ڊاڪٽر فهميده حسين
خيرالنساءِ جعفريءَ کي جيئن مون ڏٺو
خيرالنساءِ جعفري- خيرو جيڪا ذاتي حيثيت ۾ منهنجي
وڏي ڀيڻ جميله ”تبسم“ (ماضيءَ جي ڪهاڻيڪار) جي
ڪلاس فيلو هئي. تڏهن اسين به ٽنڊي ولي محمد ۾
رهندا هئاسين ۽ جميله جي ليليٰ بانا ۽ خيرالنساءِ
جعفريءَ جي گهر گهڻي اچ وڃ هئي. ۽ هو به ڪڏهن ڪڏهن
اسان جي گهر اينديون هيون. منهنجي ساڻس ڏيٺ ويٺ ان
وقت کان هئي. اهي پهرين ميران اسڪول ۾ ۽ پوءِ
زبيده ڪاليج ۾ به گڏ پڙهيون. پوءِ جڏهن اسان ٽنڊي
ولي محمد مان لڏيو ۽ جميله زبيده ڪاليج ڇڏيو ته
سندن ملڻ جلڻ گهٽجي ويو. ۽ وري جڏهن مون سنڌ
يونيورسٽيءَ جي انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ داخله ورتي ۽
سال کن کان پوءِ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽي ڄام
شوري شفٽ ٿي ته منهنجي ساڻس ملاقات رهي. اسان
ساڳئي سال ماسٽرس ڪئي، ساڳئي سال يونيورسٽيءَ ۾
ليڪچرر ٿيونسين ته ڪڏهن ڪڏهن پيو ملڻ ٿيندو هو،
آءٌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪيمپس ۾ انسٽيٽيوٽ آف
ايڊيوڪيشن ۾ هئس ۽ خيرو ڄام شوري ڪيمپس ۾
سائيڪالاجيءَ واري شعبي ۾- تن ڏينهن ڪيترن ئي
موقعن تي اسان جو گڏجڻ ٿيندو هو. تنهن وقت مهتاب
به يونيورسٽيءَ ۾ هوندي هئي ۽ ڪنهن نه ڪنهن
پروگرام يا ميٽنگن ۾ اسان پيا پاڻ ۾ ملندا هئاسين.
ان دور جي خيروءَ جي خاص خوبي سندس مزاح جي حس
هئي، هوءَ طنز مزاح سان ذومعنيٰ جملن، في البدهه
ٽوٽڪن ۽ ڀوڳن ڀوڳن ۾ ڪنهن نه ڪنهن کي ٽوڪيندي هئي
يا پنهنجي برجسته، بي ساخته تز جملن سان ماحول کي
خوشگوار (يا وري ڪڏهن ناگوار) بنائي ڇڏيندي هئي.
بقول نصير مرزا جي ته ڪڏهن ڪڏهن سندس ڊائلاگ ٿري
ناٽ ٿريءَ جي گوليءَ جيترو گهاءُ ڏيندڙ هوندا
هئا... ۽ وري جنهن کيس برداشت ڪيو ان لاءِ هوءَ
کنڊ پتاشي جيتري مٺي هئي. پر سندس ڊائلاگ ٻڌي سچ
ته سندس ذهانت ۽ ظرافت (Wit)
کي مڃڻو پوندو هو.
منهنجي ساڻس ڪا ايڏي ويجهائپ ڪانه هئي ۽ تڏهن اڃا
هن تخليقي ادب سرجڻ به شروع ڪونه ڪيو هو. جڏهن
1972ع کان مون هلال پاڪستان اخبار ۾ ”سگهڙين سٿ“
سنڀالڻ شروع ڪيو تڏهن ٻيون ڪيترون ئي نيون
ليکڪائون اڀريون ۽ اسريون، ڪجهه وقت ”سوجهري“
رسالي جي سٿ ۾ به شامل رهيس، پر خيرالنساءِ انهن
ڏينهن ۾ به ڪانه لکندي هئي. يا ٿي سگهي ٿو ته
لکندي رهي هجي پر ڇپرائيندي نه هجي، ان ڪري انهن
ڏينهن ۾ اسان (آءٌ ۽ منهنجي ننڍي ڀيڻ انيس) ڄام
شوري يا حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ جيڪي عورتن جون ادبي
گڏجاڻيون يا سيمينار، ڪانفرنسون ڪرائينديون
هيونسين انهن ۾ به هوءَ ورلي نظر آئي، حالانڪ هوءَ
جنهن ٽڪنڊي ۾ گهمندي هئي ان مان ليليٰ بانا منهنجي
وڏي ڀيڻ جميله جي ۽ تنوير جوڻيجو ننڍي ڀيڻ انيس جي
دوست هئي، شايد ان ڪري آءٌ به هن سان پنهنجائپ
محسوس ڪندي هئس پر ظاهري ۽ عملي طور اسان پاڻ ۾
دوست ڪڏهن ڪونه ٿيونسين.
هن جي پهرين ڪهاڻي شايد سوجهري ۾ 1974ع يا 1975ع
ڌاري ڇپي هئي ۽ سچ ته آءٌ سندس پهرين ڪهاڻيءَ کان
ئي سندس
Fan
ٿي وئي هئس. اها ڪهاڻي ”پيڙا جو پڙلاءُ“ نالي هئي
جنهن ۾ (سنڌي ڪهاڻيءَ ۾) پهريون ڀيرو هڪ اهڙيءَ
ڇوڪريءَ جو ڪردار هو جيڪا ملڪ کان ٻاهر آمريڪا جي
بوسٽن جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ وڃي ٿي، جنهن جا
جذبا، احساس، سوچون يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ ڪنهن به
ڇوڪريءَ جهڙيون هيون. ٻيو ڪهاڻيءَ ۾ جيڪي به هو
اهو مون کي محض فڪشن لڳو پر ليکڪا عورت جي ڪردار
نگاري ڪندي اسٽيريو ٽائيپ ڪردارن کي پيش ڪرڻ بدران
هڪ نئون امڪان پڙهندڙن اڳيان آندو هو. ته ڪا سنڌي
ڇوڪري فارين جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ به ٿي سگهي
ٿي ۽ اها ڪهاڻيءَ جو ڪردار به ٿي سگهي ٿي..... پر
ستر جي ڏهاڪي ۾ اهي ڳالهيون سچ پچ ته ممڪن ٿيڻ
لڳيون هيون. ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن مان پڙهائيءَ لاءِ
ڪيتريون ئي ڇوڪريون ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اچي
داخل ٿيون هيون، جن اچي هاسٽلون وسايون هيون،
مارئي هاسٽل ڄڻ اعليٰ تعليم وٺندڙ سنڌي ڇوڪرين جي
پناهه گاهه هئي، جتي اهي تعليم کانسواءِ علم ادب
جون محفلون مچائينديون هيون ۽ ڪيترين ڪهاڻين پڻ
اتي جنم ورتو هو، خود خيرالنساءِ جي ڪهاڻي
”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ ۾ به اهڙي هاسٽل جي
عڪاسي آهي. ڪيتريون ئي ڇوڪريون اسڪالرشپ تي ٻاهر
پڙهڻ ويون، (جن مان ڪيترا ئي نالا کڻي سگهجن ٿا).
ان زماني ۾ اڪيليون ۽ پراعتماد... بهرحال
خيرالنساءِ جعفريءَ ادب جي دنيا ۾ پير پاتو ته
پوءِ ائين اڳتي وڌي جو ان دور جي سمورين ليکڪائن
کان گوءِ کڻي وئي. رڳو ليکڪائون ڇو! هوءَ ته ڪيترن
مرد ڪهاڻيڪارن کي به پٺتي ڇڏي وئي هئي. ٿورو
لکيائين پر جمال ابڙي وانگر پنهنجي دور جي سنڌي
ڪهاڻيءَ تي ڇانئجي وئي، ڇا ته سندس ٻولي هئي،
تزجملا، ڪردارن کي ورتائڻ جو انوکو انداز يا
ٽريٽمينٽ، ڇا ته ڪردار جي اندر جي وارتا سان ليکڪا
جي پنهنجي ئي ذات جي سڃاڻپ سهڙيل هئي، ڪهاڻي اڪثر
ڪري فرسٽ پرسن (متڪلم) ۾ لکيل هئڻ ڪري ائين لڳي ته
ڄڻ هوءَ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي رهي آهي، بلڪل سچي ۽
اندر مان اڌمو ڏئي نڪتل. اڪثر ڪردارن سان سندس ڏٺو
وڃي ته سندس ذات جو ڪونه ڪو حوالو جڙيو پيو هو.
هوءَ پنهنجن ڪردان ۾ ايتري
Involve
آهي جو يا اهي مٿس حاوي آهن يا پاڻ انهن تي حاوي
آهي. سندس ڪي ڪهاڻيون ته هيون به سچيون جيئن
”تخليق جو موت“ پنهنجي مامي عزيز جي مرتيي تي لکيل
مرثيي جهڙي ڪهاڻي هئي، جنهن ۾ سندس بيان ڪيل واقعا
۽ وارتائون، ان سان سندس جهيڙا ۽ ميڙا، عزيز جو
ايڪسيڊنٽ ۽ موت پڙهندڙ جي نڙيءَ ۾ ڳنڍو بنجي ويا ۽
اکيون پوسرڻ لڳيون ۽ خبر ئي نه پئي ته ڪيئن لڙڪ
مڙي آيا ۽ ماڻهو سڏڪڻ لڳو. اها ڪهاڻي پڙهي سچ ته
ڪيترائي ڏينهن آءٌ جهڙوڪر صدمي ۾ هئس ۽ جڏهن اهو
اثر لٿو ته بس اهوئي تاثر ذهن تي طاري ٿي ويو هو
ته ڪنهن اندر جي درد جي اظهار جي ان کان وڌيڪ ٻئي
ڪنهن ليکڪ يا ليکڪا وٽ ڏات ڪانهي.
وري جي استعاري ۾ لکيل ڪهاڻي کڻجي ته: ”ڪهڙو برانڊ
ڪهڙي سگريٽ“ ڏسو، ڪنهن مرد جو عورت کي سگريٽ سان
ڀيٽڻ- هڪ بنهه نئين تشبيهه هئي. ۽ خيرالنساءِ ان ۾
پنهنجي مشاهدي جو ڀرپور اظهار ڪيو هو. هڪ هرجائي
مرد پنهنجي نئين ڪنوار کي ڏسي چوي ٿو:
”آهستگيءَ سان منهنجي دل نعرو هنيو ”مني سائيز
سگريٽ“، سگريٽن جي ”نزاڪتن“ جو مان هميشه کان
ڪوڏيو رهيو آهيان برانڊ جو هر نمونو، هر ذائقو، هر
سائيز ۽ قسم منهنجي آڱرين جي وڪڙن ۾ ڦاسجي ۽
منهنجي چپن جي ڇهاءَ مان نڪري چڪو آهي. منهنجي هٿن
جون آڱريون بيحد سڊول آهن ۽ منهنجي چپن جو لمس خوب
گرمائيندڙ! ان ڪري اڄ تائين ڪابه سگريٽ هڪ دفعو
منهنجي ڇهاءَ کان متاثر ٿي نه مون کي ڇڏيندي آهي ۽
نه مان ئي ڇڏيندو آهيانس، توڙ تائين نڀائيندو
آهيانس، انت تائين، تان جو نئين سگريٽ پهرينءَ مان
دکائي رک ٿيندڙ سگريٽ کي بوٽ هيٺ آڻي، پير جو گهڪو
ڏيئي کس پٽ ڀر ڪري ڇڏيندو آهيان. ”چين سموڪر“ هئڻ
ناتي ٿورو اهو ”هرجاڻي پڻو“ ٿي ويندو اٿم.“
هن ۾ هڪ هڪ لفظ سندس مشاهدي جي ساک ڀري ٿو، ڪنهن
چين سموڪر مرد جي سگريٽ پيئڻ ۽ ڪنهن هرجائي مرد جي
عورت سان ورتاءَ جو ڀرپور مشاهدو- عورت لاءِ سگريٽ
جو استعارو! هڪ بنهه نئين ٽيڪنيڪ ۾ لکيل اها
ڪهاڻي جتي بولڊ آهي اتي ان ۾ طنز به آهي... ڀرپور
Satire
به آهي، جيڪا سنڌي ادب ۾ مون کي جمال جي ڪهاڻي
”مان مرد“ ۾ ڪنهن حد تائين ملي ٿي، ٻيو ڪو مثال هن
وقت منهنجي ذهن ۾ نٿو اچي.
منهنجو خيال آهي ته خيرالنساءِ جون سڀئي ڪهاڻيون
محص فڪشن ڪونه هيون، پر انهن ۾ زندگيءَ جي ڪڙين
حقيقتن جا عملي تجربا ۽ مشاهدا هئا، وٽس انسان جي
اندر موجود درد جو ادراڪ هو ۽ سندس حساس دل انهيءَ
درد جي تڙپ محسوس ڪندي هئي. تڏهن ته ڪهاڻين ۾ ايڏو
غضب جو تاثير آهي. سندس ڪهاڻين ۾ خارجي مشاهدا به
آهن پر انهن جي اندر اهو داخلي درد جو عنصر جهلڪي
ٿو. جنهن سندس تخليقي صلاحيت، ڏات ۽ ڏانءَ بيمثال
ڪري ڇڏيو آهي. ڪي نقاد خيرالنساءِ جي ڪهاڻين کي
”جديديت“ يا ماڊرنزم (Modernism)
واري لاڙي سان ڳنڍيندا آهن، ڪي کيس ماڻڪ، مشتاق
شوري ۽ مدد علي سنڌيءَ واري سلسلي جي ڪڙي ڪوٺيندا
آهن پر آءٌ ڀانيان ٿي ته نه ته خيروءَ ماڊرنزم جو
شعوري مطالعو ڪيو هو ۽ نه ئي ڪو ان کان متاثر ٿي
ڪهاڻيون لکيون هيون، نه هن وٽ ان جديديت واري
قنوطيت هئي ۽ نه مايوسي ۽ نه وري فراريت! نه هوءَ
شعور جي وهڪري (Stream
of Consciousness)
۾ وهي، نه هن ابتي ٻولي لکي، هن بنهه نيچرل، فطري
انداز ۾ پنهنجي اندر کي اِظهاريو، جنهن ۾ چڀيندڙ
طنز سان کرو سچ شامل آهي. جيئن هوءَ عام زندگيءَ ۾
هئي حساس، زودرنج، ڪنهن مهل ڪنئري ته ڪنهن مهل پهڻ
کان به سخت، ائين ئي سندس ڪهاڻين جا ڪردار آهن،
ائين ئي سندس اسلوب بيان آهي، ننڍا ننڍا پر ڳوڙها
جملا هن جي ڪهاڻين ۽ ٻين تحريرن جي سونهن آهن.
مثلاً ”قربتون ۽ فاصلا“ نالي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ هنڌ لکي
ٿي: ”ڇو منڪر بنجي به ماڻهو پنهنجي ساهه ۾ ايڏا
سومناٿ سانڀيو هلي؟ ڇو؟ وري هر ياد جو پنهنجو بت
چئي آءٌ بادشاهه!“ ٻي هڪ ڪهاڻي 1967ع، 1968ع ۽
1969ع ۾ هڪ جملو آهي ته ”زندگيءَ ۾ سچيتيءَ جا
سودا ڌيرج سان ٿيندا آهن، جلد بازيءَ جي ڪپت اسان
افورڊ ڪري نٿا سگهون“ اهڙا ٻيا به ڪيترا مثال ڏئي
سگهجن ٿا.
هن جي ڪهاڻي پڙهڻ سان هڪ ئي وقت چپن تي مرڪ ۽ اکين
۾ لڙڪ اچيو وڃن، اهڙو آهي هن جي لفظن جو تاثير! هڪ
ٻي اضافي خوبي جيڪا خيرالنساءِ کي ٻين سنڌي
ڪهاڻيڪارن کان منفرد بنائي ٿي، سا آهي سندس نفسيات
جي ڄاڻ... هوءَ انساني روين کي سمجهندڙ، سندس
ڪمزورين ۽ قوتن کان واقف، ان جي پورين اڻ پورين
خواهشن جو علم ۽ ادراڪ رکندڙ هڪ ماهر نفسيات هئي.
سندس ڪردارن جون نفسياتي ڪيفيتون سندس ڪهاڻين کي
به نفسياتي ڪهاڻيون بنائي ٿيون ڇڏين. ”حويليءَ کان
هاسٽل تائين“ ڪهاڻي ان جو بهترين مثال آهي. هن
ڪهاڻيءَ جي نائڪا سلطانه جي تن من جي ڪهاڻيءَ جو
بيان ڪو عام رواجي ڪهاڻيڪار ائين لفظن ۾ ڪري ئي نه
سگهي ها جيئن خيرالنساءِ، نفسيات جي علم جي ڄاڻ
سبب ڪري سگهي هئي. اها به ته سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نئين
ڳالهه هئي. ليسبينزم جو حوالو ته زرينه بلوچ جي
”جيجيءَ“ ۾ به هو ته نورالهديٰ شاهه جي ڪن ڪهاڻين
۾ به هو پر ان کي محض مشاهداتي بنياد تي آندو هو ۽
هنن اهڙين عورتن جي ڪردارن کي ڏسي سندن جذبن
احساسن ۽ ڪيفيتن جي عڪاسي ڪئي هئي ۽ انهن جا پس
منظر يا پيش منظر بيان ڪيا هئا پر خيرالنساءِ وٽ
سلطانه جي ڪردار جو نفسياتي ڇيد آهي، سندس انساني
ضرورتن جو سائنسي جواز آهي، هڪ هنڌ ڪردار جي زباني
چوي ٿي:
”هو آئيڊن جو نظريو نه پڙهيو ٿئي ته هر جاندار
پنهنجي ئي ضرورتن جو محتاج آهي. ايتريقدر جو ڪڪڙ
جو آرو به ممتا جي ڪشش ناهي پر محض مسلسل آنن لاهڻ
ڪري مڪاني سوزش ۽ سوڄ کي ٺارڻ جو هڪ طريقو... خبر
ٿئي سلطانه، هن مرڪي مزيد وار ڪيو، ثبوت ثابت ڪرڻ
لاءِ هن نر ڪڪڙ کي پڇيءَ تي ڪارا مرچ هڻي آري تي
جو ويهاريو ته هن بنهه ماديءَ جون سڪون لاٿيون
هيون...“ ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ ڪهاڻيءَ ۾
سلطانه جي ڪردار لاءِ نصير مرزا کي ڏنل هڪ انٽرويو
۾ اعتراف به ڪيو اٿس ته پلاٽ اتان ئي ملي ويم هتي
روز پڙهائڻ وڃان ٿي، ڪردار بلڪل سچا پچا آهن، بس
ٺلهو ٽريٽمينٽ منهنجي آهي، ۽ اها ٽريٽمينٽ هڪ
نفسياتدان جي آهي جيڪا انسان جي مانسڪ روپ جو
ادراڪ رکي ٿي، تڏهن ته سانول کي انٽرويو ڏيندي چوي
ٿي: ”هونءَ هم جنسيت فرائڊ مطابق هڪ نفسياتي ڪيفيت
آهي جنهن مان هر ماڻهو لنگهي ٿو ”ڀل ڪو مڃي يا نه
مڃي“ سو چئي سگهجي ٿو ته خيرالنساءِ جي ڪهاڻين ۾
ڪونه ڪو نفسياتي ڪليو هوندو ئي هوندو آهي، جيڪا
ڳالهه هن کي ٻين ڪهاڻيڪارن کان منفرد بنائي ٿي. ان
وقت سندس انداز به بنهه نرالو ۽ نئون هو. هن وقت
به سندس ڪهاڻيون پڙهڻ سان لڳي ٿو ته سندس فنڪاراڻي
صلاحيت به اتم آهي ته موضوعن ۾ به نواڻ آهي. هن
مدي خارج سماجي اخلاقي قدرن، دقيانوسي روايتن،
رسمن، رواجن، بندشن (Taboos)
۽ پابندين کان انڪار جي روايت وڌي. هن ان ڳالهه تي
احتجاج ڪيو ته ڪنهن باشعور عورت مان بي شعور عورت
واريون اميدون رکجن، جيڪا علم سان بااختيار هئڻ جي
باوجود سماج ۾ بي اختيار هئڻ جو ڏک کڻي جيئي ٿي،
اها آگهيءَ جو عذاب به ڀوڳي ۽ ڏاهپ جا ڏنگ به سهي
پر منجهائنس توقع اٻوجهه، گگدام عورت واري رکجي.
خيرالنساءِ جي سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ اچڻ تي عبدالقادر
جوڻيجي لکيو ته:
”ڪهاڻيءَ ۾ نيون فڪري راهون ڳولي لهڻ پنهنجي جاءِ
تي پر هڪ تازي تواني ”نالي“ جو وجود ۾ اچڻ، جيڪو
هن پيڙهيءَ ۾ پڙهندڙ کي ڀليون ڪهاڻيون ڏيئي سگهي،
وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پوءِ چاهي کڻي ان
ڪهاڻيڪار نيون فڪري راهون ڳولي نه لڌيون هجن پر
سندس فن ۾ زندگي، نواڻ ۽ مستقبل ڏانهن سڃيل آڱر
هجي، سنڌي افساني جي اها ڪمي خيرالنساءِ جعفريءَ
پوري ڪئي.... خيرالنساءِ جعفريءَ جو فني نقطه
نگاهه کان ڪهڙي به مڪتبه فڪر سان تعلق هجي پر
ڪهاڻيءَ ڏانهن سندس سخت آرٽسٽڪ اپروچ هئڻ ڪري سندس
ڪهاڻيڪارن ۾ اوچو مقام آهي.“
خيرالنساءِ جعفريءَ جي ذات ۽ روين ۾ روايتي
عورتپڻي بدران مردن واري بي پرواهي، بولڊنيس ۽ خود
انحصاري (Independence)
شايد سندس شعوري رد عمل هو، سماج ۾ عورت تي ڇانيل
بيوسي، هيڻائپ ۽ انحصار جو، اهو ئي سبب آهي جو
جيتوڻيڪ شعوري طرح هوءَ ڪٿي به ڪو فيمينزم جو
حوالو نٿي ڏي پر سندس ڪهاڻين ۾ فيمينزم پنهنجي
ڀرپور جوڀن سان موجود آهي.... ”حويليءَ کان هاسٽل
تائين“ ۾ فرسٽ پرسن ۾ راوي عورت هجي يا ڪهڙو برانڊ
ڪهڙي سگريٽ ۾ مرد راوي هجي، هوءَ عورت سان ٿيندڙ
ناانصافين تي ڪاوڙيل ٿي لڳي. ”ڪهڙو برانڊ ڪهڙي
سگريٽ“ ۾ هڪ مرد واتان چورائي ٿي ته:
”ڪوبه مرد هڪ ذهين ۽ هوشيار عورت کي دوست بڻائي ته
فخر ڪري سگهي ٿو، پر زال بڻائي ڪڏهن به چين نه
پائيندو... عورت هميشه سادي فطرت جي ڀلي لڳندي
آهي... ٻڌءِ مرد کي جيتڻ لاءِ ذهانت جو هجڻ ضروري
ناهي... خصوصاً ذهين مرد کي...“ اهو ذهين مرد جو
”اهنڪار“ آهي يا ”خوف“ جيڪو خيرالنساءِ جهڙي ذهين
عورت جو ذاتي مشاهدو بلڪه تجربو به هو ته هر اهڙي
ٻي عورت جو به تجربو آهي. هن وٽ عورت لاءِ سافٽ
ڪارنر (نرم گوشو) آهي بلڪه آءٌ ته سمجهان ٿي ته
هوءَ پاڻ به اندر ۾ تمام هڪ نرم ۽ گداز دل رکندڙ
انسان هئي...
ياد اٿم ته اسلام آباد ۾ اڪيڊمي آف ليٽرس پاران
ڪرايل هڪ ڪانفرنس ۾ گڏ شريڪ ٿيون هيونسين، تن
ڏينهن ۾ مون کي سفر ڪرڻ يا ننڊ گهٽ ڪرڻ سان ۽
ٻاهرين هوٽلن وغيره جي ماني کائڻ سان ميگرين (اڌ
مٿي جو سور) جو اَٽيڪ ٿيندو هو، سو اتي اسلام آباد
۾ اچي اهو نگرو مٿي جو سور پيم... ان ڏينهن
ڪانفرنس ۾ پيپر به پڙهڻو هئم. صبح کان سور کان مٿو
پئي ڦاٽو، بهرحال گوريون ڦڪي ڪنهن طرح پيپر پڙهيم
۽ ڪمري ۾ وڃي آرام ڪرڻ چاهيم پر سڀني ساٿين جي زور
ڀرڻ تي شام جو ڪنهن جي گهر دعوت تي گڏجي وياسين.
(گهر ڪنهن جو هو ياد ڪونه اٿم). منهنجي حالت صبح
کان پئي ڏٺائين، سو وڃڻ سان گهر ڌڃاڻي کان وڃي تيل
وٺي آئي ۽ مون کي زوريءَ ڪمري ۾ وٺي وڃي مٿي کي
تري هنيائين ۽ اهڙي آروس ڪيائين جو مون کي فرحت
اچي وئي. ٿوري دير آرام ڪري جڏهن ڪمري کان نڪتس ته
سچ ته بلڪل ڪنهن ماءُ يا وڏي ڀيڻ وانگر پئي منهنجو
خيال رکيائين.
هڪ ٻي ڪانفرنس به ياد اٿم، جنهن ۾ الاهي ڏينهن کان
پوءِ ملي ته مون کان پڇيائين ”ٻچڙا گهڻا اٿئي؟“
چيم ”ٻه ڌيئو اٿم“ (تڏهن اڃا شهمير ڪونه ڄائو هئم)
يڪدم چيائين هاڻي موليٰ ڪندو پٽڙو ٿيندءِ“!
چيومانس ”تون به روايتي ماين وانگر ڌيئن جو ٻڌي
خوش ڪانه ٿيئن“ ته کلڻ لڳي ”اڙي نه! اهو بس جملو
وات تي اچي ويم، اسان لاءِ ته اسان جون ڌيئون به
پٽن کان وڌ آهن،“ پوءِ مون هڪڙي ڪالم ۾ اهو واقعو
لکيو ته مون سان ناراض ٿي وئي هئي....
خيرالنساءِ جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”تخليق جو
موت“ 1978ع ۾ ڇپيو ته هر طرف ڄڻ ته ڌوم مچي وئي.
مون کي ياد آهي ته ڪراچيءَ جي رمپا پلازه واري
عمارت ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ان تي تنقيدي اڀياس
ڪرايو ويو هو. جنهن ۾ مون به پيپر پڙهيو هو (گهڻو
ڳولڻ باوجود اهو ليک ملي نه سگهيو اٿم ۽ هڪٻئي
موقعي تي انگريزيءَ ۾ به اهڙو هڪ مضمون لکيو هئم
جيڪو پڻ اڻلڀ آهي). ان وقت سموري ادبي سٿ جي راءِ
اها هئي ته خيرالنساءِ جعفري نه صرف سمورين سنڌي
ليکڪائن/ڪهاڻيڪار عورتن کي پر ڪيترن مرد ڪهاڻيڪارن
کي پٺتي ڇڏي وئي هئي ۽ آءٌ اڄ به ٿي چوان ته سنڌي
ادب ۾ خيرالنساءِ جعفريءَ جو تمام وڏو مقام آهي ۽
هميشه رهندو.
شوڪت حسين شورو
سنڌ جي
دلير خاتون ۽ ڪهاڻيڪار
خيرالنساء جعفري هڪ دلير خاتون ۽ بيباڪ ڪهاڻيڪار
هئي. ڳالهائڻ جي کُلي
۽ حاضر جواب. هوءَ غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوڻ
جي سگهه رکندي هئي. ڪهڙو به خان خانان هجي،
خيرالنساء هن کي منهن تي سچ چئي ڏيندي هئي. اسان
مان ڪيترا پاڻ کي سچار سڏيندڙ،
ڪڏهن ڪڏهن مصلحت پسندي سبب غلط کي غلط سڏڻ کان به
لهرائي ويندا آهيون ۽ خاموش رهڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت
سمجهندا آهيون، ڪڏهن ڪڏهن ته ها ۾ ها به ملائي
ويندا آهيون. پر خيرالنساء ڪنهن کي خوش ڪرڻ جي
لاءِ يا ڪنهن کان ڊڄي ها ۾ ها ڪانه ملائيندي هئي،
بلڪه ڦهڪائي ڏيندي هئي ته ”تون غلط آهين.“ پوءِ ان
جا نتيجا ڪهڙا به نڪرن ڪڏهن ڪڏهن کيس ڀوڳڻو به
پوندو هو، پر هن ڪڏهن به ان ڳالهه جي پرواهه نه
ڪئي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”سچ ٿا مرد چون، ڪنهن
کي وڻي نه وڻي.“ خيرالنساء مرد ڪانه هئي، پر مردن
کان وڌيڪ سچار ۽ بهادر هئي.
منهنجي خيرالنساء سان واقفيت 1976ع ۾ ٿي، جڏهن مون
کي سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري ملي. تڏهن سنڌ يونيورسٽي
جو وائيس چانسلر شيخ اياز هو. غلام رباني، ثميره
زرين، رعنا شفيق، عبدالقادر جوڻيجو، نور افروز
خواجه، سحر امداد، تهمينه مفتي، عزيز مهراڻوي جهڙن
اديبن ۽ ادب دوستن کي شيخ اياز ئي سنڌ يونيورسٽي ۾
آندو. شيخ اياز جي هڪ وڏي ادبي حيثيت ۽ سنڌ
يونيورسٽي ۾ سندس موجودگي سبب شاندار علمي ادبي
ماحول جڙي ويو هو. خيرالنساء به ان زماني ۾ هڪ
بيباڪ افسانه نگار جي حيثيت ۾ اڳيان آئي. هن جي
ڪهاڻي ”حويلي کان هاسٽل تائين“ سنڌي ادب ۾ واڄٽ
وڄائي ڇڏيا.
خيرالنساء پاڻ نفسيات جي پروفيسر هئي. هوءَ ماڻهن
جي نفسيات جي ڄاڻو هئي. پر ڄاڻو ماڻهو کان به ڪڏهن
ڪڏهن وڏي غلطي ٿي ويندي آهي. هن جنهن ماڻهوءَ کي
پنهنجو جيون ساٿي چونڊيو، ان جي نفسيات ۽ اندر جي
ڪاراڻ جو هوءَ اندازو لڳائي نه سگهي هئي. غلط
ماڻهوءَ جي چونڊ ڪرڻ سبب خيرالنساء کي سڄي حياتي
ڀوڳڻو پيو. جيتوڻيڪ هن پاڻ کي ان ٻنڌڻ کان آجو
ڪرائي ورتو هو، پر ان جي اثرن کان آجي نه ٿي سگهي.
ايڏي وڏي ذاتي الميي جي باوجود هن پاڻ کي ڀور ڀور
ٿيڻ نه ڏنو ۽ مشڪل حالتن کي همٿ سان منهن ڏنو،
اسان مان ڪي دوست خيرالنساء کي مڙداني عورت سڏيندا
هئا، اهو انڪري ته هوءَ وڏي حوصلي ۾ همٿ واري هئي.
پر آءٌ هن کي مڙداني عورت سڏي سندس عورتپڻي جي
توهين نه ڪندس. همٿ ۽ حوصلو هڪ انساني گڻ آهي جيڪو
رڳو ڪنهن خاص جنس تائين محدود ڪونهي. اهو گڻ عورتن
۾ به ٿي سگهي ٿو. اها به حقيقت آهي ته اسان جو
معاشرو مردانو معاشرو آهي. جنهن ۾ عورتن جي ڀيٽ ۾
مردن کي وڌيڪ اهميت ۽ حيثيت حاصل آهي. ان مرداني
معاشري ۾ خيرالنساء جعفري جهڙيون بهادر عورتون ڀلي
ٿوريون ئي هجن. اهي ناسازگار حالتن ۾ رهندي به پاڻ
ملهائي وڃن ٿيون. خيرالنساء جعفري پنهنجين ڪهاڻين
جي وسيلي هڪ بيباڪ ليکڪ جي حيثيت سان هميشه زنده
رهندي. |