پر هو صاحب رب ستار جيڪو نيتن کي ڄاڻندو آهي، تنهن
مون ۾ ڄڻ ته قوت جو خزانو ڀري ڇڏيو هو. بئگ ۾ لنڊن
وڃڻ لاءِ پئڪنگ ٿي جو گرم ڪپڙا به کنڻا هئا. ۽ ٻي بئگ ۾ سعودي عرب لاءِ ڪپڙا وڌم. هڪ هڪ شيءَ تمام
ڌيان سان وجهڻي هئي. الاءِ ته ڪيئن وقت جي وهڪري
کي پڪڙ ۾ آندم. ٿڪاوٽ کي ڪيئن شڪست ڏنم. اهو به
منهنجو رب ئي ڄاڻي ٿو. پر سج ته جنهن ويل بورڊنگ
ڪارڊ هٿ ۾ آيو ته خوشيءَ جي احساس وچان اکين ۾ لڙڪ
اچي ويا ته آخرڪار اسان گنهگارن تي به ڪرم ٿي ويو،
رب عرض اگهائي ڇڏيو نه ته ”کهان مين اور کهان په
مقام الله الله“، ماشاءَ الله 5، 6 سال انهيءَ
سرزمين تي رهي آئي هيس ۽ الله پاڪ ٻه دفعا حج جي
سعادت سان نوازيو هو ۽ نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا عمرا به
ادا ڪيا هئا، پر وچ ۾ آيل ستن اٺن سالن جي عرصي
تڙپ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو هو. سو آخرڪار وصل جي گهڙي
اچي ويئي.
صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺيسون
پن ٻوڙين پاتال ۾، پهڻ تارين تون،
جي راضي ٿي تون ته،
مڙيوئي مان لهان.
خانه ڪعبه ۾ مسجد حرام جو منظر لفظن ۾ سمائجي ته
ڪيئن؟ ڪاش اهو حسين منظر، اهو روح پرور نظارو، قلم
جي ذريعي ڪنهن کي ٻڌائي سگهجي! پر سوچيان ٿي ته
نظارو ته وري به قلمبند ڪري سگهجي ٿو ڇا دل جي
انهن وجداني ڪيفيتن کي به بيان ۾ آڻي سگهجي ٿو،
جيڪي انسان کي دنيا کان بيخبر ٿيون ڪري ڇڏين. جيڪي
مايوسين جي ڪارن ڪڪرن منجهان اميدن جي برسات وسائي
ٿيون ڇڏين ۽ جيڪي شڪسته دلين کي پنهنجي مالڪ جي
مهر سان شاد ڪري ٿيون ڇڏين. آئون انهن مهربان
ساعتن جي خمار کي اڃا به پنهنجي اکين ۽ دماغ تي
طاري ٿيندي محسوس ڪريان ٿي.
بي نيازي، الله تبارڪ و تعاليٰ جي صفت آهي، پر
الائي ڇو مون کي هر دفعي حرم پاڪ ۾ اچي اهو محسوس
ٿيو آهي ته انهيءَ بابرڪت گهر ۾ داخل ٿيڻ سان اسين
سڀ ماڻهو هڪ ٻئي کان بي نياز ٿي ويا آهيون. سڀ
ڪجهه وسري ويندو آهي هر شخص پنهنجي دنيا ۾ محو
هوندو آهي.
نه ته عام زندگيءَ ۾ اهو وهنوار آهي ته هر شخص ٻئي
جي فڪر ۾ مبتلا هوندو آهي. پر سچ ته جنهن ڳالهه
کان شديد تڪليف ٿيندي هئي، اها هئي جتين جو ساڻ
کڻي اچڻ، انهن کي شاپر ۾ وجهي پنهنجي اڳيان يا
پاسي ۾ رکي نماز پڙهڻ. اها ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ
منهنجي سمجهه
کان ٻاهر هئي تقريباً سڀ عورتون جتيون شاپرن ۾
وجهي. سوڙهه ۾ به انهن کي اڳيان رکي نماز ادا
ڪنديون هيون. جڏهن ته جتين کي محفوظ رکڻ لاءِ مڪي
پاڪ توڙي مديني شريف ۾ نه صرف ڪئبنيٽس ميسر هئا.
پر هڪ
Draws
باڪس ۾ پيل هئا. جن تي باقاعدي
نمبر لڳل هئا. انڪري جتيءَ واري شاپر اڳيان رکڻ
بجاءِ انهن باڪسن ۾ به رکي سگهجي ٿي. شايد اسين
اتي پهچڻ کان پوءِ به پاڻ کي مڪمل الله جي
سپردگيءَ ۾ نه ٿا ڏيون. دنياوي لوازمات جا فڪر پاڻ
سان گڏ هر وقت رکون ئي رکون ٿا، ۽ وري قسمت تي شڪ
به ڪريان ٿا.
آئون انهيءَ پوڙهيءَ جي توڪل ۽ الله تي ڀروسو به
وساري نٿي سگهان جيڪا مٽيءَ مان ٺهيل مٽ ۽ ٻيا
ٿانو وڪڻندي هئي، پر عمرو ڪرڻ آئي هئي. سندس زبان
تي اهوئي ورد هوندو هو. ”مولا مهر ڪئي آهي“، اڳيان
به اهو ڌڻي سجائي ڪندو! مون کي انهيءَ پل پنهنجي
سڄي زندگيءَ تي ڄڻ ته حيرت وڪوڙي ويندي هئي. ڪاش!
توڪل ۽ ڀروسي جو اهو اعزاز
حاصل ڪري سگهان.
۽
پوءِ جڏهن سعي جي آخري چڪر دوران ٻارن کي ساڻ ڪري
مروه جبل تي دعا لاءِ ويس ته انهن لمحن ۾ الائجي
ڪيتريون خواهشون بيدار ٿيڻ لڳيون. ۽ الائجي
ڪيتريون دعائون لڙڪن جي سيلاب ۾ دل مان نڪري چپن
تي اچي ويون هيون. دعا لاءِ منهنجو اهو يقين آهي
ته اها ضرور قبول ٿيندي آهي. دير، سوير ٿيڻ به
اسان جي ئي حق ۾ هوندو آهي. ان سمي سڀ ماڻهو
پنهنجن گناهن کي بخشائڻ ۾ رڌل هئا. ڇا ته خضو ۽
خشوع هو! ڪيڏي نه سچائي هئي. مون کي لڳو ته سڀ اهو
ئي فرياد پيا ڪن ته:
مُٺ مُٺ سورن سڀڪا، مون وٽ وٿاڻيان!
دل ۾ ڪيئي سوال پيدا ٿيم ته ايئن ڇو آهي؟ ايترو ڏک
۽ درد ڇو آهي؟ جداين جا عذاب ڇو خلقيا اٿئي؟ توکي
ته پنهنجا سڀ بندا ڏاڍا پيارا آهن. پر وري:
پاڻ منجهان ئي پاڻ کي هيءُ پڙلاءُ پيوم
صحيح ڪن ڪيوم،
ته غير گمان لهي ويا.
ڏک ته اسان جي وجود کي روحاني بلندين ڏي وٺي ويندو
آهي، اهو نه هجي ته ماءُ کي ٻچو ڪيئن پيارو لڳي،
بندي کي الله سان عشق ڪيئن ٿئي.
ٻئي ڏينهن مديني شريف ڏانهن وڃڻ جو پروگرام هو. جس
هجي اسان جي ماسات کي جنهن ايئرپورٽ تان رسيو ڪرڻ
کان وٺي هر قدم تي اسان جو ساٿ ڏنو. سندس ڪٽنب
انهن ڏينهن ۾ پاڪستان آيل هو. پر پاڻ اسان جي خوب
مهمانوازي ڪئي هئائين. انهيءَ سفر لاءِ به گاڏي ۽
ڊرائيور ڏنائين. مون کي يقين آهي ته اهي ماڻهو
جيڪي ٻين جي زندگين ۾ سولايون پيدا ڪندا آهن رب
پاڪ ضرور انهن جي زندگين کي خوشين سان ڀريندو.
مديني جا مير! سڻ منهنجا سڏڙا
سائين! ڀريو ڀلارا پير،
اسين عاصي اوهان جي آسري.
سڄيءَ واٽ اهي سٽون ۽ آپا مريم نوحاڻيءَ جو دلسوز
آواز ذهن تي حاوي رهيو. منهنجيون ننڍڙيون پريون
مٿي تي اسڪارف پاتل هر هر مديني بابت سوال پڇن ته
من کي عجيب سڪون پئي آيو. مون کان وڌيڪ سندن وڏي
ڀاءُ کين جواب ڏيئي مطمئن ڪيو.
منهنجي چاهڻ باوجود اها همت اچي ڪونه سگهي. ته
مديني جي پاڪ مٽيءَ کي پنهنجين اکين جو سرمو
بڻايان. درود پاڪ جو وردو ڪندي جڏهن مديني شهر
پهتس ته ٽپهري نماز جو ٽائيم ٿي رهيو هو. مسجد
نبويءَ مان آيل ٻانگون ذهن کي الائي ته ڪيتريون
صديون پويان وٺي ويون. محبوب خدا جو شهر آهي، بلال
رضه مؤذن آهي، حضرت ابو بڪر ۽ حضرت عمر جهڙا
جانثار آهن، دين جي تبليغ ٿي رهي آهي، اخلاقي آدرش
تيار ٿين پيا، محبت جا مينار اڏجن پيا. روضي رسول
صلي الله عليہ وآلہ وسلم
تي نظر پئي ته ڄڻ ته اهي سڀ نظارا اکين پسڻ گهريا.
دل جي حسرتن تي لڙڪن جي چادر چاڙهيندي اندر وڃي
ٽپهري جي نماز ادا ڪئيسون ۽ پوءِ بس، ڄڻ ته قدم
مڻن جا ٿي ويا. هلڻ چاهيان هلي نه سگهان. ٻارن جي
بک جي احساس به قدمن ۾ تيزي نه ڀري منهنجي
خاموشيءَ کي ناراضگي سمجهندي ٻار به چپ چپ هئا.
الائي ته ڪيئن پاڻ کي ڇڪي هوٽل تي پڄايم جتي ٻن
ڪمرن وارو
Suit
هو. مديني ۾ ٻه ڏينهن قيام جو پروگرام هو. الائي
ته ڇو هن ڀيري بازارن ڏانهن دل جو لاڙو ئي ڪونه
پئي ٿيو. رستي پنڌ تي ڪا شيءَ ٻار کي وڻي ٿي ته
انهن کي به بنان ڪنهن جهجڪ جي وٺي پئي ڏنم. منهنجي
انهيءَ روش تي ٻار حيران به هئا ته خوش به هئا. ڇو
ته عام طور تي آئون شين وٺڻ جي معاملي ۾ تمام
ڪنجوسيءَ کان ڪم وٺندي آهيان. جيئن هيءَ شيءِ ڪم
جي آهيا يا نه؟ قيمت جي لحاظ سان ڪم چڱو ڏيندي يا
نه؟ چاهي اهو ٻارن جو ننڍڙو رانديڪو ئي ڇو نه
هجي! پر، هتي ته دل جو عالم ئي عجيب ٿي ويو هو.
مسجد نبويءَ مان اٿڻ تي عجيب هيڪلايون دل کي وڪوڙي
وينديون هيون. ماڻهن جي ميڙ ۾ پاڻ کي صفا اڪيلو
پئي محسوس ڪندي هيس.
عربي زبان سان ناواقفيت هوندي به منهنجي ننڍڙيءَ
جيئن عرب ٻارن جي ڳالهه سمجهي انهن سان دوستي ڪئي
پئي اها ڳالهه حيران ڪن هئي. هڪ عرب ڪٽنب جي
تقريباً معزه جي عمر جيتري ڇوڪري جڏهن ويجهو اچي
پڇڻ لڳي ما اسمک؟ سندس انداز مان سهي ڪري معزه کيس
نالو ٻڌايو ۽ وري پاڻ ڪجهه ڳالهائي ته هو انهيءَ
جو جواب ڏئي. باقي ٻارن سان پيار جي معاملي ۾ عربن
جو ته ڪو جواب ئي ڪونهي. سچ ته انهن جي انداز مون
کي ڏاڍو متاثر ڪيو. روضي پاڪ رسولصلي الله عليہ
وآلہ وسلم تي سلام ڀرڻ وقت، جيڪو ننڍو حصو عورتن
لاءِ کوليو وڃي ٿو، انهيءَ ۾ ڏاڍي رش هوندي هئي.
ڊوڙندي نفل پڙهڻ لاءِ بيتاب هوندي هئس. آئون به
انهيءَ پيهه جو هڪ حصو ٿي ويس. ڏاڍيءَ مشڪل سان
نفل پڙهڻ جو وجهه مليو. نفل نماز ادا ڪري مون پاڻ انتظار ۾ بيٺل ٻين عورتن لاءِ جاءِ خالي ڪئي. هاڻي انهيءَ ڳالهه جو ٿورو ڪي
گهڻو ادراڪ ٿيو آهي ته الله ۽ سندس محبوب کي اها
ڳالهه ڪيتري نه پسند آهي ته سندن بندن جو خيال
رکيو وڃي. اسان گنهگارن لاءِ اصل جنت ته الله جو
راضپو
آهي، جي رب راضي ٿئي ته پوءِ باقي ڇا کپي؟ پوري
مديني جي فضا تي ڄڻ الله جي محبوب جي محبوبيت
ڇانيل هئي، ڇو ته قلم کي بيان جي طاقت آهي ۽ نه ئي
لفظن ۾ اهو ڪمال آهي. گهڻن ماڻهن کي مون انهن هنڌن
تي به تحقيق جي مرض ۾ مبتلا ڏٺو، مثلاً
فلاڻا پلر گهڻا آهن، هن هنڌ تي ڇا لکيل آهي؟ هي
فرش ڪهڙين ٽائلن جو ٺهيل آهي، ڪهڙو باب ڪٿي ۽ ڪيئن
آهي. شايد مون ۾ اها
Curiosity
نه آهي انهن معاملن ۾ آئون پاڻ کي صفا ”ڄٽ،
سمجهندي آهيان. ڪجهه اها شيءِ مون کي غير حقيقي پڻ
لڳندي آهي. ٻيو ڇا جن جي هر نظاري ۾ نينهن جي ساوڪ
هجي، اتي ٻيو ڇا ڏسجي. منهنجي خيال ۾ محبت جو جذبو
ئي سچو ۽ صحيح جذبو آهي.
تيئن
ڏينهن تي واپس مڪي پاڪ اچڻ جو پروگرام هو. صاحب،
احرام جي پابندي جي ڪري سڌو عمري ڪرڻ کان اعتراض
پئي ڪيو ۽ منهنجو خيال هو ته عمري جي ادائيگيءَ ۾
تاخير نه ڪرڻي آهي. پر قدرت واري کي اسان ٻنهي کي
اها سعادت نصيب ڪرائڻي هئي. جو جنهن ٽئڪسيءَ ۾
وياسين پئي، انهيءَ جي ڊرائيور چيو ته سائين احرام
پائي مڪي ۽ عمري جي نيت سان داخل ٿيڻ کي ته رسول
پاڪُ بي حد پسند ڪيو آهي. اها ڳالهه صاحب جي اندر
۾ ڄڻ ته ويهي ويئي ۽ فوراً عرفات تي پهچي عمري جي
نيت سان احرام پاتائين. الله تبارڪ و تعاليٰ هن
پوري سفر دوران ٻارن کي جيڪا سمجهه ۽ صبر عطا ڪيو،
انهيءَ لاءِ سچ ته شڪراني جي اهليت به پاڻ ۾ نه ٿي
سمجهان. مديني جي سرزمين کي دلي محبت مان الوداع
ڪيوسين ۽ وري گهرائڻ لاءِ آزيون ۽ نيازيون ڪيوسين.
موٽ خبر ناهي ته ڪڏهن ملي پر منهنجو يقين ڪامل مون
کي اهوئي ٻڌائي پيو ته وري به انهيءَ درٻار ۾
حاضريءَ جو موقعو مليو. انشاءَ الله |