سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2007ع

مضمون --

صفحو :12

سرطان جون خصوصيتون

نرم دل، حساس، محب وطن، مامتا ڀريل دل ۽ ذهين.

سرطان منفي خصوصيتون

بي حد جذباتي، حساس، موڊي، بي چين ۽ حسد ڪندڙ.

سرطان جو مشن

امن، محبت ۽ زندگي.

شڪل ۽ صورت

سرطان ماڻهن جو چهرو هنن جي جذبات جي مڪمل عڪاسي ڪندو آهي. هونئن به سرطان کي هڪ ڪلاسيڪي ڪردار سنو وائيٽ سان تشبيهه ڏني ويندي آهي. جنهن جي اعتماد کي ماڻهن ٽوڙيو ناهي هوندو.

سرطان جا دوست

برجن ۾ سرطان جا بهترين دوست هوندا آهن سنبلا، عقرب ۽ جدي. سنبله سان جڏهن به ملندا آهن ته هڪٻئي کي پسند ڪندا آهن ۽ سدائين هڪٻئي جو قدر ڪندا آهن ۽ سرطان سنبله کي خوش ڪرڻ ڄاڻندو آهي ۽ سنبله جي موجودگي ۾ سرطان زندگي کي آسان محسوس ڪندو آهي. ٻئي هڪٻئي جي مزاج کي سمجهن ٿ ا ۽ گهڻا خوش ٿيندا آهن.

سنبله کان سواءِ سرطان جي زندگي ۾ هڪ اهڙو دوست ضرور ايندو آهي. جنهن جو تعلق عقرب سان هوندو آهي. هنن ۾ به دوستي جلدي ٿي ويندي آهي. هنن وٽ ڳالهائڻ لاءِ هڪجهڙا موضوع هوندا آهن جيئن آرٽ، مذهب، ڊراما، اسڪول ۽ ڪاليج جون ڳالهيون پيسا گڏ ڪرڻ جون نيون ڳالهيون. بهرحال قصو ٿيو ختم ڪرڻ ته ٻنهي جو چڱايو ۽ لايون هڪجهڙيون هونديون آهن. هڪ ننڍي فرق سان ته سرطان معاف ڪرڻ تي يقين رکندو آهي. پر عقرب جي لغت ۾ معافي جو لفظ ئي ڪونهي، مڙي ڏنگ هڻڻ وڇون جي فطرت آهي. جيڪڏهن هي دشمن کي برباد نه ڪري سگهي ته قهي پاڻ کي برباد ڪري ڇڏيندو آهي.

جيڪڏهن هي ٻئي ڪنهن بڇڙائي لاءِ نڪري پون ته دشمن به پناهه گهرندو. پر جيڪر هي سٺائي کي سمجهن ته آخري حد تائين ويندا آهن.

پر آخر ۾ سرطان ۽ جدي جو تعلق عجيب آهي برجن ۾ جدي ۽ سرطان هڪٻئي جا ضد آهن. ضروري ناهي ته مخالفت منفي هجي پر اهو طئي آهي ته ٻئي اڀرندو ۽ الهندو يا زمين ۽ آسمان جيان ڏٺا ويا آهن. ٻئي هڪٻئي کان سواءِ نامڪمل هوندا آهن. ڇو ته سرطان جو حاڪم چنڊ ۽ جدي جو حاڪم سيارو زحل آهي. زحل ۽ چنڊ هڪٻئي جا ضد ناهن ته ڪجهه به ناهن ان ڪري ٻنهي برجن ۾ ايترو فرق آهي ته هي ڪڏهن به هڪٻئي لاءِ سولا نه ٿي سگهندا. پر جڏهن هي دوست ٿيندا آهن. تڏهن مڪمل به ٿيندا.

سرطان مرد

هي چنڊ سان واڳيل ماڻهو آهي. جنهن جي اکين ۾ ستارا چمڪندا آهن. چنڊ جيان ۽ گهٽجڻ هن جي موڊ ۽ صحت تي اثر انداز ٿيندو رهندو آهي. پل ۾ تولو، پل ۾ ماسو. ياد رکو هتي ڳالهه مزاج جي پئي هلي دل جي نه! هن جي دل ڪڏهن به ناهي بدلبي. جيڪا ڳالهه هڪ ڀيرو چئي ڇڏي ان تي قائم رهندو. جوزا جيان بي چيني ۽ بيوفائي هن ۾ ناهي هوندي. ڪڏهن ته هن جو حوصلو ايڏو بلند هوندو آهي ته هي جبلن سان پيو ڳالهيون ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ته ڪجهه سطح تي هوندو آهي. اندران هي ماڻهو سدائين هڪجهڙو هوندو آهي. حساس، جزباتي، رومانوي ۽ ڪجهه ڊنل، سرطان مرد وفادار هوندا آهن. سڀني مردن ۾ (جدي مرد کان پوءِ) سڀ کان وڌيڪ وفا، محبت ۽ ايمانداري هن ۾ هوندي آهي. هي هر حال ۾ پنهنجن لاءِ مهربان، وفادار ۽ نرم دل هوندا آهن. هر وقت قرباني جي لاءِ تيار هوندو آهي. ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار  رهندو آهي. غيرن لاءِ به پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪندو آهي. جن سان هي محبت ڪندا آهن. انهنجي ڇانوَ ۾ ويهندا آهن.

هنن سان تعلقات سدائين سٺا رکڻ گهرجن. زندگيءَ ۾ ڪروڙ پتي ٿيڻ جا موقعا هنن کي ملندا آهن. هي سڀ ماڻهو گهڻي دولت ڪمائڻ جي صلاحيت رکندا آهن. پيسو چڪمڪ وانگر هنن ڏي ايندو آهي. سرطان مرد گهڻي توجهه چاهيندا آهن.

هنن کي چاهيو وڃي، اها هنن جي ڪمزوري هوندي آهي نه ته هنن کي تمام گهڻي اهميت ڏني وڃي يا هنن تان هٿ کڻي ڇڏجي. جڏهن هنن کي اها ڄاڻ ٿي ويندي آهي ته پوءِ پنهنجي شرمائڻ واري خول مان ٻاهر نڪري ايندا آهن. سرطان مرد ڪجهه پراڻن خيالن وجا هوندا آهن. ايئن ڪونهي ته تقاضائن کي پورا نٿا ڪري سگهن. هلندا وقت سان گڏ آهن پر پنهنجي رک رکاءُ خانداني رسم ۽ رواجن کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن هوندا.

سرطان مرد جي شخصيت تي هنن جي مائرن جو وڏو اثر هوندو آهي. جيڪي سرطان ننڍپڻ ۾ ماءُ جي ڇانوَ کان محروم هوندا آهن. اڳتي هلي انهن جي زندگي ۾ هڪ خال رهجي ويندو آهي. بنيادي طرح هي گهريلو قسم جا مرد هوندا آهن يا ايئن چئجي ته گهر ٺاهڻ هنن جو خواب هوندو آهي. اها به حقيقت آهي ته ماءُ کان سواءِ گهر گهر ناهي لڳندو. ان ڪري هن جي پهرين ترجيح ۽ ياد ماءُ سان واڳيل هوندي آهي.

سرطان مرد سان محبت ڪندڙ عورتون

اسان پهرين چئي چڪا آهيون ته هي ماءُ کي پنهنجي زندگي جو مرڪز سمجندا آهن. ان ڪري محبوبه سان به لاشعوري طور مامتا ڀرئي رويي جي اميد رکندا آهن ۽ اها اميد ڪندا آهن ته هوءَ سندن ائين خيال رکندي آهي. ٿورو به بيمار ٿي پوي ته راتين جو جاڳي خدمت ڪندي آهي. دوست ۽ پيسن کي رقيب طور قبول ڪرڻو پوندو ڇو ته اها ته هنن جي وڏي ڪمزوري هوندي آهي. هنن سان گڌ رهڻو آهي ته ڪنجوسي ۽ سمجهڻ ۾ فرق سکڻو پوندو. جيڪڏهن توهان کي سرطان کي خوش ڪرڻو آهي ته پنهنجي سس جي ڪاپي ڪريو. ڇو ته سرطان مرد پنهنجي ماءُ جو لاڏلو هوندو آهي.

سرطان عورت

برجن ۾ سڀني عورتن کان وڌيڪ نسوانيت حوت کان پوءِ سرطان عورت ۾ هوندي آهي. هي عورتون گهڻو ڪري سهڻيون هونديون آهن. ماڻهو هنن کي پسند ڪرڻ کان سواءِ نٿا رهي سگهن. هن جو حاڪم سيارو چنڊ آهي جيڪو هن ۾ چانڊوڪي ڀري ڇڏيندو آهي. هنن ۾ هڪ پراسرار حسن نظر ايندو آهي. جيڪو وقتي يا عارضي تاثر ناهي هوندو. پر جيڪو هن عورت کي هڪ ڀيرو پسند ڪري ته سدائين چاهيندو رهندو. هيءُ پنهنجي حسن ۽ معصوميت کان بي خبر هوندي آهي. تڏهن ستارن جي ڄاڻ ڏيندڙ هنن کي ”حسن بي خبر“ چوندا آهن.

سرطان عورت پيدائشي طور هڪ ماءُ هوندي آهي. تمام ننڍي عمر کان هن ۾ هڪ رک رکاءَ ۽ ممتا هوندي آهي. همدردي ۽ محبت ڀريا لفظ هن وٽان ڪڏهن به ختم ناهن ٿيندا. هن کي چڱيءَ طرح خبر هوندي آهي ته تلوار جو گهاءُ ڀرجي سگهجي. ٿو پر زبان جو گهاءُ نٿو ڀرجي سگهي. هن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد ناهي هوندو. هن جي دوستن کي جڏهن به هن جي ضرورت پوندي آهي ته هي هن کي پنهنجي ويجهو ڏسندا. هي ٻين جي ڳالهه ٻڌندي به صحيح مشورو به ڏيندي ۽ مدد به ڪندي آهي. ماڻهو گهڻو ڪري هن جي نرم دلي مان فائدو وٺندا آهن. سرطان عورتن کي گهرجي ته هو هر ڪنهن سان همدردي ۽ محبت نه ڪن نه ته هنن جي دل ذري ذري ڏکندي رهندي. هنن عورتن جي زندگي ۾ پيسن جي گهڻي اهميت هوندي آهي. هنن کي دل کولي خرچ ڪرڻ جي عادت هوندي آهي. جيڪڏهن هي پنهنجي ڪا خواهش پوري نه ڪري سگهن ته ان ڳالهه تي سالن تائين ڏک ڪنديون آهن. پنهنجي خواهش تي صبر ڪرڻ سرطان عورتن جي لاءِ وڏي آزمائش آهي.

سرطان عورتون امير مردن کي پسند ڪنديون آهن. هنن کي اهڙا مرد وڻندا آهن جيڪي هڪ آئيڊيل گهر ٺاهڻ ۾ هنن جي مدد ڪن. محبت ۾ ڀائيواري ناممڪن!!؟؟ هو ڪڏهن به اهڙو سمجهوتو ناهن ڪنديون. فلرٽ قسم جا مرد هنن کي ناهن وڻندا.

سرطان عورت پنهنجي ماضي جي محبت کي سدائين ياد رکندي آهي. اسڪول ۽ ڪاليج جون سهيليون کين سدائين ياد رهنديون آهن. انهن جون نشانيون به هنن وٽ محفوظ رهنديون آهن. هنن وٽ يادن جو خزانو هوندو آهي.

هڪ راز جي ڳالهه توهان کي ٻڌائيندا هلان ته جيڪڏهن توهان هن جي دل جي ڳالهه ڄاڻڻ چاهيو ٿيون ته چانڊوڪي رات ۾ هن کي ٻاهر وٺي وڃو. پورو چنڊ لٿل هجي انهيءَ روشني ۾ جيڪو حسن آهي اهو هن تي جادو جهڙو اثر ڪندو ۽ هن جي دل مان خوف ۽ خطرا ختم ٿي ويندا، خواب، خواهشون، حسرتون، محروميون ۽ چاهتون هن جي اندر مان اوتجي اينديون آهن. چنڊ ۽ چانڊوڪي هن عورت جي ڪمزوري آهي.

اهڙيءَ طرح هن جي دل جون ڳالهيون ڄاڻڻ لاءِ هي بهترين موقعو آهي.

پر هي پنهنجا راز ٻين تي ظاهر بلڪل ناهن ڪنديون. اتفاق سان توهان کي ڪجهه ڄاڻ به آهي ته پاڻ تائين رکون نه ته هنن کي ڏک ٿيندو.

لباس ۽ فيشن ۾ پراڻي اسٽائل جا ڪپڙا نئين انداز ۾ پسند ڪنديون آهن. پنهنجي ڪپڙن تي ڀرت يا آر جو ڪم پسند ڪندي آهي. خاص ڪري اهڙو لباس جن تي پراڻي انداز ۾ ڪم هجي يا جن ڪپڙن تي انٽيڪ (Anitique) ٽچ هوندو آهي جنهن کي پائي هوءَ پنهنجي پاڻ کي ڪنهن محل ۾ رهڻ واري شهزادي محسوس ڪندي آهي.

ميڪ اپ ۾ هلڪي رنگ ۾ سنهري چمڪ هجي. وارن ۾ گل لڳائڻ لاشعوري طور پسند ڪندي آهي. ان ۾ اڇي رنگ جو گل هن تي سڀ کان وڌيڪ ٺهندو. سرطان عورتن جي لاءِ صلاح آهي ته هو جڏهن به اداس ٿين ته پنهنجي چئن طرفن کان گل جمع ڪن يا پائي ڇڏين يا خوشبو لڳائن يا ڪنهن دلو دوست دوست سان ملاقات ڪن سڄي اداسي پل ۾ ختم ٿي ويندي.

سرطان کي پسند ڪندڙن لاءِ صلاح

سرطان عورتن تي پهرين ضرورت جذباتي تحفظ آهي گهر ۽ گهريلو ضرورت هن جي ڪمزوري آهي. ان کي احساس ڏياريو ته هو توهان وٽ محفوظ آهي.

انهن کي اهڙا مرد پسند ايندا آهن. جيڪي گهريلو هجن ۽ ٻارن سان پيار ڪن. توهان جڏهن به هن جي اڳيان هجو ۽ توهان جي اڳيان ٻار آهن ته توهان انهن کي خاص اهميت ڏيو ۽ کين پيار ڪريو. ۽ توهان ظاهر ڪريو ته توهان کي ٻار ڏاڍا وڻندا آهن. توهان کي پنهنجو پاڻ کي وڻائڻو آهي ته هن جي اڳيان دل کولي خرچ ڪريو. جيئن هنن کي شڪ نه پوي ته توهان ڪنجوس آهيو. نه ته هوءَ توهان کي فيل ڪري ڇڏيندي. سڀ کان اهم ڳالهه توهان هن جي گهر وارن جي ساراهه ڪريو. خاص ڪري هن جي ماءُ جي ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته توهان سرطان عورت کي متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهيو.

پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو

دٻي جي جنگ

نيپئر سنڌ حاصل ڪئي، پر سنڌ ۾ اڃا جنگ ختم ڪا نه ٿي. ملڪ جي مختلف حصن ۾ انگريزن جي فوج تي حملا جاري هئا. حيدرآباد کان ڇهن ميلن تي ميرپور وٽ مير شير محمد خان فوجن سان ڇانوڻيءَ ۾ ويٺو هو. هوش محمد قنبراڻي مشهور جرنيل ۽ نواب احمد خان لغاري هن جي لشڪر سان گڏ هئا. 24 مارچ 1843ع ۾ نيپئر پنج هزار فوج وٺي دٻي وٽ پهتو. مير شير محمد خان جو لشڪر هڪ سڪل واهه جي ٻيٽ ۾ ٻن خندقن ۾ بيٺل هو. توبخاني مٿان هوش محمد قنبراڻي اڳواڻ هو. پيادل لشڪر مٿان نواب احمد خان لغاري هو. زبردست جنگ کان پوءِ. هوش محمد، مير شير محمد کي جنگ جي ميدان مان نڪري وڃڻ جي صلاح ڏني ۽ پاڻ آخري دم تائين انگريزن ۾ هراس وجهي وڙهندي شهيد ٿيو.

مير شير محمد خان امداد لاءِ هنڌ هنڌ واجهائيندو، قنڌار جي اسلامي حڪومت تائين پنهنجي سر ويو مگر ڪنهن به انگريزن جي مقابلي ۾ سندس امداد ڪانه ڪئي. آخر مجبور ٿي پنجاب ۾ انگريز سرڪار اڳيان پيس پيو.

خيرپور جي سهراباڻين ميرن مان مير علي مراد انگريزن جو طرفدار هو. انگريزن هن جي رياست کي بحال رکيو. هن کي سندس موروثي حصي کان سواءِ مير رستم خان طرفان وعدو ٿيل حصو به ڏنو ويو. پر اڳتي هلي انگريزن هن تي ٺڳيءَ  جو الزام هڻي، مير رستم خان وارو ڏنل حصو سرڪاري قبضي ۾ ڪري باقي ورثي ۾ مليل حصو هن کي ڏنو. مير صاحب آخر تائين انگريز سرڪار کان کسيل حصو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر وريس ڪجهه به ڪين.

ميرن کي جلد ئي نيپئر لارڊ ايلنبرو جي حڪم سان جلا وطن ڪري، هڪ جهاز نالي ”نمرود“ ۾ بمبئي موڪليو ويو. جلا وطن ۾ مير نصيرخان، مير حسين علي خان، مير رستم خان، مير محمد خان، مير يار محمد خان، مير شهداد خان، مير صوبدار خان هئا. اميرزادن ۾ مير علي عباس خان، مير فتح علي خان ۽ مير مراد علي خان شامل هئا. پهريان ڏهه مهينا هنن کي بمبئي کان چوويهه ميل پري سامور ڳوٺ ۾ رهايو ويو ۽ کين  1844ع محرم 1260هه ۾ ڪلڪتي موڪليو ويو. هنن لاءِ برٽش گورنمينٽ وظيفا مقرر ڪيا. 1844ع ۾ لارڊ ايلنبرو ولايت روانو ٿيو، سندس جاءِ تي لارڊ هارڊنج گورنر مقرر ٿيو. هن کي ميرن طرفان انصاف ۽ رحم لاءِ اپيلون پهتيون. هوڏانهن ميرن جي بيگمن به ٽن وڪيلن آخوند حبيب الله، ديوان ڄيٺرام ۽ ديوان ديارام معرفت راڻي وڪٽوريا کي نيپئر جي ٿيل ظلمن، حويلين جي لٽجڻ جي روئداد ٻڌائيندي انصاف لاءِ ٻاڏايو، پر نه بيگمن جي اپيلن جو ڪو تدارڪ ٿيو ۽ نه ئي ميرن جي پڪارن کي اهميت ڏني وئي. 1854ع ۾ لارڊ ڊلهاسي جي سفارش تي اٺن ورهين تائين جلا وطن ٿيڻ کان  پوءِ ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽر ميرن  کي سنڌ  ڏانهن واپس موڪلڻ جي اجازت ڏني. انهيءِ وچ ۾ مير نصير خان،مير صوبدار خان، مير محمد خان، مير شهداد خانولد مير نور محمد خان جي وفات ٿي، جن جا لاش ڪجهه وقت کان پوءِ وطن گهرائي دفن ڪيا ويا. مير صاحبن کي ڪمشنر جاگيرون ڏنيون جن تي گذر سفر ڪرڻ لڳا.

حر تحريڪ ۾ عورتن جو حصو

ملٽري وارن ۽ پوليس عملدارن عورتن سان نهايت شرمناڪ سلوڪ اختيار ڪيو. ظلم کي منهن ڏيڻ لاءِ غازين منظم طريقي سان منهن ڏيڻ جون تياريون ڪيون. ڪيتريون عورتون پڻ ظلم خلاف ميدان ۾ لٿيون ۽ مختلف روپن ۾ سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويون. هنن انهيءَ سلسلي ۾ ٽريننگ پڻ ورتي. ڪي نرسون ٿيون، ڪي شهسوار، ڪي بندوق باز، ڪي ڳائڻيون ته ڪي مخبر. اهڙيءَ طرح هو سڄي ايريا ۾ پکڙجي ويون انهن عورتن ۾ هيٺيان نالا قابل ذڪر آهن. بصران خاصخيلي، زهران، عاقلان، فريدان، ڀان، هوندل، مائي مرکان، مائي مريم، نوري رند، مرادان خاصخيلي، جادو لهارڻ، سون ٻائي، لال زينت، راڻي سعدان وغيره انهن مان ڪيترين عورتن انگريز ملٽري تي گوليون هلايون. زخمين لاءِ ويس مٽائي دور دراز کان دوائون آڻينديون هيون. پنهنجن گهر وارن کي غازين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ همٿائينديون هيون. آفيسرن جي مخبري ڪنديون ۽ غازين کي ان کان آگاهه ڪنديون هيون.

مايا راهي

ڀاونا

دکي دل سان چيو

”هل ته ڪٿي هلي

ٻه چار ڏينهن

ڪو آرام ڪري اچون

ڪنهن پنهنجي وٽ“

”سمجهه سوال ڪيو

پنهنجي جي پهرين

پريڀاش ها ته ٻڌاءِ“

*

پيڙا هڪ

پر، روپ اَنيڪ

تَن جي پيڙا، مَن جي پيڙا

تڙڦائن ته ٻئي ٿيون

هڪ ساري ٿي سرير کي

ٻي جوڙي رکي جيءَ کي.

خطا پنهنجي

مڃي ڪوئي

کلي جي،

چئي ٿو ڏئي ”ساري“

منجهيل سُٽ

سُلجهي پون ٿا.

*

اَڏام ڀري، پري پري

ڪنهن نينگر سان

نينهن لائي اچان

موٽان پر، هن آکيري ۾ ٿي

ڪو ٻيو آنند به، ماڻي اچان.

*

زندگي ڪنهنجي به،

ڪٿي ٿي ڪٽجي سِڌي سنواٽي

سُڀاويڪ نموني!

ماحول ۽ ماڻهن جي رد عمل ۾

کٽي مِٺي، ڪَسي ۽ ڪُجَسي

ٿي وڃي ٿي

هر ردِ عمل سان

پنهنجو رنگ بدلي ٿي

اَڄ جي هيءَ زندگي!

*
 

 

پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن جي ترقيءَ بابت سوچڻ گهرجي: پروفيسر نويد تامنان

انٽرويو ڪندڙ: مهرالنساءِ لاڙڪ

دنيا ۾ جتي به جنهن به ملڪ ۾ انسان رهن ٿا، پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ مذهبي اعتبار کان الڳ الڳ، حيثيت رکن ٿا. ۽ پنهنجي سوچ جي حساب سان زندگي گذارين ٿا. پر هيءَ ڳالهه هرهنڌ نظر آئي آهي ته هر سماج ۾ مرد، قابض نظر اچن ٿا Male dominate Society  نظر اچي ٿي. عورت کي صرف هڪ صنف نازڪ سمجهيو وڃي ٿو. مذهب، تهذيب، ثافت جي آڙ وٺي سماج ۾ غلط ريتن ۽ رسمن کي مڙهي، عورت کي اهڙو ته جڪڙيو ۽ پابند بنايو وڃي ٿو جو هوءَ جيڪڌهن اُنهن هٿ ٺوڪين ريتن رسمن جي زنجيرن کي ٽوڙڻ چاهي ٿي، ته ان جو هر طرح سان رستو روڪيو وڃي ٿو. ڪٿي عورت کي تعليم کان محروم ڪري، کيس لاعلم زندگيءَ گذارڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو ته وري ڪٿي عورت کي شاطر سمجهي سندس سماجي تي زندگيءَ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

عورت عام زندگيءَ يا روزگار جي جاين تي اهڙن جملن سان نوازي وڃي ٿي جو اُهي جملا، ڪنهن تير ۽ تلوار کان گهٽ ڪونه هوندا آهن. مردن جو خالص مقصد صرف اهو هوندو آهي ته يا عورتون گهر کان بلڪل ٻاهر نه نڪرن جيڪڏهن نڪرن  ٿيون ته مردن جي مرضي مطابق زندگي گذارين.

پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش جهڙن ملڪن جي معاشري ۾ گهڻي حد تايئن معاشري هڪجهڙائي هر سماج ملي ٿي. مرد جو هتي قبضو نظر اچي ٿو پر پڙهيل عورتون ۽ لبرل ذهن جي مالڪ عورتن، پنهنجي عقل، ڏاهپ ۽ دانائي جي بنياد تي، اهڙن بناوٽي معاشرتي حدن کي ٽوڙڻ شروع ڪيو آهي پاڪستان ۾ اسان کي هر اداري (خانگي توڙي سرڪاري) ۾ عورتون ڪم ڪندي نظر اچن ٿيون زندگي جي هر شعبي جيئن تعليم، صحت، معاشيات، قانون ۽ سفارتڪاري ۾ پڻ اهم عهدن تي ڪم ڪري رهيون آهن. قومي اسمبلي جو هال هجي يا صوبائي اسمبلي جو، اتي به عورتون، ڪافي سرگرم نظر اچن ٿيون.

پاڪستان وانگر، هندستان ۾ به هزارين سرگرم عورتون زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڪاميابي سان ڪم ڪري رهيون آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ورڪشاپ ۾ منهنجي اهڙي ئي بهادر متحرڪ ۽ ذهين عورت سان ملاقات ٿي، عمر جي حساب سان سندس ڪم مون کي حيران ڪري ڇڏيو

        هندستان جي دهلي شهر ۾ دهلي يونيورسٽي ۾، پوليٽيڪل سائنس  Political Science  پڙهائيندڙ  هڪ پروفيسر  Madam Navedita Menon نويدتا مينان آهي جنهن جي ڪم کي ڏسندي، مون موقعي جو فائدو وٺندي پنهنجي سرتين لاءِ هڪ انٽريو ڪري ورتو.

- ليکڪ

جيڪو حاضر آهي.

سرتيون: اوهان پنهنجو تعارف ڪرايو

نويدتا: منهنجو پورو نالي ”نويدتا مينا آهي“ منهنجو جنم 1961ع ۾، انڊيا جي اتر پرديش جي هڪ ننڍي ڳوٺ  (Karial) ڪيريل ۾ ٿيو آئون انتهائي غريب طبقي سان تعلق رکان ٿي.

سرتيون: توهان ڪيتري تعليم حاصل ڪئي آهي  ۽ ڪڏهن کان سروس ۾ آهيو.

نويدتا: مون ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ڪيريل ۾ حاصل ڪئي پوءِ اڳتي تعليم جاري رکي پر معاشي تنگي جي ڪري گهڻيون مشڪلاتون در پيش آيون، پر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان تعليم جو سلسلو جاري رکيو، ۽ پوءِ مون P.hd پڻ ڪئي آهي گذريل 20 سالن يعني 1987ع  کان دهلي يونيورسٽي ۾ پوليٽيڪل سائنس جي پروفيسر آهيان.

سرتيون: عملي سياست ۾ توهان جي ڪيتري دلچسپي آهي ۽ سياست ۾ ڪيترو تجربو رکو ٿيون

نويدتا: دهلي ۾ عورتن جي حقن لاءِ ۽ جهموريت  لاءِ جا کوڙيندي رهندي آهيان.

سرتيون: توهان جو نالو  Feminism جي حوالي سان گهڻو ورتو وڃي ٿو ان جو خاص ڪارڻ آهي؟

نويدتا: ننڍي هوندي کان ئي فيمينسٽ  Feminist آهيان. آئون ائين ٿي محسوس ڪريان ته هر عورت ناانصافيءَ جو شڪار آهي اها نا انصافي مون پنهنجي ماءُ سان ٿيندي ڏٺي. جنهن مون کي سوچڻ ۽ متحرڪ ٿيڻ تي مجبور ڪيو.

سرتيون: اوهان جي لکڻ سان واسطو رهيو آهي. هينئر تائين توهان جا ڪيترا ڪتاب ڇپيا آهن.

نويدتا: هي ڪتاب ڇپيا آهن:

1. gender and politics in India(ed) oxford university press 1999.

2. Recovering sub vi sain feminist politics beyond the law permanent block 2004.

3. Sexualities (ed). Women unlimited, 2007.

ان کان سواءِ بيشمار آرٽيڪل لکيا آهن جيڪي انڊيا توڙي بين الاقوامي رسالن ۽ جرنلس ۾ ڇپيا آهن.

سرتيون: توهان جي خيال ۾ اسان کي زندگي ڪيئن گذارڻ گهرجي؟

نويدتا: هميشه ٻين لاءِ سوچيو پر مختلف طريقي سان جيڪو، انصاف لاءِ هجي ۽ هر هڪ سان مساوات يعني برابريءَ جي بنياد تي طبقاتي فرق نه هجي غريب لاءِ انصاف مهانگو ۽ امير لاءِ سستو نه هجي سڀني لاءِ برابر هجي. دنيا ۾ مثبت تبديلي آڻيو دنيا کي خوبصورت ۽ پرامن بنائڻ لاءِ جاکوڙيو. Feminist خودفريبي نه آهي بلڪه ٻين لاءِ سٺي سوچ رکڻ آهي.

سرتيون:  ڪجهه پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ ٻڌايو اڃان تائين سنگل آهيو؟

نويدتا: مون کي زندگيءَ سان پيار آهي، ٻين ماڻهن سان به پيار آئون گذريل 10 سالن کان جنهن سان پيار ڪريان ٿي ان سان جلد ئي شادي ڪنديس. اسان ٻئي هڪ ٻئي جا دوست آهيو.

سرتيون: پاڪستان ۽ پاڪستاني ماڻهن جي باري ۾ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

نويدتا: پاڪستان پهريون دفعو آئي آهيان پاڪستاني ماڻهو تمام گهڻا پيارا ۽ پيار ڪرڻ وارا آهن، پنجاب صوبو خوشحال آهي. باقي ٻين صوبن جي باري ۾ T.V تي خبرون ڏسندا آهيون انهن ۾ ايتري خوشحالي نه آهي. ماڻهن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت اچڻ گهرجي ۽ پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن بابت سوچڻ گهرجي. غربت جي خاتمي لاءِ ۽ انصاف جي بالادستي لاءِ مقابلو ڪرڻ گهرجي.

هاڻي توهان جي وڏي مهرباني جو وقت ڪڍي اوهان هن عورتن جي رسالي لاءِ پنهنجا ويچار ونڊيا؟

سرتيون: سنڌ جي عورتن لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿيون؟

نويدتا: توهان جي وڏي مهرباني جو اوهان مون کي ان قابل سمجهيو پيغام اهو آهي ته اڄ جي عورت پاڻ کي ڪمزور نه سمجهي، پاڻ ۾ اتحاد برقرار رکو اڳتي وڌو پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اٿاريو. جانورن وانگر جيئڻ ڇڏيو، ”جئيو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي اصول تي عمل ڪريو.

نسرين سيد

شاعراڻو نثر

* تنهنجي هڪ مرڪ زندگيءَ لاءِ ڪافي آهي.

* ڪاش مان اهڙو ڪم ڪيان جو اوهان جي دلين ۾ جاءِ جوڙي وٺان.

* پيار جي پڄاڻي ٿيڻي ئي ناهي.

* مان ڪنهن جي مليل خوشين مان خوش ناهيان ٿيندي، خوشيون ته بي وفا هونديون آهن.

* جتي به وڃان ٿي اتي هر ڪو حيرانيءَ سان ڇو ٿو ڏسي؟!

* جن جي ذهن ۾ سٺي سوچ پلجندي آهي، اهي ئي ڏک ڏسندا آهن.

* تون زبان تي يقين رکين ٿو، مان اکين تي اعتبار ڪيان ٿي.

* تون مون لئه سوچڻ ڇڏي ڏي، هاڻي مان جيئڻ سکي وئي آهيان.

* تنهنجي هڪ لفظ جون ايتريون معنائون ڇو آهن؟

* مان ان ماءُ کي سلام ڪيان ٿي جنهن هوشو هيموءَ جهڙا پٽ پيدا ڪيا.

* پنهنجون سڀ خوشيون توکي گفٽ ڪيم.

* تنهنجي منهنجي دنيا آهي ڇا؟

* تون قاتل آهين، ڪنهن جي معصوم مرڪن جو.

* دوستي اڄ به اهڙي آهي، جنهن تي فخر ڪري سگهجي ٿو.

* جڏهن مايوسي وڪوڙي ويندي آهي ته ڪتابن ۾ پناهون ڳوليندي آهيان.

* بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائي کڙڪو ڇو ٿو ڪرائين؟!

* خاموشيءَ ۾ هڪ لفظ به ايڏو گهڻو ڇو لڳندو آهي.

* ڪنهنجي احترام کي بزدلي ڇو ٿو سمجهين؟

* اي وقت! تو مون کان ڇا کسيو! ڏنو ڇا اٿئي؟

* ٻيءَ سان اک اڙائي اٿئي، تڏهن ته زال ڪاري بنائي ماري اٿئي.

* چري نسرين! ڏکويلن جا ڏک ٻڌي روئي نه پوندي ڪر، سڄي دنيا ڏکن سان ڀري پئي آهي، ڪنهن ڪنهن تي روئندينءَ.

* تون ايڏو روئين ڇو ٿو، خبر اٿئي مان توکان پري آهيان لڙڪ اگهي نه سگهندس.

* لاٽ چوڻ سان ته ڪو نه ٻرندي.

* ڏکن، دردن ۽ سورن کي دل ۾ دفن ڪري، دنيا لاءِ روشن تارو بنجي وڃ.

* تمنائن کي دٻائي ڇڏڻ به بزدلي آهي.

* اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جو انسانن جا بند ذهن کلندا؟

* سماج جي روين ئي قلم کنايو آهي.

* تنهنجي هڪ مرڪ، بيمار کي تندرست ڪري ته اڃا ٻيو ڇا گهرجي؟

* منهنجي پسند جي خوشبو، تنهنجي پگهر جي خوشبو، جنهن جي خوشبوءَ جي مهڪار وجود ئي مهڪائي ڇڏيو آهي.

* پورهيت جي ڪمائي جو هڪ رپيو به، تنهنجي حرام جي ڪمائي کان ڀلو آهي.

* اچ ته ڊوڙ پائي وقت سان هلون، نه ته وقت اڳ ڪڍي ويندو، اسين پوئتي رهجي وينداسين.

* منهنجون نظرون ڳولهينديون رهن ٿيون، آخر ڪنهن کي؟

* عورت عورت کي ناهي سمجهي سگهي، ٻئي کي ڇا سمجهي؟!

* جيڪو عمل نه ڪرڻو هوندو آ، اسان اهو ئي ڪندا آهيون.

* هر دل ۾ هزارين داستان لڪل آه.ن

* او عورت! تون حسابن کان وڌيڪ ڏکي آهين، توکي حل ڪرڻ منهنجي وس ۾ ڪونهي.

* پيار جو داستان اسان جي دلين جي ورقن ۾ دفن ٿيل آهي.

* تون ۽ مان هر هر جنم وٺي پيا ملنداسين.

* تنهنجي ايندي ئي، ڪمرو خوشبو سان واسجي ويندو آ.

* زندگي تيستائين حسين آهي، من ۾ تون آهين جيستائين.

* هڪ وک به هلي نه سگهندي هيس، تو ڪاڻ ميلن جا ميل پنڌ ڪيو اٿم.

* جڏهن پاڻ کي سڃاڻين، پوءِ ڪنهن کي سڃاڻڻ جي دعويٰ ڪجان.

شاعري

سيفو

يونان (6 صدي ق. م)

سيفو جي زندگيءَ جي ڪهاڻي اصل تاريخي بنياد بدران داستان گوئيءَ واري نموني بيان ڪيل ملي آهي. البت اهو چڱيءَ طرح معلوم آهي ته هوءَ هڪ تمام مشهور شاعر عورت هئي ۽ ڪيتريون ئي ننڍڙيون نينگريون هن وٽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ليسباس ٻيٽ تي اينديون هيون ۽ ايفروڊائيٽ ديويءَ جي لاءِ مخصوص پوڄا ۽ سيوا ۾ به حصو وٺنديون هيون. سيفو جي باري ۾ جيڪا ڳالهه يقيني آهي سا اها ته سندس شاعريءَ جو ڪجهه حصو اڃا موجود آهي جنهن مان وڏن عظيم شاعرن ۾ سندس رتبو معلوم ٿئي ٿو.

ننڍڙا نظم

ماڻهو بيشڪ ڳالهيون ڪن ٿا

۽ ليڊا جي لاءِ چون ٿا

ته هن ڪو ڳڀ لڌو هو

جيڪو لڪل هو

سنبل جي گلن جي جهڳٽي ۾.

***

توکي جڳهه جي خبر آ- پوءِ

ڪريٽ کي ڇڏ، اسان وٽ اچ

جتي تنهنجو انتظار آ

ٻارين ۾ وهاريل هنن

سهڻن وڻن جي جهڳٽن ۾

جي تنهنجي لاءِ مقدس آهن

***

قربان گاهه تي اگر ٻرن ٿا

صُوفن جي وڻن وچان

ٿڌا جهرڻا وهن ٿا

جوان گلابن جي پاڇي ۾

ڏڪندڙ مست اکين ۾

ٿڌڙي هير ننڊ اوتي ٿي

***

چراگاهن ۾ جتي

گهوڙا هري مري ويا آهن

اتي بهار جي پيلن گلن جي خوشبو

هوا کي سرهاڻَ بخشي ٿي.

***

اي راڻي، اي سائپرين!

پيار ۾ ٻوڙيل مڌ سان

اسان جي سنهري پيالن کي

پُر ڪري ڇڏ فوراً

***

هو ۽ تون

هو ڪنهن سورمي کان به وڌ

منهنجي لاءِ ڄڻ خدا آهي

ها، اهوئي ماڻهو جنهن کي

تنهنجي ڀرسان ويهاريو ويو آهي

اهو جيڪو تنهنجا مٺڙا ٻول

تنهنجي سُس پُس ڪن ڏئي

پيار مان ٻُڌي رهيو آهي

اهائي جادُوءَ ڀري کل کلي رهيو آهي

جا منهنجي دل جي ڌڙڪن وڌائيندي آهي.

***

جي توسان اوچتو ملڻ سان

ماٺ ٿي وڃان ٿي.... سو ان لاءِ ته

منهنجي زبان ڄڻ ڦٽجي پئي آهي

منهنجي تن اندر ڪائي

باهه ٻري وئي آهي

ڏسان ٿي، نڪي ٻڌان ٿي

بس ڄڻ پنهنجا ئي ڪن وڄن ٿا

پگهر ۾ پُسي ڏڪان ٿي

هيڊي سڪل گاهه جيان

هيڊي ٿي وڃان ٿي

اهڙي وقت موت مون کان

ڪو ايڏو دور ته ناهي.

***

نياڻيءَ جو ڀاڳ

اسين لوڙهيون ٿا

هيءَ دَکي هن ٻيڙي ۾

انهن اکرن سان ته:

”هن ۾ رک آهي

ننڍي نيٽي ٽماس جي

جنهن کي پَرُ سيفون سان

زوريءَ پوريو ويو هو، اڻ پرڻيل

اونداهي ڪوٺيءَ اندر

۽ هن گهر کان بي گهر

جلاوطن ننڍڙي نياڻيءَ خاطر

هڪ جيڏين ڏک ۾

تيز تکا بليڊ کڻي

پنهنجا سهڻا سُندر

وار ڪوڙي ڇڏيا هئا.

ڪورينا

يونان (5 صدي ق.م)

بوئيوشيا جي علائقي ۾ ٽانا گرا جي رهاڪو هيءَ شاعر عورت قديم شاعر پنڊار جي همعصر هئي. سندس گهڻي شاعري مڪاني داستانن تي ٻڌل آهي. جنهن جا ڪي ٽڪرا دستياب ٿيا آهن. انهن ۾ سندس هنر پڌرو آهي.

 

ننڍڙا نظم

هو مون تي مهربان نظر وجهي ٿو

جڏهن آءٌ  ٽاناگراجي

اڇا ڪپڙا پهريل عورتن لاءِ

پنهنجا ويرتا وارا مانائتا گيت ڳايان ٿي

سمورو شَهر جهومي اٿي ٿو

منهنجي آواز ۽ مڌر سُرن سان.

***

ڇا تون سدائين ستل رهندينءَ!

اڳ ته اي ڪورينا!

تون اهڙي غافل نه هئينءَ.

***

آءٌ ته مرٽس کي ڏوهه ڏيندس

جيتوڻيڪ هوءَ ڏات ڌياڻي آهي

ته به ڪيئن هڪ عورت هوندي

پنڊار آڏو اچڻ جي هُن سگهه ساري!

***

(ڪتاب ”دنيا جون شاعر عورتون“ تان ورتل)

 

اختر افروز شاهه

هر تار ٽٽي پئي آهي

دل جي تارن کي ڇيڙڻ چاهيان ٿي

پر دل جي هر تار ائين ٽٽي پئي آهي

ڄڻ چپن کي چورڻ به وسري ويو آهي

بي آواز آلاپ ڳائي دل وندرايان ٿي

آهي ڪو ”اختر“ ان بي سري سنگيت کي سمجهي.

 

مان تنهنجي آهيان

خطاوار آهيان يا سزاوار آهيان

جا به آهيان سا مان تنهنجي آهيان

پيار ڪرڻ وارو مون جهڙو نه ملندءِ

آءُ منهنجا پرين مون وٽ تون اڏامي

هنجون هاري تنهنجون روز واٽون نهاريان

پيار جا آءُ پرين اهي ٻول ٻوليون

پراڻيون ڪريون ڪي وري اهي رهاڻيون

آءٌ پرين دنيا مان وڃڻ واري آهيان

سڪرات ۾ به پرينءَ کي پري کان سڃاڻان

عزرائيل کي چيم ترس پرين اچڻ وارو آهي

پيار تنهنجي ۾ ”اختر“ چري مان روز آهيان.

 

ڏاڍا ڏونگر ڏاکڙا

سسئي وانگر سڪ ۾ متان وڃين تون

هي ڏاکڙا سهي نه سگهندين تون

پنهون پنهون نه ڪندي وت تون

ٻڌي اها وائي ڏونگر نه تپن تو لاءِ

ٻڌي تنهنجي اچڻ جو مرون اڳئي نه ٿين اڀا

جيءُ ۾ ”اختر“ تنهنجي جهوري سورن سندي ڪيئن.

 

ڪيڏو نه نادان آهين

جهُريل دل کي تون ڇو جهُورين ٿو

دل جي زخمن کي تون وري ڇو چورين ٿو

منهنجي دل کي ڀڃي ڪيئي ٽڪرا ٽڪرا

ڪيڏو نه نادان آهين ڀڳل دل کي جوڙين ٿو.

 

رت جي ڳوڙهن مان

اکڙيون آليون ۽ دل زخمي پيرن ۾ زنجير اٿم

انڌير جو عجيب هي ننگر ڏٺم

رت جي ڳوڙهن مان ڀري قلم جو لکيم

ننهن مان ماس جدا ٿيندو اکين سان ڏٺم

مهڻن سان دل زخمي زخمي جا ٿيم

روز ڦاسيءَ تي ٿا چاڙهين پوءِ به چپن تي مرڪ اٿم

پنهنجو ڪو ويساهه گهاتي ڪندو دل کي نه اعتبار اٿم

هاڻ ته ”اختر“ پنهنجي پرائي جو يقين به ختم ٿي ويو اٿم!

 

محبت جو جام پيارو

محبت جو ڀري جام پيارا اسان کي پياريو

حُسن وارا اسان جي دل ميخاني کي به سجايو

کڻي نيڻ سهڻا اسان ڏانهن به ڪي نهاريو

ويٺا آهيان راهن ۾ اسان کي به پڪاريو

محبت جي خيرات مان ”اختر“  کي به ڪجهه ڏياريو

سونهن وارا اهڙا ناز ڀريا انداز نه ڏيکاريو.

 

چندر ڪيسواڻي

خودڪشي

آءٌ

انسان آهيان

اهو ڪو

چرچو ڪونهي

سپاهي جي پڪڙ

۽ پُڇا

منهنجي آزادي جو

ثبوت آهي

خودڪشي ڪندڙ

اجايو

پنهنجي حق سان

هٿ چراند

ڪن ٿا.

سنجها سرواڻ

نثري نظم

مون ڪٿي سوچيو هو...

ته تون مون کي پيار ڪندين

ايترو جو مان سڀ ڪجهه

وساري ويهنديس...

مون ڪٿي سوچيو هو

ته توکي منهنجو احساس ٿيندو

ايترو جو منهنجي درد کي

محسوس ڪري وٺندين.

مون ٿي سوچيو هو

ساٿ منهنجو ماڻي

تون خوش ٿيندين

ايترو جو هر غم وساري ويهندين

مون ڪٿي سوچيو هو

ته تنهنجا هٿ منهنجا ڳوڙها

اگهڻ جي لاءِ وڌندا

مون کي اداس ڏسي توکان به

مرڪ مرڪ وسري ويندين

مون جڏهن ڪجهه به نه سوچيو هو

ته پوءِ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو

اُن تي ڏک ڇو ٿو ٿئي

ڇو سڏڪا ڀري مان روئان ٿي

جڏهن تو پاران بي رُخي پلئه پوي ٿي

ڇو مان وکري وڃان ٿي...؟

شايد مون کي توسان پيار ٿي ويو آ.

ها، پڪ سان مون کي توسان

پيار ٿي ويو آهي.

 

نثري نظم

ڪڏهن ڪڏهن

مان سوچيندي آهيان

ته جيڪڏهن مون کان ڪا

وڏي غلطي ٿي وڃي

۽ تون مون کي دڙڪا ڏين

ته ڇا مان برداشت ڪري ويندس

تنهنجو ٿورڙو ئي تيز لهجو

منهنجي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ٿو ڇڏي

تون جي بدلجي ويندين

ته ڇا مان جي سگهنديس...؟

 

عذرا عباس

خزان اچڻ کان پهرين

تعارف: روزاني زندگيءَ جي تجربن جي عڪاسي، عام ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو اسلوب، کليو اظهار ۽ نثري نظم سان دلچسپي جي حوالي سان جديد شعري ۾ عذرا عباس جو نالو اهميت رکي ٿو. عذرا عباس جو جنم ڀومي ڪراچي آهي ۽ ڪراچيءَ يونيورسٽي مان اردو ۾ ايم.اي ڪئي اٿائين. 1970ع جي ڏهاڪي کان هن لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ نون لکندڙ جي صنف ۾ نمايان رهي. هن جو ڊگهو نظم نينڊ کي مسافتين 1981ع ۾ ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿيو. هن نظم جو انگريزي ترجمو به ڇپجي چڪو آهي ۽ ان ڪتاب کي ”اردو نثري شاعري“ ۾ بنيادي ڪتابن ۾ تسليم ڪيو وڃي ٿو. عذرا عباس جي نظمن جا ٻه مجموعا ”ميز پر رکهي هاتهه“ ۽ ”مين لائينين کينچتي هون“ جي نالن سان پڌرا ٿي چڪا آهين نطم سان گڏوگڏ عذرا عباس نثر ۾ به هڪ مختلف ۽ مفرد انداز رکي ٿي. ”ميرا بچپن“ جي نالي سان ان جي ذات... جو هڪ حصو سامهون آيو آهي. ڪهاڻين کان سواءِ هن هڪ ناول ”مين اور موسيٰ“ به لکيو آهي. عذرا عباس جون لکڻيون سفر جو مطالبو ڪن ٿيون ۽ اهو به خيال جي رفتار سان گڏ ”حيرت ڪي اس پار“ شعري مجموعي تان ورتل سندس ڪجهه نثري نظم ”سرتيون“ جي پڙهندڙن لاءِ ڏجن ٿا.

خزان اچڻ کان پهرين

برسات پوندي آهي

خزان (سرءُ) اچڻ کان پهرين

دروازا هوا ۾ وڄندا آهن

پکي وڻن کان لهي ٻاهر

پنن جي ڪرڻ جي خوف سان

اڏرن ٿا

پوپٽ پنهنجن پرن کي

سميٽيندي

انڌيري ۾ لڪڻ جي ڪوشش ۾

ڪيڏانهن هليا وڃن ٿا...

گل بي آسري مرجهائجي وڃن ٿا

خزان اچڻ کان پهرين

سڀ ڪجهه اهڙو ئي هوندو آهي

جهڙو هميشه

خزان اچڻ کان پهرين

ائين ئي ٿيندو رهندو آهي

بس اڄ منهنجي

اکين کي سڀ نئون

لڳي رهيو آهي

هڪ ننڍڙي گونج

جي وچ ۾

ڪوئي دروازو کڙڪائي

رهيو آهي

مان در کوليندي

ڊڄي وڃان ٿي

خزان اچڻ کان پهرين

 

منهنجي ننڊ نه کسيو

هي ننڊ ته آهي

جو ڏيکاري ٿي

مون کي خواب

هي خواب ئي ته سمهن

جو

سمنڊ سان مون کي ملائن ٿا

۽ ان محبت سان

جا

هن کي مون سان آهي

جيڪا منهنجي پٺيان

ان وقت کان

ڊوڙي رهي آهي

جڏهن منهنجا چپ

بلڪل نرم هئا

شفاف ماڪ جا ڦڙا

انهن کي ڇهي چمندا هئا

۽ جاڳندا هئا منهنجا خواب

۽ محبت کي مان

ڳوليندي هيس

هاڻي اها آسمان تي

ديوانن وانگر ڀڄندي

ان زمين تي

ننڊ نه هجي

ته ڇا ٿيندو

ڪير ڏسندو خواب

سڀ وڇڙي ويندا

پنهنجن خوابن کان

۽ اُهي مون کان به!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com