امان هڪ ٻئي پٺيان ڇهه ٻار ڄڻيا، پر مجال آهي جو
کڻي ڊاڪٽر ڏي ڪڏهن وٺي ويو هجيس. يا پيٽ وارن
ڏينهن تي ڪو کير ڍڪ پيئڻ لاءِ مليس، يا
ڪم ڪار لاءِ ڪا مائي رکي ڏئيس. مون ته پنهنجي امڙ کي ڪڏهن به
واندو ويٺي يا ٽي. وي ڏسندي نه ڏٺو هو، جي ڏٺو وڃي
ته بابا ڪو ايڏو غريب ته ڪونه هو. يونيورسٽيءَ ۾
ليڪچرار هو، اتي ته سڄو ڏينهن عورتن جي حقن جون ۽
سماجي ڀلائيءَ جون ڳالهيون هلنديون هيون. پر ڇا
امان ان سماج جو حصو نه هئي!؟
جو ان جي خوشيءَ جو ٿورو خيال ڪري ها. مان پنهنجي
ڊرائنگ روم ۾ بابا کي چاچا وارن سان امريڪا،
انگلنڊ ۽ روس جي غلط پاليسين جي ۽ ان جي باعث ٽين
دنيا جي ملڪن تي پوندڙ منفي اثرن تي ويچاريندي ۽
بحث ڪندي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائيندي ٻڌو هو. پر هي
جيڪو گهر اندر هڪ هستيءَ جو ائين استحصال ٿي رهيو
هو، اهو شايد هنن جي انٽليڪچوئل نظر کان پري هو. ۽
ان تي سوچي هو پنهنجي سوچ جو معيار گهٽائڻ نه پيا
چاهين. اڄ به ڏک هن کي رڳو ان ڳالهه جو هو ته هاڻي
ٻارن جو ڇا ٿيندو؟
ڪنهن چيو، ويچارو اڃا جوان ته لڳو پيو آ، پر
چاچيءَ ته تڏي تي ئي ان جو حل ڪڍي ٻڌايو ته:
”هاڻي اسان کي جلد ئي ڪا ڇوڪري ڳولي ادي جي شادي
ڪرائڻي پوندي، ۽ سڀني (گهر ڀاتين) ان جي راءِ جو
تڏي تي ئي احترام ڪيو.
مون حقارت مان چاچيءَ ۽ ٻين گهر ڀاتين ڏي نهاريو.
ڪنهن جي منهن تي پنهنجي ڪيل ڳالهه لاءِ ڪابه
شرمندگيءَ ڪانه هئي. منهنجي امڙ، جيڪا اڃا تڏي تي
ئي هئي يا ان جي ڌيءَ (جيڪا انٽر ۾ پڙهي رهي آهي)
سا به ان جي آڏو ويٺي آهي، گهٽ ۾ گهٽ ان جي آڏو اڄ
ته اها ڳالهه نه ڪريون. تڏي تي ڪهي آيل ماين ان
ڳالهه جي وڏي پٺڀرائي ڪئي. ”صحيح ٿيون چئو ادي،
ويچاري کي شابس ڏجي جو ايترو نڀايائين پاڻ ايڏو
پڙهيل ۽ زال وري صفا ڄٽي!!!“
(ڄٽي!! ڄٽي! ان لفظ جو ايڏو ته منهنجي امان تي اثر
هو جو هوءَ اسان (ڀينرن) کي ڪنهن به ڪم ۾ هٿ وجهڻ
کان منع ڪندي هئي. ۽ اهو چوندي هئي ته ڪم مان پاڻ
ڪندس توهان رڳو پڙهڻ تي ڌيان ڏيو، مان نٿي چاهيان
ته مون کان پوءِ به اهو لفظ (ڄٽي) هن گهر ۾ ڳايو
وڃي.)
جي پڙهيل هجي ها ته ائين ٻارن پٺيان ٻار ڄڻي پاڻ
کي پاڻ ئي ٿورئي ختم ڪري ها!! پنهنجي زندگيءَ جي
باري ۾ ۽ پنهنجي ڪرندڙ صحت جي باري ۾ ڪانه سوچي
ها!؟
اهو ٻڌي مون کي اهو ڏينهن ياد آيو جڏهن امان ڊڄندي
ڊڄندي بابا کي چيو هو ته:
”هاڻي چار ٻار ٿي ويا آهن سڀ چون پيا ته آپريشن
ڪراءِ توهان جي اجازت ڏيو ته.“
بابا هڪدم رڙ ڪندي چيو ”ڇو توتي بار آهن ڇا! ٻارن
جي لاءِ ڪمايان مان ٿو! کارايان مان ٿو! رڳو ٻار
ته ڄڻين ٿي اهو ڪم به نه ٿو پڄئي ڇا هاڻي؟؟“ هونئن
به مائيءَ جو ٻيو ڪم ڪهڙو آهي سواءِ ٻارن ڄڻڻ
جي؟؟“
امان اهو ٻڌي چپ چاپ ٻاهر هلي وئي هئي، ايتري ۾
امان جي آخري ديدار لاءِ سڀئي گهر ڀاتي اٿيا مان،
امان جي مُنهن ۾ نهاريو، جيڪو سخت پيڙا کان پوءِ
مليل آرام ۾ ٻري رهيو هو. ڄڻ منهن ۾ نور هجيس. اڄ
منهنجي امان اسان سڀني کي ڇڏي هميشه هميشه لاءِ
وڃي رهي هئي. سڀ روئي موڪلائي رهيا هئا، پر منهنجي
اندر ۾ ڪو ڏک نه هو، پر شايد اڄ مان اندروني طور
تي مطمئن هيس. اڄ، 36 سالن جي عمر ۾ 50 سالن کان
به وڏي لڳڻ واري امان ڄڻ ته مطمئن هئي. اڄ ڄڻ ته
هن جي دردن جو سفر پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو هو، ۽
سڀني کان وڌيڪ مان خوش هيس ڇو ته اڄ کان پوءِ ڪير
به امان کي مٺي ننڊ مان اٿاري چانهه،سيرو، سيون يا
پڪوڙا ٺاهڻ لاءِ ڪونه چوندو، اڄ کان پوءِ ڪڏهن به
امان ڪپڙن يا ڪاڏي مائٽ مٽ ڏي وڃڻ لاءِ منٿون ڪانه
ڪندي، نه ئي اڄ کان پوءِ ڪنهن کي پاتل زيور ڏسي
هوءَ ارمان مان پنهنجون مايوس نظرون ٻئي طرف
ڦيرائي ڇڏيندي، وڏي ڳالهه ته گهر ڀاتين مان منهنجي
امڙ لاءِ چوندڙ ”ڄٽي“ جو لفظ به اڄ پنهنجي پڄاڻيءَ
تي پهچندو!! ۽ نه اڄ کان پوءِ بابا ڪثرت سان دوستن
جون دعوتون ڪندو ۽ نه ئي وري اسان پنهنجي جوان
ماءُ جي هڏڙن جهڙي جسم کي زور ڏيندي ان جا ٿڪ
گهٽائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪنداسين. اڄ منهنجي ماءُ جي
مُنهن ۾ نور پيو ٻري، ڇو جو، اڄ امان جي منهن تي
ڪو ڊپ ۽ دڙڪي جو احساس نه هو، ڇو جو اڄ کان پوءِ
ڪابه خواهش منهنجي ماءُ جي چپن بدران ان جي اکين ۾
لڙڪن جي صورت ۾ ڪانه رهندي...
علي محمد سولنگي
غزل
اسانجي وفائن جون ڳالهيون نه پڇ،
پنهنجي جفائن جون ڳالهيون نه پڇ.
حياتي سڄي ڪشمڪش ۾ گذر ٿي،
سِتم ۽ سزائن جون ڳالهيون نه پڇ.
اسانکي خبر ڇا؟ اسان سادا ماڻهو،
دولابن دغائن جون ڳالهيون نه پڇ.
اسانجيون سي منٿون، اوهانجا سي ماڻا،
انگل ۽ ادائن جون ڳالهيون نه پڇ.
زمين تي رهان ٿو، فلڪ سان منهنجو
ڇا؟
مون کان تون خلائن جون ڳالهيون نه پڇ.
ڏسي زرد چهرو، سمجهه دردُ منهنجو،
غمن جي گهٽائن جون ڳالهيون نه پڇ.
اوهانجي ته خاطر سٺم سولنگي جي،
ستم ۽ سزائن جون ڳالهيون نه پڇ.
شبانا سنڌي
وشواس وڃائي، ڀٽڪيو انسان
پاڙي جي مسجد ۾ لائوڊ اسپيڪر تان اعلان پئي ٿيا،
منهنجا مسلمان عزيز ڀائرو، هيءُ اعلان غور سان
ٻڌندا. هن مسيت ۾ هڪڙو مسڪين ۽ ضعيف حال پرديسي
مسلمان ڀاءُ آيو آهي. سندس گهر واري اسپتال ۾ آهي،
پاڻ به سائيءَ جو مريض آهي. جنهن به ڀاءُ کي هن
غريب جي مدد ڪرڻي هجي ته مسيت ۾ اچي چندو ڏئي وڃي
مهرباني.“ اعلان پورو ٿيندي ئي رڌڻي جي در وٽ بيٺل
قدير، ماءُ ڏانهن نهاريندي چيو، ”امان، اسان کي به
هن غريب جي مدد ڪرڻ گهرجي.“ ”ڇاجي مدد، ڇا جا غريب
اَبا، اُهي جيڪي غريب ۽ مسڪين بڻجي بيمارين جا
بهانا ڪري چندا ٿا گهرن، سي وڏا ٺڳ اٿئي.“ ماڻس،
جيڪا پڌر ۾ ويهي ان صاف ڪري رهي هئي، تنهن چيو،
”ڪهڙي خبر امان، متان به ڪو حاجتمند هجي، ائين نه
ٿئي جو هو مستحق هجي ۽ اسين هن سان ناانصافي ڪري
ويهون.“ قدير رڌڻي جو در ڇڏي اچي ماءُ جي ويجهو
زمين تي ٿي ويٺو ۽ اُن سان ڀريل ٿالهه مان ڀتر
چونڊي ٻاهر اڇلائڻ لڳو.
”ياد نه اٿئي پروڪي سال سانوڻيءَ جي مند ۾ به هڪڙو
ماڻهو آيو هو انهيءَ ساڳي مسيت ۾. چيائين پئي ته
ڌيءُ بيمار اٿم، ان جي علاج لاءِ پئسا گهرجن. اسان
وٽ پئسا ته ڪونه هئا، ان داڻا موجود هئا. پڻهين
سمورو ان کڻي ان کي ڏئي آيو هو اهو چئي ته، روزي
مولا جي هٿ ۾ آهي. بک ڪونه مرنداسين. پر ان ماڻهوءَ
ڇا ڪيو هو، سو ته توکي به ياد هوندو؟ سڄي ڳوٺ مان
جيڪو به ان مليس، سو سڀ وڪڻي پئسا پنجوءَ جي
اوتاري تي جوا ۾ هارائي هليو ويو. چاچي پنهل جي
بيواهه
زال
پاڻ ۽ پنهنجي ٻچن کي بکيو رکي به هن جي مدد ڪئي ۽
هو ٺڳ نڪتو.“ قدير ماءُ جي ڳالهه تي ماٺ ٿي ويو.
ياد
آيس. هڪڙي ڀيري پاڻ شهر مان ڳوٺ پئي موٽيو ته
لاريءَ ۾ هڪڙو منڊو فقير خيرات گهُري رهيو هو. هن
هر هر اهو پئي چيو ”مون مسڪين منڊڙي فقير جي مدد
ڪريو.“ هن کي مٿس قياس اچي ويو ۽ کيسي ۾ جيڪي ڀاڙي
کان علاوه پنج روپيا پيل هئس، سي ڪڍي ڏئي ڇڏيا
هئاسين. ٻئي ڀيري هو جڏهن وري ان لاريءَ ۾ ويٺو
ته اهو ساڳيو ئي ماڻهو انڌو ٿي خيرات گهري رهيو
هو. غصو اچي ويو هئس. چاهيو هئائين ته کيس گلي
مان جهلي چوي ته، ڪوڙ هڻي غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن کي
ٺڳين ڇو ٿو. ڏٽو مٽو آهين محنت ڇو نٿو ڪرين. پر
ڀريءَ لاريءَ ۾ هن کي بيعزتو ڪرڻ مناسب نه سمجهندي
قدير چپ رهيو هو. ”ماني تيار آ، کڻي اچان. بابا
ٻنيءَ تي انتطار
ڪندو هوندو.“ جوڻس اچي پُڇا ڪيس ته هو اٿي بيٺو.
”ها، کڻي اچ ماني، واقعي به دير ٿي وئي آهي.“
رومال ڇنڊي ڪلهي تي رکندي زال ڏانهن نهاري چيائين.
سندس زال، ماني ۽ لسيءَ سان ڀريل لوٽو کڻي آئي.
زال جي هٿن مان ماني ۽ لسيءَ وارو لوٽو وٺي هو
اڳتي وڌيو ته پٺيان زال چيس، ”پريان موٽين ته صابڻ
وٺيو اچجانءِ.
اڄ ڪپڙا ڌوئڻا آهن ۽ رليون به ميريون ٿي ويون
آهن.“
”ها ها، وٺيو ايندس.“ ائين چئي هو ٻاهر نڪري ويو.
”ڪنوار، ان صاف ٿي ويو آهي. مان اٿان ٿي. تون ۽
مومل ان کڻي اندر رکو.“ هڪڙو هٿ چيلهه تي رکي، ٻئي
هٿ سان زمين تي زور ڏيندي هوءَ اٿي اچي کٽي تي
ويٺي.
”مومل او مومل.“ ڀاڄايس مومل کي سڏ ڪيو. مومل،
جنهن اندر ڪوٺيءَ ۾ ننڍڙي کي پينگهي ۾ لوڏيو پئي.
ڀاڄائيءَ جي سڏ تي ٻاهر نڪري آئي. ”ننڍڙو ستو پيو
آ نه؟“ ڀاڄائيءَ پڇيس.
”ها ڀاڄائي.“ مومل پنهنجي سڳيءَ کي لوڏا ڏيندي
جواب ڏنو.
”ته پوءِ،
اچي مون کي ان کڻاءِ ته اندر ڪري رکون ٻاهر پيل
هوندو ته ڪڪڙيون پکيڙي ڇڏينديون. اڃا ڪپڙا به
ڌوئڻا آهن.“
هو مومل ڀاڄائس سان گڏجي ان کڻڻ لڳي. ٿوري دير کان
پوءِ قدير صابڻ وٺي آيو ته ٻنهي گڏجي ڪپڙا ڌوئڻ
شروع ڪيا. قدير جي ماءُ، کٽ تي ويٺي، وڏي ڌيءُ جي
ٻار لاءِ رلڪا پئي سبيا.
ماسي زينب ٻاهرئين دروازي مان اندر داخل ٿي پري
کان ئي چوندي آئي، ”خوش آهين قدير ماءُ“.
”ها، ادي، زينب، تون خوش آهين. ٻار ٻچا خوش اٿئي؟“
قدير ماءُ هڪدم جواب ڏنو. ماسي زينب ويجهو آئي ته
مومل ۽ ڀاڄايس به ڀليڪار ڪيس. هوءَ پنهنجي پراڻي
جتي گسڪائيندي اچي قدير ماءُ جي ڀرسان کٽ تي ٿي
ويٺي.
”قدير ماءُ، ٻار ٻچا سڀ خوش اٿئي . ڀاءُ منهنجو
خوش آهي.“ ماسي زينب پنهنجي
عينڪ
لاهي اُن کي پوتيءَ جي پلاند سان صاف ڪندي چيو.
”ها ادي زينب، شڪر آ رب جو. تون ته خوش آهين نه؟“
قدير ماءُ رلڪي کي ٽوپو ڏيندي چيو.
”ها ادي، الله جا احسان آهن. باقي سڀ خير آهي پر
ٻچڙي زبير کي اڄ ٽيون ڏينهن آ، بخار جا مچ پيا
ٻرنس، دوا مان ڪو فائدو ڪونهيس، شل رب رحم ڪري.“
زينب، فڪرمنديءَ مان چيو. ”ادي زينب، دوائن مان
اثر نڪري ويو آهي. اهي مئا ڊاڪٽر ڪجهه نٿا ڄاڻن.
کين رڳو پئسا کپن. جڏهن کان لالچ ۾ پيا تڌهن
کان شفا به هٿن مان نڪري وئي اٿن. بس، رب کي پارت
آهي. باقي بيماريون به اهڙيون نڪتيون آهن جو سڃاڻپ
کان ٻاهر .“ قدير ماءُ، سئيءَ ۾ ڌاڳو وجهندي چيو.
”چوين سچ، ٿي قدير ماءُ، مولا کي ڪا ٻاجهه پوي.
شل! رب رحم ڪري اسان گنهگار بندن تي صبح مسيت ۾
اعلان ٿيو هو، سو ته ٻڌو هوندئي. منهنجي پوٽي چوي
ته، پنج روپيا ڏينم ته ڏئي اچانس. ننهن به چيو پئي
ته، الاءِ ڪٿان جو آ ويچارو. مدد ڪرڻ گهرجي. مون
واري پوٽيءَ الاءِ ته ڪيئن، منهنجي رئي مان ناس جي
لاءِ ٻڌل پئسا ڇوڙي ورتا ۽ وڃي ڏئي آيس. هاڻي وتان
ٿي ناس لاءِ سٽون ڏيندي. پر ڀلو ٿئي ڀلي ڪنهن
مسلمان جو. ناس جي لاءِ پئسا ڪٿان نه ڪٿان ٿي
پوندا. اڃا به جي وڌيڪ هجن هان ته چڱو.“ زينب جي
ائين چوڻ تي قدير ماءُ چيو، ”ائي ادي، دل ڇو نه ٿي
چوي ته ڪنهن مسڪين جي پنهنجي وس آهر مدد ڪجي. پر
ڪهڙي خبر ته ڪير سچ پيو ڳالهائي ۽ ڪير ڪوڙ... روز
روز جي ٺڳين ويساهه کڻائي ڇڏيو آهي. اسين پاڻ به
ته مسڪين ماڻهو آهيون.“
”ها قدير ماءُ، چوين سچ ٿي. خدا جو ڪو خوف به نٿو
ٿئين. ڪوڙ هڻندي، پنهنجن مسلمان ڀائرن کي ٺڳيندي
ڊڄن به ڪونه ٿا. دغا ۽ دولاب ڪندي خدا کان به نٿا
ڊڄن. مسلمان ته نه ٿيا، اهي ته ڪافر سڏبا. ڪافر
ڪوڙ هڻي پنهنجي قبر ٿا ڪاري ڪن ٻيو ڇا ؟“ زينب،
رلڪن جون ٽڪريون کڻي ڏسندي چيو.
”توبهن
ادي توبهن، ڪهڙو وقت اچي ويو آهي. ماڻهن جي دلين
مان خدا جو خوف موڪلائي ويو آهي. زاري آهي، منهنجي
زاري قدير ماءُ ڪنن جي پاپڙين کي هٿ سان مهٽيندي
چيو ته زينب به پنهنجي نڪ تي اشهد آڱر رکي توبهه
ڪئي. ٻه چار ٻيون هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري
زينب موڪلائي وئي هلي. ته قدير ماءُ به سئي، ڌاڳو
۽ ڪپڙي جون ٽڪريون سنڀالي ٽٻڻيءَ ۾ رکي کٽ تان اٿي
۽ ڪوٺيءَ اندر هلي آئي. پينگهي ۾ ننڍڙي کي پاسا
ورائيندي ڏٺو ته پينگهي ۾ ويهي ننڍڙي کي لوڏڻ لڳي.
گڏ ئي ڳائڻ شروع ڪيائين.
”اِهي ڙي اڱڻ منهنجي راڻل جا وسندا،
اهي ڙي اڱڻ منهنجي ننڍڙي جا وسندا.
ماما چاچا کلي موڙ ٻڌندا....
اهي ڙي اڱڻ منهنجي ننڍڙي جا وسندا.“
اها قدير ماءُ جي پراڻي عادت هئي. جڏهن به پينگهي
۾ ويهندي هئي ته سهرا ضرور ڳائيندي هئي.
سياري جي مند هئي. ڏينهن ڌڪ ئي نٿي جهليو، جهٽ ۾
شام ٿيو پي وئي. سيءَ سبب هر ڪو جلدي ماني ٽڪر
کائي هنڌن ۾ هليو ٿي ويو. مومل، مانيءَ جي ڊڳڙي ۽
کير جو گلاس کڻي اچي ماءُ جي هٿن ۾ ڏنو ته پڇا
ڪيائينس. ”امان، پڻهين، ۽ ڀاڻهين وڏيري جي اوطاق
تان موٽيا ڪي نه؟“
”نه امان، اڃا خير ڪي آيا آهن.“ مومل اهو جواب ڏئي
موٽي وئي. ماني کائي بس ڪيائين ته ننهن اچي هنڌ
وڇائي ڏنس. کٽ جي پايي مان تسبيح کڻي هوءَ هنڌ تي
ليٽي پئي. ۽ پوءِ،
الله جو نالو وٺندي نڄاڻ ڪيڏيءَ مهل ننڊ اچي ويس.
فجر جي ٻانگ مهل اک کليس ته اٿي ويهي رهي. مڙسهس،
مصلي تي ويٺو هو. پڇا ڪيائينس، ”ڇو قدير جي ماءُ،
اٿي ويٺي آهين.، طبيعت ته ٺيڪ اٿئي؟“
”ها قدير جا پيءُ، ٺيڪ آهيان مان. مون کي لڳو ڄڻ
ڪنهن سڏي اٿاريو آ مون کي. تو ته سڏ نه ڪيو نه؟“
هوءَ منجهيل منجهيل پئي لڳي. ”خواب ته نه لڌو
اٿئي؟“ مڙسهس مُرڪندي چيو.
”خواب... هوءَ ذهن تي زور ڏيڻ لڳي. اوچتو هن رڙ
ڪئي، قدير جا پيءُ، قدير ڪٿي آهي؟“
”رڌڻي ۾ ويٺو آهي. زال سان گڏجي چانهه پيو ڪاڙهي.
مڙسهس مصلي تان جواب
ڏيندي
چيو.
”پر مون ته قدير کي ٻنيءَ تي ڪم ڪندي ڏٺو. مون ڏٺو
ته، قدير کي نانگ ڪکي وڌو آهي ۽ هو رڙيون ڪري مون
کي سڏي پيو ته، اَمان، مون کي بَچاءِ.“ قدير ماءُ کي سڄو خواب ياد اچي ويو ۽ هوءَ ڏڪن
لڳي. ”مون چيو مانءِ نه ته، ڪو خواب ڏٺو هوندئي.
قدير ته گهر ۾ ويٺو آهي.“ قدير جو پيءُ مصلو ويڙهي
اٿيو. اوڏي مهل پاڙي واريءَ مسجد ۾ لائوڊ اسپيڪر
تان ڪو اعلان ٿيو. هنن ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻڌڻ ۾
نه آين.
”ڇا جو اعلان هو قدير جا پيءُ؟“ قدير ماءُ گهٻرايل
آواز ۾ چيو. ”الائجي، مان پاڻ توسان گڏ ويٺو
آهيان. مون پاڻ صحيح طرح نه ٻڌو. ٻاهر ڏسان ٿو،
متان قدير سمجهيو هجي. ائين چئي هو ڪوٺيءَ کان
ٻاهر نڪري جهٽ موٽي آيو. ”قدير ٻاهر ويو آهي، موٽي
ته ڪا خبر پوي. ائين چوندي هو پنهنجي کٽ تي ويهي
رهيو. قدير ماءُ، غور سان مڙس جي چهري کي ڏٺو. کيس
مڙس جي چهري جا تاثر بدليل محسوس ٿيا. ٿوريءَ دير
کان پوءِ قدير موٽي آيو. هو سڌو اچي ماءُ جي کٽ
تي، ماءُ جي ڀرسان ويٺو. پنهنجن مضبوط هٿن سان
ماءُ جا ڪمزور ڪلها جهليندي چيائين، ”امان، هو
ويچارو پرديسي رات جو گذاري ويو مسيت ۾.“
”ڇا چيئي؟“ ماڻس کان دانهن نڪري وئي.
”ها امان، هو واقعي به گهڻو بيمار هو. سائيءَ سان
گڏ دم جي به بيماري هئس. ويچاري جي ٻي ته ڪنهن مدد
نه ڪئي، پر ٺلهي سوڙ به نه آڻي ڏنائونس. هو ويچارو
سيءَ ۾ جيئن ڪرونڊڙو ٿي ستو ته اتي ئي دم ڏنائين.
قدير، ڳالهه پوري ڪري ماءُ ڏانهن ڏٺو ته ان جي
اکين مان ڳوڙها پئي وهيا.
”ڪيتري عمر جو هو پٽ؟“ قدير کي پنهنجي ماءُ جو اهو
سوال سمجهه ۾ نه آيو، پر جواب ڏنائين، ”مون جيترو
هوندو امان.“ ”ها ابا، هن مون کي گهڻائي سڏ ڪيا پر
مون نه ٻڌا، تو ته گهڻو چيو ته، هو مستحق هجي
متان. پر مون ئي اعتبار نه ڪيو. اها غلطي منهنجي
آهي. شل رب مون کي معاف ڪري.“ هوءَ رئي جي پلاند
سان پنهنجا ڳوڙها اگهڻ لڳي.
۽
نه قدير ماءُ، اها تنهنجي غلطي ناهي. تنهنجو ڪو
ڏوهه ڪونهي. اصل انسان ئي انسان کي ايمان مان ڪڍيو
آهي. انسان، جي انسان سان ويساهه گهاتيون نه ڪري.
هڪ انسان، ٻئي انسان کي نه ٺڳي ته انسان جو انسان
تي اعتبار قائم رهي ها. ڪا بي اعتباري نه هجي. ها
ته هر ڪو خوشيءَ سان هڪٻئي جي مدد ڪري ها. پر هتي
ته چڱا ڀلا ماڻهو،
پاڻ کي مسڪين سڏائي الله جي نانءُ جي آڙ ۾ اٻوجهه
ماڻهن کي ڦرين ۽ لٽين پيا. اهڙي حالت ۾ ڪير ڪندو
اعتبار ڪنهن تي. اسان جو ڪو قصور ڪونهي. اسان جو
ضمير مطمئن آهي ته اسين بي ڏوهي آهيون.
ائين چوندي قدير جي پيءُ زال ڏانهن نهاريو.
”ها قدير جا پيءُ، شايد تون سچ ٿو چوين. ڪنهن ٺڳ
جي هٿان ٺڳجڻ جي ڊپ کان اسين ڪنهن جي مدد نٿا
ڪريون. پر اسان جو رب ڏسي ٿو ته اسين بيقصور
آهيون.
ڳلن تي ڳڙي آيل ڳوڙها پوتيءَ جي پلئه سان اگهندي
قدير ماءُ تسبيح پڙهڻ شروع ڪري ڏني.
رتنا گوديا ”رولاڪ“
پيڙا جو پڙلاءُ
مون هندوجا کان سوال پُڇيو، ”ائين نه ٿئي ته توهان
بنگلي يا سنڌو ڀون جي زمين تي پنهنجو حق ڇڪيو.“
مون کي ياد آهي ته هُن منهنجو هٿ پڪڙي چيو، ”مون
سان هيڏو حادثو ٿيو آهي، مان ائين ڪندس؟ ڪنهن لاءِ؟
مان خود سنڌين جي شيوا ڪرڻ ٿو چاهيان.“
هريش ڊبي به اُتي اسان سان گڏ هو. پر ويو ته وري
سندس ڪو جواب نه آيو. تارون ڪيون، اي ميل ڪئي.
جواب نه اچڻ تي فيصلو ٿيو ته ڪندنداس فلاڻي ڏينهن
بُک هڙتال ڪندو. سو پوسٽر ڇپايا ويا. باقي هفتو
رهيو هو. سڀني اخبارن ۾ ڇپجي چُڪو هو. ٽڪيٽون بُڪ
ٿيون ٿورن جون . چار ڏينهن اڳ ڪاڪي کي فون آيو
هندوجا جو ته ”بُک هڙتال نه ڪيو.“
سو سائين ڪاڪي
چيو ته مان هندوجا جو انتظار ٿو ڪريان. هوڏانهن
گانڌيڌام مان ڀڳوان ابيچنداڻيءَ جو فون آيو ته مان
سڀاڻي نڪري رهيو آهيان.
مون غصي مان ڪاڪي کي چيو، ”پنج هزار پوسٽر ڇپائي
کڻي آئي آهيان. جي آخري ڏينهن هلندا ته اُهي ڪيئن
سڄي شهر ۾ لڳندا؟ دهلي ڪو ننڍو ڳوٺ ته ناهي.“
جيڪي به اُتي هئا تن مجبوري ڏيکاري ته اسين بُک هڙتال ڏينهن ئي هلنداسين. باقي هي ڪم ڪير ڪندو؟
ڪاڪي چيو، ”رتنا، تون وڃ. ٻه ٻيا ماڻهو توسان گڏ
هلندا.“
مان شام واري ٽرين ۾ ٽي ٽن پوسٽر کڻائي اچي اسٽيشن
تي پهتيس. اُتي ته اسانجو ڪوبه ماڻهو نه هو. ايتري
۾ سائين ٻلرام اچي اُتان لنگهيو، جنهن مون کان
پُڇيو، ”ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“
مون وراڻيو، ”دهليءَ.“
ٻلرام چيو، ”مان ويشنؤ ديوي ٿو وڃان سؤ ماڻهو وٺي.
فلاڻي دٻي ۾ آهيون. توکي ڪا ضرورت پوي ته ٻڌائج.“
اهو چئي هو هليو ويو. ڏهن منٽن کانپوءِ ٽي. سي آيو
ته ٽڪيت
ڏيکار. مون ٽڪيٽ ڏياري ته چيائين، ”هڪ ٽڪيٽ تي
هيترو مال کڻي نٿي سگهين. هل آفيس ۾ مال کڻي ۽
ڪوليءَ کي مال کڻڻ لاءِ چيائين. مون کيس ٻڌايو ته
مون سان سؤ ماڻهو آهن جي فلاڻي دٻي ۾ چڙهيل آهن،
وڃي پهريائين چيڪ ڪري اچ. هو بڙ بڙ ڪندو هليو ويو.
باقي گاڏي ڇٽڻ ۾ هئا ڏهه منٽ. مون ڪوليءَ کي چيو
ته رک مال دٻي ۾. مال چاڙهي، ڪولي مزوري وٺي هليو
ويو. گاڏيءَ وسل هنئي ته گنگواڻي سهڪندو سهڪندو
اچي گاڏيءَ ۾ چڙهيو ۽ اُن سان گڏ هو سنگواڻي، جنهن
چيو، ”مان ٽي. سي. آهيان. منهنجي وڏي سڃاڻپ آهي.
هل ته توکي فرسٽ ڪلاس ۾ ويهاريان.“
مون پچيومانس،
”تون هلي رهيو آهين؟“
هُن چيو، ”نه، منهنجي گهر ۾ ڪو بيمار آهي.“
گاڏي هلڻ لڳي، مون گنگواڻيءَ کي چيو، ”اُن کان ته
نه اچين ها ته سُٺو. توهان سڀ ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ
ايندا، اُن کان ته مان اڪيلي دهليءَ جو ڪم ڪري
سگهان ٿي. هاڻ به تون ٻيءَ اسٽيشن تي لهي سگهين
ٿو.“
هُن بهانا ڏنا. مان سُک سان دهليءَ پهتيس. ايئر
لائين هوٽل ۾ روم بُڪ ڪرائي. دهليءَ ۾ رهندڙ موهن
ڀوڄواڻي، هڪ سٺو دل وارو، سچو ڪاريه ڪرتا هو. اسان
گهڻيئي ڀيرا گڏيا هئاسين. مون هن کي فون تي گهرايو
۽ کيس سمجهايو ته ڪي مزور به وٺي اچ، جن کي پوسٽر
هڻائڻ لاءِ سمجهايان. هو ڀلو ماڻهو هو. سڀ بندوبست
ڪري اچي هوٽل ۾ پهتو. مون اُن رات جو سڄي دهليءَ ۾
پوسٽر هڻائي سُک جو ساهه کنيو. ٻئي ڏينهن ڀڳوان به
اچي پهتو. پوءِ ويٺاسين اڳتي جي ڪاريه لاءِ رٿا
ٺاهڻ. شام جو ميٽنگ ڪوٺائي جمنا پار. پنهنجو سڄو
پروگرام اُنهن ماڻهن کي سمجهايو. موهن ٻانهن ٻيلي
ٿي بيٺو هو. ٽئين ڏينهن هئي بُک هڙتال. ڪاڪو ڇا،
سڀ ماڻهو اچي پهتا. ميدان تي اٿاه ماڻهو هئا. ٻن
ٽن ڪلاڪن کان پوءِ هندوجا آسرو ڏنو ته شام جو
نرسنمهاراو سان ملاقات رکي آهي. بس، بُک هڙتال ٿي
پوري. پوءِ ڪم ڪرڻ وارا روم ۾ ئي ويٺا رهيا. ڪاڪو
۽ هندوجا. ٻيا جيڪي هوائي جهاز ۾ بمبئيءَ کان آيا
هئا، سي وڃي نرسنمهاراو سان گڏجي آيا. ڳالهه ٿي
پوري.
اهي هيون ڪاڪي جون ڳالهيون. پوءِ رام جواهراڻيءَ
ڪاڪي کي چيو، ”رتنا جو گهر پري ٿو پوي، توهان مون
وٽ اچي کار ۾ ميٽنگون ڪريو.“ |