد ڪري کليل اڱڻ ۾ بيهي بوندن ۾
ڀڄِندي ۽ روئندي هئي. ائين هوءَ برکا سان گڏ
پنهنجي دکن کي به انجواءِ ڪندي هئي. بنگلاديش جي
اها نينگري ذهن ۾ ايندي ئي مون کي الائي ڇو، ادي
گڏي ڏاڍو ياد آئي. شايد ان ڪري به جو سڀ موسمون هن
جي کلڻ ملڻ جون موسمون آهن. سال جي فقط هڪ موسم هن
جي روئڻ لاءِ آهي. يعني: ”محرم“. جڏهن هوءَ امام
بارگاهه ۾ منبر آڏو لوبان ۽ اگربتين جي خوشبو
خوشبو دائرن ۾ ويهي، مولا جي مصائب سان گڏ پنهنجا
سڀ دک ياد ڪري، ڪاري شيفون جي رئي سان لڙڪ اگهي،
بلڪل فريش ٿي ويندي آهي. گڏيءَ هن ڳالهه ٻولهه ۾
ڪٿي پاڻ ئي منهنجي هڪ سوال ته: سدائين کلندي نظر
ايندا آهيو. ڪڏهن رنو به اٿو؟ جو جواب ڏيندي چيو
هو: ”ڀائي! اها ئي منهنجي روئڻ جي موسم آهي. نه
ڀلا!! (نه ڀلا گڏيءَ جو تڪيه ڪلام هو. جيڪو هُن هر
جواب جي آخر ۾ نهايت سخاوت سان استعمال ڪيو ٿي)
مرد کي عورت جي اڳيان گوبيءَ جو گل هجڻ
گهرجي. پر ويچارو، گوبي به نه ٿي سگهيو، گل
ئي ٿي ويندو آهي.... منهنجو مطلب آهي جيئن
بتي گل ٿي ويندي آهي. |
ڀلا خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي ٻڌايو ته، اوهان ڪهاڻي
ڪڏهن ۽ ڇو لکي؟ گڏيءَ هاڻي باقاعده سنجيدگيءَ سان
جواب ڏيڻ شروع ڪيو. ادب جي مطالعي جو رحجان شروع
کان ئي هو. مٿان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيندي اهڙين
سرتين جو ساٿ مليو. جن کي لکڻ سان بي حد چاهه هو.
ٿرڊ فلور جي ڪامن روم ۾ سرتين جي ڌماچوڪڙين ۾ اُهي
اُهي ڊائلاگس ڳالهائينديون هيوسين جو پوءِ، ڪڏهن
خيال ٿيندو هو. ڪاش اهي ڊائلاگ وڌي ڪا ڪهاڻي ٿي
پون. تنوير جوڻيجو ۽ ليليٰ بانا جي ادبي صحبت ۾
اهو ڪرشمو ظاهر ئي ٿيڻو هو. ۽ مون ڪهاڻي لکي
ڏيکاري ۽ خ.ج. جي نالي سان سوجهري ڏانهن موڪليم،
همت افزائي جو خط پهتو ته لکي چيو مانِ ته، هاڻي!
ڪهاڻي منهنجي پوري يعني خيرالنساءِ جعفري جي ئي
نالي سان ڇپيو. سو ڀائي! ائين ادبي سفر شروع ٿي
ويو ۽...... (گڏي اڃان جواب ڏنو ئي پئي ته سندس
ڌيءَ صائمه ڪمري ۾ آئي ۽ ضد ڪرڻ لڳي ته مون کي
ڪينچي ۽ ڪاغذ ڏي ته ويهي گل ڪتريان. گڏي اٿي کيس
نارنگي رنگ واري ڪينچي ۽ پراڻا پڙا ڪترڻ لاءِ ڏئي
واپس ڪوچ تي ويهڻ بجاءِ هيٺ قالين تي ويهي رهي.
هاڻي مان گڏي کان جيڪو سوال ڪيو اهو هو ته: آغا
سليم، نسيم کرل، توڻي جليل جي ڪهاڻي جي ڀيٽ ۾ اڄ
جي ڪهاڻي اهڙو فيم نه ماڻي سگهي آهي. ڇو؟
ڳالهه ته ڳڻتي جهڙي ڪئي اٿئي. نه ڀلا!!!! ان جو
ڪارڻ ممڪن آهي هي به هجي ته، انهن جا تجربا اسان
کان وڌيڪ مئچوئر هجن. ٻيو ته هنن جنهن دور ۾ لکيو،
اهو هر لحاظ کان هنگامي دور هو. ذهني سجاڳي بلڪل
نئين ۽ نظرياتي ليول تي اُسري رهي هئي. ڪورٽون،
ڪيس، چالان، تحريڪون ٻڌ ٻڌان ۽ سڄو وايو منڊل ئي
اهڙو ٺهي پيو هو جو، ماڻهو پنهنجي ليکڪ ۾ دلچسپي
وٺڻ لڳا هئا. هن وقت اسان سان ٽرئجڊي هي به آهي
ته، کسي حالتن ۽ مئڊريڪس جي دور مان گذري رهيا
آهيون. ٽين ايجر ڄاڻي واڻي به هاڃيڪار مسئلن کان
منهن موڙي پنهنجي اندر (داخليت) ۾ لهي آيو آهي
جيڪر انهن حالتن سان منهن مقابل ٿئي ته، پاڳل ٿي
گوريون ڦڪي مري وڃي. مٿان اڳ جي ڀيٽ ۾ ليکڪن جو
تعداد به وڌيو آهي. ورائٽي به اچي وئي آهي. ٻيو
هيءَ به ڳالهه آهي. ته اِهي سينئر ليکڪ سورج آهن ۽
اسين فقط ترورا..... ترورا.....
ڀلا پنهنجي ڪا اهڙي ڪهاڻي سجهيوَ ٿي جنهن جي ڪنهن
ويچاري ڪردار سان انصاف نه ڪري سگهيا هجو؟
نه ڀائي!! ائين ڪڏهن ناهي ٿيو. منهنجا ڪردار مڪمل
فارم ۾ هوندا آهن. اهي جڏهن مڪمل شيپ (صورت) وٺي
ذهن ۾ ٺهندا آهن تڏهن ئي انهن کي لکندي آهيان مان
انهن کي بس ايترو ئي سمجهندي آهيان جيترو لکندي
آهيان. نه ڀلا.... (جواب پوروئي ٿيڻ وارو هو ته
امان ڪمري ۾ داخل ٿي. چوڻ لڳي: آئي گڏي! پئسا
الائي ڪٿي رکيا اٿم. گڏي جواب ڏنو. امان مون کي ته
خبر ڪانهي. اتي ئي پيا هوندا جتي توهان رکيا
هوندا) گڏي سلسلو ڳنڍيندي پڇو: ڀائي الائي ڪهڙو
سوال هو، پر هاڻي مان نئون سوال پڇانس ٿو. ڀلا
ڪهاڻي ”حويلي کان هاسٽل تائين“ وارو موضوع ذهن ۾
ڇو ۽ ڪيئن آيو؟
ڇو جو جواب آهي ته هرون ڀرون ان موضوع تي لکڻ جو
ڪريز هو، مٿان هڪ مهڻو مليم ته سيڪس تي لکي خيرو
سستي شهرت ٿي چاهي سو ان شخص کي ٽيز ڪرڻ لاءِ اها
ڪهاڻي لکيم. موضوع توڻي پلاٽ بس اهو اتان ئي آس
پاس کان ملي ويم. جتي روز پڙهائڻ وڃان ٿي. ڪردار
بلڪل سچا پچا آهن بس ٺلهو ٽريٽمينٽ منهنجي آهي.
باقي جڏهن ڏندن ۽ بدن ۾ چاندي ٺهندي ته، کڻي
سنڌو ۾ ڏپو ڏبو. (آئي نه نه پاڻ ۾ خودڪشيءَ
جي همٿ ناهي ڀائي)
|
پر ٻڌايو ته سهي توهان جي هر ڪهاڻي ۾ ٽي ڪردار ڇو
هوندا آهن؟ انهن مان هڪ ڪردار شيعا مذهب جو پرچار
به ضرور ڪندو آهي. اهو ڇا آهي؟ ٽن ڪردارن جو هجڻ
محض اتفاق آهي. هونئن ممڪن آهي پس منظر ۾ ٽن سان
منهنجي ڪا ذهني وابستگي هجي. يونيورسٽي ۾ اسان
ساهيلين جو به هڪ ٽڪنڊو هو متان اهو اثر هجي. باقي
توکي ته خبر آهي. مان حسين حسين چوندڙن جي گهر ۾
پيدا ٿي آهيان. مون کي اهو مذهب آسماني مذهب لڳندو
آهي. ٻيا سڀ مذهب خوشي ڏين ٿا، پر هتي وري روڄ
پٽڪي ۾ سڪون ملي ٿو. لکي ڇڏ ته اهو ”ٽيون ٽٽل
تارو“ ڪردار منهنجو پنهنجو آهي، جنهن ۾ منهنجو
ذاتي رنگ مشاهدو ۽ فلاسافي هوندي آهي اتي مان گڏي
کي اڌ ۾ ڪٽي ان سوال سان لاڳاپيل نئون سوال پڇان
ٿو.
توهان جي هر ڪهاڻي جو اهو ٽيون ڪردار هر دفعي هر
ڪهاڻي ۾ حوصلي جا هٿيار ڦٽا ڪري مايوس ٿي منزل کان
موٽڻ لڳندو آهي، ڇو؟
ها ڀائي!! اهو آهي سچ! گڏيءَ سهمت ٿيندي جواب ڏنو.
منهنجا ڪجهه نجا ۽ ذاتي ڪامپليڪس آهن. مان سمجهان
ٿي ته: ڪهاڻي لکندي مان صرف پنهنجو پاڻ کي پنهنجي
اندر کي آرسي ۾ ڏسندي رهندي آهيان. جيئن دونهين
مان هوريان هوريان منظر ظاهر ٿيندو آهي لکڻ سان
خود منهنجو ذهني ڪردار منهنجي بي طاقتي ان ڪردار
جي صورت ۾ منهنجي آڏو ايندا ويندا آهن. اهو ڪردار
منهنجو عڪس ناهي پر مان پاڻ آهيان.... مايوسي مان
نجات جو ٻيو ڪو به رستو ڪونهي سواءِ خودڪشي جي پر
بابا پاڻ ۾ ايڏي همت ناهي. ان ڪري ڪهاڻي لکي هلڪي
ڦلڪي ٿي ويندي آهيان. گڏي کلندي جواب ڏنو......
اوچتو گڏي چيو (آئي ٻڌ نصير!! ڪباب کائيندين؟ آءٌ
ڪو جواب ڏيان ان کان اڳي گڏي پنهنجي ڪزن ڀاءُ حميد
کي ڇهن ڪبابن جو آرڊر ڏئي ڇڏيو) کاڌي جي ڳالهه
نڪتي ته کانئس پڇيم ”مڪئي جو سنگ ڏسڻ سان
خيرالنساءِ ڏاڍو ياد ايندي آهي. ادب ۾ اهي شيون
لازم ملزوم ڇو بنجي ويون آهن؟
واقعي مڪئي جو سنگ اوهان کي ايڏو وڻندو آهي ڇا؟
گڏي هلڪو مرڪي جواب ڏنو. ڀائي مڪئي جو سنگ مون کي
ذاتي طور تي ته نه.... ليليٰ بانا جي حوالي سان
وڻندو هو. ليليٰ کي سنگ ۽ ڏڌڙي ڏاڍي وڻندي هئي.
(ان مهل به گڏي جي ڌي صائمه ڏڌڙي کائي رهي هئي)
هاڻي ڪجهه به نٿو وڻيم. (گڏي گمڀير ٿي ويئي
هئي...... نه سنگ نه سنگتياڻيون ڀائي نصير! جڏهن
ماڻهو پنهنجو پاڻ کي نه وڻي نه..... تڏهن ڪجهه به
ناهي وڻندو. نه ڀلا! ۽ اها حقيقت به اٿئي ته صائمه
کان سواءِ دنيا ۾ هاڻي مون کي ٻيو ڪجهه به نٿو
وڻي. بس الائي ڇو.....
۽ زندگي جي بوگس پلان واري ڪهاڻي ۾ گهلجندي مون
کوڙ دفعا گڏي کي ڪُول ڪارنرس تي اگِلو ۽ چوڪ ربا
آئيس ڪريم کائيندي رستن تي تيز تيز هلندي ۽ صائمه
کي ڪڇ تي گهمائيندي ڏٺو آهي. محسوس ائين ٿيندو آهي
ڄڻ گڏي جلد کان جلد ڪنهن اوچائي تي پهچڻ ٿي چاهي.
پڇومانس ادي گڏي! توهان جو گهر فرسٽ فلور تي آهي.
سو زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ رهڻ ڪيئن پيو لڳي؟
(سوال جي وچ ۾ ڀاءُ حميد ڪباب کڻي آيو ۽ جواب وري
رولڙي ۾ پئجي ويو) پر ڪباب پليٽ ۾ رکندي هو جواب
ڏيندي رهي: ڀائي!! اسان جهڙا ماڻهو وچ ۾ ئي رهڻ
گهرجن. زندگي ۽ موت جي وچ واري ڪشمڪش يعني سڪرات ۾
ئي نجات آهي. هوئن سوچان ٿي ته، مرڻ کان پوءِ پل
صراط جي وچ ۾ ئي پئي ڀٽڪندس. نه جنت ۾ وڃي سگهندس
نه دوزخ ۾. ۽ الائي ڇو اهو احساس به ڪنهن ڪنهن مهل
ڏاڍو ٿيندو اٿم ته، مان بنان نتيجي ڏسڻ جي مري
ويندس. (هاڻي اسان ماني ۽ ڪباب کائڻ شروع ڪري ڏنا
هئا! واهه ڪيڏا نه لذيذ ڪباب آهن) گرهه وات ۾ ۽
سوال چپن تي: ڪڏهن کليل اڱڻ ۾ صائمه سان گڏ ليٽي،
آسمان جا ستارا ڳڻڻ جو تجربو ڪيو اٿوَ؟
اها آهي ته بي حد رومينٽڪ ڪرت! پر صائمه ڪڏهن ڳڻڻ
ئي ناهي ڏيندي. ها! البت ڪڏهن موڊ ٿيندو آهي ته،
ڇت تي چڙهي هيٺالي جا بلب ڳڻيندي آهيان.
ڪهڙيون ڪيفيتون اوهان کي ٽچي بنائي ڇڏينديون آهن؟
جيڪي ڪنهن نه ڪنهن اينگل کان پنچ ڪري وجهن. هونئن
ان بريڪ ايبل گلاس ڏنو اٿئي نه! بظاهر ان کي ٽٽڻ
نه گهرجي، پر ان کي به ڪنهن نه ڪنهن اينگل کان ڌڪ
لڳي ٿو ته ٽٽيو پوي. سومون ۾ به ڀائي! ٽچي ٿيڻ ۽
ٽٽي پوڻ لاءِ اهڙي اينگل جي گنجائش موجود آهي.
ڀلا توهان جي ڇهين حس صحيح اڳ ڪٿيون ڪندي آهي
يا.....؟ گڏي هن سوال تي وڏو ٽهڪ ڏئي کلي پئي.
منهنجي ڇهين حس جون تعميري خصوصتيون بلڪل بوگس
آهن. چوندا آهن ته، ڏائي ته وڌائي. پر منهنجي ڏائي
بجاءِ سدائين کاٻي اک ڦَڙڪندي آهي. ۽ سمجهي ويندي
آهيان، برائي آئي ڪا آئي. سو ڀائي! منهنجي ڇهين حس
سدائين ابتيون اڳ ڪٿيون ڪندي آهي.
توهان جو اسٽار ڪهڙو آهي؟
اسٽار منهنجو ليو
Leo
آهي. عنصر سج. ۽ نشاني شينهن. پر سچ پڇين نه ته،
مان پاڻ کي چانورن ۾ سرندڙ ليئو (ڪِيئون) ٿي
سمجهان (گڏي جي ڪڇ ۾ ويٺل صائمه لفظ اسٽار کي جهٽي
ورتو ۽ جهونگارڻ لڳي، اسٽار، اسٽار، اسٽار، اسٽار،
اسٽار. سندس اسٽار واري تڪرار تي ائين لڳو، ڄڻ
امام بارگاهه مان آواز ايندو هجي: حسين حسين حسين
حسين)
توهان جو مهتاب چنا آپا کان پڇيل سوال اوهان کان
ئي پڇان ٿو ته اوهان کي ڪڏهن ڪنهن تي رشڪ آيو؟
ها! مون کي خود مهتاب تي ئي رشڪ ايندو آهي.
وس پڄيو ته ڪهڙو وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو؟ جيڪر سليماني
ٽوپي پائي ماڻهن جي اندر ۾ گهڙي وڃان ۽ ڏسان ته هو
زندگيءَ کي ڪيئن ٿا ”فِيل“ ڪن.
سنڌي سماج جي خطرناڪ روايت، سس ننهن ۽ نڻان ڀاڄائي
واري جهڳڙي بابت ڇا خيال اٿو؟
اهي هئڻ گهرجن، سٺو ايڊونچر آهي. علامه آئي. آئي
قاضي چيو آهي ته: جيڪا شيءَ ٿئي ٿي. ان کي ائين ئي
ٿيڻ گهرجي. نه ته ٻي صورت ۾ ڪجهه ٿي ئي نٿو سگهي.
پنهنجو ئي لکيل ڪو ڊائلاگ ٻڌايو جيڪو اوهان کي پاڻ
به پسند هجي؟
پاڻ کي ته ڀائي! سڀ ڊائلاگ ئي وسري ويا آهن.
خواب ڪهڙا ڏسندا آهيو؟
کسي ٿيل! جن مان ڪابه معنيٰ ناهي نڪرندي.
عورت عمومن مرد جي اڳيان سورج مکيءَ جو گل هوندي
آهي. مرد کي ڪهڙو گل هجڻ گهرجي؟
مرد کي عورت جي اڳيان گوبيءَ جو گل هجڻ گهرجي. پر
ويچارو، گوبي به نه ٿي سگهيو، گل ئي ٿي ويندو
آهي.... منهنجو مطلب آهي جيئن بتي گل ٿي ويندي
آهي.
ليکڪ ۽ ليکڪائن کي ڇا سارتر جي دوست سائمن دي بوا
وانگر زندگي گذارڻ گهرجي؟ سحر چوندي آهي. ڪو سچو
پيار ڏئي. پوءِ اهو دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ وڃي
رهي. شادي ڪرڻ بنان ئي بس خالي ذهني رفاقت جي
سهاري ئي زندگي خوشي سان گذاري سگهجي ٿي.
جڏهن وارن ۾ چاندي لهندي ته زندگي ڪيئن گذاريندو؟
لهندي ڇا، لهي آئي آهي. باقي جڏهن ڏندن ۽ بدن ۾
چاندي ٺهندي ته، کڻي سنڌو ۾ ڏپو ڏبو. (آئي نه نه
پاڻ ۾ خودڪشيءَ جي همٿ ناهي ڀائي)
ادي گڏي سوال ته سڀ ختم ٿي ويا آهن. هاڻي ڪهڙو
سوال پڇان؟
ڪوبه نه
ڪوبه نه
ڪوبه نه!!!
نازيا نيڻ
ڪهاڻي حويلي کان هاسٽل تائين
خيرالنساءِ جعفري جي ڪهاڻي ”حويلي کان هاسٽل
تائين“ پڙهندي هڪ اهڙي گمڀير,
مجبور-
پر ڏاهي وڏ گهراڻي ڇوڪريءَ
سلطانه جي ڪنوارن خوابن جي پورائيءَ لاءِ ڪيل
جستجو آهي. وڏي اميد سان هوءَ پنهنجي اکين جي
پنبِڻين ۾ خواب سمائي ته وِهي ٿي پر انهن خوابن کي
ساڀيان نٿي ڏئي سگهي. جيئن چوي ٿي:
”ماڻهن ليکي نينگر پڙهي لکي سنجيده ۽ سؤڀري ٿي پئي
آهي. پر منهنجي هن من ۾ جا پاڻي پٽ متل آهي ان جا
لياڪا ته ڪڏهن ڪو اکين مان به پائي نه سگهيو...
اڙي علم ته انسان کي حالتن سان نباهه ڪرڻ
سيکاريندو آ..... پوءِ مون ڇو حالتن ڦيرڻ لاءِ خود
حالتن سان ئي ڦيٽ کاڌي هئي؟.....
گهڻو وقت اڳي هڪ اهڙي بغاوت تي ڀنڀلجي حويلي ڇڏي
هاسٽل کان وڃي نڪتي هئس، نه ته ڪهڙي نينگر نڪتي
آهي حويليءَ کان ٻاهر اڄ ڏينهن تائين؟ ڪنهن ڏٺو آ
جڳن جي ريت کي ان طرح ريٽجندي؟“
ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته ظاهري طرح عيش و عشرت ۾
رهندي به اهڙيون نازڪ دليون آهن جيڪي درد سان پُر
ته آهن پر کين ڇُلڪي کائي، روئڻ جو حق به ناهي. سچ
چوندا آهن. ته ”جيءُ خوش ته جهان خوش.“ جوان جذبن
جي خوشي اهڙي هم راهيءَ جي ساٿ ۾ هوندي آهي جيڪو
اسان جي احساسن جو قدر ڪري. سلطانه اها ڇوڪري آهي.
جنهن کي فزيڪلي ته آزادي هئي. هوءَ يونيورسٽيءَ
تائين ته آئي. پر اهائي تاريخ دهرائي وئي جنهن ۾
سندس ذهن جي پرواز تي تالا لڳل آهن. هوءَ ٽهڪ ڏئي
کلڻ جي مهارت ڄاڻي ته ٿي پر مسڪراهٽ ۾ ئي سندس نيڻ
آلا ٿا ٿي پون! جيئن ليکڪا چوي ٿي:
”ڀلا ازل کان ئي جن قسمتن ۾ محبت جي بنواس ۾
ڀڪشوءَ جيان بن بن ڀٽڪڻ لکيل هجي، اهي ڪٿ ٿا هڪ
هنڌ گوتم جيان گيان ۾ گهارين.... شايد آءٌ به ڀڪشو
آهيان. ۽ مون کي به بن بن ڀٽڪڻو ئي آهي.“
ڇا عورت احساس ڀري دل نٿي رکي سگهي.....!؟ سلطانه
بس اهو ئي ٿي ڄاڻي ته محبت ڪرڻ گناهه آهي پر هن
معصوم کي اها خبر به ناهي ته محبت ڪبي ناهي ٿي
ويندي آ..... جيڪا سندس ڀيڻ مان راڻي جي سڪ لاهڻ
جي خواهش رکي ٿي يقينن هن محبت ڪئي آهي. پر ڪنهن
سان ڪئي آ....!؟؟؟ بس اهي ڄاڻي سگهن ٿا جيڪي هن
سماج ۾ اهڙي واردات جو کاڄ آهن. جيئن ليکڪا چوي
ٿي:
”پر شايد هن حويليءَ جي مڪينن جون قسمتون ڪاتب
تقدير اتي ئي ڳري مرڻ لاءِ جوڙيون آهن... تڏهن ته
بن بن ڀٽڪي وري اُتي ئي اچي پهتي آهيان.... اهي ئي
پراڻا پيچرا.... پهريان ئي دڳ.... اهي ئي چگهه اهي
ئي لاٽون“.
آهي... اُنهن جي مسئلن جي اُپٽار ڪرڻ ۽ جيڪڏهن ڪو
سدباب جو ذريعو آهي ته اُن جي نشاندهي ڪرڻ هڪ عورت
ليکڪا کي وڌيڪ جڳائي... اهو حق نڀائڻ کان پوءِ ...
ڪُل پيران دي خير ... مَردن کي به مُرده خاني مان
ڪڍي جيڪڏهن ڪجهه جيارڻ جي ڪوشش ڪجي ته پوءِ اُها
ليڊي ليکڪا ”ٻه دفعا“ ليکڪا آهي... منهنجو مطلب ته
اُها عورت مردن کان به سرس آهي.
سرتيون: سنڌي ليکڪائن نئين نسل جي ذهني ۽ فڪري
ارتقا ۾ ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪردار ادا ڪيو آهي؟
خيرالنساء: سنڌي ليکڪائن... نئين نسل کي ”دريا جي
ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي... باقي ٽُٻي هڻي
پاڻيءَ جي ڪٿ ڪرڻ ۽ اهو اندازو هڻڻ ته ”آئون ڪيتري
پاڻي ۾ آهيان؟ فڪري صلاحيت کان علاوه پنهنجي شخصي،
رجحان تي منحصر آهي.
جيتريقدر مون ڏٺو آهي ته اسان جي سماج جو
Set- Up
ڪجهه اهڙو آهي جو اسان جون زالون توڻي مڙسالا...
ذهني، فڪري ۽
منهنجو ”شاهڪار“ ايڏو ڪمائتو ثابت ڪٿ
ٿيندو جيڏو هـِن گرمين ۽ تتل اُس ۾ ”شاهڪار“ لان
ڪمائتي لڳندي... هونئن جيسين هي تنهنجو ورتل
انٽرويو ڇپجي ڪي ڇپجي... تيسين منهنجو هڪ ڪتاب عيد
کان اڳ يا فوراً پوءِ بازار ۾ اچي ويندو...
شخصي لحاظ کان ٻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ ذهين هجڻ جي
باوجود عملي لحاظ کان
bold
يا ته بلڪل ڪينهن-يا گهٽ آهن. لفظي لحاظ کان اسين
گهڻو ڳالهائيندا ۽ پرچار به چڱي ڪندا آهيون پر
Practically
اسان ۾... عمل نه هئڻ جي برابر آهي... سنڌي ليڊر،
رائيٽر... ۽ سنڌي مرد رائيٽر گهڻي ڀاڱي
boldness
جي ڏس ۾ تقريباً ”سنڍ“ آهن.
اَسان جي مرد ۾ مجموعي طور (معاف ڪجو) بيغيرتي
گهڻي آهي... هو رَپئي پئسي جي معاملي کان وٺي قومي
معاملن ۾ وڌيڪ بيحس ۽ وڌيڪ بيغيرت آهي... عورت ۾
پاڻ هاڻ آئون ڏسان ٿي ته عمل جو جذبو ڪجهه وڌيڪ
ٿيو آهي... هوءَ گهر جي ”ڏيتي ليتي ۾“ رُپئي پئسي
جي معاملي کان وٺي ويندي قومي سطح تي... مرد جي
مقابلي ۾ وڌيڪ ايماندار، حساس ۽ غيرتمند ٿيندي
وڃي.
عورت تان اِهو سنڍپڻ هاڻ ڪجهه ڪجهه لهندو نظر اچي
ٿو: پر... شرط آهي ته هوءَ پنهنجي اِن ”عملي جذبي“
کي ڪنهن مرد جي آڏو هارائي نه وِهي .. فن ۽ فڪر جي
ارتقا ۾ بنيادي طرح ”عمل“ ئي واڌ آڻي سگهي ٿو ..
اخلاقي جرئت! ۽ ان تي عمل ڪرڻ!!
سرتيون: موجوده حالتن ۾ اوهان جي خيال ۾ اسان جي
سماج ۾ عورت کي ڪهڙي ۽ ڪيتري آزادي هئڻ گهرجي؟
خيرالنساء: پنهنجي گهر جي چڱائيءَ... پنهنجي قوم
جي چڱائي جي ڏس ۾ هوءَ جو ڪجهه ڪرڻ چاهي... ڪري
وڃي! ايتري آزادي... جو هوءَ پنهنجو ساهه سکيو کڻي
سگهي ايتري آزادي... ان کان وڌيڪ آزاديءَ جو ڪو
ٻيو تصور منهنجي ذهن ۾ ڪونهي.
سرتيون: اديب بنائڻ ۾ ڪهڙن عوامل ۽ محرڪن اوهان جي
مدد ڪئي؟
خيرالنساء: ٻه چار سچائيءَ سان چيل تعريفي لفظ!
سرتيون: چيو وڃي ٿو ته اسان جي ادبي دنيا ۾
ليکڪائن ۽ ليکڪن جي تحرير ۽ عمل ۾ تضاد آهي- ان
سلسلي ۾ اوهان ڪهڙي راءِ رکو ٿيون؟
خيرالنساء: اهو ته پهرين ئي چيم نه ته اسين لکڻ ۽
ڳالهائڻ ۾ فرشتا ۽ عمل ۾ شيطان آهيون!... سڄي
سنڌي قوم! خاص ڪري اديب ۾ ته... توبهه! ڪي ڪي اَٽي
۾ لوڻ برابر... اهڙا شخص آهن بيشڪ... ڪي موتيءَ
داڻا... جمال رند پارا... يا مظهر صديقيءَ پارا...
جن سموري قوم جو قرض موٽايو آهي... ٿي سگهي ٿو ٻيا
به هجن... جن جي مون کي خبر ناهي... زبان جو صحيح
استعمال... سچائي ۽ ڀرم مون مظهر صاحب ۾ ڏٺو...
جمال رند ۾... عمل جي سچائي ۽ هڏڏوکي پڻ. باقي
اسان جو خاص ڪري ادبي
لڏو... پنهنجي سموري نفسياتي قوت لفظن چٽڻ ۽ لکڻ ۾
خرچ ڪريو ڇڏي... عملي طرح ڪجهه ڪرڻ قومي سطح تي ته
ڇا، پنهنجي شخصيت جو ڀرم رکڻ ۾ به لاچار آهي.
سرتيون: اديب يا ادب کي سماج جي خوبين کي نمايان
ڪرڻ گهرجي يا خامين جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي؟
خيرالنساء: اديب هڪ پاڻ هرتو ”من مرادو“ تخليقار
ٿـِئي ٿو... ڇا ڪرڻ گهرجي-ڇا ڪرڻ نه گهرجي، جو
ڊاڪٽري نسخو اسان کي هن جي هٿ ۾ ڏيڻ نه کپي ته هو
سماج جي چڱاين جو پرچار ڪري يا براين جي روڪ جو
ڏَس ڏيڻ گهرجي... بس ادب جي تخليقي قوت جنهن پار
اديب کي لاهي... جئن هڪ ”شمع“ پنهنجي قد بت ۽ طاقت
آهر ٻرندي ۽ روشني ڏيندي آهي .. پوءِ ان روشنيءَ
مان ڏسندڙ جئن چاهين فائدو وٺن... تئن اديب به
اهڙو ئي روشني ڏيندڙ مينار آهي... اسان وٽ يا
پڙهندڙن وٽ اهڙو ڪوئي رموٽ-ڪنٽرول ڪونهي... جنهن
سان اسين اديب جي راهه کي موڙي يا بدلائي سگهون...
هڪ حساس ليکڪ خود ئي لاشعوري طور پنهنجي تحرير جو
فيصلو ڪندو آهي... ته ان تحرير کي سماج جي چڱاين
جو حاصل بڻائجي يا براين جو نشانبر... هونئن اسان
جي سماج ۾ جئن ته ڪمزوريون ۽ برايون ئي اسان جي
”پهر-اوڄ“ آهن... اُنڪري اديب به اِن گند کان جند
نه ٿو ڇڏائي سگهي...البت هن وٽ جيڪڏهن پنهنجي ڏاهپ
مان ڪي اپاءَ آهن ته ضرور... انهن اُپائن کي
سامهون آڻڻ گهرجي... اِها اديب جي شعوري ڪوشش
ٿيندي.
سرتيون: سماج جي ذهني اڳواڻن، استادن، اديبن ۽
سياستدانن مان ڪير وڌيڪ اثر رکي ٿو... ۽ باقي ٻين
جي ناڪاميءَ جا ڪهڙا سبب آهن؟
خيرالنساء: هڪ سڌريل جمهوري طور طريقي واري سماج
۾ پهرئين نمبر تي استاد ۽ ٻئي نمبر تي اديب ئي هڪ
Powerful
شخصيت ٿي سگهن ٿا... پر هن اسان جي سماج ۾ پرماري،
چوربازاري، گند ۽ ڪچرو ايڏو آهي جو اَسان وٽ سياست
دان ئي پاورفل شخصيت آهي .. پهرئين نمبر تي ڌاڙيل
پاورفل آهن... بلڪ ڌاڙيل ۽ سياستدان هڪ ئي پاور
هائوس جا رهاڪو آهن... اديب ۽ استاد ته
Ban
جي ور چڙهيل آهن...
سرتيون: اوهان ”تخليق جي موت“ کان پوءِ پڙهندڙن کي
ٻيو شاهڪار ڇو نه ڏيئي سگهيون آهيو؟
خيرالنساء: منهنجو ”شاهڪار“ ايڏو ڪمائتو ثابت ڪٿ
ٿيندو جيڏو هـِن گرمين ۽ تتل اُس ۾ ”شاهڪار“ لان
ڪمائتي لڳندي... هونئن جيسين هي تنهنجو ورتل
انٽرويو ڇپجي ڪي ڇپجي... تيسين منهنجو هڪ ڪتاب عيد
کان اڳ يا فوراً پوءِ بازار ۾ اچي ويندو...
سرتيون: ادبي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ اوهان ادب جو ڪهڙو
مطالعو ڪيو ۽ ڪهڙن ليکڪن کان متاثر ٿيون؟
خيرالنساء: ايمانداري جي ڳالهه ته... منهنجو
مطالعو نه هجڻ جي برابر آهي .. ”متاثر ٿيڻ“ وارو
عمل ان ڪري رهجي ئي ويو.
سرتيون: ادبي کيتر ۾ ڪنهن به ليکڪ يا ليکڪا کي
ڪنهن خاص صنف ۾ طبع آزمائي ڪرڻ گهرجي يا مختلف
صنفن تي ..؟
خيرالنساء: طبع آزمائي جنهن صنف تي دل اچي اُن تي
ضرور ڪرڻ گهرجي- بس پڙهندڙن جي ”قوت“ ۽ ”وقت“ جو
خيال رکجي... ”پڙهندڙ“ تي پريڪٽس ڪري پاڻ کي پڪو
ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجي-جويڪو ماڻهو هڪ پاسي ئي نه ٿي
وڃي...
سرتيون: ”عورت“ جي لاءِ مختلف دور ۾ مختلف رسالا
نڪرندا رهيا آهن-اِها حدبندي ڪيتريقدر صحيح آهي؟
خيرالنساء: اِها اَلاءِ ”حدبندي“ آهي يا ادب جي
”فراواني“ آهي... عورت لاءِ اِها ڪٿي به پابندي
ڪونهي ته ڪو هوءَ مردن جي رسالي ۾ نه لکي... يا
رڳو عورتن جي رسالي ۾ ئي لکي... عورت کي ٻئي پليٽ
فارم مليل آهن-البت ”مرد“ ٻڌو اٿم ته ”ڇپجڻ“ لاءِ
ڪڏهن ”زنانا“ ٿي ويندا آهن-يعني زالن جا نالا رکي
پاڻ کي ڇپرائيندا آهن.
سرتيون: سرتيون لاءِ پنهنجي راءِ ڏيو ته عورت ۾
علمي، ادبي ۽ ثقافتي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪهڙا
اُپاءَ وٺي؟
خيرالنساء: اِن ڏس ۾ ته سخت محنت ڪرڻي پوندي جيڪا
اوهين يقيناً ڪريو پيون. |