سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :3

 

 

اسين لوچون لوهه ۾.....

عورتن کي محنت ڪرڻ گهرجي

هڪ پورهيت عورت پميءَ سان گلشن سومرو جي ڳالهه ٻولهه

س: تنهنجو نالو ڇا آهي؟

ج: منهنجو نالو پمي آهي.

س: شادي ٿيل اٿئي؟

ج: ها، منهنجي شادي ننڍڙي عمر ۾ ٿي ويئي هئي. هاڻي ته چار ٻار به اٿم.

س: تنهنجو مڙس ڇا ڪندو آهي؟

ج: منهنجو مڙس مارڪيٽ ۾ ڀاڄيون وڪڻندو آهي.

س: پوءِ تون به ڀاڄيون ڇو نٿي وڪڻين؟

ج: مون کي ڀاڄيون وڪڻندي شرم ٿو اچي. سڄو ڏينهن ڌارين مردن سان مٿاڪٽ ڪرڻ مون کي ڪونه ٿو وڻي.

س: ڇو؟ تنهنجي ذات جون ٻيون مايون ته مارڪيٽ ۾ ڀاڄيون وڪڻنديون آهن، پوءِ توکي شرم ڇو ٿو اچي؟

ج: اهو ان ڪري جو مون کي ننڍڙي هوندي کان شوق ڪونه هو ۽ منهنجو پيءُ ٻارن جا رانديڪا ٺاهڻ جو وڏو ماهر هو. هو روزانو بازار مان ڪاٺيون ڪاغذ، چمڪدار پَٽيون وٺي ايندو هو ۽ پوءِ ٻارن لاءِ رانديڪا، ڦرڻيون وغيره ٺاهيندو هو ۽ مون کي به ڀر ۾ ويهاري، رانديڪا ٺاهڻ سيکاريندو هو.

س: ته پوءِ اِهي رانديڪا تون پاڻ ٺاهيندي آهين؟

ج: ها! اهي رانديڪا مان پاڻ ٺاهيندي آهيان. صبح جو مان ۽ منهنجو مڙس گڏجي مارڪيٽ ايندا آهيون،. پوءِ هُو ڀاڄيون وڪڻڻ ويندو آهي ۽ آئون اِتي ويهي رانديڪا وڪڻندي آهيان.

س: پمي! هينئر تو چيو ته توکي ڀاڄيون وڪڻندي ماڻهن سان ڳالهائيندي شرم ٿو اچي ته. پوءِ هي رانديڪا ڪير ٿو توکان وٺي؟

ج: اڙي ادي! ٻارن جا رانديڪا آهن، ٻار ئي وٺندا آهن. وڌ ۾ وڌ ڪري ڪنهن ٻار سان ڪا مائي هوندي آهي. مرد ڪو سڄو ڏينهن ٻارن کي ٿورو ئي پيا گهمائين جو ٻارن کي رانديڪا وٺي ڏيندا.

س: هن ڌنڌي مان توکي ڪيترا پئسا بچن ٿا؟

ج: اهو ڌنڌي تي آهي. جي بازار کليل آهي؛ ۽ رش آهي ته پوءِ روزانه ويهه پنجويهه رپيا بچندا آهن. نه ته پوءِ ڏهه پندرهن.

س: تون ڪيتري جو سامان کڻي ايندي آهين؟

ج: ٻه سئو رپين جو سامان هوندو آهي. (ٿڌو ساهه ڀريندي) هونئن اسان جي ڪمائي، اوهان جي عيدن تي تمام گهڻي ٿيندي آهي. ٻه ٽي سئو به بچي پوندا آهن. ائين کڻي چئو ته اسان جي به عيد ٿي ويندي آهي.

س: پمي! تون به رانديڪا وڪڻڻ اچين. تنهنجو گهر وارو به ڀاڄي وڪڻڻ اچي ته پوءِ تنهنجي ٻارن جي سنڀال ڪير ڪري؟

ج: منهنجا ٻار گهر ۾ منهنجي سسُ وٽ هوندا آهن ۽ هڪ کي مان پاڻ سان گڏ کڻي ايندي آهيان.اِهو ننڍڙو آهي ۽ اڃا کير تي آهي. ٻيا ٻار به ايڏا وڏا ڪونه آهن. وڏو ڇوڪرو ڇهن ورهين جو آهي. ٻيا ٻار اُن جي پٺ جا آهن.

س: پمي! تون سڄو ڏينهن ٻين ٻارن کي خوشحال ڏسي، پنهنجي ٻارن لاءِ ڇا سوچيندي آهين؟

ج: مان گهڻو ڪجهه سوچيندي آهيان. مون اهو به سوچيو آهي ته منهنجا ٻار به پڙهن ۽ جي قسمت ساٿ ڏنو ته مان انهن کي ضرور پڙهائينديس، نه ته به رانديڪن ٺاهڻ جو هُنر انهن کي ضرور سيکارينديس. انهن کي صاف سٿرو رکنديس.

س: توهان جو لباس هڪ جهڙو هوندو ۽ سادو هوندو آهي؟ ان جو سبب ڇا آهي.

ج: اسان جو لباس هڪ جهڙو ضرور هوندو آهي ليڪن هيءُ ڪپڙو تمام گهڻو قيمتي هوندو آهي، اسان سال ۾ هڪڙو ئي وڳو ٺهرائيندا آهيون، جيڪو ڌوئيندا ۽ پائيندا آهيون.

س: کاڌي ۾ ڇا وڻندو اٿئي؟

ج: جيڪي ڪجهه رڌيندا آهيون، اُهو وڻندو آهي ۽ کائيندا آهيون.

س: عورت لاءِ ڪو پيغام يا ڪا صلاح ڏيندينءَ؟

ج: ها ضرور، عورتن کي گهرجي ته هُو محنت ڪن. ڀرت ڀرين، ڪپڙا سِبين.

 

شبنم گل

تنها سَيارو

هن ڪڏهن به زندگيءَ کي بهار جي هٿن ۾ هٿ وجهي رقص ڪندي نه ڏٺو هو. سندس من جو پلئه ڏک جي ڪنڊن سان اٽڪي اڪثر زخمي ٿي پوندو هو ته هوءَ سوچڻ لڳندي هئي ته هيءَ زندگي،

ايتري اوپري ڇو آهي!؟

ايڏي نامهربان ڇو!؟

زندگيءَ جي تارازيءَ ۾ ڏکن جو پاسو ايڏو ڳرو ڇو هوندو آهي! اوچتو، ماڻس جي ڪِنجهڻ جو آواز، رات جي خاموشيءَ ۾ گونجي اُٿندو هو ته هن جي سوچن جو تسلسل ٽٽي ويندو هو.

ڏينهن جي مصروفيتن ۾ هوءَ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندي هئي، پر جيئن ئي رات جي اڌ کليل نيڻن ۾ ننڊ جا پاڇا لهي ايندا هئا ته سڄي ڏينهن جون ستل سوچون ڪر موڙي جاڳي پونديون هيون.

هوءَ وچولي درجي جي هڪ عام گهر ۾ پنجين نمبر تي پيدا ٿي. هر سال ان اميد تي سندس ماءُ ٻار پيدا ڪندي هئي ته شايد پٽ هجي، پر ڌيءَ ڏسي سندس اميدون خاڪ ۾ ملي وينديون هيون. پنج ڌيئون نه هيون، هڪ عذاب هو، جيڪو ماڻس جي وجود کي ڪوريندو رهندو هو. جڏهن کيس سليم پيدا ٿيو ته هن ڪجهه سُک جو ساهه کنيو. ڌيئن سان سندس رويو لاپرواهيءَ وارو هو. ڏوهه شايد سندس به نه هو، ڇو ته جيڪو ڪجهه هن پاڻ سَٺو آهي، اُهوئي ڪجهه هوءَ ڌيئن کي موٽائي ڏيئي رهي هئي. روايت جي ان وهندڙ وهڪري ۾ پروين جو وجود  ان ڪک جيان هو، جيڪو لهرن جي رحم ۽ ڪرم تي بنا ڪنهن منزل جي لڙهندو رهندو آهي.

ماءُ جو بيزار چهرو، ڳالهه ڳالهه تي دڙڪا، ڪنن جا پردا ڦاڙيندڙ تيز نامهربان آواز اهي سڀ سندس لاشعور ۾ ڄڻ ته نقش ٿي ويا هئا. جڏهن ته سليم ماءُ جي اکين جو تارو هو. کيس چڱيءَ طرح ياد هو ته ڪيئن ماڻس لڪي لڪي سليم کي سٺا کاڌا کارائيندي هئي. سليم لاءِ الڳ ڪُني چڙهندي هئي ۽ ڌيئن جي حصي ۾ ايندي هئي بي سوادي دال ۽ پاروٿيون مانيون!

جڏهن سندس ماءُ پٽ تان قربان ويندي ڊوڙي ڊوڙي سندس ڪم ڪندي هئي ۽ سندس هٺ ۽ هوڏ تان گهور پئي ٿيندي هئي، ته  پروين جي من جو ڪنول مرجهائجي ويندو هو، هوءَ سوچيندي هئي: سليم ۽ هنن ۾ ايترو فرق ڇو آهي؟ هن لاءِ محبت جا خزانا ۽ اسان لاءِ ايتري نفرت ڇو!؟

پڻس جو رويو به لاپرواهيءَ وارو هو پر ڪڏهن اوچتو جيڪڏهن ڀلجي هو سندس مٿي تي شفقت ڀريو هٿ ڦيريندو هو ته، سندس من جا ڊنل جذبا ڪنهن شرير ٻار جيان اُڇل کائي اٿي پوندا هئا.

سندس پيءُ هڪ ڪلارڪ هو. هو طبيعت جو سادو، انتهائي ماٺيڻو ۽ ايماندار انسان هو. شام جو ڪم ڪار لاهي، جڏهن گهر واپس ايندو هو ته سندس ماءُ جي ڪِر ڪِر شروع ٿي ويندي هئي. مهانگائي تي پٽڪي ڪرڻ سان گڏ سندس هٿ به هلندا رهندا هئا. هوءَ پنهنجي سموري ڪاوڙ ٻارن تي لاهيندي، کين ڪپهه جي پوڻين جيان ڌوڻي رکندي هئي...

گهر جي فضا تي مايوسيءَ جا ڪڪر ڇانئجي ويندا هئا، ۽ پڻس گهٻرائجي گهر کان ٻاهر نڪري ويندو هو ۽ رات جو دير سان گهر موٽندو هو. ايڏي مهانگائيءَ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو ۽ ضرورتون هيون جو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون هيون.

”ڪهڙو گهر آهي هي....!!!“ هوءَ کاڏيءَ تي هٿ رکي سوچيندي هئي هر وقت جهڳڙا، هر وقت طنعا ۽ بي سڪوني....

پروين کي تعليم حاصل ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. وسيلا محدود هئڻ ڪري ٻيون ڀيڻون ٿوري گهڻي تعليم حاصل ڪري گهر ۾ ويهي رهيون. پر هوءَ ضد ڪري بيهي رهي.

”هتي کائڻ لاءِ ڪونهي، پڙهندينءَ ڪيئن؟“ ماءُ کيس گهوري چيو.

”مان محنت ڪندس“ هن پيءُ کي منٿ ڪندي چيو.

سندس شوق ڏسي، کيس اڳتي تعليم حاصل ڪرڻ جي اجازت ملي ويئي، جڏهن کان هوءَ اسڪالر شپ کڻڻ لڳي ته سندس سڀ کان وڏو مسئلو حل ٿي ويو. ڪڏهن داخلا ته ڪڏهن امتحان جون ڳريون فيون ڀريندڙ غريب شاگردن کي ڏسي، کيس تعجب ٿيندو هو. هڪ طرف ته هوءَ اهو ٻڌندي هئي ته تعليم عام ڪريو. جهالت خلاف جهاد ڪيو...

تعليم وقت جي اهم ضرورت آهي.

ٻئي طرف تعليم ايڏي مهانگي جو غريب ماڻهوءَ جي وس کان ٻاهر هئي. ائين ڏکين سکين حالتن کي منهن ڏيندي. هوءَ فارميسيءَ جي آخري سال ۾ پهتي. سليم کي پاڻ تي ڇوڪري هئڻ جو هڪ عجيب مانُ هو. گهر جي لاڏ پيار کيس بگاڙي ڇڏيو هو. هو ٻن سالن کان مسلسل انٽر ۾ فيل ٿي رهيو هو. ماڻس جا هٿ به سلائي ڪندي عمر سان گڏوگڏ ٿڪجي پيا هئا. گهر جا حالات ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندا پئي ويا.

اها سندس خوشقسمتي هئي جو فائنل مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ انتظار نه ڪرڻو پيو. هوءَ ذهين ۽ باصلاحيت هئي، ان ڪري، جلد ئي کيس دوائن ٺاهڻ واري ڪمپني ۾، هڪ سٺي نوڪري ملي ويئي.

 

ان ڏينهن شام جو اڱڻ ۾ گل مهر جي وڻ تي ويٺل ڪوئل جي ڪوڪ ٻڌي کيس سڪون جو عجيب احساس ٿيو هو. آسمان جي وسعتن کي هن پهريون ڀيرو دلچسپيءَ سان ڏٺو، جتي پکين جي اُڏام کيس بهتر مستقبل ۽ آزاديءَ جو احساس ڏياري رهي هئي.

”اهي منظر اڳ ڪٿي ها!“

زندگيءَ جو حسن سڀني لاءِ هڪجهڙو ڇو نه آهي!؟ اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڃائڻ لاءِ هر ماڻهوءَ کي هڪ جيترو موقعو ڇو نه ٿو ملي؟ مفلسيءَ جي چڪيءَ ۾ پسجندڙ ماڻهو پنهنجي لاءِ ڪو بهتر فيصلو ڪري سگهندو؟ هن جڏهن کان هوش سنڀاليو هو. تڏهن کان هوءَ ملڪ جي سياسي نظام ۾ ڇڪتاڻ ڏسندي آئي هئي. هوءَ سوچيندي هئي، جيڪڏهن سمورا سياستدان اناپرستيءَ جي خول مان نڪري اچن ته ملڪ جي حالتن ۾ ڪا بهتر صورتحال ضرور نڪري پوندي پر ڪڏهن به ڪنهن سياستدان عوام جي بنيادي مسئلن لاءِ سوچڻ جي ضرورت نه محسوس ڪئي.

ڪيترائي سوال سندس ذهن جي وسيع ايوان ۾  پر ڪٽيل پکيءَ وانگر ڦٿڪندا رهندا هئا. سندس ٻن ڀيڻن جي شادي ته جيئن تيئن ڪري ٿي چڪي هئي. باقي ڀينرن جي شاديءَ جو بار مٿس اچي پيو هو. وقت سان گڏوگڏ هاڻ ماڻس جي مزاج ۾ اُها ساڳي تيزي نه رهي هئي. يا ته هوءَ ڪنڊ ۾ ويٺي حالتن تي چپن ئي چپن ۾ ڪجهه ڀڻڪندي رهندي هئي، يا وري بيمار مڙس جي خدمت ڪندي مقدر جي ناانصافين تي ڇوهه ڇنڊيندي هئي. پروين کي به هاڻ انهن سمورين ڳالهين جي عادت پئجي ويئي هئي.

هڪ خواهش سندس من ۾ ڪنهن چڻنگ جيان دُکندي رهندي هئي. ڪاش! امان ڪڏهن شفقت ڀريو هٿ کڻي مٿي تي رکي... اُهو ڇهاءُ جنهن ۾ سچائيءَ جي خوشبو مهڪندي آهي. اُهو ٿڌي ڇانو جهڙو ڇهاءُ رڳو هڪ ڀيرو سندس محروميءَ جي باهه ٻرندڙ جسم ۽ وياڪل روح کي ڇُهي وڃي!

ڪاش.....! پر سندس اها خواهش اُهو خواب بڻيل رهي، جيڪو ڪڏهن به تعبير جي چانئٺ نه ٽپي سگهندو آهي.

هوءَ آفيس ۾ فائيل کوليو ويٺي هئي پر سندس ذهن ڪنهن ٻئي پاسي هو.

”هر وقت ڪم- هر وقت سوچن ۾ گم- ٿورو پنهنجي صحت جو خيال ڪندا ڪيو.“

صادق سندس ڀر ۾ ويهندي چيو هو، کيس محسوس ٿيو ڄڻ من جي سڪل ڌرتيءَ تي سانوڻ جو وسڪارو!

اهڙي پنهنجائپ ته کيس ڪڏهن گهر ۾ به نه ملي هئي. صادق سندس ڪوليگ هو.

”چڱو سائين ڪم ختم هاڻ ته خوش!“ هن فائيل بند ڪري صادق کي مرڪي ڏٺو.

”اڄ مان توهان سان ڪجهه ڳالهائڻ چاهيان ٿو.“

”ڇاجي باري ۾“؟

”مان ڪجهه ئي ڏينهن ۾ گهر وارن کي توهان ڏانهن موڪلڻ وارو آهيان.“

صادق جي ڳالهه ٻڌي سندس مرڪندڙ چپ خاموش ٿي ويا ۽ اکين ۾ بي يقيني لهي آئي.

”اهو ناممڪن آهي.“

”دنيا ۾ ڇا ناممڪن آهي پروين!“

پر پروين کيس ڪو به جواب نه ڏنو ۽ فائيل کڻي وري پنهنجو ڪم ڪرڻ لڳي ته صادق به اُتان بي دليءَ سان اُٿي ويو.

هن کي پنهنجي رويي تي ٿورو افسوس ٿيو. پر پوءِ هن اهو سوچي پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته لاحاصل شين جي سڌ ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو!

پر هن جي منع ڪرڻ جي باوجود، صادق پنهنجن گهر وارن کي سندس گهر موڪلي ڇڏيو. ان ڏينهن ماڻس جي پيرن هيٺان ڄڻ ته زمين کسڪي ويئي. گهر جو بار ڪير کڻندو. ڀينرن جون شاديون، پيءُ جي بيماري، مٿان سليم اڃا بيروزگار ويٺو آهي. هن دل ۾ سوچي صادق جي ماءُ کي چيو: ”پروين کان وڏيون ٻه ڀينرون ويٺيون آهن. مان انهن کي ڇڏي ننڍيءَ جي ڳالهه ڪيئن پڪي ڪري ڇڏيان.“

”اسان انتظار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“ صادق جي ماءُ زور ڀريو.

”بس اسان جي طرفان انڪار ئي  سمجهو“ ماڻس صاف جواب ڏيئي ڇڏيو.

دروازي جي پٺيان بيٺل پروين جي اکين ۾ لڙڪن جي طوفان اٿل کاڌي ۽ سندس نظرن آڏو اونداهي ڇانئجي ويئي.

ٻئي ڏينهن صادق ساڻس ان موضوع تي ڪجهه به نه ڳالهايو. هن جي خاموشيءَ کان پروين کي هڪ عجيب قسم جي وحشت ٿيڻ لڳي. ان ئي خاموشيءَ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن انسان، وقت جي ريل گاڏي تيزيءَ سان نظرن آڏو غائب ٿي وڃڻ ڪري، زندگيءَ جي پليٽ فارم تي تنها رهجي ويندو آهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ، هن محسوس ڪيو ته صادق جي اکين ۾ نراسائيءَ جي هڪ عجيب ڪيفيت بيهي رهي هئي.

 

سندس ماءُ جنهن لمحي انڪار ڪيو هو، ان هڪ لمحي ۾ خوشين جا ايندڙ ڪيترا سال ويڙهجي ويا هئا. جنهن تي مقدر جدائيءَ جي مُهر هڻي ڇڏي هئي.

هڪ ڏينهن صادق کيس پنهنجي شاديءَ جو ڪارڊ ڏنو، ته        سندس اکيون ڪارڊ تي ڄمي ويون.

ڪارڊ تي سونهري لفظ جرڪي رهيا هئا ۽ سندس من ۾ اونداهي لهي آئي. کيس ڪجهه ڏينهن اڳ پڙهيل نظم ياد اچي ويو. جنهن کي هوءَ هوريان چپن ۾ ورجائڻ لڳي.

منهنجي ماءُ منهنجي پيشانيءَ کي ڏسي

منهنجو نالو جگمگ ڪندڙ

هڪ تاري جي نالي تي رکيو هو

پر منهنجي ڪيمسٽري ۾

اهڙو ڪو به طلسم نه آهي

جيڪو منهنجي تقدير کي

جهلمل ڪري سگهي

منهنجي  سينڌ ۾ هن جي

نالي جي افشان ڀري سگهي

مان پنهنجي سج کان

هزارين نوري سالن جي فاصلي تي آهيان

ڪائنات جي بي انداز وسعتن ۾

هڪ تنها سيارو آهيان!

ان رات ننڊ هن جي اکين کان رُسي ويئي. رات جي ننڊاکڙن نيڻن مان ڪرندڙ ماڪ ڦڙا کيس دل جي لڙڪن جيان لڳا... سپنا ڄڻ ته سندس اکين جو رستو ڀُلجي ويا هئا. جيون جي ڪشڪول ۾ ڪجهه به نه ته بچيو هو، سوائي محروميءَ جي. تڏهن هن سوچيو سندس گهر جهڙا نه ڄاڻ ڪيترائي گهر هن معاشري ۾ هوندا. هڪ پاسي ايڏي غربت، ٻئي پاسي ٻارن جي گهڻائي.... هتي ته ڪنهن کي نڇ به اچي ته ٻار ٿي پوندو آهي. آباديءَ جي ان تيز وهڪريءَ ۾ نه ڄاڻ ته ڪيترن ماڻهن جو مستقبل، سندن خواهشون، سندن خواب لڙهي ويا هوندا. وقت جي تقاضا کي سمجهندي، جيڪڏهن ستل شعور اڄ به نه سجاڳ ٿيو ته شايد بهتر مستقبل جا خواب رڳو دل بهلائڻ جو ذريعو بڻجي ويندا.

بتي وسائي هوءَ سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.

وقت کي ڪير به روڪي نه سگهيو آهي. هاڻ سندس وارن ۾ چانديءَ جون تارون لهي آيون هيون. باقي ڀينرن جا چڱا رشتا ڳولي، هوءَ انهن جي فرض کان آجي ٿي چڪي هئي. سليم جو ڪاروبار ٺيڪ ٺاڪ هلي رهيو هو، هو به خير سان ٻارن ٻچن وارو ٿي ويو هو. سندس پيءُ جي مرڻ کانپوءِ ماڻس به ويڳاڻي ٿي پيئي هئي. اڌ رنگ کانپوءِ هو ڳالهائڻ جي قوت کان محروم ٿي ويئي هئي. پروين سندس خدمت ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو هو.

هوءَ خاموشيءَ سان ڇت کي گهوريندي، پنهنجي فيصلن تي پڇتائيندي رهندي هئي. ڪاش! هوءَ پروين لاءِ آيل صادق جو رشتو نه ٺڪرائي ها.

سڄي زندگي هن پروين کي ڇا ڏنو!

هوءَ سڄي زندگي ايترن ته مسئلن ۾ الجهيل رهي جو کيس سمورا رشتا ٻوجهه لڳڻ لڳا. پئسن جي تنگي- ايترن ٻارن جو ٻوجهه- زندگيءَ جي نفسانفسيءَ ۾ هن انساني، رشتن جي حقيقي تقاضائن کي وساري ڇڏيو.

هن من ۾ سانڍيل اُڌمن جي اظهار ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر زبان مان هڪ لفظ به نه اُڪليس. هن جي دل ۾ پروين جي مٿي تي هٿ رکڻ جي خواهش ڪيترا ڀيرا جاڳي. ڪيترا ڀيرا هن ممتا جي جذبي جو اظهار ڪرڻ چاهيو،پر ڪجهه به نه ڪري سگهي. هوءَ ته پنهنجي مرضيءَ سان پاسو به نه ورائي سگهندي هئي. اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ڪري ها!

اُها نومبر جي هڪ ٿڌي رات هئي. برسات بند ٿي چڪي هئي پر بجلي اڃا ڪانه آئي هئي. ميڻ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ پروين جو چهرو زرد لڳي رهيو هو. هوءَ کيس غور سان ڏسي رهي هئي. اوچتو پروين منهن ٻئي پاسي ڪيو ته سندس ماءُ جون نظرون وارن ۾ چمڪندڙ چانديءَ جي تارن ۾ اٽڪي پيون. کيس ائين محسوس ٿيو، سندس پيرن هيٺان جنت جي روشني، پروين جي وارن ۾ چمڪندڙ چانڊوڪيءَ اڳيان جهڪي پئجي ويئي هجي!

سندس ساهه ۾ مونجهه پيدا ٿي.

دوا جو وقت ٿي چڪو هو. پروين دوا ۽ پاڻي کڻي جيئن ماءُ ڏانهن وڌي، ته هن ڏٺو ته ماڻس جي اکين مان لڙڪ ڪرندا وهاڻي ۾ جذب ٿي رهيا هئا. سندس ساهه جي بي ترتيبي ڏسي هوءَ ڊڄي ويئي. ڊوڙندي ٻئي ڪمري مان هو سليم ۽ ڀاڄائيءَ کي سڏي آئي.

ماڻس کيس هڪ ٽڪ گهوري رهي هئي. شڪست جو احساس وساڻيل اکين مان نمايان هو، جنهن پڇتاءُ جي ڄر ۾ سندس  وجود سڙي رهيو هو ان جي تلافي ناممڪن هئي. پروين جي زندگي سندس خواهش ۽ خود غرضين جي نذر ٿي چڪي هئي، وقت اختيار جي حدن کان گهڻو اڳتي نڪري ويو هو.

پروين ماءُ جي چهري تي اُهو جذبو ڳولڻ لاءِ جهڪي ويئي، جنهن جو انتظار هڪ ڊگهي عرصي کان هو.

اها محبت جي ڇانو...

پنهنجائپ ڀريو ڇهاءُ، جنهن لاءِ سندس من واجهائيندو رهيو. رُڃ جي واچوڙي وانگر ڏک جي حصار ۾ رقص ڪندو رهيو، پر هوءَ اڃا انهن اکين ۾ جهاتي پائي، ڪجهه ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ته ماڻس جي اکين جي بي جان پتيلن ۾ پروين جو عڪس هميشہ لاءِ بيهي رهيو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com