سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2007ع

مضمون --

صفحو :2

شاديءَ کان پوءِ، هوءَ سيوهڻ هلي آئي، جتي فقير ميان نور محمد مغل طبابت ڪندو هو. اهو فقير طبع وجود، ڪورٽ ۾ بيلف هو. هڪ سُکي گهر جي نياڻي، لال شهباز رحه جي درگاهه جي اُترطرف، صديقي محلي ۾، جنهن کي قاضي محلو پڻ چوندا هئا، حياتيءَ جا باقي ڏينهن گذارڻ آئي. حياتيءَ جي هر ڏک سُک کي هن  بنان گهنجن جي نرڙ سان قبول ڪيو. ان گهر ۾ جنهن ۾ هڪڙو ڪمرو، دالان، ننڍو اڱڻ ۽ کُڏ هئا. هن پنهنجي جنت آباد ڪئي. اتي ئي، حنيف الرحمان پيدا ٿيو، جيڪي گذاري ويو، ۽ جنهن کان پوءِ ٽي پٽ، عبدالرحمان، خليل الرحمان ، گل محمد، ٻه نياڻيون ۽ چوٿون پٽ محمود الحسن پيدا ٿيا. 1939ع کان 1966ع تائين، تقريباً 27 سال، هن ان ننڍڙي گهر ۾ گذاريا، جتي جون خوشيون ۽ غم، پنهنجي سڀاءَ جا هوندا هئا.

والد محترم، مزاجا سخت طبع هئا. مون جڏهن کان هوش سنڀاليو ۽ پهرين ياد گيري کوٽيان ٿو ته، احساس ٿو ٿئي ته بابا، بي حد محبت ڪندڙ، پر اصولن جي پوئواري ڪندڙ شخص هو. ايمانداري ۽ فقيريءَ جي ڪري، گهر ۾ رڳو علم هو ۽ بس. شاهوڪاريءَ کان کيس چڙ هئي ۽ هو حضرت علي ڪرم الله وجهه جي فلسفي جو قائل هئو ته ”اي دنيا مون توکي طلاق ڏني آهي. تون مون وٽ بار بار ڇو ٿي اچين“. ڏکين، سکين ڏينهن کي گذاريندي، هنن ان ڳالهه جو يقين پڪو رکيو ته سندن اولاد بهرحال علم جي راهه جو مسافر ضرور هوندو، ۽ اهوئي سبب هو جو اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن  تعليمي ميدان ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون.

سيوهڻ  ۾ زندگي سادي هئي. غربت هوندي به بهرحال هٿ ڪنهن جي اڳيان نه ڊگهيربو هو، ڌڻي پنهنجي دران پوري ڪندو هئو ۽ سفيد پوشيءَ جو ڀرم هلندڙ هئو. وڏا ڀائر تعليم لاءِ حيدرآباد آيا ۽ جڏهن کين نوڪري ملي ته اسان 1966ع ڌاري ڄامشوري هلي آياسين، جنوري 1969ع ۾ بابا سائين وفات ڪئي، زندگي ڄام شوري جي هوائن ۾ سرگوشي ڪندي رهي.

مون پنهجي حياتيءَ جي ابتدائي سالن ۾ امان وٽ قرآن شريف پڙهيو ۽ اسڪول نه ويندي، پهريان پنج درجا به اتي ئي پڙهيا. وڏيون ڀينر ۽ امان پڙهائينديون هيون. مان سڀني ۾ ننڍو هئس، ۽ منهنجي ننڍپڻ ۾ بابا گذاري ويو هو سو منهنجو لاڏلو هجڻ فطري هو.

هؤَ مون کي پاڻ سان سمهاريندي هئي، مان چڱو خاصو وڏو ٿي ويس. سڀ گهروارا ناراض ٿي ويندا هئا ته هاڻي الڳ سمهه، پر مان سمهان ته سڏڪڻ لڳان. سيني ۾ عجيب جڪڙ شروع ٿئي ۽ اکيون بند ئي نه ٿين. هن مون کي الاهي دفعا سمجهايو. آخر کٽ کٽ سان لڳائي ڇڏيائين ۽ الاءِ ڪيترو عرصو، مون سندس هٿ جهلي ننڊ جو سفر اختيار  ڪيو هوندو. مون کي هن جو جنون هو. مان ڪنهن به صورت ۾، ڪنهن کي به وچ ۾ برداشت ڪرڻ جو قائل نه هئس.

سندس حياتيءَ جو روٽين به عجب هو. فجر جي نماز پڙهي، هوءَ قرآن پاڪ پڙهندي هئي. جنهن کان پوءِ اشراق مهل، قرآن شريف ٺپي، اشراق پڙهي نيرن ڪندي هئي، جيڪا گهڻو ڪري ته اڌ ماني ۽ چانهن جو ڪوپ هوندو هو. وري ڪلام پاڪ پڙهڻ شروع ٿيندو هو، جيڪو زوال تي بند ٿيندو هو. ٻن پهرن جي ماني به اڌ يا وڌ ۾ وڌ ٽي  چوٿا هوندي هئي، مانيءَ کان پوءِ منجهند جي نماز پڙهي، هوءَ وري قرآن شريف پڙهندي هئي. ان وقت مدرسي جا ٻار به اچي ويندا هئا، ۽ هوءَ پڙهائڻ لڳندي هئي، جيڪو عمل ٽپهريءَ تائين جاري هوندو هو. ٽپهريءَ جي نماز کان پوءِ هؤَ ٽي وي ڏسندي هئي. مغرب ۽ عشاءَ جي نماز ان وچ ۾ پڙهندي هئي، پر ٽيليويزن جو دستور ساڳيو هوندو هو. سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ، هڪڙو ننڍڙو پيالو ”کير ڀت“ سندس منتظر هوندو هئو، جيڪو هو مون وٽ کائڻ کي ترجيح ڏيندي هئي ۽ پوءِ جلدي سمهي پوندي هئي.

امان کي ”منجيءَ تي ويهن“ ڏاڍو وڻندو هو. هوءَ رڌڻي جا ڪم، منجيءَ تي ڪندي هئي. ٻاهر اڱڻ ۾ تسبيح پڙهڻ مهل هوءَ منجيءَ تي ويٺي هوندي هئي. کيس کليل آسمان هيٺ ويهڻ وڻندو هو. هوءَ انهيءَ ويڙهي مان آيل هئي، جيڪو يقينن وڏا اڱڻ ۽ ايوان رکي ٿو، هتي کيس کليل آسمان مليو هو ته هن اتي رهڻ ۾ ئي پنهنجي عافي سمجهي هوندي، سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي بنگلي نمبر ڊي 5 جي وسيع اڱڻ تي، ٻاهر منجي رکي، هوءَ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي  تسبيح ڪڍندي هئي.

تنهن زماني ۾ جنون ٿيو هو لکڻ جو، نالي جو شوق ٿيو، ماڻهو سڃاڻن، آٽو گراف وٺن، محبت ڏين. ۽ تنهن زماني جي ان جاکوڙ ۾ اهم ترين مددگار امان هوندي هئي. مان کيس ڪهاڻي پڙهي ٻڌائيندو هوس ۽ سندس ايپروول کان پوءِ اها ڪهاڻي کڻي پبلشرن جا چڪر ڪاٽڻا پوندا هئا. هوءَ مستقل محنت ۾ اعتبار رکندڙ هئي، ۽ سدائين ناڪام واپسيءَ کان پوءِ همٿ وڌائيندي هئي. ۽ بالاآخر جڏهن ”سهڻيءَ“ جي ”آخري ڪتاب“ ۾ محترم طارق اشرف منهنجي ڪهاڻي ڇپي هئي ته امڙ، هن لاءِ به دعائن جو ڀريون ٻڌي ڇڏيون هيون.

کيس مهيني جي هڪ مخصوص رقم، خرچيءَ  طور ملندي هئي. هوءَ وي. سي رکندي هئي ۽ مون کي ياد آهي ته اهي سڀ پئسا مان ڦٻائيندو هوس. ان حد تائين، جو منهنجي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون“ به هن ئي فائننس ڪيو هو. 1984ع ۾ چار هزار روپيا وڏي رقم هوندي هئي، جيڪا سڄي ساري هن ڏني هئي.

امان جي محبت جو انداز نرالو هو. مون کي هميشه سندس پيرن  ۾ ويهڻ ۾ مزو ايندو هو. منهن سندس گوڏن تي رکندو هوس. هوءَ وارن ۾، مٿي تي، منهن تي، آڱريون ڦيريندي هئي. ڪا تڪليف ٿيندي هئي ته پڙهي ڦوڪيندي هئي. بس صبر، شڪر ۽ ڪلام الله سندس مرڪز هوندا هئا. کيس مينهن، واچ ۽ کنوڻ کان ڊپ ٿيندو هو، پر ته به انهن ۾ حوصلي سان دعائون گهرندي، وقت ڪاٽيندي هئي.

امان، ڪڏهن به اولاد مان، اميد نه رکي ته  ڪو هن پالي وڏو ڪيو ته اهي ڪا موٽ ڏيندا. اها ٻي ڳالهه هئي ته اولاد صالح هئو، ۽ پيرن چمڻ ۾ ئي عافيت ڀائيندو هو. انهن سڀني عملن ۾ اسان جو ٻيو نمبر ڀاءُ، ادا خليل مرحوم سرس هو. هن پنهنجي پاران امان جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي، ۽ ڇا نه دعائن جا خزانا هو ميڙي ويو.

منهنجي فاطمه سان شادي، جمعي جي ڏينهن ٿي هئي. سادگيءَ سان پرڻجي، مان ڪنوار گهر تي ڇڏي، جمعه نماز پڙهڻ هليو ويو هوس. موٽي اچان ته امان ناراض هئي ته ٻڌائبو ته آهي. ڪنوار سان ڳالهه ته ڪبي آهي. هن کي خبر ئي نه هئي ته صاحب ڪٿي آهي. اها ننڍڙي ڳالهه هڪ وڏو سبق هئي. شام ٿي ته مون فاطمه کي سمجهايو ته امان کير ڀت جو پيالو مون وٽ کائيندي آهي. جيستائين هوءَ رات جي ماني کائي نه وڃي، اسين آرام ڪونه ڪنداسين. نئين ڪنوار، پهريون ڏينهن، مون محسوس ڪيو ته امان پنهنجو پيالو رڌڻي ۾ رکائي ڇڏيو هو. رات جو ساڍي ڏهين ڌاري هوءَ ماني کائيندي هئي. ان ڏينهن مان انتظار ڪندو رهيس. هوءَ نه آئي. مان وٽس ويس بگڙندڙ لهجي ۾ چيم ”توکي، اهڙو ڪوبه حق حاصل ناهي، ته تون ائين رات جي ماني ڪنهن ٻي جاءِ تي کائين“: چيائين، ”بک ڪونهيم، نه پئي کانوان“ اکيون ڀرجي آيم، چيم ”مون کي بي اَمان نه ڪر. منهنجي ڪمري ۾ اچ، پاڻهي  بک لڳي وينديئي.“ زبردستيءَ وٺي آيو مانس. فاطمه، هن جي خدمت ۾ ماني پيش ڪئي، ۽ جڏهن هن کائي بس ڪئي ته ٿانوَ ڌوتا. مون هن کان پڪ ورتي ته هوءَ هاڻي ڪڏهن به ناغو نه ڪندي. ۽ هن واقعي فاطمه کي دعائن ڏيڻ ۽ ڪو ناغو نه رکيو. ها، اتي هڪ ڳالهه ٻي به اهم آهي ته ان جو اجر خدا فاطمه کي ڏيندو، جنهن خلوص سان، هن منهنجي گهر وارن جون خدمتون ڪيون آهن.

مون کي ياد نه ٿو اچي ته ڪڏهن امان جي حياتيءَ جي روٽين ۾ ڪو فرق پيو هجي. هوءَ گهران گهٽ نڪرندي هئي، ۽ عبادت ۽ ٽيليويزن ڏسڻ سندس محور هئا، جو اوچتو سندس اکيون خراب ٿي پيون. ٻنهين اکين ۾ موتيو لهي آيو. ساڄيءَ جو آپريشن طئي ٿيو، ۽ محترم ڊاڪٽرن، اک ٽوڙي ڇڏي، سڄو ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا، ۽ امان جي هڪ اک بلڪل ختم ٿي وئي. اهو عرصو شديد مشڪل هو. تان ته ٻي اک جو ڪامياب آپريشن ٿيو ۽ هوءَ ڏسڻ جي طاقت وري حاصل ڪري وئي، پر بهرحال هاڻي هن جي حياتي، تبديل ٿي چڪي هئي.

هوءَ پڙهائي نه سگهندي هئي، ته به قرآن پاڪ تي پاڻ آڱريون ڦيري، عبادت جاري رکندي هئي. اهو 90، 91، 92 جو دؤر هو جو اوچتو، 2 ڊسمبر 1993ع تي، ادا خليل، خانيوال جي ريلوي اسٽيشن تي، دل جي دؤري سببان گذاري ويو، ۽ امان جي حياتي هڪدم ڄڻ ختم ٿي وئي.

امان جي حياتيءَ جا آخري ٽي سال عجيب هئا ۽ اهو ڊرامو جون 93ع کان شروع ٿيو هو. اسان جي ماوٽن، حمزه ۽ ابراهيم کي هن پاليو هو، جيڪي  خانداني رنجشن ڪري ناراض ٿي ويا هئا ۽ تقريبن 12 سالن کان مٿي جو عرصو الڳ رهيا. حمزه علي بيمار ٿي پيو ته پڦيءَ ڏي موٽي آيو. هن جي ته پٽن وانگر هو. هنن جو هم عمر هو. امان جي دل باغ و بهار ٿي وئي پر  اوچتو حمزه گذاري ويو. امان جي جيءَ کي جهوري لڳي وئي. آگسٽ 93ع ۾ ناني حمزي جي وفات ٿي، (اسين انهن کي محبت مان ”نانا“ سڏيندا هئاسين. نانا حمزو، نانا ابراهيم.) ۽ اهو ڏک اڃان سرسبز هو ته ڊسمبر 93ع ۾ خليل موڪلايو. هو سڄي لڏي وئي. عبادت وڌي وئي ۽ روئڻ بي انت.

هڪ ڏينهن گهر ۾ پَلو چڙهيو. پيلا چانور ۽ ڪاٺين  تي ٺهيل ٻوڙ، مون کي ياد آهي، امان جي سامهون اهو کاڌو آيو ته هن بي ساخته چئي ڏنو ”خليل، مان توکي ڪٿي ڳوليان.“ اسين. سڀ، بارشن ۾ هئاسين، ان مهل مان هن کي ٻانهن ۾ جهليو ويٺو هوس. هوءَ روئي پئي ۽ پرچائڻ جهڙو ته مان به ڪونه هئس.

۽ انهن ئي ڏينهن ۾ مارچ 94ع ۾ نانو ابراهيم به گذاري ويو. هڪڙي ٻي ڪهاڻي ختم ٿي وئي، ۽ هاڻي ماٺ، امان جو مقدر ٿي وئي. سندس عبادت وڌي وئي ۽ هوءَ گهڻو الڳ ٿلڳ رهڻ لڳي. اسين موڪلائيندا هئاسين گهر کان ٻاهر نڪرڻ مهل، ته هوءَ منهن موڙي ايترو چوندي هئي ”الهه جي حوالي،  هونئن خليل به ته موڪلائي ويو هو، پوءِ موٽيو ته ڪونه.“

هاڻي هوءَ شديد بيمار رهڻ لڳي هئي. مون چيڪ اپ ڪرايو ته خبر پئي ته سندس جگر ختم ٿي چڪو آهي. گهر ۾ سڀ دل جا مريض، مان ڪنهن سان ڳالهه ڪيان، چپ ڪري، ڳالهه لڪائي. سندس خدمت ۾ جنبي ويس. ڊاڪٽرن هڪ عجيب جملو چيو هو ته ”ڊاڪٽر مغل، اوهان جي امڙ، سڄي عمر ايترو ڪونه کاڌو آهي. جيڪو هڪ نارمل ماڻهو پنجن سالن ۾ کائيندو آهي.“ اهي سڀ غربتون ياد آيون. اهي وات مان ڪڍي کارايل گرهه ياد آيا. اها اڌ ماني صبح جي، اهي ٻه يا ٽي چوٿا ٻن پهرن جا ۽ اهو پيالو رات جو، اهي سڀ گڏجي ايترو ڪجهه ٺاهي سگهيا هئا جو هوءَ هاڻي، هڏڙين تي چڙهيل کل جو اظهار ڏئي رهي هئي.

جنوري 95ع کان هن جو ڳالهائڻ گهٽ ٿي ويو. بي حد نقاهت جي ڪري هوءَ ڳالهائي نه سگهندي هئي. ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو هو ۽ واضح ٻڌايو هئائون ته ِپتو به خراب آهي، جگر ختم آهي، جي سرجريءَ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هوءَ ٽيبل تي ئي  گذاري ويندي. ۽ مون سرجريءَ جو خيال اڇلي ڇڏيو هو. مون وٽ ته هوءَ جيترا به لمحا هئي، مون لاءِ عنيمت هئي.

جنوري 95ع جي 12 تاريخ تي کيس وري هڪ تازيانو لڳو. منهنجو ڀائرن وانگر دوست امير بخش ڀٽي، جنهن کي اسان ”اَبو“ سڏيندا هئاسين، اوچتو گذاري ويو. شب برات جي ڏينهن سندس اوچتي وفات ٿي. اهو ”اَبو“ ئي هئو، جيڪو ادا خليل جي وفات کان پوءِ امان کي سنڀالڻ ايندو هو. ڪچهريون، کل ڀوڳ، ڳالهيون، ڪوڙ بدوڙ. هو کيس ريجهائڻ ڄاڻندو هو. هڪ ڀاءُ وانگر هن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، بس اوچتو موڪلائي ويو. مون امان کان لڪائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ٻئي ڏينهن جڏهن امير کي دفن ڪري آياسين ته امان مون کان پڇيو ”هن کي الحد ۾ ڪنهن لاٿو.“

الاءِ ڇو، منهنجي دل چوي ٿي ته هتي ضرور  لکان ته اهو سندس آخري مڪمل جملو هو، جيڪومون ٻڌو هو.

”اَبي“ جي وفات کان پوءِ، هو پورا چار هفتا جيئري رهي. منهنجي ٻيون نمبر ڀيڻ، سندس حاضريءَ ۾ 24 ڪلاڪ هوندي هئي ۽ مون پنهنجي پاران سڀ ڪوششون ورتيون ته کيس گهٽ کان گهٽ تڪليف ٿئي. هاڻي اشارن سان ڳالهائڻ ٿيندو هو، سو به گهٽ، هوءَ بلڪل ختم ٿي چڪي هئي، پر ته به ڪلام پاڪ کي چمڻ ۽ مٿس آهستي آهستي آڱر ڦيرڻ کائنس نه وسريو هو.

فيبروري 11، 1995ع تي سومر جو ڏينهن هو. صبح ساڻ، صبح مهراڻ ۾ نصير الاءِ ڇو ماءُ جو موضوع چونڊيو هو. 9 بجي پروگرام پورو ٿيو. مان آفيس وڃڻ لاءِ   نڪتس پئي، موڪلائڻ سندس ڪمري ۾ آيس. هو آرامي هئي. اديءَ ٻڌايو ته هوءَ صبح جو ستي آهي. پير تي هٿ رکيم، موڪلايم، ستل وجود تي نگاهه وڌم ۽ يونيورسٽي پهتس، اڃان ڪلاس وٺان ئي پيو ته گهران ماڻهو ڊوڙندو آيو ته امان خاموش ٿي وئي آهي، توهان گهر هلو.

پيرن وٽ پهتس، ڊاڪٽرز اچي ويا هئا. خبر پئي. بلڊپريشر نه ٿو  ملي، ساهه ختم آهي، دل هلي رهي آهي. هٿ جهلي سڏ ڪيم، ”امان“

نگاهه کلي، ٽٽل آواز چيو”محمود“.

بغير بلڊپريشر، ساهه ۽ ڌڙڪي جي، اها ماءُ ڳالهائي رهي هئي. معجزو ٿي رهيو هو. مون ڪنن ۾ چيو مانس ”امان، وقت اچي ويو آهي. اوهان هلو، اسين پويان اچون پيا“. هن منهنجي ڳالهه نه ٽاري، ڪجهه پڙهندي پڙهندي، هن اکيون بند ڪري ڇڏيون، مٿان اديءَ جو ياسين شريف  جو ورد، هن تي گل   ڇٽڪاري رهيو هو.

ان کان پهرين جي واردات ڇا ٻڌايان. سي.ايس. ايس لاءِ فائنل مرحلي ۾ هجان ته چئي ”دَلا، مون کي ڇڏي ويندين؟ منهنجو توکان سواءِ ساهه نڪرندو؟.. ڪٿان نڪرندو!..“ هلو سائين سي. ايس. ايس رهجي ويو. آرميءَ جي ميڊيڪل ڪور ۾ 1490 ڄڻڻ مان آخري 12 ڄڻا سليڪٽ ٿياسين. چوي ”تون ڪيئن ويندين. منهنجي سرير مان ساهه نڪري نه سگهندو.“ ان مهل اها سڀ مشڪري لڳندي هئي. پر مان خدا واحد شاهد کي وچ ۾ آڻي اهو اقرار ٿو ڪيان ته واقعي، هن جو ساهه مون کان سواءِ، منهنجي ڏسڻ، ڇهڻ ۽ سڏڻ کان سواءِ نه پئي نڪتو. مان عشق جو ٻيون ڪهڙو داستان رقم ڪيان.

هي سڄو بيان مان محترم عثمان منگي ۽ تاج جوئي جي اسرار تي لکي رهيو آهيان. پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ لکڻ مهل مان ائين ٻڏتر جو شڪار ڪڏهن به رهيو ناهيان. پر هن موضوع تي لکندي، مون کي سچي به ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي، ان ڪري پڙهندڙن کان معذرت جو طلبگار آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com