سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :9

 ڪنول سعيد

ٻه نظم

(1)

خوشيون

هڪ اهڙي بند،

گهر ۾ پيون آهن،

جنهن جون چاٻيون

مون وٽ ناهن!

(2)

نيڻن ۾

اوسيئڙو تنهنجو

ڏِيئي جيان

اُجهامي ٿو

ٻري ٿو.

***

 

آشا

ڇِڳل چَڳَ

آسمان جي نيري چادر تان

ڀاڳ جا تارا ٽُٽي

سمنڊ ۾ ڪِري پيا

خوابن جا پکي

صدين کان سفر ۾ هن

ساڀيائن جي ديس ڏانهن

اوسيئڙي جو اهو زهر به مون پيتو آ

اڄڪلهه مان ڦٿڪندڙ اوجاڳو آهيان

هُنَ، مون کي جاڳ ڏني به ڇو...؟؟

مان پنهنجي مُنجهيل چَڳَ کي

سنوارڻ چاهيو- ڇِڄي ڪري پئي

منهنجي هِڪ سرتي ”ڪاري“ هئي

هُن جي وهندڙ رت جي لار

منهنجين اکين ۾ وهندي ٿي رهي

منهنجي بي خيالي

سڏڪي وانگر نڙيءَ ۾ اٽڪي ٿي بيهي

منهنجي پيرن جي مٽيءَ ۾

منهنجي سينڌَ لَٽيل آ

راتيون منهنجين اکين ۾ سڙن ٿيون

منهنجي شاعري سرد لاش ٿي ويئي آ

۽ هيءُ مَڙهه به منهنجي ئي اندر ۾

دفن ٿيندو

مان ڀلا ڪيتريون قبرون پاڻ ۾ ٺاهيان

۽ پوءِ...

ڪيئن هو رهي سگهندو

قبرستان جي وحشت ۾

نه نه.... تڏهن ته

واريءَ تي سڙندڙ وڻ ۾

آءٌ پنهنجو پاڻ کي ته

تڙپندي پَسي سگهان ٿي

پر هُن پنهنجي محبوبَ کي نه.....

هو ته آسمانن جو سفر شروع ڪرڻ وارو آ...

ڀلي هليو وڃي

مان پاڻ سان پوءِ به زندگيءَ جو

اُتساهه رکندس.

 

صفيه ڪنول ابڙو

آزاد نظم

آس جي اڱڻ تي،

اڄ لڙڪن جي برسات آهي

پلڪن جي ڪنارن تي،

سپنن جا ڏِيئا

اُجهامي  ويا آهن.

اميدون....

پيڙائون بنجي،

جيءَ کي جهورين ٿيون،

تمنا جي وَل جا

سمورا گل،

مُرجهائجي ويا آهن!.

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com