سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :5

مظهر السلام                                                    ممتاز عباسي)

قبر جي خوشبوءِ

 

هيءَ پن –ڇڻ جي ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن هڪ عورت جي قبر مان خوشبوءِ اچڻ لڳي هئي.

سڄو ڳوٺ مقام ۾ ڪاهي آيو. شايد سندس جنازي ۾ به ايترا ماڻهو نه آيا هوندا! سڀ هُن جي قبر مٿان اچي بيٺا. جتان واقعي خوشبوءِ اچي رهي هئي. سڄي ڳوٺ ۾ هر هڪ جي وات ۾ اهائي وائي هئي: هو قبر تان موٽيا آهن. هنن خود خوشبوءِ سنگهي آهي.- واقعي سچ آهي.

ٻن-ٽن ڏينهن ۾ اها ڳالهه اڌ سچ ۽ اڌ ڪوڙ بنجي ڳوٺ ۾ عام ٿي ويئي، جيڪي اڳ اُن عورت جي قبر تان ٿي موٽيا هئا، انهن جي گهرن ۾ خوشبوءِ، کاڌن ۾، ڀتين ۽ ڪوٺن ۾، ڇوڪرين جي ڀرت جي رنگين ڌاڳن ۾، ڏُڌ ۽ مکڻ ۾، چانورن جي مانيءَ ۾ ايستائين جو ڇوڪريون کوهه تان پاڻي ڀرڻ ويون ته کوهه به خوشبوءِ سان واسيل هو.

اُن عورت جي قبر مان خوشبوءِ واقعي اچي رهي هئي. جڏهن ڇوڪريون دلا مٿن تي کڻي گهرن ڏانهن هلڻ لڳيون ته، دلن مان به اها خوشبوءِ اچڻ لڳي. پاڻيءَ جي بار کان دلا خالي محسوس ٿيڻ لڳا. ڪيترن دلن ۾ هَٿَ وجهي پاڻيءَ هجڻ جو يقين ڪيو پر خوشبوءِ وڌيڪ تيزيءَ سان اچڻ لڳي. اها خوشبوءِ ڏاڍي خوشگوار ۽ وڻندڙ هئي، جيڪا لاڳيتو اُن عورت جي قبر مان اچي رهي هئي.

ڳوٺ جي ماڻهن ۾ هڪ قسم جو اڻ ڏٺو ڊپ اچي واسو ڪري ويٺو. ڪچين جاين جي ڀتين ۾ سوراخ ٿي پيا، جن مان خوشبوءِ برابر اچي رهي هئي. ماڻهو پنهنجن گهرن جا پراڻا در ۽ دريون مضبوطيءَ سان بند ڪري سمهندا هئا.عورتن ۽ ڇوڪرين جون ڏندن ۾ آڱريون هيون، دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي ويئي هئن.

ڳوٺ جا سياڻا سيبتا ماڻهو سڄو ڏينهن ان عورت جي قبر مان ايندڙ خوشبوءِ جي باري ۾ وهم وسوسن جا شعوري لاشعوري گهر ٺاهيندا ۽ ڊاهيندا رهيا. عورتون گهرن ۾ چرخو هلائڻ وقت به خوشبوءِ کي ئي تائڻ ويهنديون هيون. ڳوٺ جي ماڻهن اُن عورت جي مڙس کان پڇيو. اُن جو حال بيحال هو. جيڪو اُن جي مرڻ کانپوءِ پاڻ به اَڌ مئو ٿي ويو هو. کين ڪو جواب نه ڏنو پر سندس جهيڻن اکين ۾ گذريل وقت جو پاڇو شام جيان اچي بيٺو. جڏهن هُن پهريون دفعو نم جي ٿڌڙي ڇانوَ ۾ کيس ڏٺو هو. اهڙي ڇانوَ هن جي تن- من ۾ ڇانئجي ويئي هئي.  ان ئي شام جو هن پنهنجي وڏي ڀاڄائيءَ کان هُن جي باري ۾ پڇيو هو، جيڪا بُهه ملي رهي هئي.

”ڇو؟ تنهنجي دل به ڀڙڪو کاڌو آهي؟

”وري ڇا ٿيو؟“

”مان ته جتي ٿي وڃان اُن جي ڳالهه ٿي هلي. اڃا سنت به نه آئي اٿس ته، سڄي ڳوٺ مان مٽيءَ جا نياپا ٿا اچن. ماڻس ته نه نه ڪري ٿڪي آهي تون به چوين ته مان ان سان ڳالهايان.

”نه. ڀاڄائي نه، مڙئي ڳالهه ڪيم، مون سندس هاڪ ٻڌي آهي. اصل ۾ مان شادي ڪرڻ ئي نه ٿو چاهيان. ها ڪيئن ڪريان.“

”بلي......بلي. دل ۾ خوش ۽ ٻاهران.....“

”نه. نه ڀاڄائي!“ مون وچ ۾ چيو: ”اصل ۾ ڇوڪريون اڄڪلهه ڄاڻي واڻي پنهنجي تعريف ۾ مردن جون قطارون ٿيون لڳائين. اها عزت ته نه ٿي.“

ڀاڄائي ڳئونءَ جي مٿي تي هٿ ڦيري چيو: ”عورت ته هن جانور جيان آهي. بس، مرد ئي هن کي چالاڪ بڻائين ٿا. هوءَ ڏاڍي معصوم ۽ نيڪ سيرت آهي ۽ پاڻ کي ته شايد خبر به نه اٿس ته هو ڪيتري سهڻي آهي.“

”ڇا رڳو ظاهري سونهن ئي عورت جي عظمت آهي؟“”هروڀرو ائين به نه آهي.“

”عظيم عورت ته اُها آهي جنهن جي دل سچي هوندي. جيڪا زندگيءَ ۾ رڳو محبت مڙس سان ڪري. ڪنهن ٻئي مرد لاءِ ڪا چال نه هلي. وري به هوءَ ڏاڍي نيڪ ڇوڪري آهي. هن جي اکين ۾ ڪو خراب پاڇو ڪونهي. هوريان ڳالهائي ٿي. سندس نماڻائي ئي هن جي عظمت آهي. مان هُن جي ماءُ سان ڳالهه ڪڍندس. هوءَ اسان جي خاندان کي عزت ڏيندي آهي. الله ڪندو ته ها ڪندي.“

”ڀاڄائي! بس بس. خبر اٿم. جيڪڏهن اهو ڀلوڙ رشتو هٿان نڪري ويو ته هٿ مهٽينداسين.“

ائين چئي هوءَ هٿ ڌوئڻ لاءِ نل تائين آئي ۽ پنهنجي ننڍي ڌيءَ کي رڙ ڪري چيائين: ”ڇوري لالٽين ٻاري ڇڏ.“

اڃا گرمين جا ڏينهن اڌ کن مس گذريا هئا ته، ڀاڄائيءَ ۽ امان شاديءَ لاءِ ڳالهه پڪي ڪري ڇڏي؛ مان: ها نه ڪندو رهيس، انڪار رهيس، نٽائيندو رهيس پر ڪنهن نه ٻڌو، منهنجي مرضي ڪنوار جي ڀريل ڳاڙهن ڪپڙن جي پٺ ۾ لڪي ويئي، جيئن ڪو پٺيان اچي اکيون بند ڪري پڇندو آهي: ”ڪير؟“

هوءَ ته اڳ ئي مڪئي جي سنگ جيان هئي. ڀريل هئي. جواني هن بجڪو بڻائي سيني ۾ لڪائي رکي هئي. پنهنجي سڄي سُونهن کي گهر جي لالٽين جي لوءِ ۾ شامل ڪري ڪچي گهر کي منور ڪري ڇڏيو. هوءَ ته واقعي هوبهو اهڙي ئي هئي، جهڙو ڀاڄائيءَ ٻڌايو هو. پاڪ ۽ پوتر.“

ڪڏهن ڪڏهن مون کي اچي ڀؤ ٿيندو هو ته، ڪا چور اک گهر جي هن لالٽين کي ڦوڪ سان اجهائي نه ڇڏي. گل کلڻ سان به سڳنڌ ڀرپاسي وارن گهرن ۾ ايندي آهي. هيءَ ته اهڙي انيڪ ول آهي. جنهن جو ننڍڙو پن به منهنجي وجود کان ٻاهر نه وڃي! پر نه. هوءَ ته وڻ ويڙهيءَ جيان منهنجي وجود سان چهٽيل هئي ۽ ساهه ۾ سمايل هئي. هوءَ اهڙو گل ٿابت ٿي جيڪو منهنجي قميص جي ڪاج کان شروع ٿي، ڪالر تائين وڃي دنگ ڪندي هئي پر ٻاهر نه نڪتي هئي، واقعي هوءَ عظيم هئي ۽ محبت جو معراج هئي.

هُن ويهن سالن تائين منهنجي اکين ۾ ويهي گذاريو ۽ ڪڏهن به پنهنجي رئي جو پلئهُ اکين تان نه هٽايو. اُن جي ڀيٽ ۾ مان عام شڪل جو مرد هئس. سندس بي انتها پيار سان خاص ٿي پيو هوس.

پو: هڪ ڏينهن سخت گرمين جي ڏينهن ۾ منجهند ڌاران هوءَ رضا ڪري ويئي!

مرڻ کانپوءِ ٻن ٽن هفتن ۾ ئي هن جي قبر مان خوشبوءِ اچڻ شروع ٿي هئي ته، هن سڄي ڳوٺ کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو هو. پاڻ زندگيءَ ۾ ڪڏهن به گهر کان ٻاهر پنهنجي خوشبوءِ کي گهر جي ڀت ٽپڻ نه ڏنو هو. اڄ سندس قبر مان انيڪ ايندڙ خوشبوءِ هر ڪنهن کي حيران ڪري وڌو هو.

آخر ڳوٺ جي مردن گڏ ٿي ڪيتري وقت جي هڻ هڻان کان پوءِ فيصلو ڪيو ته، قبر کوٽجي! ڏسون ته ان عورت جي قبر مان خوشبوءِ ڪهڙي سبب کان ٿي اچي. ڪا خبر نه پئجي سگهي، ته ڳوٺ جي ماڻهن جو اهو فيصلو غلط هو يا صحيح. نئين صبح جو اُهي سڀ مقام تي پهتا ۽ اُن عورت جي قبر کوٽڻ جي ڪم کي لڳي ويا. جيئن جيئن قبر کي کوٽيندا ٿي ويا، تيئن تيئن ان مان وڻندڙ خوشبوءِ ٻاهر نڪرندي رهي. آخر ڪلاڪ کن کانپوءِ مٿي کان سرن کي هٽايو ۽ منهن تان ميرو ڪفن پري ڪري ڏٺو ته سڀ دنگ رهجي ويا. سندن اکيون ڪافور ٿي ويون. اُن عورت جي بند ٿيل چپن تي هڪ وڏو گل ٽڙي آيو هو، جنهن مان اها معطر خوشبوءِ اچي رهي هئي. جنهن جي واس سان سڄي قبر خوشبوءِ ۾ مهڪي پئي هئي.

وڏڙن جي چوڻ تي اُن عورت جي منهن تي ڪفن رکيو، مٿن کان سرن جو بار ڏيئي قبر کي ٻيهر لٽيو ويو.

ان عورت جو مڙس رڙيون ڪندو رهيو ۽ روئي روئي ڪِن ڪري ڇڏيائين. ڳوٺ وارا مئل عورت جي چپن تي ٽڙيل گل جي خبر کڻي گهرن ڏانهن مڙيا. جتي سندن ٻيا ڀاتي انتظار ۾ هئا.

اُن عورت جو مڙس قبر کي چنبڙي پيو ۽ اٿڻ کان انڪار ڪيائين. سندس دوست کيس زوري اٿارڻ لڳا پر هو اٿي نه سگهيو. اُن ولهه جهڙي آواز ۾ کين چيو: ”مون کي ڇڏيو، مان اُٿي نه ٿو سگهان.“

”اڙي! ڇو اٿي نه ٿو سگهين؟“

”منهنجن ڪلهن تي بار اهي“

”ڪجهه به نه آهي، اُٿ....“

”خبر اٿو ته ان جي چپن تي گل ڇو ٽڙيو آهي.“

”نه. سڀني گڏجي چيو:“ ٻڌاءِ کڻي.

”ان ڪري جو هن مون سان ويهه سال گڏ گذاريا هئا. اُن وچ ۾ مون ڪڏهن به هن جو جسم نه ڏٺو هو. کيس هٿ نه لاتو هو. هن پنهنجي زبان کي بند رکيو هو. چپ نه چوريا هئا. ان ڪري جو...ان ڪري جو مان نامرد هيس.... مان مردانگيءَ کان محروم هيس..... هوءَ مون سان گڏ رهي پر ڪڏهن به ڪا شڪايت نه ڪيائين..... نه وري ڪڏهن هن ڪنهن کي پنهنجو حسن ۽ پاڪيزگي چورائڻ ڏني!!!!؟؟؟ ائين چئي هو قبر تي ڪري پيو.....!


 

 

 فهميده عزيز لاکير

عبادتگاهه

سج جي پهرين ڪرڻن هن ڌرتيءَ جي سيني جي اونداهيءَ کي ختم ڪيو، پکي پکڻ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ ڌرتيءَ کان مٿي پرواز ڪرڻ لڳا. پکين سان گڏ انسان به پنهنجي پيٽ جي دوزخ اجهائڻ خاطر پنهنجي ننڊ جي آخري اوٻاسي ڏيئي، پنهنجي هنڌن تان اٿڻ لڳا. هي پيٽ انسان کي نه آرام سان جاڳڻ ڏئي ٿو ۽ نه ننڊ ڪرڻ. انسان جي وجود جي هن ننڍڙي ٽڪڙي ماڻهن کي ڪڏهن انسان مان حيوان بنايو، ته ڪڏهن حيوان مان انسان. پر اهو ٽڪرو وجود جو اهو حصو آهي، جنهن مان اسان کي پاڻ پتوڙڻ جو درس مليو. آڪاش به پنهنجي آفيس وڃڻ لاءِ تڪڙو تيار ٿيڻ لڳو.

”سنڌو جلد ماني کڻي اچ.“ هن پنهنجي پير ۾ جوراب پائيندي چيو.

سنڌو به تڪڙ ۾ پٽاٽا تئي تان لاهيندي چيو: اچان ٿي.

آڪاش بوٽ پائي وارن ۾ پڻي ڦيري ته سنڌو به ماني کڻي اچي هن اڳيان رکي. ”توبهه ايتري تڪڙ“ سنڌوءَ ويهندي چيو.

آڪاش ماني جو گرهه وجهندي چيو چري توکي ڪهڙي خبر ته ٿوري دير سان اسان واري صاحب جو بلڊ پريشر هاءِ ٿيو وڃي، تنهن ڪري تڪڙ پيو ڪيان. آڪاش ماني پوري ڪري           هٿ ڌوئي گرڙي ڪئي. ”اگر ڪو ڪم ڪار هجي شهر ۾ ته ٻڌائي ڇڏ ته موٽ ۾ اهو ڪيون اچان.

سنڌوءَ چيو، ”نه، ٻيو ڪم ڪونهي، صرف هڪڙو احسان ڪيون اچجو، اڄ امان وارن ڏي وڃجو.“

آڪاش کلندي چيو: ”ڇو، سائين جن کي اڄ مائٽ ياد آيا آهن؟“

سنڌوءَ چيو ”توهان سمجهو ته توهان جي قرب ۾ سمورا رشتا وساري ڇڏينديس ڇا؟“

آڪاش جي نظر ٻانهن ۾ ٻڌل واچ تي پئي اوهه! ساڍا اٺ، چڱو مان هلان ٿو، تون دروازو بند ڪر.

آڪاش هليو ويو پر هيءَ اتي ئي ويٺي رهي. ڪڏهن انسان پنهنجي ذات جي دائري ۾ ايترو ته قيد ٿي ويندو آهي، جو هو پنهنجي وجود کي به وساري ويهندو آهي، سنڌو به پنهنجي وجود کان غافل سوچن جي صليب تي لٽيڪل هئي. آڪاش تنهنجي ذات ايتري گهري ڇو آهي. مان توسان ڍير ڳالهيون ڪرڻ ٿي چاهيان، تنهنجي ذات ۾ پنهنجي ذات جو عڪس ڏسڻ ٿي چاهيان، هڪ عام عورت وانگر. مان تنهنجي اکين جي ماڻڪين ۾ صرف پنهنجي صورت ڏسڻ ٿي چاهيان. اوچتو ڪنهن جي آواز هن کي سوچن جي صليب تان ڇڪي لاٿو.

”ڪهڙن خيالن ۾ هلي وئينءَ“ سنڌوءَ حيرت مان آڪاش کي ڏسي چيو ”تون موٽي آئين ڇا؟“ مان ويوئي ڪڏهن آهيان، تون دروازو بند ڪر ته وڃا. آڪاش هليو ويو، سنڌوءَ دروازو بند ڪيو ۽ وري جلد جلد گهر جو ڪم لاهڻ لڳي، گهر جو ڪم پورو ٿيڻ کانپوءِ هوءَ ڪمري ۾ آئي. هن ڪپڙن واري بيگ کولي ۽ انهيءَ جي تري مان ڊائري ڪڍي، هن وري بيگ بند ڪئي، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ وقت جي هر گذرندڙ لمحي کي لفظن جون هٿڪڙيون پهرائڻ لاءِ آتي هئي. هن جو هٿ ڊائري جي پنن تي تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو. اعصابي سرشتي تي آڪاش جي ذات ڇانئجڻ لڳي، هن جو پورو دماغي نظام جذبن جي ٻوڏ ۾ غوطا کائڻ لڳو ۽ جڏهن جذبن لفظن جو روپ ڌاريو ته اتي جملن جو وجود ٺهيو، ۽ اهي جملا سنڌوءَ جي دماغي سطح پار ڪري، پين جي مدد سان هنن اڇن پنن جي ڇاتيءَ تي وِکري پيا.

آڪاش! تنهنجو من مون لاءِ اهڙي عبادتگاهه آهي، جنهن ۾ مون کي بندگي ڪندي چار سال گذري ويا، پر منهنجي عبادت دعا جو روپ نه ڌاريو. جڏهن عبادت حد کان وڌي ويندي آهي، تڏهن دعا جو تسلسل باقي نه رهندو آهي. مون به جڏهن دعا لاءِ هٿ کنيا، تڏهن مون محسوس ڪيو ته منهنجي عبادت اجوري حاصل ڪرڻ لاءِ نه آهي، تڏهن منهنجا هٿ لاشعوري طور هيٺ ٿي ويندا آهن ۽ منهنجي دعا ائين ئي اڌوري رهجي ويندي آهي. آڪاش! جڏهن تنهنجي ذات جي ڪري پنهنجي ذات مڪمل ڏسندي آهيان، تڏهن پنهنجي اندر جي عورت کي پنهنجي دل جي قيد خاني ۾ سجدا ڪندي ڏسندي آهيان. آڪاش! پوءِ ڇو، تنهنجي گهرائين کي مان نه ڄاڻي سگهي آهيان، سمنڊ جي گهرائيءَ ۾ لهي به مان انهيءَ جي اونهائي کي ماپي نه سگهي آهيان، آخر ڇو؟ هن جو هٿ تيزي سان ڊائري تي هلي رهيو هو.

آڪاش! ڪڏهن ته تنهنجي ذات مون لاءِ کليل ڪتاب هوندي آ ۽ ڪڏهن ته سمنڊ جي گهرائي کان به وڌيڪ گهري. جڏهن گهرائي جو اندازو لڳائي نه سگهندي آهيان، تڏهن پنهنجو پاڻ کي حقير سمجهندي آهيان. ائين لڳندو اٿم ته منهنجي جهولي ۾ ڄڻ ڪنهن سڪا پَنَ وجهي ڇڏيا هجن، جن کان پنهنجي جهولي آجي ڪندي منهنجي ساري حياتي ختم ٿي ويندي، آڪاش! مونسان ائين ڇو ٿو ٿئي؟! مون کي اهو وقت ياد آ، جڏهن پهريون دفعو منهنجي خاندان ڌارين ۾ مٽي مائٽي ڪئي. مان پهرين ڇوڪري هئس جيڪا ٻاهرين خاندان ۾ آيس.

جڏهن مون کي تنهنجي ذات سان منسوب ڪيو ويو، تڏهن منهنجي اندر جي اونهائين ۾ اڻ ڄاتل خوف جنم ورتو. انهيءَ خوف مون کي شڪ ۽ وسوسن جي سوليءَ تي لٽڪائي ڇڏيو.  ائين محسوس ڪندي هُيس ته مان هڪ اهڙو بي قيمت وجود آهيان، جنهن جو ڪو ملهه ڪونهي. خوف ۽ وسوسا منهنجي وجود کي اُڏوهيءَ وانگر اندر ئي اندر کائڻ لڳا. پوءِ منهنجي ذات احساس ڪمتري ۽ احساس محروميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙبي ويئي. مون هميشہ عورتن کي مردن جي گلا ڪندي ٻڌو، پر مان انهن کي غلط سمجهندي هئس. پوءِ جڏهن منهنجي وجود کي تنهنجي ذات جي ڪشڪول ۾ ڦٽو ڪيو ويو، تڏهن مان به عام ڇوڪرين وانگر سوچڻ لڳس ۽ مان هر وقت خوف جي صليب تي لٽڪيل رهيس. ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ اعصابي سرشتو خوف جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي ويو هجي. مرد جي ذات کي نه ڏسڻ ۽ نه پرکڻ ئي ڪري خوف جنم وٺندو آ. عورت جي اندر ۾، اهو انهيءَ ڪري ٿيندو آهي جو هوءَ پهريون دفعو پنهنجي ذات جي خول مان نڪرندي آهي، پوءِ جڏهن آڪاش! تنهنجي ذات جو ڳاڙهو وڳو منهنجي وجود کي پهرايو ويو، تڏهن پهريون دفعو شعوري طور منهنجا هٿ خدا آڏو کڄيا هئا. مون چيو هي ڳاڙهو وڳو مون پاتو آهي، تنهنجي تون عزت رکين ۽ مان  انهيءَ جي عظمت سڃاڻان. خدا ڪري اهو وصال جو ڳاڙهو وڳو ئي رهي، مون لاءِ ڪفن نه بنجي پوي، شادي ٿيڻ کانپوءِ اهو ڳاڙهو وڳو مون لاءِ شناختي ڪارڊ ثابت ٿيو، جيڪو قيامت جي ڏينهن تائين منهنجي مڪمل وجود جو ضامن رهندو.

ڊائري لکندي لکندي هوءَ ايترو ته خيالن ۾ محو ٿي ويئي جو قلم هڪ ئي جاءِ تي بيهي رهيو ۽ هوءَ سوچن جي سفر ۾ خبر ناهي ڪٿي وڃي پهتي، سندس خيالن جو سلسلو تڏهن ٽٽو جڏهن گهڙيال منجهند جا ٻه وڄايا.

هن جلد ڊائري بيگ ۾ رکي ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري ڀاڄي ڪپڻ لڳي. ڀاڄي ڪپيندي هن جي آڱر وڍجي پئي: هن پائوڊر سان رت کي بند ڪيو. وري پنهنجي سور کي نظر انداز ڪندي، رهيل ڀاڄي ڪپي وڃي چاڙهي. هن اڃا ماني پچائڻ لاءِ ٿالهه ۾ اٽو لاٿو  ئي مس ته ٻاهريون در کڙڪيو. هوءَ جلد دروازي ڏانهن وئي، پهريون آواز ڏئي پڇيو ”ڪير آ.“ آڪاش وراڻيو ”دروازو کول مان آهيان.“ هوءَ دروازو کولي تڪڙي تڪڙي رڌڻي ڏانهن وئي ۽ ماني پچائڻ لڳي. هن ٻاهر ڏٺو پر آڪاش نظر نه آيو. هن پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو ڇا ٿيو آڪاش اڄ هيڏانهن نه آيو، هونئن ته اچي سامهون ڪرسي رکي ويهندو آ. هن جي اڻ تڻ وڌندي رهي. ماني پوري ڪري ڀاڄي پليٽ ۾ وجهي هوءَ رڌڻي کان ٻاهر آئي، ماني آڪاش آڏو رکي هن جي منهن ۾ ڏٺو. آڪاش جي نرڙ ۾ گهنج هو. هوءَ سمجهي ويئي ته اڄ ڪا ڳالهه ٿي آ. پاڻي جو جڳ هن اڳيان رکندي چيو، ”آڪاش ماني کاءُ نه؟“ آڪاش ڪاوڙ ۾ چيو ”کڻي وڃ ماني ڪونه کائيندس.“ ”پر ڇو؟“ سنڌوءَ حيران ٿيندي پڇيو، آڪاش چيو ”ٻڌڻ ٿي چاهين.“ اڄ تنهنجي مائٽن ڏي ويو هئس. تون مون کي مفت ۾ ڪونه ملي هئينءَ؛ پورا ٽيهه هزار تنهنجي مائٽن ورتا هئا ۽ انهيءَ کانسواءِ پيٽ به لکرايو هئن.“

سنڌو ڳالهه ڪٽيندي چيو، ”پر ٿيو ڇا؟“ تنهنجي مائٽن پيٽ جي گُهر ڪئي آهي. سنڌوءَ چيو ”انهيءَ ۾ ناراض ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي.“ آڪاش رڙ ڪندي چيو ”جاجڪ چريو ٿئي، تڏهن به پٿر پنهنجن ڏي اڇلي.“ پر ٻڌي ڇڏ مان هاڻي ئي نڪاح وجهڻ ڪونه ڏيندس، پارس ننڍي آهي. ”تو پاڻ ئي ته چيو هو ته مان پيٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“ ”ها مون چيو هو، پر اهو ڪونه چيو هو ته منهنجي ننڍڙي ٻن سالن جي مس ٿئي ته هو نڪاح لاءِ چوندا.“

هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ آڪاش جي ذات هن جي محبت جي مينار تان پرزا پرزا ٿي ڪِري رهي هئي.

”پڻهين وارن کي چئي ڇڏ ته ڀڄي ڪونه ٿو وڃا. اِتي ئي هوندس پر مان پنهنجي ڌيءَ سان هينئر نڪاح وجهڻ ڪونه ڏيندس سمجهئي. باقي اگر زور ڪن ته تون به اتي وڃي ويهي رهجان.“

سنڌوءَ جي اندر جي عورت اندرئي اندر دم ٽوڙي رهي هئي. اڄ وري هن کي پنهنجي ذات بي معنيٰ لڳي، جنهن جي ڪابه اهميت ناهي. سنڌوءَ دل ٻڌي چيو، ”ڇا پارس منهنجي ڌيءَ نه آهي.“ ماءُ آهين تڏهن ته چوانءِ ٿو ته پنهنجي مائٽن کي سمجهاءِ. سڀاڻي خبر ناهي ڪهڙو وقت اچي هو هڪ ٻئي کي قبول ڪندا به يا نه.“ ”ڇا تون صرف ماءُ سمجهي ٿو چوين، ڇا مان تنهنجي زال نه آهيان.“ ”زال خاطر ته اهو ڦاهو کاڌو هئم ڪهڙي خبر هئم ته تنهنجا مائٽ اهڙا بي اعتبار هوندا.“ آڪاش جي انهيءَ جملي تي سنڌو بي مندائتي مينهن وانگر وسي پئي، ”آڪاش! تنهنجو جهيڙو انهيءَ ڳالهه تان آ، جيڪا تنهنجي وجود کان وڌيڪ منهنجي وجود سان ٿي تعلق رکي، جنهن جي خاطر تون منهنجي وجود کي ٿو نظرانداز ڪرين، انهيءَ کي مون پنهنجي پيٽ جي تهه خاني ۾ ڏهه مهينا سانڍيو آ. تون انهيءَ ڪري ٿو پاڻ کي مون کان مٿانهون سمجهين ته هن تنهنجي وسيلي منهنجي ڪُک ۾ پناهه ورتي. ها ها، هوءَ منهنجي وجود جي پيداوار آ ۽ منهنجي ئي سڃاڻپ آ. سنڌوءَ پنهنجي ڳوڙهن تي ضبط ڪندي چيو ”آڪاش! اڄ تنهنجي اندر جو به اهو ساڳيو عام مرد سجاڳ ٿيو، جيڪو گِهري ننڊ ۾ ستل هو. تون جنهن کي پنهنجي سڃاڻپ ٿو سمجهين، اها منهنجي وجود ڪري ئي تنهنجي سڃاڻپ بڻي آهي.“ هوءَ وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي ۽ تڪڙي تڪڙي ڪمري ۾ هلي ويئي.

 

 ڏينهن گذري چڪو هو پر هن جي نيڻن وسڻ کان بس نه ڪئي. هن جي ذهن ۾ آڪاش جي تصوير ڌنڌلي ٿيڻ لڳي. هن پنهنجون اکيون اگهيون، اکين اگهندي هن جو هٿ لاشعوري طور وڃي پيٽ تي پيو، هن جو ذهن جهٽڪا کائڻ لڳو. اڄ وري انهيءَ پيٽ هن جي حياتي کي انهيءَ موڙ تي بيهاريو، جتان مرد جي ذات هن پائمال ٿيندي ڏٺي، هن ئي پيٽ اڄ وري هن کي وسوسن جي صليب تي لٽڪائي ڇڏيو. مون ته هميشہ غريبن کي پنهنجي پيٽ جي دوزخ اجهائڻ خاطر هنن جي عزتن کي نيلام ٿيندي ڏٺو، پر منهنجو پيٽ ته شادي کان اڳ گروي رکرائي ڇڏيو هو آڪاش تو، مون کي ته ڪا خبر ڪانه هئي ته توهان ئي اسان جي وجود جي هر هڪ عضوي جا مالڪ آهيو. آڪاش تون ته صرف منهنجي وجود جو مالڪ آهين پر پارس ته منهنجي پوري وجود جي اڻ مٽجندڙ تصوير آهي. تون ته صرف وسيلو هئين پر مون انهيءَ کي پنهنجي ذات جي سچائي سان قبول ڪيو آهي پوءِ تون منهنجي ذات کان اڪاري ڇو آهين؟ هوءَ پنهنجون اکيون اگهندي ٻاهر نڪتي، هن چور- نظرن سان آڪاش کي ڏٺو. پارس هن جي سيني تي ليٽيل هئي. هُن جڏهن ماءُ کي ڏٺو ته روئڻ لڳي. سنڌو ان کي نظرانداز ڪندي وڃي پنهنجو ڪم ڪرڻ لڳي. آڪاش پارس کي هيٺ لاٿو. هوءَ پتڪڙا پتڪڙا قدم کڻندي ماءُ ڏي وڌڻ لڳي. سنڌو ڪم ڇڏي، هن کي کڻي ۽ وڃي کٽ تي ويٺي. پارس سندس جهوليءَ ۾ راند ڪرڻ لڳي آڪاش هن کي ڏسندو رهيو. ڪافي دير ڏسڻ کانپوءِ هو سنڌوءَ جي اڳيان اچي ويٺو. سنڌوءَ پنهنجا نيڻ پارس تي ڄمائي ڇڏيا.

”سنڌو مون کي خبر آهي ته مون توکي ڏکويو آهي انهيءَ جو پڇتاءُ به اٿم، پر سنڌو مان غلط نه آهيان. اسان جي پارس ننڍي آهي ۽ انهن جو عادل به اڃا ننڍو آهي، ڀلي اهي وڏا ٿين زماني جي هلت چلت ڏسن، پوءِ اگر هنن هڪ ٻئي کي قبول ڪيو ته مان ڪير ٿيندس انڪار ڪرڻ وارو!“ ”سنڌو! اگر سڀاڻي هو هڪٻئي کي قبول نه ٿا ڪن ته مان انهيءَ پيٽ جا پئسا ڀري ڏيندس پوءِ تنهنجو ڀاءُ جتان چاهي پنهنجو پٽ پرڻائي، اگر يقين نه اچين ته مون کان قرآن شريف تي ساک وٺن.“

سنڌوءَ جا نيڻ سياري جي مينهن وانگر آهستي آهستي وسڻ لڳا. هن زبان کولڻ جي ڪوشش ڪئي ته لفظ هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا.

آڪاش هن کي ٽڪ ٻڌي ڏسڻ لڳو. جڏهن سنڌوءَ کان جواب ٻڌڻ جي ڪابه اميد نه رهيس، تڏهن اُٿي وڃي ٻي کٽ تي ويٺو. ڪافي دير گذري ويئي، پر ائين ئي خاموشي پوري گهر کي وڪوڙي ويئي، ٻئي وجود ڄڻ ڪنهن نه ڇٽجندڙ مرض ۾ مبتلا ٿي ويا هجن، آڪاش هڪ دفعو ٻيهر سنڌوءَ اڳيان اچي ويٺو. ”سنڌو“ آڪاش ڳالهايو، ”سنڌو مان سمجهان ٿو ته مان تنهنجي لاءِ هڪ عبادتگاهه آهيان، اهو انهيءَ لاءِ ٿو چوان ته مان تنهنجي دل جي ڊائري پڙهي چڪو آهيان، جيڪا تو هميشہ مون کان لڪائڻ ٿي چاهي. سنڌو مان تولاءِ نه، پر تون مون لاءِ اهڙو عبادتگاهه آهين، جتي مان پوري حياتي عبادت ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. مان هن ڌرتي جو اهو مرد آهيان، جيڪو هميشہ اهو چاهيندو آهي، ته هو پنهنجي زال جي نيڻن جي تهه خاني ۾ پنهنجو عڪس پسي ۽ مان خوش نصيب مرد آهيان، جنهن جي زال نه صرف پنهنجي مرد کي مڙس سمجهي، پر انهيءَ کي پنهنجي ”عبادتگاهه“ جو نانءُ ڏئي ڇڏيائين. سنڌو! اگر مون وٽ ست ڌيئر هجن ته مان اهي تو جهڙي زال تان قربان ڪري ڇڏيان. تون فڪر نه ڪر مان سڀاڻي ئي پارس جو نڪاح وجهڻ لاءِ تيار آهيان، پر سنڌو، مان تنهنجي اندر جي زندان ۾ قيد رهڻ ٿو چاهيان.“

سنڌوءَ آڪاش کي ڏٺو، هٻڪندي هٻڪندي چيائين ”آڪاش، مون توکي پنهنجي سڃاڻپ  نه سمجهيو هو، پر تنهنجي ذات مون لاءِ هر انهيءَ دعا کان مٿانهين هئي، جيڪا هر عبادت کانپوءِ گهري ويندي آهي.“ آڪاش هن کي ڏسندو رهيو. ”مان مائٽن جي پارٽي نه آهيان، پر تون مون کي اعتماد ۾ نه ورتو. تون به عام مردن وانگر جيڪو منهنجي مائٽن کي چئي نه سگهئين اهو مون کي چئي ڇڏيو، مون جنون جي حد تائين تنهنجي چاهت کي عبادت سمجهيو آ، تنهنجي وجود کي عبادت جي آخري منزل سمجهيو، پر مان تنهنجي نظر ۾ زال ئي رهيس. اهڙي زال، جنهن کي مرد جڏهن چاهي عزت بخشي، جڏهن چاهي پير جي جُتي سمجهي ٿڏو هڻي ڇڏي.“ آڪاش خاموش ئي رهيو.

آڪاش جڏهن اکيون مٿي کڻي ڏٺو ته سنڌوءَ کي اهي اکيون درد سان ٽمٽار مليون. پڇتاءُ، جيڪو درد جو نانءُ وٺي، ڳوڙهن جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. سنڌوءَ اهو درد ڪڏهن به آڪاش جي اکين ۾ نه ڏٺو هو. آڪاش بنا ڪجهه چوڻ جي اٿي ويو. سنڌوءَ دل ئي دل ۾ چيو آڪاش تون عام مرد بنجين يا مثالي، پر مون لاءِ اهوئي ”عبادتگاهه“ رهندين ڇو ته مون جيڪو تنهنجي ذات جو مراقبو ويڙهيو آ، سو مڙن گهڙيءَ تائين نه لاهينديس. آڪاش اڄ مون کي بنا دعا گهرڻ جي پنهنجي عبادت جو اجورو مليو آ. تنهنجا گهڻا روپ آهن آڪاش مان نه ٿي ڄاڻي سگهان. آڪاش جڏهن پنهنجو پاڻ تي مڪمل ڪنٽرول ڪيو ته هن پارس کي سنڌوءَ جي جهولي مان کڻندي چيو، ”مون کي تون عبادت گاهه جو اهڙو مينار نه بڻاءِ، جتي منهنجي ذات خود گناهگار بڻجي وڃي. سنڌو اسان جا وجود ته اسان جي اولاد لاءِ ته عبادتگاهه بڻجي سگهن ٿا پر اسين هڪٻئي لاءِ احترام جي قابل بنجون، تڏهن ئي وڃي اسين عبادتن تائين پهچنداسين.“ سنڌوءَ آڪاش جي منهن ۾ نهاريندي چيو، ”مون کي تنهنجي خبر نه آهي. پر آڪاش مان عورت آهيان مون لاءِ هڪ سچي زال وانگر تنهنجو وجود نڪاح کانپوءِ عزت، احترام، خلوص ۽ جيڪي به ڏاڪا آهن، تن کان ٿيندي عبادتگاهه تائين ٿا اهي سمورا رستا وڃن، جتي مان هميشہ سجدا ڪندي رهندس پنهنجي آخري دعا گهرڻ تائين، ٻه ڳوڙها اکين جا بند ڀڃي جهولي ۾ پيا.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com