حميد سنڌي
رومانس جي خودڪشي
ڪجهه عرصو ٿيو ته ڪنهن اخبار ۾ هڪ مضمون جو عنوان
پڙهيم، ”خودڪشي جو رومانس“. وري هڪ نوجوان ليکڪ جي
ڪتاب جو عنوان پڙهيم، ”خودڪشيءَ جو رومانس“ وري جو
سنڌ ۾ روز جام
خودڪشين جا واقعا خبرن ۾ پي پڙهيم ته وري عنوان
اچڻ لڳا، ”خودڪشي جو رومانس.“
هر معاشري
۾ خودڪشي جو تصور ڪڏهن به ُڻندڙ يا قابل قبول نه
رهيو آهي، توڙي جو سَوَ دليل هجن. ان سان، اُن
ماڻهوءَ نينگرن يا نينگرين جي ڏکن، جاين جو خاتمو
ٿيندو هجي ته خدا کي خبر پر اُن دوران سندن، توڙي
اُن کان پوءِ واسطيدارن، عزيزن، قريبن جو ڪهڙو حشر
ٿئي ٿو. اُهو وڌيڪ دکدائڪ ۽ تڙپائيندڙ آهي. پر
ڳالهه اها آهي ته ”خودڪشي“ سان رومانس آهي يا
خودڪشي جو رومانس آهي، اهو ڪجهه سمجهه ۾ نه ايندڙ
قصو آهي. سمجهڻ لاءِ کڻي ڊڪشنري کوليم. ڌڻي ڀلو
ڪري عزيزم عبدالرشيد ميمڻ جنهن وڏي جاکوڙ کان پوءِ
انگريزي مان انگريزي ۽ وري ان جي سنڌيءَ ۾ معنائن
سان ٽن جلدن ۾ ڊڪشنري ڪڍي آهي. وڏي محنت ڪئي
اٿائين. ڪڻو ڪاسو دوستن ۽ اسان جو به هيو. نانءَ
ته نه کنيائين. پر ڪاپيون به نه ڏنائين. ڀاءُ شمس
کي سيڪريٽري برادري ڪري ٽيئي جلد موڪليائين. مون
کڻي قبضو ڪيو. کڻي کوليان ته
Suicide
(خودڪشي) جي معنيٰ لکيل هئي، ”پاڻ گهات، آتم هچا،
آپ گهات، پاڻ مارڻ، خودڪشي وغيره وغيره.“ وري لکيل
هو
Suicide pact
جنهن جي معنيٰ هئي ٻن ماڻهن جي
وچ ۾ آپ گهات، آپگهات جو معاهدو. وري
Suicidal جي لاءِ هو ته، اپ گهاتڪ نقصانڪار، خوڪشي
ڏانهن راغب ڪندڙ تباهڪار، تباهيءَ طرف ويندڙ
وغيره. سوچيم، مار! هيءَ ته وڏي سلسليوار واردات
آهي، هڪ پاسيخودڪشي پاڻ مارڻ يا آپگهات ڪرڻ، وري
ٻئي پاسي آپگهات جو معاهدو ڪري مرڻ. پر ڪٿي اهي
معاهدا
(Pacts) United Nations جا معاهدا يا
NATO
جهڙا معاهدا ته نه آهن، جن ۾
گڏ مرڻ جيئڻ جا واعدا هوندا آهن، پر وقت تي ٿيندو
ائين آهي. ”چڙهه جا بيٽا سولي پر، رام ڀلي ڪري
گا.“ پر ڪي معاهدا جيڪي ”ايفائي عهد“ نه ٿيندا آهن
شايد
Suicidal
هوندا آهن. جنهن جي معنيٰ لکيل آهي خودڪشي ڏانهن
راغب ڪندڙ يا تباهيءَ طرف وٺي ويندڙ. جيئن شايد
عاشق معشوق گڏ جيئڻ مرڻ جا واعدا ڪري زهر گڏ
پيئندا آهن. خبر تڏهن پوندي آهي ته هڪ جو زهر سچو
هوندو آهي ٻئي جو ملاوٽ مليل. چون ٿا ته روميو
جوليٽ وارو رومائنٽڪ قصو اصل ۾ هينئن هو ته، ٻنهي
گڏ مرڻ جو معاهدو ڪيو. جوليٽ ٺڳي ڪري ملاوٽ يا نشي
وارو زهر پيتو. پاڻ بچي وئي روميو وڃي ڌڻي کي
پرتو. شيڪسپيئر يا ٻين کڻي جوليٽ کي اَمر ڪيو ۽
چيو ته پوءِ هن خنجر کڻي پاڻ کي هنيو هو. ڪي چون
ٿا ته ائين نه هو جوليٽ جيئري رهي ۽ خوش ٿي ان
همراهه سان شادي ڪيائين جنهن کيس عجيب زهر آڻي ڏنو
هو جو هوءَ ڪجهه وقت لاءِ نه جيئرن ۾ هئي نه مئلن
۾ (نوٽ: دُروغ برگردن راوي) سائين! ڇا به هجي پر،
اهڙا داستان به آهن، جن ۾ رومانس جي چاشني ڏاڍي
وڻندڙ ۽ جيئري رهڻ وارن جذبن کي پالي تاتي وڏو ڪري
ٿي.
هڪ ڏينهن هڪ همراهه زندگي مان ڏاڍو مايوس ٿيو ۽
خودڪشي جو پئي سوچيائين ۽ اچي مون سان صلاح
ڪيائين. چيومانس ”چريو ٿيو آهين. خودڪشي ڀلي ڪر
Suicide Pact واري. ڪنهن سان رومانس ڪر. اُن کي ڏٽا پوزيون ڏئي ٻئي جهان ۾
ملڻ ۽ ميلاپ وارا سبز، نيرا نيرا، پيلا، ڳاڙها
خواب ڏيکار پوءِ هڪ معاهدي هيٺ خودڪشي ڪر ته اَمر
ٿي ويندين. سڄي ڳالهه کي رومانوي بڻاءِ.“
وري جو عزيزم عبدالرشيد جي ڊڪشنري مان
Suicide Pact
جي معنيٰ ڏيکاري وَري
Romanticize
ڪرڻ جون ڪيتريون معنائون
ڏيکاريون مانس ته وري پڇيائين ”سائين رومانس ٿيندو
ڇا آهي؟“
وري ڊڪشنري پٽي رومانس
Romance
جون ڪجهه معنائون ٻڌايونمانس.
حيرت انگيز واقعو، رومانوي داستان، معاشقو، مبالغه
آميز رنگين بياني، روماني انداز يا تخيل، شاعري
تخليقي، جذباتي، هوائي قلعا ٺاهڻ خيالي پلاءُ
پچائڻ وغيره.
”بس سائين بس، مان سمجهي ويس. جلد توهان اخبار ۾
هڪ پريمي جوڙي جي گڏيل معاهدي هيٺ خودڪشي پڙهندو.“
ڏينهن ئي ڪونه گذريا. اخبار ۾ هڪ پريمي جوڙي جي
خبر هئي. هن همراهه جو نالو به برابر هو، ساڻس گڏ
ڪنهن مسمات جو نالو به هو، پر هيءَ خبر خودڪشي جي
نالي نه پر هن پريمي جوڙي جي ڪورٽ ۾ ڪيل شاديءَ جي
هئي. هن همراهه، انهن مٿي ڄاڻايل ڪيترين معنائن
مان ڪهڙي معنيٰ کنئي!! ٿي سگهي ٿو ته هُن
Suicide
واري معنيٰ به پڙهي هجي ته خودڪشي ڏانهن راغب ڪندڙ
يا تباهي طرف ويندڙ. ڪن شادين جو ويندڙ رستو يا
انهن جي ترغيب اهڙي به ٿيندي آهي جيڪا آخر ۾ خودڪشي
ڪرڻ جهڙو ڪري ڇڏيندي آهي. پوءِ مان ڪنهن سوچ ۾
پئجي ويس. ڇا، واقعي خودڪشي ۽ رومانس جو ڪو گهرو
رشتو آهي. ڇا، خودڪشي سان رومانس يا عشق ڪري سگهجي
ٿو. رڳو پريمي جوڙن جو رومانس يا عشق سڀڪجهه
ڪونهي. مون رومانس کي هميشه انساني جياپي، جيوت ۽
ڌرتي سان لاڳاپيل ڏٺو آهي. سڄي ڪائنات جيڪا مالڪ
خلقي سا رومائنٽڪ نظارن ۽ وارداتن سان ڀريل آهي.
رومائنٽڪ
ماحول ۽ جذبا ئي زندگي ۾ رومانس يا عشق کي جنم
ڏيندا آهن. ڪائنات جي سونهن جڏهن ڪئين ئي رنگ
وکيريندي آهي، ڌرتي پٽ پٽيهرن جهڙا وڳا پائيندي
آهي، وڄون وسڻ جا ويس ڪنديون آهن، جبل جاڙون ڇڏي
سر سبز ٿي ويندا آهن. درياهه پنهنجي موج مستي ۾
اچي پنهنجا خشڪ پيٽارا به ڀري ڇڏيندو آهي، ڪچا ٻڏڻ
لڳندا آهن. پڪا مالوندن جا هوندا آهن، سکن جا
سرمنڊل وڄڻ لڳندا آهن، ته رومانس به پنهنجا رنگ
ڏيکاريندو آهي.
مون کي ياد آهي ته ڌرتي جو رومانس مون تي تڏهن
وڌيڪ ڇانيل هوندو هو جڏهن مان ريل رستي ڪوئيٽا
ويندو هيس. انگريزن جي هيءَ ٺاهيل ريل جي پٽي عجب
نظارا پسائيندي هئي. بولان ميل جي نالي سان هيءَ
گاڏي، من موهڻي سنڌ جا سير ڪرائيندي، سنڌو درياهه
بادشاهه جون ڇوليون پسائيندي، ڪئين ئي ٻيٽ، پيٽ،
پيٽار پار ڪرائيندي، کير ٿر جبل جي جُسي ۽ جان مان
لنگهندي پير صدر الدين بادشاهه وارو لَڪَ ٽپي،
قلندر جي نگريءَ سيوهڻ تي ساهه پٽائيندي هئي. مان
سڄو رستو گاڏيءَ جي دريءَ مان، قديم ۽ قديم قدرن
جي امينن جون وستيون، مانجهند، سَنُ، آمري، رني
ڪوٽ ڏانهن ويندڙ رستو، ڏسندو لڪ ٽپندو، لڪي شاهه
صدر وٽ درياهه جو آباد چهچ سائو پيٽ ۽ ڇرون پسي
اندر ۾ خوشي محسوس ڪندو هيس. سائين صدر الدين
بادشاهه کان اجازت پني، قلندر سائين جو پري کان
چمڪندڙ مقبرو ڏسي، اندران دُعا اها نڪرندي هئي ته،
”بادشاهه! هيءَ سرسبز ۽ آباد سنڌ جي نگري هميشه
آباد رکجانءِ.“
سيوهڻ جي اسٽيشن ماڻهن سان سٿيل هوندي هئي، ٻهڪندڙ
چهرا، ملڪان ملڪ کان آيل آسروند، چوڌاري نعرا
نينهن جا جيئن گاڏي قلندر سائين جي مقبري وٽان موڙ
مٽيندي هئي ته، سنڌڙيءَ جا شهباز قلندر حق قلندر،
دما دم مست قلندر جا نعرا لڳندا هيا.
قديم خدا آباد، سائي بوبڪ ڏسندا دادوءَ جي جادو
نگري ۾ داخل ٿبو هو. جتي ڪي دوست ڦوٽي ۽ کير واري
خوشبودار چانهه
کنيو بيٺا هوندا هئا. مرڪون ئي مرڪون هيون. لاڙڪاڻو ساهه سياڻو ڪامريڊ سوڀي
جو شهر، دوست سليم خواجا يا ديوان گوپال
داس انب کنيو، ٽفن جهليو بيٺا هوندا هئا. حبيب ڪوٽ
جنڪشن ٽپي شڪارپور پهچبو هو ته سڳنڌ ئي ٻيو هوندو
هو. ڪي دوست شڪارپور جي خوشبودار ڪلفي ۽ ديوان جي
سڱرن واري مٺائي کنيو ايندا هيا. هٿن ۽ ڳچي ۾ گلاب
۽ موتئي جون ڪنڍيون، چوڌاري خوشبو ئي خوشبوءِ.
ماڻهن ۾ چرپر ۽ حياتي جي اهڃاڻ پسي خوش ٿيندو هيس.
شڪارپور نينهن وارن ۽ شوقينن جو شهر آهي. حسن سان
گڏ خوشبوءِ سندن سينگار آهي. جيڪب آباد، سر جيڪب
جي گهڙيال ۽ ٽاور وارو شهر، عبدالڪريم گدائيءَ
غالب لطيف، فتاح عابد جو شهر، قرب وارا چانهه
جهليو بيٺا آهن. رات به لڙي آهي. بلوچستان جا برپٽ
ميدان علائقا، جهٽ پٽ، ديرو مراد ۽ سبي لتاڙيندي،
جابلو علائقا ٽپندي، ٻن انجڻين سان ڌوڌاٽ ڪندي،
چرن غارن (ٽنيلز) مان ٿيندي صبح جا نظارا پسائيندي
اچي هڪ اسٽيشن
آب گم تي پهچندي هئي.
هن اسٽيشن تي ٺڪر جي کمرن ۾ چانهن، دونن ۾ حلوو
پوري ۽ پڪوان. جابلو سيءَ جو مزو الڳ. ٿڪ ٻڪ لهي
ويندا هيا. ماڻهو ڄڻ هڪ پوري رومائينٽڪ دور مان
لنگهندو، هڪ نئين رومانس ۾ قابو ٿي ويندو هو.
اوچتو خبر پڙهيم ته ريلوي اختيار وارن بولان ميل
بند ڪري، زندگي جي هڪ روان دوان سفر کي ٻنڍو ڏئي
ڇڏيو آهي. مون پڙهيو ۽ منهني اندر ۾ هن سفري
رومانس مرڻ شروع ڪيو. دوستن چيو، رومانس کي مرڻ نه
ڏي، تون هاڻ ان گاڏي ۾ وري چڙهه توڙي کڻي اها
بولان ميل نه رهي آهي، ڇاڪاڻ ته مهيني اڌ ۾ اها
بند ٿيندي. اڃا ويل وئي ناهي تنهنجي اندر ۾ رهندڙ
رومانس ڪجهه وقت لاءِ ته زندهه رهندو.
هڪ ڏينهن وڃي گاڏيءَ ۾ وَرُ چڙهيس. هيءَ اها ميل
نه هئي ٻن چئن گاڏن واري لنڊ پئسينجر پي لڳي. عمر
ڏٺاسين خواب سهڻا سهڻا، سو خواب ساڻَ ڪري دل کي
دلبو ڏئي چيم، ڪا ڳالهه نه آهي. سنڌ جي عشق کي ور
مچائڻ لاءِ ان جي ماڻهن، ماڳن مڪانن اسٽيشنن،
جبلن، سنڌو دريا جي مست پنڌ ۽ وهڪري کي پسڻ ۽ ملڻ
لاءِ انهن سان رومانس کي زندهه رکڻ لاءِ اهي
لنڊيون به چڱيون، بلوچستان جو حسن الڳ ڏسبو. ڪوٽري کان گاڏي هلي. ڀڳل گاڏا، کرکنا دريون ائين لڏان پيو ڄڻ ته
ڇڪڙي ۾ ويٺو هجان پر عشق عشق آهي. مان درياشاهه کي
ڏسڻ لاءِ ڪڏهن هڪ دريءَ کان ڪڏهن ٻي دريءَ کان پي
ڦريس، درياهه شاهه پٽا ڏئي گم ٿي ويو هو. ڄام شورو
به ٽپي آياسين دريا شاهه جيڪو سنڌ جي گجگوڙ هو،
سنڌ جي مستي، موج ۽ سڪار جو اهڃاڻ هو. بنهه پٽا
ڏئي ويو هو. واريءَ مٿي پي اڏاڻي. ڪٿي سينواريل
پاڻيءَ جا دُٻا هئا جيڪي ٻڌائين پيا ته هتان ڪو
دريا شاهه نالي واٽهڙو لنگهيو هو، جيڪو هڪ مسافر
جيان هو. الائي سفر جي ڪهڙي موڙ تي دڳ وڃائي ويهي
رهيو.
پيٽارا، ٻيٽ، ڍنڍون ڍورا سڪل هيا. صدرالدين
بادشاهه نٽهڻ ۾ هيو. وڻ سڪي ڪوڪلا ٿيل هئا. لڪ
وٽان هيٺ نهاريم، سرسبز پٽن ۽ پوکن جي جاءِ تي ٺوٺ
ڌرتي هئي. چمڪندڙ ڇوليون هڻندڙ ڇرون ڄڻ زمين اندر
پيهي ويل هيون. کرکنا ٿيل هن گاڏيءَ سيوهڻ تائين
پهچائيندي سج لاهي ڇڏيو. قلندر جي نگريءَ ۾
اونداهه هئي. اسٽيشن تي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو هيا.
چڙهيا ته ڏٺم ته سندن منهن پيلا ۽ لٿل هيا. حالي
احوالي ٿيا ته چيون، ”قلندر جي نگري ۾ ڪلاڪن جا
ڪلاڪ بجلي ڪانهي، چون ٿا لوڊشيڊنگ ٿي آهي.“
ڳالهائين پيا ته سندن اکين ۾ لڙڪ اوتجي پيا اچن.
گاڏي هلي ته ڪو نعرو ٻڌڻ ۾ نه آيو. اهو ضرور ٿيو
جو قلندر سائين جي مقبري ويجهو موڙ وٽ پهتي ته
ڪيترن دعا لاءِ هٿ کنيا. هڪ نوجوان جيڪو پڙهيل
ڳڙهيل هو، دل جي درد سان پُر هيو. دانهن ڪندي سُر
سان شاهه پڙهيو:
اندر جهُڙَ جهور وهي، ٻهر ڪڪر نه ڪوءِ،
وسائي سا وڄڙي، جنهن کي حُب هوءِ
لالن جهين تن اوڪاڻين نه اکيون.
ٻيو نوجوان هر هر اها دعا پيو گهري، ”سائينم
سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار.“
ڪنهن چيس ته اڳتي به چئه ته ڳوڙهن گاڏڙ کل کليو ۽
آڱر مٿي کڻي چيائين، ”اڳتي سندس مرضي.“
سيوهڻ کان اڳتي به ويراني هئي. خدا آباد ۾ اوندهه
به پسجي پيو ته ان جا زبون پراڻا آثار وڌيڪ ڀريل
هئا. بوبڪن واري ساوڪ جو هڳاءُ به نه هو. لڳو پي
ته سوڪهڙي جو شڪار هئي. بوبڪن جي ڀنگ ڄڻ ته سڙي
وئي هئي. پر شايد نشئي طوطا به اڏامي هليا ويا
هئا. دادوءَ جادو پورو هو. هڪ يار آيو، وينڊر کان
سڙيل چانهه جو ڪوپ وٺي پياريائين. اصل نسل خوشبو
واري چانهه جو پڇيومانس ته چيائين ”يار ويا آهن
پيئڻ جي پاڻي جي ڳولا ۾. مٽ دلا اڄ ڀڃي پريس ڪلب
آڏو احتجاج ڪيو اٿائون ۽ ڪي بک هڙتال تي آهن. پاڻ واري مينهن کير ئي ڏيڻ ڇڏيو آهي. کين تڙڳڻ لاءِ
پاڻي ته ٺهيو پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي، کير ڌوڙ تي
لاهينديون باقي رهيا ڦوٽا ته ماڻهن ۾ خوشبو ناهي
رهي ته ڦوٽن ۾ خوشبو ڪٿان ايندي.“
لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي
جو ته ساهه سڪو پيو هو. شري گوپال سرڳواسي ٿي ويو
هو، سليم خواجا ڪراچي آباد ٿيو هو. ڪن ٻين دوستن
کي حيدرآباد وارن دوستن نياپو ڏنو هو. هڪ همراهه
بيٺو هو چي، ”لالڻ مختيارڪار وصولي تي ويل آهي،
موٽي ئي نه ٿو جو نوڪري خطري ۾ اٿس، ماڻهن وٽ نه
فصل نه روڪڙ ڍل ڪٿان ڏيندا؟“ زرعي بينڪ واري نالي
ڀائي دوست عبدالحميد جو نياپو به ڏنائين، ”سائين،
اهو به شهدادڪوٽ ۾ غير آباد زمينن جي آبادگارن کي
قرض اڳاڙڻ جي ناڪام ڪوششن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هٿ
پير هڻي رهيو آهي. ڪاميابي لاءِ دعا ڪجوس.“ مون
سندس پيرن ڏي نه پر هٿن ڏي نهاريو، انهن هٿن ۾ نه
ٽفن هو نه ديسي انب.
هو ته نياپا ڏئي هليو ويو. بک به ڏاڍي لڳي هئي. هڪ
گاڏي ڇڪڙُ، اي سي گاڏا ته هليا ويا مين لائين جي
نائٽ ڪوچن ۽ تيز گامن ۾، تنهن ڪري گرمي، مٽي ۽ ڌوڙ
۾ اصل ڌوڙ ڪري ڇڏيو هو. منجهند واري مانيءَ جي هڙ
۾ مانيءَ ڀور هيا. لهي نل تان هٿ منهن ڌوتم. ٿرماس
۾ پاڻي به ڀريم نل ۾ ڀلا ڍڪ ڍڪ پاڻي پي آيو ته دير
لڳي، سو ڊوڙي پڪوڙا وٺڻ چاهيم پر اهي ٿڌا ۽ پاروٿا
لڳا. گاڏي واري پڪوڙائي کي ڪجهه چيم ته خار مان
چيائين ”صبح کان بيٺا آهيون. هڪ ته هن لانئين جون
گاڏيون مردار، ماڻهون ڪين. هيءُ ڍير وڪامي ته گرم
مال آڻيون.“
ڀڳس انبن واري ڏي ته هڪ همسفر ساٿي بيٺو هو. هٿن ۾
ٻه وڍيل انب هيس. ”سائين نه وٺجو هڪ ڦڪا ٻيو ته
رڌل آهن.“ انبن وارو کليو. ”انبن جي باغن کي پاڻي
نه ملندو ته ائين ٿيندو. ڪاربيٽ پڪل انب، وري هيءَ
گرمي پوءِ ڦڪا ۽ رڌل نه هوندا ته ٻيو ڇا هوندا.“
ائين گاڏي چري، مان ۽ هو همراهه کي به ڏنم. هن ڦڪن
۽ رڌل انبن سان ماني کاڌي. گاڏي هلندي هلي ۽ مان
سوچيندو رهيس. ”هاءِ ڙي سنڌ، تنهنجو درياهه شاهه
وڃائجي ويو، ساوا پٽ برپٽ بڻيا، نه سلا نه گاهه.
مينهن کير ڏيڻ ڇڏيو. پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي. سنڌ ۾
غريبن جو کاڄ پڪوڙو به پاروٿو. انب رس ڇڏي ويا.
ماڻهو اٻاڻڪا، ڀيلا منهن، ڳڻتين ڳاريل. باقي رهيو
ڇا؟“
شڪارپور جو بورڊ ڏٺم خوش ٿيس ۽ سوچيم ته ڪي يار
آيا هوندا. ڪا لکي دروازي جي ڪلفي کڻي آيا هوندا.
ٽپ ڏئي لٿس. انهيءَ همسفر ساٿي
کي شڪارپور ۾ ئي لهڻو هو. مون لهي پنهنجي يارن کي
ڳوليو پي ته سري آيو. پڇيائين، ”ڪنهن کي ڳوليو
ٿا.“ ڇا چوانس. نيٺ چيم، ”يار! سُئي پيو ڳوليان.“
هو وائڙو ٿي ويو. ”يار، دوستيون قرب جو ساٿ هاڻ
سئيءَ مثل رهيو آهي. ڀل ڪلفي يا مٺائي نه کارائين
ها پر اچن ته ها.“ کلي چيائين ”سائين اديب آهيو
تڏهن ائين چئو ٿا. ٿي سگهي ٿو شڪارپور کي شرم کان
پرچائڻ لاءِ نه آيا هجن. کير، نه بجلي نه برف،
رجيل پاڻي واري ڪلفي کارائين ها ڇا ديوان جي اصل
ڪلفي، سڱرن واري مٺائي هاڻ خواب رهيو آهي.“
مان چپ ڪري گاڏيءَ ۾ چڙهي ويٺس. کانئس موڪلايم به
نه. گاڏي جيسين جيڪب آباد پهچي منهنجو سڄو سارو
سنڌ جو رومانس ڇڙيون هڻي رهيو هو. مون اڃا ان کي
مرڻ نه ڏنو. ٽپ ڏئي جيڪب آباد تي لهي پيس، ”هاڻي
ڪهڙا وڃي حلوا، سيرا، پوريون، پڪوان کاوان،
بلوچستان جي مٽي جي سڳنڌ ڏيندڙ کُمرن ۾ وڃي چانهه
پيان يا ٿڌڙن، مٺن، سيئن جو مزو وٺان. گاڏي وئي ته
جيڪب آباد جي اسٽيشن بنهه ويران ٿي وئي، هت به ڪير
چانهه جو ٿرماس ۽ بسڪوٽڻ جا پڙا کڻي نه آيا هيا.
نه وري هاڻ ات گدائي هو نه فتاح عابد هو. هڪ خالي
بينچ تي آهلي پيس. ”هيءُ سفر ڪيڏو نه ڀيانڪ هو.“
وسوسن انديشن اندر گهر ڪري ورتو هو. مان پنهنجي
پوٽڙي سلمان ارشد کي ڇا ٻڌائيندس جنهن کي اٿندي
ويهندي درياهه شاهه، سنڌ جي سونهن، ماڻهن جي سکيي
ستابي هجڻ جا داستان، وفا محبت ۽ بهادري جا قصا
ٻڌائيندو هيس. هاڻ سلمان انهن آسن ۽ اميدن تي وڏو
ٿي، رڃ پسي، مايوس ٿي ڇا نه ڪندو؟ مان ڏڪي ويو
هيس.
صبح ٿي ويو هو. آهستي وڃي نل تان منهن ڌوئي ٿيلهڙو
۽ خالي هڙ لوڏيندو اسٽيشن کان ٻاهر نڪتس، دوستن جي
گهرن کان لنگهيس.ا هي سڀ در بند هيا. جيڪب آباد اڄ
مون کي آباد نه پي لڳو. پراڻي ميونسپلٽي ڀرسان
انهيءَ ديوان جي هوٽل تي آيس، جتي دال پوري، ڀاڄي
ڦلڪا، مڇي يا پلو تريل ملندو هو، ات ڪاريءَ وارا
ڪک هيا. اڳيان هڪ ٻيو هوٽل هيو، ويٺس. بيرو ڦري
آيو، ”ڇا کائيندو ڇا پيئندو؟“
”ابا، ڪا مڇي، ڪو پلو، ڪا مڱن واري دال، ڪو ڦلڪو،
ڪا ڊڳڙي.“ بيرو کلي پيو ”سائين ڪهڙن ڏينهن جي
ڳالهه ٿا ڪيو. فصل ٿيا ڪونه، ڇاجي مڇي، ڇا جو پلو.
فصل ٿيا ڪونه، مڱن جي دال به مهانگي، ڪير چاڙهي.“
چيم. ”يار ڪو ڏس پنڌ؟“ وراڻيائين ”سائين ٻڌو اٿم،
ته درياهه ۾ پاڻي آيو آهي. سکر روهڙي وڃو شايد ملي
پوي. باقي چانهه پراٺو چئو ته ڏيانوَ.“ مون چانهه
گهرائي. اوڦراٽو هاڻ پراٺو ٿي ويو هو تنهن ڪري
انهيءَ کان پاسو ڪيم، ڪا ڊڳري
يا ڦلڪو هجي ها ته کڻي کان ها. بسڪوٽ، چانهه سان
کاڌم. اتان اٿيس ته بس اسٽينڊ لاءِ ٽانگو ڳوليم.
سوچيم ته ٽڪ ٽڪ ڪندو، گهوڙي جي سنبن سان سر
ملائيندو پراڻن واقف رستن کي سڃاڻندو، منجهيل من
کي پرڀائيندو ڪو مزو وٺندس. چيائون ته سائين هاڻ
ٽانگا گهٽ آهن. ”چنگچي“ تي وڃو. هيءَ موٽر سائيڪل
سان جوڙيل رڪشا جهڙي سواري هئي. ٺپ ٺينگ ڏيندو
هليس.
ٽانگي
وارو رومانس ته پورو ٿي چڪو هو.
بس هلي ته اهي ئي سوڪهڙي وارا نظارا. سارين جا
ٻيجارا سڙيل هيا، ڪن ته ٻيجاروئي نه ڪيو هو. ماڻهن
۾ اها ئي ٻولاچاري هئي. هن رستي تي ڪئين ئي پنڌ
ڪيل هيا. علي نواز پنهور جي ڳوٺ، آباد مفتون ۽
نياز همايوني جو شهر همايون، آغائن ۽ پٺاڻن جو
سلطان ڪوٽ، عجب ماٺ، مايوسي ۽ موڳائي هئي. شڪارپور
ٽپي سرسبز سي. اينڊ. ايس ڪاليج وٽان لنگهياسين ته
اهو به اجڙيل هو. جهانو، لکي، لنگهياسين، ٻهراڙي
جي هوٽلن تي ماڻهو چانهه تي ائين ويٺا هيا ڄڻ ڪي
پياڪ غم غلط ڪري رهيا هجن. سکر جو شهر برابر شهر
هيو پر ڪو ڪاڏي پي ڀڳو ويو ڪو ڪاڏي، افراتفري جو
عالم هيو. مان نئين پل تي نئين بس اسٽينڊ تي لٿس،
رڪشا
ملي وئي چيومانس، ”يار، چون ٿا سنڌوءَ ۾ پاڻي آيو
آهي. پري کان ڏسڻ آيو آهيان. چون ٿا، ڏنڀرو به آهي
ته پلو به آهي، يار اتي وٺي هل ته ڪو درياهه شاهه
جو به ديدار ڪيون.“
رڪشا وارو پهريائين منهنجي منهن ۾ ڏسڻ لڳو پوءِ
يڪدم چڙهي ويٺو. ڦٽ ڦٽ ڪندو سڌو بندر روڊ تي
درياهه شاهه جي ڪناري تي هلي رڪشا بيهاريائين. مون
کي ٻانهن کان وٺي، بند ٽپائي، اشارو ڪري چيائين،
”هو ڏس پنهنجو درياهه شاهه.“
هڪ واهُڙ هو، وهيو پي. ڪي ٻيڙيون پاڻيءَ آسري
سڪيءَ تي بيٺيون هيون. سنڌو جا ڪنارا آسارا، آسارا
هيا. هڪ جهونو مهاڻو سري آيو مون کي سڃاتائين،
”سائين توهان مرحوم رشيد ڀٽي صاحب جا دوست آهيو
نه. توهان رشيد سان گڏجي ڏنڀرو وٺڻ ايندا هيو.
تڏهن ته پلا به جام مرندا هيا. اڄ پلي جو سوال ئي
پيدا نه ٿو ٿئي. سير آهي ڪانه ته پلي جي سواري
ڪٿان ايندي. ڏنڀري ۾ ڏينهن لڳندا. ڪو پاڻي چڙهي،
ڪو مالڪ کي رحم پوي، ڪو درياهه شاهه کي جوش اچي،
ڏنڀرا ڪرڙا کوڙ.“ مان ماٺ ميٺ ۾ موٽي اچي رڪشا ۾
ويٺس، چيومانس، روهڙي اسٽيشن تي هل، ڪا گاڏي
حيدرآباد لاءِ ملي ويندي. مان نه ملڪن نه سيدن ڏي
ويس جو سندن سور سُجهيا پي. مون سڄي واٽ رشيد کي
ياد ڪيو، جنهن سان سکر آباد هو. اياز ۽ رشيد ٻئي
وڃي ڀونءِ ڀيڙا ٿيا. رڪشا وارو جيڪو ڏاڍو فهميدو
هيو تنهن آرام سان هلي اسٽيشن آڏو ٿلهي تي رڪشا
بيهاري. پئسا ڏنامانس ته چيائين، ”سائين، اوهان نه
ٿا سڃاڻو آءٌ به رشيد ڀٽي جي پاڙي جاگيراڻي پاڙي
جو آهيان، ننڍو هيس ته مون اوهان کي سندس اوطاق تي
ڪئين دفعا ڏٺو هيو. بگن سائين (رشيد ڀٽي جهڙا
ماڻهو نه رهيا ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي. بگن
سائين جهڙا سخي قربائتا بهادر ماڻهو هليا ويندا
آهن ته درياهه به سڪي ويندا آهن. ٻيو سائين آءٌ
پئسا نه وٺندس.“
مون کيس حيرت مان ڏٺو، هو پنڊ پهڻ ٿيو ٺنڀ هنيو
بيٺو هو. مون کيس ڀاڪر پاتو ۽ پيار ڪيو. پر هو مون
وانگر مايوس نه پي لڳو جو هن منهنجو چهرو پڙهي
ورتو هو. پوءِ چيائين، ”نيٺ هيءُ لڙ لهي ويندا.
ڏسو مان بي. اي پاس آهيان پر پنهنجي محنت ۽ پورهيي
سان سکيو ٽڪر کان ٿو. سنڌ جي ڪک هميشه سائي رهي
آهي. اسين نوجوان پنهنجو پاڻي ورائينداسين. هر
نئون نسل سنڌڙي
کي آباد رکندو ايندو. ٻيو، اوهان جهڙن سڃاڻ ماڻهن
سان به اٿيا ويٺا آهيون، اهو ئي اسان لاءِ گنج
آهي. اهو به ته ڪنهن ڏينهن ڪم ايندو.“
مان هڪ گاڏي ۾ چڙهي پيس. مون کي هوش نه هو ڇاڪاڻ
ته منهنجي اندر گهڻو ڪجهه ڀڄي پيو هو، ائين لڳو
منهنجي اندر گهڻو ڪجهه ڀڄي پيو هو، ائين لڳو ڄڻ ڪو
مري ويو آهي. شايد منهنجي رومانس خودڪشي ڪري ڇڏي
هئي. پر چوندا آهن، ”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون وڏا ويس
ڪيام“. سنڌڙي سان هيءُ رومانس، مرندي مرندي شايد
ڪو اميد جو هڪ ڪرڻو ٻار ويو هو اهو رڪشا واري
نوجوان جو ڪردار. سوچ جو انداز ۽ سندس سنڌ سان
رومانس هو. پوءِ مون سوچيو ته خالي هٿين گهر وڃان
پيو. ننڍڙو سلمان ڪانه ڪا شيءَ گهرندو. ته پوءِ
مان کيس اُن رڪشا واري نوجوان پورهيت جو ٻڌائيندس،
جيڪو اڃان به ٺنڀ هنيو اسٽيشن تي اُميد جو اهڃاڻ
بڻيو بيٺو آهي. سندس پيشاني منهنجي رومانس جي آخري
چمي سان چمڪي رهي آهي.
(ڪالم ڪهاڻي)
ريحانه نظير
هائوس وائيف
”ادي، توهان جي ڀيڻ نوڪري ڪندي هئي ڇا؟“
”نه ادي، هائوس وائيف هئي.“
”امان توهان جي ننهن نوڪري واري هئي؟“
”امڙ، ويچاري نوڪريءَ واري ڪانه هئي.
”چاچي،تنهنجي ڌيءَ ڪيتري پڙهيل هئي؟
”نه امان ويچاري پڙهيل ڪانه هئي.“
تڏي تي اهي سڀ ڳالهيون ٻڌندي مون هڪ نظر پنهنجي
ماءُ تي وڌي جيڪا بيماريءَ جي لوڙ لوڙڻ کان پوءِ
اڄ سڪون جي ننڊ ۾ ستل هئي. اڄ هن کي ڪير به نه پيو
سڏي ته ”امان ڪپڙا ڪٿي آهن؟ استري ڪيل آهن يا نه؟
يا وري ڏاڏيءَ جو پِٽڪو ته اڃا ماني ڪونه
پچائيدينءَ ڇا؟
”توبهن مائي! ڪيڏي نه ڍري آ هڪ ڪم کي ڪلاڪ ٿي
لائي.“
”ڄٽي!! مان اچي تو مان ڦاٿو آهيان. هجين هان لکيل
پڙهيل ته ڪا ڳالهه به سمجهين ها.“
پر اڄ سڀ تليفون پنهنجي سر تي سهي امان هميشه لاءِ
هلي ويئي آهي. هاڻي ان کي ڪنهن جو به سڏ ورائي نه
پيو سگهي.
”ها، برابر مان مان مڃان ٿي ته منهنجي ماءُ پڙهيل
ڪانه هئي، ڇو جو هوءَ جيڪو پورهيو ڪندي هئي. اهو
نوڪريءَ ۾ شامل ٿورئي هو. نوڪري ته اها هوندي آهي
جنهن ۾ اجورو ملي، پر امان ته سڄو ڏينهن بنان ڪنهن
اجوري جي بيگار ڪئمپ جيان صبح کان شام تائين ڪم
ڪندي هئي، جنهن ۾ گهر جو رڌ پچاءُ، ڪپڙا ڌوئڻ،
پوچي ٻهاري ڪرڻ، سڄي رات ٻارن سان جاڳڻ، مٺي
ننڊ مان اٿي کير جون بوتلون ٺاهي ٻارن کي پيارڻ
اهو ڪو ڪم ٿورئي آهي؟
ڪم ته صرف اهو آهي جنهن جي پگهار ملندي هجي. جنهن
ڪم جو اجورو ناهي اهو ڪم ڪير ليکيندو. پر مان
شڪايت ڇو ٿي ڪريان. امان کي ته ان سڀني ڪمن جو
برابر پورو اجورو ملندو هو، جنهن ۾ روزانو بابا جو
اهو ساڳيو ورد ته مان هن ڄٽي رن مان ڇو اچي ڦاٿو
آهيان. هر ڪنهن آئي وئي کي دانهن ”ٻيلي مان ته
نسورو ناحق ۾ ڦاٿل آهيان يار!! گهر ۾ جن پاليو
ويٺو آهيان“ يا وري ڪنهن دوست جي پڙهيل زال گهر ۾
آئي ته هڪدم امان کي ٽوڪڻ متان منهنجي عزت وڃائين
اتي ويهي ڄٽڪيون ڳالهيون ڪرين، ۽ وات پٽي نه
ويهجانءِ،
وڏا ٽهڪ ڏئي نه کلجانءِ.
اهي سڀ لقب امان کي بابا جي طرف کان روزانو ملندا
هئا، پر مان ڏسندي هيس ته امان کلي سڀ برداشت ڪندي
هئي ڇو ته امان ورڪنگ وومين ڪانه هئي. هوءَ هڪ
گهريلو عورت هئي جنهن جي هن سماج ۾ ته ڪابه ويليو
ڪانه آهي ۽ جنهن جو اسان جي سماج ۾ جانور کان به
گهٽ قدر ٿئي ٿو. مان اڃا انهيءَ ڳالهه تي پئي
ويچاريو ته تڏي تي ويٺل مايون جن جو ڪنهن جي به ڏک
سور سان ڪوبه واسطو ڪونه هوندو آهي. اتي به هڪٻئي
جي پچار ۾ رڌل هيون ۽ رڳو ان لاءِ ويٺيون هيون ته
ڪيڏيءَ مهل ڪانڌپي جي ديڳ اچي ۽ اهي کائي پيٽ
ڀريون. ڪنهن جي مرن
۽ جيئڻ سان انهن جو ڪوبه واسطو ڪونه هو. ”ماين جا
آواز منهنجي ڪنن ۾ اچڻ لڳا.“
”ڇا ٿيس، خبر پئي ڪهڙي
بيماري هيس.“
”سائي هيس، ادي، ٻچڙي ويچاري گهڻيئي علاج تي خرچ
ڪيس، پر جيڪا رب جي رضا. ان جي اڳيان ڪنهن جي هلي
نه هلندي.“ ڏاڏيءَ تڪڙ ۾ امان جي موت جي ڳالهه
پوري ڪئي. پوءِ هن بيزاريءَ مان ڪنڌ ٻئي پاسي ڪري
ڇڏيو. مان ڏاڏيءَ جي منهن ۾ نهاريو. جنهن مان مون
کي پنهنجي
بي رحم پيءُ جي جهلڪ نظر اچي رهي هئي. ها، پر ڏسجي
ته ڏاڏيءَ سچ ته چيو پئي بابي ته واقعي امان جي
بيماري ۾ وسان ڪين گهٽايو هو. امان کي ان حال ۾
پهچائڻ ۾.“ |