سوچ
ويچار
پيهي جن پاڻ ۾ .....
انسان جو ڌرتيءَ تي هجڻ خود هڪ ڪائناتي ڪرشمو آهي.
انهيءَ ڪرشمي جو ڪوته سبب هوندو، ڪوته ڪارڻ هوندو،
شايد انهيءَ انسان جي هجڻ جو هڪ ڪارج – دنيا جي
سماجن کي شاد ۽ آباد، سکيو ستابو، خوشحال ۽ امن جو
محور ٺاهڻ آهي. دنيا جهان جي درويشن، عالمن،
اڪابرن، شاعرن مدبرن ۽ مفڪرن جو فڪر ۽ فلسفو ويهي
ڦلهورجي ته تقريباً سڀئي هڪ ئي نڪتي تي متفق نظر
اچن ٿا، ۽ اهو نڪتو آهي، انسان جو پنهنجو پاڻ کي
”سڃاڻڻ“. ڪنهن درويش جو قول آهي ته دنيا ۾ سڀ کان
اوکو سڃاڻڻ ”پاڻ“ آهي يعني جنهن پاڻ کي سڃاتو اُن
قدرت جو راز حاصل ڪري ورتو. مشهور درويش ساڌو
واسواڻيءَ جو فلسفو وري هن ريت آهي ته: ”زندگيءَ
جو اصل مقصد آهي پنهنجو پاڻ سان سچو رهڻ.“ ڳالهه
پڌري پٽ آهي ته جو انسان پاڻ سان ”سچو هوندو“،
ضرور اهو دنيا وارن سان به سچو رهندو. يعني
زندگيءَ جو سهڻو ۽ سنهري اصول آهي، ”سچ“ تي قائم
رهڻ، سچ جي واٽ وٺڻ، انهيءَ پس منظر ۾ سنڌ جي هڪ
بزرگ شاعر مير سڪندر خان کوسو جو شعر آهي ته:
”پاڻ وڃائي پنهنجو پاڻ،
پنهنجو پاڻ کي پاڻ سڃاڻ.“
انهيءَ ۾ به وڏو فلسفو آهي ته پهرين پاڻ وڃاءِ،
پوءِ پاڻ سڃاڻ، انهيءَ پاڻ سڃاڻڻ واري نڪتي متعلق
حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو فلسفو آهي ته:
”پنهون پنهون ٿي ڪريان، آئون پڻ پنهون پاڻ،
اديون ٿيس اڄاڻ، جو ڪين پروڙيم پاڻ کي.“
آخر اهو پاڻ پروڙڻ جي ضرورت انسان کي ڇو پيش آئي
آهي، جو انسان پاڻ وڃائڻ ۽ خودي مٽائڻ لاءِ تيار
ٿي وڃي ٿو. آخر ان ۾ ڪوته سُرور آهي. پاڻ وڃائڻ جي
ڪاته منزل آهي. انهيءَ نڪتي متعلق شاعرن جي سرتاج
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو فلسفو آهي ته:
”پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روحَ رهاڻ،
ته نڪو ڏنگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سُور هئا.“
پڙهندڙ ساٿيو. ماهوار ”سرتيون“ جولاءِ 2007ع جو
شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي. پرچو ڪيئن آهي؟ هميشه
جيان پنهنجي خطن ۽ فونن جي ذريعي اسان کي پنهنجي
راءِ کان آگاهه ڪندا. اوهان پڙهندڙن/ لکندڙن جي
سهڪار جو نتيجو آهي، جو پرچو هر مهيني باقاعدي
شايع ٿيندو رهي ٿو. اوهان جي تجويزن صلاحن ۽
تنقيدن جي آجيان ڪئي ويندي.
- گلبدن جاويد
خط
مانواري ڀيڻ!
اُميد ته خيريت سان هونديون!
”سرتيون“، جون 2007ع جو پرچو منهنجي سامهون پيو
آهي ۽ هاڻ ئي پڙهي پورو ڪيو آهي. بس هڪ شڪايت
توهان سان اها آهي ته ”سرتيون“ رسالو ڪراچيءَ جي
ڪنهن به بڪ اسٽال تي نٿو ملي. ڀلا اها مهرباني
ڪريو ته ڪنهن هڪ مخصوص بڪ اسٽال تي ڪجه ڪاپيون
رکرايو ته جيئن ”سرتيون“ رسالو آسانيءَ سان خريد
ڪري سگهجي. توهان کي اها ڳالهه ٻڌائيندي هلان ته
”سرتيون“ جو هر پرچو حيدرآباد کان گهرائيندي
آهيان. مون جڏهن ته ميمبر شپ به توهان جي حيدرآباد
واري بڪ اسٽال تي ڪرائي آهي پوءِ به ”سرتيون“
رسالي جي هڪ به ڪاپي نه پهتي آهي. هاڻي حيدرآباد
مان پنهنجي دوست کان ڪاپي گهرائي پڙهندي آهيان.
اهي ته هيون ڪجهه شڪايتون. ڀلا شڪايت ڪنهن سان ڪبي
پنهنجن سان ئي ڪبي. اميد ته منهنجي ڳالهه تي عمل
پڻ ڪندا. ڇو ته مون کان سواءِ ٻيا به کوڙ سارا
ماڻهو ”سرتيون“ کي پڙهندا هوندا. يا ته بڪ اسٽال
وارن کي پابند ڪيو وڃي ته وي پي ڪرڻ جو انتظام
سهڻي نموني سر انجام ڏين يا ڪراچيءَ ۾ ڪجهه ڪاپيون
ڪنهن مخصوص بڪ اسٽال تي رکرايون
وڃن.
ها هاڻي هلون ٿا ”سرتيون“ رسالي طرف ”سرتيون“
رسالي جي ٽائيٽل هن ڀيري ايڏو مزو نه ڏنو. هونئن
ٽائيٽل توهان جي رسالي جا تمام سٺا هوندا آهن. پر
هن ڀيري بئڪ ٽائيٽل ڏاڍو من موهيندڙ هو.
توهان جو ايڊيٽر ڊيسڪ نوٽ پَلَئه پايو سچ... لکيل
تمام سٺو هو. واقعي ادارا انساني اخلاق ۽ ڪردار جي
تعمير ڪرڻ ۾ وڏو ڪم ڪندا آهن. ڀيڻ حميرا نور جي
لکيل تاثر پڻ چڱو متاثر ڪيو. ڀيڻ کي گذارش آهي ته
هوءَ ”سرتيون“ ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکندي رهي. الطاف
شيخ جو لکيل ليک پڻ واکاڻ جي قابل آهي. ايئن لڳندو
آهي ڄڻ اسان هن سان گڏ آهيون. ليکڪ جي اصل خوبي پڻ
اها آهي ته پڙهندڙ کي ان شيءَ ۾ گُم ڪري ڇڏي.
ڀاءُ تاج جوئي، ومي سدارنگاڻيءَ جي تخليق جو
جائزو تفصيلي لکيو آهي، جنهن لاءِ جس لهڻي. ڪهاڻين
جي حصي ۾ ٽي ڪهاڻيون شايع ٿيل آهن. ڪهاڻيون ٽيئي
لاجواب هيون. اسان جا نوان ليکڪ ڪهاڻيون سٺيون لکن
ٿا. پر هڪ ڪهاڻي ڪنهن سينيئر ليکڪ/ ليکڪا کان پڻ
لکرايو. آتم ڪٿا ۾، سلسليوار ”پيڙا جو پڙلاءُ“ پڻ
پڙهڻ لاءِ اتسائيندو آهي. رتنا گوديا جهڙي نموني
آتم ڪٿا لکي
آهي. واقعي، هڪ عورت هن سماج ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترين مشڪلاتن
۽ ڀوڳنائن جو سفر طئي ٿي ڪري. هڪ سبق آهي.
اسان جي نئين لکندڙ ليکڪا ڪزبانو سنڌو جو ناوليٽ
”ڪير ته ڪري انصاف“ پڙهيم اديءَ جي لکڻيءَ ۾
گهرائيءَ آهي پر ٻولي ۽ گرام ۾ ٿوري ڪچائي آهيس.
اڃا محنت ڪرڻ گهرجيس.
مهوش صالح جا ٻارن تي لکيل مضمون تمام معلوماتي
هوندا آهن. اديءَکي اڃا به وڌيڪ تحقيق ڪري لکڻ
کپي.
پورهيت عورت لڪشميءَ جي باري ۾ ليک پڻ سٺو هو ۽
تصوير جي عڪاسي پڻ من موهيندڙ هئي. نجمه بالاديءَ
سان ڳالهه ٻولهه پڻ معلوماتي هئي. ٻيا سلسلا هڪ شخصيت سؤ سوال ۾ ڊاڪٽر رخسانه پريت، اسٽارس، رڌ پچاءُ،
صحت جي باري ۾ ادي رشيده ڀٽيءَ جا لکيل وٽامن اي ۽
صحتمند زندگي پڻ معلوماتي هئا. شاعريءَ جا صفحا
وڌايو.
سدائين گڏ
توهان جي ڀيڻ
جهان آرا ميمڻ
ڪراچي.
محترمه ايڊيٽر سرتيون!
اميد ته خيريت سان هونديون!
گذريل مهيني توهان جو رسالو ”سرتيون“ ڪنهن سهيليءَ
وٽان مليو. سچ پچ پرچو ڏسي دل ٺري پئي. ٽائيٽل
ڏاڍو ائڊوانس لڳو. ان کان علاوه جيڪو آرٽ توهين
چونڊي هلايو ٿا اهو ساراهڻ جوڳو آهي. بهرحال رسالي
جي گيٽ اپ ايترو متاثر ڪيو جو دل چيو ته توهان کي
خط لکان ۽ اهڙي پياري رسالي ۾ مان به شامل ٿيان.
هاڻي اچون ٿا رسالي جي مواد طرف ”سوچ ويچار ۾
توهان جا خيال ڏاڍا وڻيا. حميره نور جو عورت تي
لکيل ليک ڏاڍو دکدائيڪ هو. الطاف شيخ اسان سڀني جو پسنديده ليکڪ آهي. سندس ڪٽنب جون
تصويرون ڏسي دل خوش ٿي. ”سنڌ ۽ هند جي معروف ليکڪا
۽ شاعره ومي سدارنگاڻي تي لکيل تاج جوئي جي مضمون
ڏاڍو متاثر ڪيو. وِمي جي شاعريءَ ۾ دل کي ڇهڻ جي
سگهه آهي. ناز عباسي، شبانا سنڌي ۽ ريحانه نظير
جون لکيل ڪهاڻيون زندگيءَ جي تلخ حقيقتن تي ٻڌل
آهن. ”آتم ڪٿا“ رتنا گوديا جي لکڻ جو انداز سولو
سلوڻو آهي. سندس آٽم ڪٿا پڙهڻ سان ماڻهوءَ کي
حوصلو ملي ٿو ۽ خبر پوي ٿي ته زندگي ڏکن ۽ سکن جو
سنگم آهي. هڪ شخصيت 100 سوال ۾ ڊاڪٽر رخسانه پريت
جا جواب ڏاڍا پسند پيا. خاص ڪري زندگيءَ جي اعتراف
۾ چوي ٿي: ”مان مڪمل سچ نٿي لکي سگهان“
”ڪير ته ڪري انصاف...“ ڪزبانو سنڌوءُ جو ناول ڏاڍي
گهرائيءَ سان لکيل آهي. ايندڙ قسط جو انتظار آهي.
نجمہ بالاديءَ سان ڪل ڳالهه ٻولهه مختصر، پر ڀرپرو
لڳي. صحت بابت لکيل پروفيسر رشيده ڀٽي ۽ مهوش صالح
جو مواد ڪارائتو آهي. پورهيت عورت جو اسڪيچ حقيقت
تان پردو کڻي ٿو. بئڪ ٽائٽل تي پرڀات جون لکيل
سٽون پڻ آس ۽ نراس جو احساس ڏيارين ٿيون. ”ڪاش
مان راڻي هجان...“
قسمت جي ستارن ۾ برج جوزا تي لکيل تفصيلي مطالعو
نظر آيو. شاعري ٿوري ڏني اٿو. پر سٺي ڏني اٿو.
تبسم ميمڻ
حيدرآباد.
-----
محترمه ايڊيٽر
سرتيون!
آئون ”سرتيون“ جو پراڻو پڙهندڙ آهيان. هميشه رسالي
جو انتظار رهندو آهي. توڙي جو ”سرتيون“ اڄڪلهه ملڻ
مشڪل ٿي پيو آهي، پر تنهن هوندي به دوستن کان هٿ
ڪري وٺندو آهيان. هلندڙ سال جا ڇهه ئي شمارا ڪنهن
دوست جي ذاتي لئبرريءَ ۾ ڏٺم. اعتبار ڪريو توهان
جي پرچي لاءِ ٽائيٽلن جي چونڊ تمام بهتر لڳي. خاص
ڪري نئين/ فريش ڇوڪرين جا فوٽو ڏيئي ثابت ڪيو آهي
ته سنڌي ڇوڪري پراعتماد، باوقار ۽ آزاد آهي. اهو
ڪريڊٽ توهان ڏي ٿو وڃي. گذريل شماري جو ٽائيٽل به
ڏاڍو جديد ۽ خوبصورت لڳو. سچ پچ ته ”سرتيون...
ڊرائنگ روم“ مئگزين آهي. منهنجون ڪجهه تجويزون
آهن.
هن ۾ هڪ فئملي (ڪٽنب)
جو انٽرويو هلايو. ان لاءِ لازمي ناهي ته فقط اديب
ئي هجن. پر سماج جا اهي ڪٽنب جيڪي هن گهڻ رخي
مسئلن جي دور ۾ به تمام پرسڪون زندگي گذارين ٿا
انهن کي پڙهندڙن لاءِ مثال ڪري پيش ڪريو.
مشهور ۽ معروف گائناڪالاجسٽ کان انٽرويو وٺو.
ڇوڪرين ۽ عورتن جي بيمارين بابت سوال ڪريو. ان سان
گهر ۾ ويٺل عورت کي چڱي ڄاڻ ملندي.
نفسياتي ماهرن جي راءِ جي روشني ۾ سماج ۾ عورت سان
ٿيندڙ ڏاڍاين تي مواد ڏيو.
عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ
تنظيمن جي سربراهن عورتن/ مردن جا انٽرويو ڏيو.
گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن توڙي هٿ جي هنر يا ٻيا سخت
ڪم ڪندڙ عورتن تي فيچر ڏيو.
مجتبيٰ علي
قاسم آباد حيدرآباد.
-----
محترمه ايڊيتر
سرتيون
السلام عليڪم!
عرض ته ڪافي سالن کان مون رسالو ”سرتيون“ ڪنهن به
بوڪ اسٽال تي نڪي ڏٺو نه پڙهيو. حالانڪه مون کي زناني ادب سان ڪابه
دلچسپي ڪونهي. ڪن اخبارن يا عبرت مئگزين ۾ ڪٿي ڪٿي
عورتن متعلق ڪا ڪهاڻي يا ڪجهه پڙهيو هوندم بس لکڻ
جو موڊ به ڪونهي. ڇو ته عورت هڪ مظلوم ذات آهي ان
تي ڪافي مصيبتون نازل ٿين ٿيون. اخباري ڪالم صرف
عورتن جي مظلوميت تي لکيل پڙهون ٿا. ڪارو ڪاري ۽
پريمي جوڙا، ڀاءُ هٿان ڀيڻ جو قتل. پيءُ هٿان قتل،
مڙس هٿان قتل.
ڪيترا داستان
رقم ٿيل پڙهجن ٿا. بس اسين سنڌي قوم پنهنجي تعصبي
باهه ۾ سڙون پيا. ڪجهه مون به لکيو بس اهو ڇپيو يا
پيتين ۾ گم ٿي ويو ۽ برساتن ۾ ميسارجي ويو. ها ته
اهو پرچو مون هڪ ننڍڙي بوڪ اسٽال چودڳي اسٽاپ تي
خاطي خان محمد ڪيريو جي ڪيبن تي پرهيو
۽ اڄ هي خط لکي رهيو آهيان. آئنده توهان کي ڪو
مضمون شعر يا تاثر وغيره لکي موڪليندس.
سيد نادر علي شاهه فراق
شهدادپور
-----
محترمه ايڊيٽر سرتيون
السلام عليڪم!
ماهه جون 2007ع جو پرچو
نظر مان گذريو. خوبصورت ٽائيٽل ۽ بهترين مواد سان
دل کي ڏاڍو وڻيو. هن وقت مسلسل هلندڙ سلسلو ”هڪ
شخصيت 100 سوال“ ايترو ته دلچسپ آهي، جو هر پڙهندڙ
کي سڄو رسالو پڙهڻ تي مجبور ڪيو ڇڏي. ان کان علاوه
الطاف شيخ جي مضمون ۽ تاج جوئي جي ”سج الائي ڪٿي
ڪري پيو“ رسالي ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. نون ليکڪن
جو حصو شعر شاعري توڙي ڪهاڻيون وڻندڙ هيو. البت هڪ
ڳالهه جيڪا هر مهيني واري پرچي ۾ هوندي آهي ته
ڪهاڻيون طويل هونديون آهن. توهان
سبانا
سنڌي،
فضا غزل، ناز عباسي، ريحانه نظير ۽ ٻين سرتين کي
مختصر ڪهاڻي ۽ مختصر افسانو لکڻ تي مجبور ڪريو.
جيڪو وڌ ۾ وڌ سرتيون رسالي جي ٻن صفحن تائين بيهي.
گلشن شمس سومرو
حيدرآباد.
-----
ادي!
السلام عليڪم!
مان ڪافي عرصو اڳ توهان کي پنهنجون لکڻيون جن ۾
”ڪهاڻيون“ ۽ ”تاثر“ اچي وڃن ٿا، موڪليون آهن ۽ هر
مهيني فون تي پڇندي
رهندي آهيان ته منهنجو مواد ڪڏهن ٿو ڇپجي ۽ توهان
جو ساڳيو جواب ته ايندڙ مهيني ۾ ڏينداسين، پر
گذريل مهيني تائين توهان منهنجي هڪ به لکڻي نه
هلائي آهي. جڏهن ته گذريل سال توهان منهنجون ٻه
ڪهاڻيون جنهن محنت ۽ دلچسپيءَ سان ڇپيون، ان لاءِ
مان توهان جي ٿورائتي آهيان ۽ اهوئي سبب هو جو مون
۾ لکڻ جو وڌيڪ شوق پيدا ٿيو، پر هينئر توهان طرفان
مسلسل لاپرواهي مون کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي، مان هڪ
ڳالهه مڃان ٿي ته منهنجي لکڻين تي توهان کي گهڻي
محنت ڪرڻي پوندي هوندي! هاڻي مان هي آخري خط لکي
رهي آهيان جي توهان جواب نه ڏنو ته مان لکڻ ڇڏي
ڏيندس.
رضيه هڱورو
جواب: ڀيڻ، اسان کي اوهان جي لکڻين لاءِ تمام گهڻي
محنت ڪرڻي پوندي آهي، انڪري دير ٿي وئي آهي، باقي
يقين رکو اوهان جي ڪابه لکڻي ضايع نه ٿيندي.
-----
ان کان سواءِ شبانا سنڌي، ڪنول سميجو، شبانا
شاهه، لالي مصراڻي، ڪامران آريجو، نجمه بالادي، نفيسه هڱورو،
شاهده ٽڳو، عمران علي، نسرين شيخ
۽ ٻين جا خط ۽ ٽيليفون به پهتل آهن.
هن جو ساٿ منهنجي لاءِ ڇا هو، مان اڄ تائين به نه
سمجهي سگهيو آهيان
محمود مغل
ڪائنات ۾ ڌڻيءَ ۽ سندس نبي صلي الله عليہ وآلہ
وسلم کان پوءِ مون ڪنهن سان به ايترو پيار ناهي
ڪيو، جيترو هن سان ڪيان ٿو. هر اولاد کي شايد ائين
لڳندو هوندو، هر گل خوشبوءَ جو ذڪر ته ضرور ڪندو،
پر منهنجي ماءُ جي خوشبوءَ الاءِ ڇا هئي. هوءَ
دنيا جي سامهون ستن ٻارن جي ماءُ هئي، پر ان کان
علاوه الاءِ ڪيترن کي ماءُ جي محبت سان نوازيو
هوندائين. پر اڄ دل چئي ٿي ته اهو لکان ته هوءَ
رڳو منهنجي ماءُ هئي. نجي، ذاتي، سؤ سيڪڙو. مان،
جيڪو فاطمه جي چوڻ تي هاڻي شين کي ورهائڻ سکي ويو
آهيان، ٻئي جي خوشين ۽ غمن کي پنهنجي اندر ۾
اوتيان ٿو، ”منهنجي“ ۽ ”پنهنجي“ جي فڪر مان تقريباً نڪري چڪو آهيان، ته به امان کي ڪنهن به
حالت ۾ ڪنهن سان به شيئر نه ٿو ڪرڻ گهران، نه ڪنهن
ڀاءُ سان، نه ڀيڻ سان، اها هٻڇ،
طمع، لالچ مان قبول ڪيان ٿو ۽ مڙني لالچن کان نفرت
رکان ٿو.
اڄ، جڏهن، رستن تي ماڻهو هٿ جهليندا
آهن، جڏهن سڃاڻپ جو مرحلو، مختصر ترين هوندو آهي ۽
جڏهن قدرت هر لحاظ سان نوازيو آهي، ته منهنجي آرام
ده گهر جو هڪ هڪ گوشو، هر خوبصورت شيءِ،
آرام جو هر پَل ، ۽ منهنجي گاڏيءَ جو سيٽون دروازا
هن جي هٿ جي ڇهاءَ کي سارين ٿا. ياد اچي ٿو ته
گاڏيءَ جو سودو ڪري، پهرين اها سندس مرقد تي کڻي
ويو هئس، هو ويهي نه ٿي سگهي ته ڏسي ته سگهي ٿي
نه.
هڪ پروفيشنل ليکڪ جي حيثيت سان، جنهن جا ڪلاڪ ۽ منٽ، ادائگيءَ جي پيماني ۾ جڪڙيل هجن، لفظن جي اڻت ۽ سندن توازن
بيحد ضروري هوندو آهي. پر مون کي پڪ آهي ته هي
سٽون لکندي ۽ اڳيان امڙ
لاءِ،
ذڪر ڪندي، مون وٽ ڪابه اڻت ۽ توازن نه هوندو،
منهنجي دل اڇلون ٿي ڏئي، نگاهه ڀريل آهي ۽ هٿ
مضطرب... مان، امان تو لاءِ ڇا لکان.
28 نومبر 1961ع کان وٺي، 11 جنوري 1995ع تائين،
پورا ٽيٽيهه سال ۽ پنجهتر ڏينهن مون سندس پير
ڇهندي گذاريا. اهي ننڍڙا پير، سانورا، شفاف ۽ ٿڪل،
جيڪي مخصوص انداز جي سافٽي پهريندا هئا. جنهن جي
تري ۾ ڊزائين هوندي هئي ۽ جنهن ڊزائين ۾ پٿريون ۽
مٽي ڦاسي پوندي هئي. هوءَ چپل يا جتي هميشه صاف
رکندي هئي ۽ مان جڏهن به سندس ڪڇ ۾ ليٽندو هئس، ته انهي جتيءَ سان کينچل ڪندو هوس. انهن ۾ ڦاٿل
پٿريون زور سان ڪڍندو هئس، ۽ آخر ۾ جتي چمي واپس
رکندو هئس. هو کلندي هئي. پنهنجي ”کوٻلي“ جي جنون
تي حيران هوندي هئي. نرڙ چمندي هئي ۽ دعا جا در
کلي پوندا هئا.
محمود مغل،
جيڪو سڪه رائج الوقت ۾ هڪ وڏو ليکڪ، ۽ ميزبان
سمجهو وڃي ٿو. ان لائق نه هو، کيس دعا جي کلندڙ
انهن دروازن مان ٻاجهه جي ايندڙ هوا زوريءَ ڌڪي
هتي آندو. جنهن جي اڳيان پويان ڪوئي ناهي. ان کي
رب جل شانه جي رحم، پنهنجي ماءُ جي دعا جي ڪري
نوازيو آهي.
مون کي سندس ڄَم جو سال ياد ناهي. ياد ناهي غلط
لکيو اٿم، خبر ناهي.. نه ئي اڄ ڏينهن تائين مون
ڪنهن کان پڇيو آهي.
هوءَ ”ٽلٽي“
جي خوبصورت ڳوٺ ۾ ڄائي هئي. ۽ عبدالواحد، صديق،
حسين، عبدالخالق ۽ فاطمه جي ڀيڻ هئي، پاڻ خاصخيلي
هئا ۽ عجب جهڙي ڳالهه آهي ته تنهن زماني ۾ يعني
1920ع واري دؤر ۾ هوءَ اسڪول ويندڙ ڇوڪري هئي. مان
امان جي صحيح عمر نه ٿو ڄاڻان، پر جي 1985ع ۾،
موڪلائڻ مهل هو 75 ورهين جي هئي ته معنيٰ هن 1920ع
ڌاري جنم ورتو هو. نالو ”رشيده بيگم“ هئس ۽ کيس
پيار وچان ”ڀائن ڀيڻ“ سڏيندا هئا، هوءَ بي انتها
لاڏلي هئي، ۽ ”ڀائن ڀيڻ“ هئي. اهو، ڇا ته روشن
خيال گهراڻو هوندو جو ان زماني ۾ نه صرف هؤَ اسڪول
وئي، بلڪه تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن نوڪري به
ڪئي ۽ جنهن وقت فقير ميان نور محمد مغل سان سندس
شادي ٿي ته هوءَ سن جي اسڪول ۾ ملازمت ڪري رهي
هئي.
هوءَ ته ڄڻ ڄائي ڄم کان ”استاد“ هئي. شاديءَ کان
پهرين، هن ماستريءَ جي پيشي ۾ تقدس
گوليو
هو ۽ شاديءَ کان پوءِ وري هن سڄي عمر في سبيل الله
قرآن شريف پڙهايو. اسين ننڍا ڀاءُ ڀيڻون هن وٽ
پڙهياسين، تنهن کان سواءِ سيوهڻ، ٽلٽيءَ ۽
ڄامشوري جا، الاءِ ڪيترا ٻار وٽس، ديني علم ۽ خاص
طور تي ڪلام پاڪ پڙهڻ ايندا هئا. هوءَ شاهه صاحب
کي ڪمالِ خوبيءَ سان پڙهندي هئي. سندس وجود جي رڳ رڳ علم ۾ اعتبار ۽ اعتماد ڪندڙ هئي،
۽ ڇو نه ڪري، هوءَ پنهنجي دؤر جي هڪ مڪمل
پڙهيل لکيل
خاتون هئي. جنهن شمس العلماءُ، ڊاڪٽر عمر
بن محمد دائودپوٽو کان علم جو فيض حاصل ڪيو هو ۽
پاڻ به
پڪو پهه ڪيو هئائين ته
علم جي ونڊَ ورڇ ضرور ڪندي. |