سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون آگسٽ- آڪٽوبر 2012ع

مضمون--

صفحو :2

ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو

هو جي هت هئا.......

هن جو موت ٻه دفعا ٿيو. پهريون تڏهن، جڏهن هن جي ماءُ جو انتقال ٿيو ۽ ٻيو تڏهن جڏهن هن پاڻ وفات ڪئي.

چوٿين مارچ جي ڏينهن تي سنڌي نوجوانن پوليس هٿان مارون کائيندي پنهنجو رت وهايو. جيڪو سنڌي قوم لاءِ هڪ ڏکوئيندڙ ڏينهن جي طور ياد ڪيو ويندو آهي. ان ڏينهن 1998ع تي ڏک هيءُ به وارد ٿيو ته، خيرو وفات ڪري ويئي آهي. سائيڪولوجيءَ جي استاد، ڪهاڻيڪار، اديبه، دانشور، سماجي ڪارڪن تقرير جي فن ۾ ماهر، فصيح ۽ بليغ تقرير ڪندي هئي. طبيعت ۾ سادي، فقير ۽ مولائڻ پر اندر ۾ تيز ترار، ليليٰ بانا هن لاءِ غالب جو شعر پڙهندي چوندي هئي.

ائين اسان جي زندگي تعليم سان گڏ، خوشين، ٽهڪن، گهمڻ ڦرڻ ۽ بهترين کاڌو پيتو کائڻ ۾ گذرندي هئي. پنهنجو ڪاڄ پنهنجو ڀاڳ! اسين مسرور رهندا هئاسون.

بدل کر فقيرون ڪا هم بهيس غالب

تماشائي اهلِ ڪرم ديکهتي هين

هن جو والد اڪثر اسان جي گهر ايندو رهندو هو. هو منهنجي گهرواري جو استاد هو، جنهن لاءِ مان مختلف ڊشز تيار ڪندي هئس. جنهن جي هو تعريف به ڪندو هو، پر منهنجي ملاقات خيرالنساءِ جعفري سان نائين مارچ 1976ع تي ٿي جڏهن مان مسلم هسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ بطور ليڪچرار مقرر ٿيس. ليڊي ٽيچرس سان ڪامن روم ۾ منهنجي سڃاڻ ڪرائيندي چيائين، ”هيءَ ممتاز آهي. بابا هن جي تعريف ڪندو آهي. واقعي خوبصورت به آهي ته سگهڙ به.......“. آرٽس فيڪلٽي جي بلڊنگ ۾ موجود ليڊي ٽيچرس ڪامن روم جيڪو سيڪنڊ فلور تي آهي تنهن ۾ اڪثر سيڪنڊ فلور وارين ڊپارٽمينٽس جون ليڊي پروفيسرز پنهنجي فري پيرڊس ۾ ويهنديون آهن. ان وقت به سوشيالوجي، سائيڪولوجي ۽ مسلم هسٽري جون خواتين استاد پنهنجي فري ٽائيم ۾ اتي ويهنديون هيون، جن ۾ آءٌ، ليليٰ بانا، خيرالنساءِ جعفري، تنوير جوڻيجو، خالده شيخ، عزت خواجه، نادره ترڪ، فرحت، فخرالنساءِ ٽالپر، نسيم شيخ وغيره شامل هيون. اسان جو اڪثر وقت، علمي بحث مباحثي، سماجي، مسئلن، ادب، سياست ۽ يونيورسٽي جي روزمره جي واقعن ۽ مامرن بابت ڳالهيون ڪندي گذرندو هو. هڪ ٻئي جي سبجيڪٽ مان واقفيت حاصل ڪرڻ، تحقيقي مقالا لکڻ ۽ Ph. D جي ٿيسز لکڻ لاءِ هڪٻئي کي صلاح مشورو ڏيڻ، روزاني جي مشغولين ۾ شامل هو. اسان جي هڪٻئي سان دوستي، مفاهمت ۽ قرب ماڻهن لاءِ رشڪ جوڳو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ هڪ گهر جا ڀاتي هجون. هڪٻئي جون دعوتون ڪرڻ، شادي مرادي يا ٻارن جي سالگرهه ۾ شامل ٿيڻ، پڪنڪ ۽ مختلف ٽوئرز تي گڏجي وڃڻ وغيره. ائين اسان جي زندگي تعليم سان گڏ، خوشين، ٽهڪن، گهمڻ ڦرڻ ۽ بهترين کاڌو پيتو کائڻ ۾ گذرندي هئي. پنهنجو ڪاڄ پنهنجو ڀاڳ! اسين مسرور رهندا هئاسون.

خيرالنساءِ جعفري جيڪا پروفيسر احمد علي خواجه جي ڌيءَ هئي. تنهن جو گهراڻو سندس والدين، هڪ ڀاءُ جنهن جي شادي سلميٰ سان ڪرائي هئائون ۽ هڪ ڏاڏيءَ تي مشتمل هو. سندس رهائش حيدرآباد جي ٽنڊي ولي محمد ۾ ”شيرين منزل“ ۾ هئي، جيڪا هن جي والد صاحب تعمير ڪرائي هئي. هن کي پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ سان بي انتها محبت هئي ۽ ڏاڏيءَ جي خدمت ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندي هئي. جنهن جو جلد ئي انتقال ٿي ويو. سندس گهر جا دروازا سڀني لاءِ کليل هوندا هئا. اديب، دانشور، پروفيسر ۽ غريب اوڙي پاڙي وارا هن جي گهر ايندا ويندا هئا. هوءَ هر ڪنهن سان عزت ۽ محبت سان ملندي هئي. کيس نه ڀيڻ هئي ۽ نه ڪو سؤٽ، ماسات، شايد انڪري به دوستن سان مائٽن وارو رويو رکندي هئي. ظاهر ۾ طبيعت ۾ انڪساري ۽ سادگي هئس. ايتري قدر جو ڪاريڊور ۾ ويٺل پٽيوالن سان وڃي گڏ ويهندي ۽ ادڙا ادڙا ڪري سڏيندي هئي.

نفسيات جي ماهر هئي. ماڻهوءَ جو گهرو مطالعو هوس. هر ماڻهو کي سڃاڻيندي هئي. اڪثر پنهنجون ڪمزوريون ۽ اوڻايون ظاهر ڪندي هئي، پر اهو به واضح ڪندي هئي، ته بظاهر ته آءٌ پنهنجي متعلق اهي ڳالهيون ڪيان ٿي، پر اندر ۾ مان پاڻ کي وڏو ماڻهو سمجهندي آهيان.

پنهنجي ڌيءَ صائمه جي ڄمڻ تي ڏاڍو خوش هئي. چوندي هئي: ”صائمه جو منهنجي مٿان احسان آهي جنهن مون کي ماءُ هئڻ جو رتبو ڏنو ۽ منهنجي پيرن هيٺان جنت هئڻ جو اعزاز عطا ڪيو.“

سندس طبيعت جي خلاف ڪا ڳالهه ٿيندي هئي ته سندس ردعمل ڏاڍو سخت هوندو هو. ماڻهن جا ڇوڏا لاهي ڇڏيندي هئي. نه صرف پنهنجي ذات لاءِ، پر ڪنهن دوست لاءِ خبر پوندي هئس ته  فلاڻي ماڻهوءَ ڪا زيادتي ڪئي آهي يا هن کي ڪا تڪليف پهچائي آهي ته ان سان وڃي جهيڙو  جوٽي ان جي بيعزتي ڪري ايندي هئي، پوءِ هڪ هڪ کي ٻڌائيندي هئي ته “ڏسو ٽڪي جي ماڻهن جو ڪيڏو دماغ خراب ٿي ويو آهي“. اڪثر ماڻهو هن کان ونءُ ويندا هئا ته اسان جي لاءِ ڪو جملو نه وارد ٿئي. کيس ڳالهائڻ ۽ تقرير ڪرڻ جو فن حاصل هو. سندس طنز و مزاح مشهوري حاصل ڪئي. شهر ۾ ڪوبه فنڪشن جنهن ۾ خيروءَ کي ڳالهائڻو هوندو هو ته ماڻهن جا انبوهه اچي پهچندا هئا. هن جي هر جملي ۽ فقري تي ماڻهن جون تاڙيون ۽ ٽهڪ گونجندا هئا. سندس ڳالهيون وتائي فقير جهڙيون دانائيءَ سان ڀرپور هونديون هيون. ظاهر ۾ مزاحيه پر اندر ۾ معنيٰ خيز.

هن جي طبيعت ۽ شخصيت روزمره جي زندگيءَ ۾ عام وهنوار کان الڳ هلندي هئي.Normalness  کي ٽوڙيندي هئي. رستي تي ڇولا وغيره وٺي کائڻ، سموڪنگ ڪرڻ، جنهن تي ڪاوڙجي تنهن کي گارگند ڪرڻ، جهاز ۾ سفر دوران ٻيڙي پيئڻ ۽ جڏهن ايئر هوسٽس ڊوڙي کيس سموڪنگ کان منع ڪندي ته ان ڳالهه کي Enjoy  ڪرڻ ۽ پوءِ هڪ هڪ کي اها ڳالهه ٻڌائڻ، ڪنهن فنڪشن ۾ تقرير دوران جيڪڏهن سندس ڌيءَ صائمه يا ڀائٽي هيٺ روئڻ لڳنديون هيون ته تقرير روڪي هيٺ لهي ڌار ڌار يا ٻنهي کي گڏي اسٽيج تي کين ڪڇ تي کڻي تقرير جاري رکندي هئي ۽ ائين هن جي شخصيت، سادگي ۽ پنهنجائپ واري قرب جو اهڃاڻ بڻجي وئي. تاج بلوچ، خيروءَ جي صلاحيتن کي هڪ جوهري وانگر سڃاتو ۽ کيس ادب جي ميدان ۾ آڻڻ لاءِ همٿايو. خيروءَ اٺ ڏهه ڪهاڻيون لکيون، انهن مان ”حويلي کان هاسٽل تائين“ ڏاڍي مشهور ٿي.

خيرو جڏهن شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ڏاڍي خوش هئي ۽ ائين هن عبدالحق قاضيءَ سان شادي ڪئي. ڪجهه وقت ته خوش هئي، پر پوءِ دانهون ڪيائين، ”قاضي صحيح ماڻهو ناهي.“ ۽ پوءِ جلد ئي هن کان علحدگي حاصل ڪيائين ۽ کيس منع ڪيائين ته هُو هن وٽ نه اچي. پنهنجي ڌيءَ صائمه جي ڄمڻ تي ڏاڍو خوش هئي. چوندي هئي: ”صائمه جو منهنجي مٿان احسان آهي جنهن مون کي ماءُ هئڻ جو رتبو ڏنو ۽ منهنجي پيرن هيٺان جنت هئڻ جو اعزاز عطا ڪيو.“ پنهنجي ماءُ کي حاجاڻي سڏيندي هئي. خيرو، ماءُ ۽ ڌيءَ سان گڏ مسرور زندگي گذارڻ لڳي. صائمه جي پرورش، پڙهائي، لٽي ڪپڙي جو ڏاڍو خيال ڪندي هئي. هر وقت کيس هنج ۾ هوندي هئي. کيس هندستان، ايران، سينگاپور ۽ بئنڪاڪ گهمائي آئي. عمرو ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويئي. تڏهن به کيس ساڻ وٺي ويئي.

اوچتو سندس ماءُ وفات ڪري ويئي جنهن جو هن تي ڏاڍو اثر پيو ۽ خيرو هڪ زندهه  لاش مثل رهڻ لڳي.

پنهنجي ماءُ جون جوانيءَ کان پيريءَ تائين جيڪي کيس ڳالهيون ياد اينديون هيون، ٻڌائيندي هئي. امان ٻوڙ ورهائيندي هئي ته سٺيون ٻوٽيون ۽ ٻوڙ ٻين کي ڏيئي پاڻ رڌڻي ۾ ديڳڙيءَ مان گرهه ٻوڙي ماني کائيندي هئي. ڪڏهن بچيس ڪڏهن نه، ته به چوندي هئي منهنجي لاءِ گهڻو آهي. ڳالهيون ٻڌائيندي خيروءَ جي اکين مان ڳوڙها لارون ڪري وهندا هئا.

جلد ئي سندس والد جو به انتقال ٿي ويو. خيروءُ جي دنيا ويران ٿي ويئي. هن جي طبيعت ۾ عجيب تبديلي اچي ويئي. پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳي. ماڻهن جي روين ۾ کيس ناڪاري ڪردار نظر اچڻ لڳا. آهستي آهستي اها ڳالهه هن جي ذهن ۾ گهر ڪري ويهي رهي ته ماڻهن ۾ سچائي ڪانهي ۽ سواءِ ٻين جو نقصان ڪرڻ کان سواءِ کين ٻيو ڪم ناهي. سندس صحت ڪرڻ لڳي ۽ هارٽ پيشنٽ ٿي پيئي.

پاڻ پروفيسر هئي، پر هر ننڍي وڏي غريب ۽ بي پهچ سان هيٺاهين هلندي هئي. هنن جي ننڍڙن ٻارن کي هنج ۾ کڻي گهر ايندي هئي. سندن ڏک، سک ۾ شامل هوندي هئي. ڪيترن ماڻهن جي مالي مدد ڪندي هئي. خير خيرات موڪليندي هئي. سڄو پاڙو کيس ”ادي گُڏي“ سڏيندو هو. سندس پيارن جي وفات، گهر جو وڪامجي وڃڻ ۽ پاڙي ڇڏڻ جو هن ڏاڍو اثر ورتو.

يونيورسٽيءَ ۾ به ٽي ڀيرا طبيعت ايتري خراب ٿي پيس جو ايمبولينس گهرائي کيس هاسپٽل وٺي وياسين، جتي ڊاڪٽر هن کي دل واري وارڊ ديوان مشتاق ۾ داخل ڪندا هئا ۽ کيس پرهيز ڪرڻ لاءِ ڏاڍو سمجهائيندا هئاسين. سمجهندار ته هوءَ هئي، پر ڏکن هن کي چؤطرف کان گهيرو ڪري ورتو هو.

ائين هڪ دفعي هوءَ يونيورسٽي ۾ ويٺي هئي ته کيس فون تي سندس اڪيلي ڀاءُ جي وفات جو اطلاع ڏنو ويو، جنهن کي هوءَ صبح جو ستل ڇڏي آئي هئي، جيڪو پڻ يونيورسٽي ۾ آفيسر هو. هن جي دنيا وري لٽجي ويئي. پاڻ کي گهڻو ئي سنڀاليائين، پر هنيانءُ ڦاٽي پيس. ڀاءُ جا ننڍڙا ٻار ۽ جوان ڀاڄائي سلميٰ، جن کي هيءَ ڏاڍو ڀائيندي هئي، تنهنجي مائٽن کيس پاڻ سان گڏ ڪراچي وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهو گهر جنهن ۾ رهندا هئا، وڪري ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو ان وچ ۾ خيرو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيچرز سوسائٽي ۾ پنهنجو گهر ٺهرائڻ شروع ڪيو ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي ڌيءَ جي مستقبل جو اونو هو ۽ ائين ”شيرين منزل“ وڪرو ڪئي ويئي. سندس ڀاڄائي ڪراچي هلي وئي ۽ پاڻ ڄام شوري ۾ صائمه لاج ۾ اچي رهي. اکين ۾ پاڻي آڻي چوڻ لڳي، ”چهوڙ آئي هم وه گليان.“

کيس ٽنڊو ولي محمد واري پاڙي وارن سادن ۽ سچن ماڻهن سان اٿاهه محبت هئي. گهٽيءَ گهٽيءَ سان اُنسيت هئس. پاڻ پروفيسر هئي، پر هر ننڍي وڏي غريب ۽ بي پهچ سان هيٺاهين هلندي هئي. هنن جي ننڍڙن ٻارن کي هنج ۾ کڻي گهر ايندي هئي. سندن ڏک، سک ۾ شامل هوندي هئي. ڪيترن ماڻهن جي مالي مدد ڪندي هئي. خير خيرات موڪليندي هئي. سڄو پاڙو کيس ”ادي گُڏي“ سڏيندو هو. سندس پيارن جي وفات، گهر جو وڪامجي وڃڻ ۽ پاڙي ڇڏڻ جو هن ڏاڍو اثر ورتو. پاڻ کي اڪيلو ۽ وياڪل سمجهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته هيجاني حالت ٿي ويندي هئس. هڪ دفعي يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئسشن جي جنرل باڊي ۾ وٺي رڙيون ڪيائين، ”منهنجو ڀاءُ يونيورسٽي اٿارٽيز ماريو آهي. هن جي ڪڏهن ڪٿي. ڪڏهن ڪٿي ڪٿي بدلي ڪري کيس پريشان ڪيو ويو. هو ذلت برداشت نه ڪري سگهيو، ۽ مري ويو. منهنجي شاندار (ڀائٽي) يتيم ٿي ويئي کيس ڪير سنڀاليندو؟“ ۽ زارو قطار روئڻ لڳي.

اها خيرو جنهن جي خوش دلي، جنهن جو کلڻ، جنهن ۾ طنز ۽ مزاح مشهور هئي، غمگين ۽ ويڳاڻي ٿي ويئي. اڪثر فخرو جيڪا اسان جي دوست ۽ ڪليگ آهي ۽ ڳائيندي به سٺو آهي ان کي چوندي هئي، گانو ٻڌاءِ فخرو- پڇندي هئس ڪهڙو؟ چوندي هئي.

ميري نينان سانون بهادو پهر بهي ميرا من پياسا

نوڪريءَ جا پنجويهه سال پورا ڪري رٽائرمينٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيائين. چوي زندگي جو ڀروسو ناهي. بيمارين ۾ وٺجي ويئي آهيان. حياتي پوري ٿيندي ٿي نظر اچي. صائمه جو ڪوبه ڪونهي. ننڍي به آهي. منهنجي مرڻ کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته هجيس جو جهڙيءَ طرح هيءَ پلي نپني آهي ان طرح ته رهي سگهي. هن ريٽائرمينٽ ورتي. پينشن مقرر ٿيس. گهر جو مٿيون پورشن ٺهرائي هڪ عرب فيملي کي مسواڙ تي ڏنائين ۽ پاڻ اڪثر گاڏيءَ ۾ ڊرائيور سان گهمندي هئي. يونيورسٽي به روز ايندي هئي. چوندي هئي يونيورسٽي ته منهنجو گهر آهي. هت مون کي سڪون ملي ٿو. بظاهر خوش هئي. پر اندر ۾ جيڪو غم ۽ ڏک جو آڙاهه پئي بکيس سو وسامي نه سگهيو. نروس بريڪ ڊائون جو شڪار ٿيڻ لڳي. ڪڏهن اسپتال ڪڏهن گهر آخر چوٿين مارچ تي هن ڏکي دنيا مان لاڏاڻو ڪري ان سچي دنيا ۾ پهتي جيڪو سڀني جو اصل مقام آهي. ”ارجعي اليٰ ربڪ راضية مرضية“ اي روح پنهنجي پروردگار ڏانهن خوشيءَ سان موٽي وڃ.

رب پاڪ کيس جنت الفرودس ۾ جاءِ ڏي ۽ سندس روح کي آرامي رکي. منهنجو يقين آهي ته جيڏا ڏک هن دنيا ۾ ڏٺا، رب سائين هن کي اتي اوتروئي سکيو رکيو هوندو ۽ پنهنجي جيجل ماءُ، شفيق پيءُ ۽ پياري ڀاءُ جي وچ ۾ ٽهڪ ڏيندي هوندي.

نور افروز خواجه  

     

الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن

 

خيرو  ۽ اسان پاڙيسري هئاسون. ان وقت ٽنڊو ولي محمد ۽ هيرآباد، حيدرآباد جا مشهور علائقا هئا. جتي ماڻهن سک، شانتي، ايمانداري، هڪٻئي جي عزت ۽ احترام ڪرڻ، هڪٻئي سان پيار محبت ڪرڻ، هڪٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ وغيره. انهن ۾ سنڌي، ميمڻ، ڪاسائي، ڪنڀر، مهاجر، خواجه، هندو وغيره سڀ رهندا هئا.

جڏهن هندن جي ڏياري ٿيندي هئي ته اسان به پنهنجن گهرن ۾ ڏيئا ٻاريندا هئاسون. مارڪيٽ، جماعت خاني کان وٺي، ٽنڊي ولي محمد تائين رات جو  ڏيئن جي روشني نهايت ئي خوبصورت لڳندي هئي. رات جي وقت گهٽين ۾ ڇوڪريون، ڇوڪرا رانديون ڪندا هئا، اچڻ وڃڻ لڳو پيو هوندو هو، پر ڪوبه ڊپ يا خوف ڪونه هوندو هو. ان وقت اڪثر شام کان رات تائين، ڪنهن نه ڪنهن وقت خيرو پنهنجي ماءُ سان گڏ ڪنهن نه ڪنهن ڪم لاءِ مارڪيٽ مان ڪجهه وٺڻ لاءِ، ڪنهن وٽ ملاقات لاءِ، نڪرنديون هيون. اسان جي گهر به اڪثر ادا الانا سان ملڻ لاءِ اينديون رهنديون هيون.

ان وقت اسان خيروءَ کي گُڏي جي نالي سان سڏينديون هيوسين. خيرو نالو ته يونيورسٽيءَ ۾ اچي معلوم ٿيو. سندن ماءُ شيرين، سندس بابا احمد علي، اسان کي تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. آءٌ اڪثر پنهنجي وڏي ڀيڻ شهرو آپا (جيڪا ڊاڪٽر الانا جي گهرواري آهي) سان گڏجي هنن جي گهر ايندي ويندي هيس.

خيروءَ جي نيچر به عجيب هئي. هر ڪنهن سان هڪ منٽ ۾ رلي ملي وڃڻ، هر ڪنهن سان حجت ۾ ڪجهه چئي ويندي هئي. پر اهڙا جملا جن کي هرڪو ENJOY ڪري سگهي، انهي ڪري هر ڪو سندس عزت ڪندو هو ۽ کيس ڀائيندو هو. پاڙي جي ٻارن کي، هوءَ تمام گهڻو ڀائيندي هئي. شام جو جڏهن گهران نڪرندي هئي ته ڪانه ڪا شيءَ کڻي لهندي هئي، ڪڏهن سويٽ، ٽافيون يا ٻي شيءِ. پوءِ پاڙي جي ٻارن ، يا جيڪو ٻار مليو هر شيءِ ورهائيندي هئي. هن ڪڏهن به اڪيلي سر ڪا شيءَ نه کاڌي پيءُ ماءُ جي لاڏلي هئي، هرهڪ ان سان گڏ. جيڪا شي چوندي هئي، ان کي ماءُ وٺي ڏيندي هئي. چاهي ننهي جا پڪوڙا هجن يا بصر جا ڇولا وغيره. خيرو وٽ ننڍي وڏي جو فرق ڪونه هوندو هو. هوءَ ننڍن سان جيترو پيار ڪندي هئي. وڏن کي ايترو ڀائيندي هئي. سندس طبيعت ۾ سادگي هئي، ٺاهه ٺوهه، غرور وغيره هن جي طبيعت ۾ هوئي ڪونه. نه ئي کيس ڪنهن کان ڊپ يا خوف هوندو هو، هڪ دفعي خيرو ٻڌايو ته ٻاهران ڪٿان اسان واپس اچي رهيون هيونسين ته ٽرين ۾ سندن ڪو سامان رهجي ويو هو. هو ٽرين مان لٿيون، جڏهن سامان ڏٺائون ته ڪونه هو، ايستائين ٽرين هلڻ شروع ٿي ويئي. هن ٻڌايو ته امان کي اُتي ئي اسٽيشن تي ڇڏي. ڊوڙندي ٻاهر آيس. ان وقت ٻاهر ڪا ٽيڪسي ڪانه هئي. هڪ ڪار هئي، ان ۾ ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل هڪ مرد کي هن چيو ته مون کي ڪوٽڙي اسٽيشن تي وٺي هلندين، منهنجو سامان ٽرين ۾ رهجي ويو آهي. هن مرد هُن کي چيو ته ويهه. خيرو ٻڌايو ته جڏهن ڪار هلي ته پوءِ مون نوٽ ڪيو ته گاڏيءَ جا شيشا به ڪارا هئا ۽ ڊرائيونگ ڪرڻ وارو به هڪ ٿلهو، ڪارو چشمو پيل، ائين پئي محسوس ٿيو ته ڪو ڌاڙيل يا اسمگلر يا ڪا وڏي شيءِ هو، هُو اسٽيشن تي ڪنهن کي وٺڻ آيو  هو، پر خيروءَ کي پريشان ڏسي هن کي وٺي ويو. هن پاڻ ٻڌايو ته پهريون دفعو مون کي ڏاڍو ڊپ لڳو، هڪ بي جا وقت، آءٌ اڪيلي، امان به اسٽيشن تي، پر هن ٻڌايو ته ان مرد سڄي رستي ۾ مون سان هڪ لفظ به نه ڳالهايو، چپ چاپ مون کي ڪوٽڙي اسٽيشن تي ڇڏيائين. جو ڪوٽڙي اسٽيشن تي گاڏيون ڪافي دير بيهنديون آهن. پوءِ آءٌ سامان کڻي واپس آيس. خيرو ان وقت ٻڌايو پئي ته ڪيترا مرد جيڪي ڏسڻ ۾ ايترا خوفناڪ آهن پر اهي اندر جا ڪيترا شريف آهن.

خيرو سان انهيءَ ڪري يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي ملاقات ڪافي ٿيندي هئي. آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ هڪ ليڊيز جو ڪامن روم ٺهيل آهي. انهيءَ ۾ سڀ پروفيسرز وغيره ويهنديون هيون. آءٌ پنهنجي آفيس ۾ هوندي هيس. خيروءَ کي منهنجو گهڻو خيال هوندو هو ته هوءَ هتي ڇو نٿي اچي. پوءِ جڏهن به هوءَ ڪا شيءِ ٺاهي ايندي هئي يا وٺي ايندي هئي ته مون کي سڏرائيندي هئي. خيرو تمام گهڻي رحمدل هئي. هوءَ هر ماڻهوءَ غريب، فقير جي مدد ڪندي هئي. ايستائين جو جانورن جو به خيال رکندي هئي.

مون خيروءَ جي افسانن تي مقالو لکيو. سڀ کان پهرين سنڌ يونيورسٽيءَ جي هن ليکڪا تي لکيو. جڏهن کيس ڏيکاريم ته ڪا اهڙي ڳالهه رهجي ته نه ويئي آهي ته اهو ڏسي چيائين ته تون  تمام بهترين ٿي لکين. ان جو ذڪر ڪامن روم ۾ ٿي ٿيو. جتي ٻيون به ليکڪائون هيون، جيڪي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ مضمون، افسانا، ڪالم وغيره لکنديون هيون، اهي ناراض ٿي ويون. خيرو انهن کي (منهنجي طرفان) جواب ڏيئي ڇڏيو ته ”افروز کي جيڪو وڻندو ان تي لکندي، هر ڪنهن ليکڪا تي لکڻ ضروري ڪونهي.

خيرو اڪثر پينگهي ۾ لڏندي رهندي هئي، ۽ ذهن تي جيڪي به ٽينشن هوندا هئس يا، جڏهن پريشان هوندي هئي. ته جهولي ۾ ويهي ٻيڙي پي، ٻيڙيءَ جي دونهين وانگر فڪر کي، ٽينشن ۽ پريشانيءَ کي اڏائي ڇڏيندي هئي.

خيرو شاديءَ کان پهرين هر وقت ماءُ سان جڙيل ۽ شاديءَ کان پوءِ وري هر وقت سندس ڌيءَ صائمه سان جڙيل هئي. هوءَ هر وقت صائمه کي ڪڇ تي کڻي، شام جي وقت چڪر لڳرائيندي هئي، صائمه هر وقت ساڻس گڏ هئي. مرڻ وقت تائين.

خيروءَ کي ٽينشن جي ڪري شگر به ٿي پئي 300 ،400 شگر هر وقت رهندي هيس. انهيءَ جو فڪر گهڻو هوندو هو. منهنجي گهرواري کي به شگر هئي. پر ان کي ايتري ڪانه هئي،  150، يا 130 ته مون کان پڇندي رهندي هئي. مون ٻڌايومانس ته ڪراچي جي هڪ ڊائبيٽز جي اسپيشلسٽ کي ڏيکاريو، ان چيو ته توهان سوچيو نه ته توهان کي شگر آهي نه ته اڃان وڌيڪ ٿيندي.

مون کي خيروءَ جواب ڏنو ته جيڪڏهن اهو سوچيان ئي نه ته منهنجي شگر ته الاهي ڪٿي پهچي ويندي. بهرحال هوءَ هڪ دلير. همت واري، پيار ڪندڙ، بردبار عورت هئي. جيتري مائٽن جي لاڏلي هئي. ايتريون وري زندگيءَ ۾ تڪليفون ۽ صدما برداشت ڪيائين. لطيف سرڪار فرمايو آهي ته:

الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.

خيروءَ جون ته الائي ڪيتريون ڳالهيون آهن، ڪيترو لکي ڪيترو لکان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com