هو منهنجا مڙئي ناز انداز کڻندي هئي. مذهبي گهراڻو
آهي. محمود کي گٽار سکڻو آهي. ۽ نه فقط سکڻو آهي،
بلڪه وٺڻو به آهي. هن در پرده سڄي مدد ڪئي. بظاهر
ڇنڀيندي هئي. پر پئسن جو بندوبست به ڪري ڏيندي
هئي. فل سوٽ ٺهرائڻو آهي. دوستن سان گهمڻو آهي.
ڪهاڻين جو مجموعو ڇپرائڻو آهي. ڪهڙي مدد هن نه ڪئي
هئي.
اڪثر راتين جو دير سان ايندو هوس ته هؤَ ويٺي
جاڳندي هئي. ۽ گهڻو ڪري گهر جو در هؤَ يا پاڻ
کوليندي هئي. عمر ۾ ڪافي وڏو ٿي ويو هوس، پر منهجو
ڪم سدائين پاڻ ڪندي هئي، مون کي تڪليف کان بچائڻ
جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي هئي.
۽
اهو زمانو هو، جڏهن نگاهن ۾ چهرا اٽڪڻ شروع ٿي ويا
هئا. هو منهنجو هر راز شيئر ڪندي هئي ۽ منهنجي هر
عشق جو دل کولي مذاق اڏائيندي هئي. کيس خبر هئي ته
سندس ”دَلو“ ڪنهن سان ڪيترو وڌي سگهي ٿو. اهي شايد
انهن زمانن جا آخري ڏينهن هئا، جڏهن دريءَ مان
ديدار ٿيندو هو، خطن تي پرفيوم، لڳل هوندا هئا ۽
نگاهن کي ڏسڻ جي همٿ نه هوندي هئي. تنهن زماني ۾
عشق ڪبو هو. محبت ٿي ويندي هئي ۽ اهڙيون محبتون
ماءُ سان ئي شيئر ٿي سگهنديون هيون. کيس منهنجي هر
ناڪامي ۽ ڪاميابيءَ جي پروڙ هئي، پر هن هميشه
منهنجي ڪاميابيءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو هوندو ۽
ناڪاميءَ تي ڪوبه طعنو سندس واتان نه نڪتو هوندو.
هوءَ مست ملنگ ٽائيپ هئي. ڪپڙي لٽي ۾ اڇي شلوار،
اڇو رئو ۽ پرنٽيڊ شرٽ سندس مخصوص لباس هو. مون
ڪڏهن به کيس مڪمل رنگين جوڙي ۾ نه ڏٺو. هوءَ جتيون
۽ ڪپڙا، سدائين هڪ مخصوص انداز جا رکندي هئي.
منهنجيءَ دل ۾ هن کان وڇرڻ
جو خوف هميشه ئي رهيو. مون کي يقين هوندو هو ته هن
جي وڃڻ ساڻ، منهنجو ساهه نڪري ويندو. پر ادا خليل
جي وفات کان پوءِ هن جي حالت ڏسي، روز ساهه پيو
نڪرندو هو.
هو ڳرندي، ڪنڊا ٿيندي وئي. وقت گذرڻ سان، هن جي
گفتگو به گهٽ ٿيندي وئي ۽ آخر ۾ صرف ”الله“ سندس
واتان نڪرندو هو. ڪمزوري، ان حد تائين ٿي وئي، جو
هوءَ هٿ پير به لوڏي نه سگهندي هئي، ۽ انهن ڏينهن
۾، ئي اهو واقعو مون سان پيش آيو هو.
کيس هنج ۾ کڻي، هڪ دروازو ٽپائيندي،
هن کي بچائيندي، منهنجي ٺونٺ، چائنٺ کي لڳي وئي.
مون بلڪل به ڌڪ جو اظهار نه ڪيو، پر هن ڪو محسوس
ڪري ورتو هو. عام طور تي پلنگ تي ليٽائيندو هومانس
ته هو نِستِي ٿي ليٽي پوندي هئي. هٿن پيرن ۾ طاقت
نه هوندي هئس. ان ڏينهن مون اوچتو محسوس ڪيو ته هن
شديد ڪوشش سان، پنهنجي ڪمزور ٻانهن وڌائي ، منهنجي
ٺونٺ کي ڇهيو پئي ۽ آهستي آهستي هٿ ڦيري رهي هئي.
اکين ۾ ڄڻ ڪجهه سوال هيس. مون چيو ”ڪجهه ناهي
ٿيو، سڀ ٺيڪ آهي.“
جهيڻي
آواز ۾ پڇيائين ”ڌڪ لڳئي؟“
تڪڙو چيم، ”بلڪل نه، ڪٿان لڳو..“
پر هن هاڻي پنهنجو جملو مڪمل ڪيو ”منهنجي ڪري...“
منهنجو هانءُ ڇڄي پيو. دل چيو، چوانس، تنهنجي
ڪري مان سڄي وجود جي سنڌ
سنڌ ۾ ڌڪ کائڻ لاءِ تيار آهيان، پر ڪجهه واتان نه
پئي نڪتو. هن پرزور ڪوشش سان آنڱر مٿي ڪري اشارو
ڪري چيو ”الله“ جنهن جو مطلب اهو مون سمجهيو، ته
جيڪا نيڪي تو مون سان ڪئي آهي، ان جو عيوض توکي
الله ئي ڏئي سگهي ٿو.“
روئندي
چيم
”مون کي ڪجهه نه گهرجي، بس تون ٺيڪ ٿي وڃ.“
۽
پهريون ڀيرو، مون هڪ ضعيف مرڪ هن جي چهري تي ڏٺي.
جيئن اڳ ۾ پاڻ منهنجين چرين حرڪتن تي کلندي چوندي
هئي. ”کوٻلو.“
حياتيءَ جي، ڏکن، سورن، اهنجن هن جي منهن تي عجيب
اثر وڌا هئا. اک ختم ٿي وئي هئي. گهڻي روئڻ چهري
کي ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ بيماريءَ جسم کي. مٿان وري
هڪ هڪ ڪري اولاد جي موڪلاڻي. مون کي ياد آهي ته
وفات مهل، هن جو وزن وڌ ۾ وڌ 35 کان 40 ڪلو هو.
سڄو وجود ڄڻ هڪ شديد تڪليف جو شڪار هو.
هن صبح جو 9 لڳي 35 منٽن
تي وفات ڪئي هئي. رمضان شريف جو مهينو هو. ۽ کيس
ٺاهي ٺڪي، تيار ڪري، ٻاهر اڱڻ تي ليٽايو ويو هو.
گهر ۾ الاءِ ڪيترا سو ماڻهن جا هئا، مون کي خبر
ناهي، الاءِ ڪيتريون پرده دار عورتون هيون، الاءِ
ڪيترين جي سامهون نه اچڻو هو، پر مون هڪ منٿ ڪئي
هئي. ٺيڪ آهي مان هن جي ڀرسان نه ٿو ويهي سگهان.
پر مان پريان، ڀت جي اوٽ وٺي اهڙي جاءِ تي ويهي
سگهان ٿو نه، جتان هن کي ڏسي سگهان. اڙي مان، هن
کان پوءِ ڪنهن کي ڇا ڏسندس، جيڪا منهنجي ڪائنات
آهي. انهيءَ کان سواءِ جي ڪنهن ٻئي کي ڏسڻو هجي ته
عشق جي دعوا ڌوڙ ٿو ڪيان. الاءِ اجازت ملي به هئي
الاءِ نه، مان بس ويهي رهيو هوس. هوءَ ڪجهه آخري
ڪلاڪن لاءِ مون وٽ مهمان هئي، منهنجي سامهون هئي.
وقت جو بريڪون خراب ٿيل هيون، ۽ ٺاهڻ جي فن کان
مان اڻواقف هئس، شام آخر ٿي وئي. ۽ مون کي، هن جي
ديدار لاءِ سڏرايو ويو هو. جيڪي منهنجن نگاهن ۾
فريز ٿيل هئي، جنهن جي اکين جي چمڪ ئي مان هئس،
رخصت ٿي رهي هئي. مان سندس مٿان پهتس، پيشاني
چميم، ۽ نگاهه وڌم، هتي الله جو قسم کڻندس، الله
جو قسم. مون ان جهڙو خوبصورت چهرو پنهنجي حياتيءَ
۾ ناهي ڏٺو ۽ هنن ساعتن ۾ هوءَ هڪ ننڍڙي ٻارڙيءَ
جيان هئي، جنهن ڄڻ هاڻي ننڊ لاءِ پير ڌريو هجي، ۽
خواب جي وستيءَ کيس ڀليڪار چئي هجي.
سڀ کني
کيس روانه ٿي ويا هئا.
تم ني ڪسي ڪي جان ڪو جاتي هوئي ديکا هي
وه ديکو مجهه سي روٽ
ڪر ميري جان جارهي هي
اهي ڪجهه پل هئا. جيڪي پرده دار خواتين جي ڪري
اسان پري هئاسين، نه ته پوءِ، جڏهن هوءَ مٽيءَ حوالي ٿي وئي ته مان روز حاضري ڀريندو
هوس. ۽ هڪڙو ڪمال ته سندس تربت تي ساڄي پاسي هڪ
کڏڙو ٺهيل آهي. جيڪو منهنجي اتان مٽي کڻي ٻُرڪڻ جو
اهڃاڻ آهي. عجيب ڳالهه ٿو لکان. جي مان ڪجهه ڏينهن
جي وقفي کان پوءِ به ويندو آهيان نه، ته مينهن
هجي، طوفان هجي، آنڌي، اهو کڏو اتي ئي هوندو آهي.
بارش وهي وڃي، وڃان ته مٽي ائين ئي جاءِ ڇڏيل
هوندي آهي. اهو راز عام ڪيان پيو، ٿي سگهي ٿو،
هوءَ ناراض ٿئي. ۽ هاڻي ائين نه ٿئي، پر اهو عام
ڪرن
ضروري آهي ۽ هونئن به مان کيس پرچائڻ ڄاڻان ٿو.
هن جي ڪمزوريءَ جو اظهار، ڊاڪٽر جي هڪ جملي سان
ٿئي ٿو.
”ڊاڪٽر معل،
اوهان جي ماءُ سڄي عمر ۾ ايترو کاڌو، کاڌو آهي،
جيڪي هڪ ماڻهو وڌ ۾ 5 سالن ۾ کائي سگهي ٿو.“
هو اهو سڀ ڇو ڪندي هئي. شايد اوائلي ڏينهن ۾ غربت
جي ڪري، ۽ پوءِ اها سندس عادت بڻجي وئي، هڪ مڪمل
ماڻهوءَ کي جيترو کائڻ گهرجي، اوترو هن ڪڏهن به نه
کاڌو.
امان کي نرم غذا لاءِ ڊاڪٽر چيو هو، ڇاڪاڻ ته سندس
ِپتو سالن کان خراب هو. مون کي ان زماني ۾، ”انرجي
بسڪوٽن“ جو خيال آيو. سکر جي فيڪٽريءَ ۾ ٺهندا
هئا. ”منگهارام بسڪٽ فيڪٽري“. اهي وٺي ايندو هوس ۽
هوءَ کير يا چانهه سان کائيندي هئي. تنهن زماني ۾
مون وٽ گهڻا پئسا نه هوندا هئا. گهڻا دٻا وٺي آڻي
نه سگهندو هوس. پر دل ۾ اها خواهش شديد هوندي هئي
ته اهي بسڪوٽ کٽي نه پون.
93ع جي سيپٽمبر ۾ ڪشف
ڄائي، امان کيس ساٿ جا صرف سورنهن مهينا ۽ چوڏنهن
ڏينهن ڏنا. پر هوءَ ساڻس ڏاڍو پيار ڪندي هئي ۽ کيس
سڏيندي ئي ”امان جيجي“ هئي ۽ اهوئي سبب آهي جو ڪشف
کي مان سدائين جيجي سڏيندو آهيان.
امان، مان، تنهنجو نالائق پٽ محمود، تو کان سواءِ
حياتيءَ جا اٺ سال ۽ ساڍا چار مهينا
(هاڻي ٻارنهن سال چار مهينا) گذاري چڪو آهيان.
اڳيان حياتيءَ جي ڪا خبر ناهي، پر توسان ڪجهه شيون
وڌيڪ شيئر ڪيان. ”تنهنجا ڇڏيل بسڪوٽ، هاڻي ڪشف
کائيندي آهي. ڪمپني مٽجي وئي آهي، برانڊ ”گُلوڪو“
ٿي ويو آهي. هاڻي پئسا به کوڙ آهن، ۽ هوءَ تقريبن
روز هڪ دٻو کائيندي آهي. پر هنن بسڪوٽن جو هڪ هڪ
لقمو مان تنهنجي نانءَ ڪندو آهيان. تنهنجي ڪمري ۾
ايئر ڪنڊيشنر نه لڳرائي سگهيو هوس، هاڻي رهندي
ڄمار، منهنجي گهر ۾ اي سي ڪونه لڳندو. انهن پئسن
جو مان ڇا ڪريان، جيڪي آهن، پر تون ناهين. الله جا
شڪر آهن، گهر ۾ ٻه ٻه گاڏيون آهن، پر تنهنجي پيڙا
مهل، گاڏيءَ لاءِ پريشاني مون کان وسري نه ٿي
سگهي. مان تنهنجي نگاهه جي چاشني ۽ هٿ جي گرمي
وساريان ته هوند محمود ئي نه رهان.
امان ، هي سڀ ماڻهو، جيڪي مون کي هڪ ”اهم شخصيت“
جي جاءِ ڏين ٿا. مون کي نه ٿا سڃاڻن. انهن کي اهو
هنر، تنهنجن کڄيل هٿن ڏنو آهي. تنهنجي دعا مون کي
الاءِ ڇا ٺاهي ڇڏيو آهي. محبوبه، تنهنجي عشق مون
کي نمايان ڪري ڇڏيو آهي.
سيٽلائيٽ وسيلي، شهرتون ماڻيندڙ محمود، اڃان الاءِ
ڇاڇا حاصل ڪري ۽ الاءِ ڇاڇا وڃائي، پر پڪ اٿم،
وڃائيندو گهٽ، حاصل وڌيڪ ڪندو، ڇاڪاڻ ته تنهنجي
دعا جهڙو مضبوط هٿيار، گهٽ ماڻهن وٽ آهي.
دنيا جا سڀ اعزاز پنهنجي جاءِ تي، پر مان تنهنجي
نالي تي مليل هي تحفو سڀني کان مٿانهون رکڻ چاهيان
ٿو. آئي، مان تنهنجي مٽيءَ جي برابر به ناهيان، بس
چاهيان ٿو ته توسان ائين ئي محبت ڪندو رهان.
منهنجي محبت قبول ڪجانءِ.
هڪ عاشقِ ناشاد، دل مراد لاءِ سدائين دعائون ڪندي
رهجانءِ.
مولاءِ ڪل جل شانه تنهنجي مرقد کي آسوده ترين رکي
(آمين).
سعيده شفيق ميمڻ
مون ۾ تون موجود
ڪي پل ڄڻ ته پوريءَ زندگيءَ تي رحمتن جيان ڇانئجي
ويندا آهن، انهن لمحن جي نرمي، دلڪڻي ۽ لطافت دل
جي صحرا کي سڪون بخشي هر وقت آسودو ۽ پر سڪون
رکندا آهن. وقت، اهي مهربان پل جڏهن منهنجيءَ
جهوليءَ ۾ وڌا ته اهو وقت ٻن پهرن کان پوءِ جو هو.
لهندڙ سج، شام جي شفق کي پنهنجا ڪجهه رنگ ڏيئي،
غائب ٿيڻ جي تيارين ۾ هو، جڏهن مون پنهنجا پير هڪ
دفعو ٻيهر انهيءَ اڱڻ تي ڌريا. انهيءَ ڪاري،
غلاف
چڙهيل
الله جه جي گهر ۾، جيڪو نه ڄاڻ ته ڪڏهن کان منهنجي
خوابن ۽ خيالن ۾ سمايل هو. شايد تڏهن کان ئي، جڏهن
مون هن کي آلين اکين سان الوداع چيو هو. ان وقت
منهنجن جذبن ۾ شدت ايتري محسوس نه ٿي هئي. جيتري
هينئر اها دل کي اٿلائي پٿلائي رهي هئي. پنهنجن
معصوم ٻارن جا هٿ پڪڙي جنهن حجر اسود جي سامهون
طواف جي ارادي سان بيٺيس ته دل ڀرجي آيم. ڀانيم ته
گونج آئي. ته او هو! هيءَ آئي اٿو، جيڪا پنهنجن
گناهن جي بار کان هلي به نه ٿي سگهي. قدمن ۾ ڪا
تيزي نه اٿس. هي جيڪي نعمتون ۽ رحمتون ساڻ اس انهن
جو قدر به پورو سارو اٿس، پر نه ڪو آواز آيو ۽ نه
ماڻهن جي انهيءَ هجوم مان ڪنهن مون ڏانهن مڙي
ڏٺو. جڏهن ته سڀ پهنجي حال ۾ مگن هئا. اوچتو ئي
آواز ڪنن تي پيم ”الله اڪبر“!
ڪو ڪرم ٿيو هو منهنجي ذات تي، الاءِ ته ڪيئن مسئلا
حل ٿيا هئا، سفر جون ڏکيون گهڙيون ڪيئن آسان ٿيون
هيون. موسمن جي تبديليءَ ٻارن جي صحت تي ڪو اثر
ڪونه وڌو هو. اهي به مالڪ جا احسان هئا. خواهسن
پوري ٿيڻ جو اهو سلسلو به عجيب آهي. اسين بندا هڪ
خواهش پوري ٿيڻ کان پوءِ ٻيءَ جي تڪميل لاءِ وکن
کي تيز ڪري ڇڏيندا آهيون. پر ڪڏهن ڪڏهن اوچتو ئي
ڪو هڪ پل تڪميل ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ڇڏيندو آهي.
سمجهه ۾ ڪونه ايندو آهي ته سڀ ڪم صحيح هجڻ باوجود
اها رڪاوٽ ڪيئن ۽ ڪٿان آئي، اسان جو افلاطون ذهن
سوچڻ شروع ڪندو آهي ته هي ڪم هيئن ڪريون ها يا
فلاڻي ماڻهوءَ سان ڇو نه ملياسين. اسان انسانن تي
ويهي غور ڪندا آهيون ۽ يقينن قدرت وارو
وري اسان جي عقل تي ويهي مرڪندو هوندو!
الله پاڪ جا لکين ڪروڙين احسان ٿيا هئا منهنجي ذات
تي، جو سندن در تي حاضريءَ جو سڏ ٿيو هو، باقي
رڪاوٽن جي ڳالهه ڇا بيان ڪريان، هڪ وک وڌائيسون ٿي
ته وري قدم ڄڻ پوئتي ٿي ڌڪيا ويا. دل چئي ٿي ته
سڄي سفر جي صورتحال توهان کي سڻايان، حقيقت ۾ اسان
جون - جولاءِ جي موڪلن ۾، ٻارن کي انگلينڊ گهمائڻ
جو پروگرام رٿيو هو. ويزا وغيره جو ڪم سڀ جڏهن ٿي
ويو ته اوچتو ئي اوچتو مون کي اها خواهش به من ۾
جاڳي ته ڪعبة
الله شريف جي حاضري به ڀرجي. شايد الله سائينءَ کي به نيت نيڪ
لڳي، سو خواهش جي تميل لاءِ پڪو ارادو عطا
ڪيائين. اسان طئي ڪيو ته هوائي جهاز جي ذريعي
پهرين سعودي عرب ۽ پوءِ لنڊن جو پروگرام رکجي، اها
10 جون جي تاريخ هئي. اسان هڪ مشهور ٽريولنگ
ڪمپنيءَ سان ڪراچي ۾ رابطو ڪيو. جنهن ڪمپني تمام
گهڻو يقين ڏياريو ته فقط توهان وڃڻ جي تاريخ
ٻڌايو، اسان اهو 15 ڏينهن اندر بندوبست ڪريون ٿا،
ڌاڍا خوش ٿياسين 25 جون جي تاريخ وڃڻ لاءِ طئي ڪري اسان به گهمڻ
جون تياريون شروع ڪيون.
لڳي ٿو ته ڏينهن گذرڻ جي رفتار ۾ تيزي اچي ويئي
آهي. تان جو فقط
به
ڏينهن بچيا. هوڏانهن ڪوبه اطلاع ڪونه آيو. نيٺ فون
کڙڪائي سون. ٽريولنگ ايجنسيءَ وارا به اسان جي
سادگيءَ کي سهي ڪري ويا هئا، سو رٽيل جملو ته ”سر،
آپ فڪر نه ڪرين ڪل تڪ عمره ويزا لگ جائي گا پهر
دو چار روز مين آپ کي روانگي هو جائي گي.“ اسان جو
وري سوال اهو ته ڀلا بڪنگ ڪرائي اٿو. ڏاڍي اعتماد
سان رواڻيو ويو ته ”اس ڪا تو ڪوئي مسئله هي نهين
هي، بس ذرا ويزا لگ جائي.“
وري به انهن دم دلاسن تي ويساهه ڪيوسون. ٻن ڏينهن
کان پوءِ وري پڇا ڪئي سون ته خبر پئي ته عمري ويزا
ته اشو ٿيو آهي، پر هاڻي سعودي ايئر لائين ۾ سيٽون
نه پيون ملن. وڏي پريشاني اها هئي ته ڊاڪٽر صاحب
(منهنجي مڙس) جي موڪل به 15 جولاءِ تي پوري ٿيڻي
هئي. سو هڻ هڻان ڪري انهيءَ ايجنسيءَ مان جان
ڇڏائي، وري ٻي ٽريولنگ ايجنسيءَ وٽ وياسون. سڄي
ڏينهن جي سخت پريشان ۽ وٺ پڪڙ کان پوءِ رات جو 8
وڳي اسان جون سيٽون بڪ ٿيون ۽ روانگي جي ٻئي ڏينهن
صبح جو 10 وڳي. ڪراچيءَ مان اسان کي واپس پهچندي
رات جا 12 ٿي ويا. هاڻي مون کي پئڪنگ به ڪرڻي هئي
۽ پنهنجن گهر ڀاتين سان به موڪلائڻو.
ٻار ايترا وڏا نه هئا جو مدد ڪرائين. صاحب هميشه
وانگر پنهنجن فڪرن ۽ ڍڪرن ۾ پورو هجي. |