نچ ناچو اٿئي مهل نچڻ جي
نواب زادي سان نجمه پنهور جون ڳالهيون
سوال: نواب زادي توهان ٻڌايو ته ڳائڻ ۽ وڄائڻ توهان جو پيشو آهي
يا توهان شوقيه ڳائينديون آهيو؟
جواب: ادي شادين ۾ ڳائڻ ۽ نچڻ اسان جو خانداني پيشو آهي. ننڍي
هوندي کان امان ۽ ماسيون سڀ ڳائينديون هيون. گهر
۾ به هر وقت جهونگارينديون رهنديون هيون ۽ شادين
۾ سڀ گڏجي ڳائڻ وينديون هيون، هر وقت انهن کي
ڳائيندي ۽ نچندي ڏسندي هئس. بس منهنجي پيرن ۾ به
اچي حرڪت ٿيندي هئي ۽ جتي به بيهندي هئس اُتي پئي
نچندي ۽ ڳائيندي هئس، اسان جي ٽولي ۾ وڏي عمر
واريون سڀ گڏجي ويهي ڳائينديون آهن ۽ ننڍي عمر
واريون نچنديون آهن. مان به پنهنجي ٽولي ۾ ڳائڻ
کان وڌيڪ نچندي آهيان، جڏهن گهڻو ٿڪجي پوندي
آهيان، تڏهن ويهي ڳائيندي آهيان. ويهن سالن جي عمر
۾ امان منهنجي شادي ڪرائي ڇڏي. ڇوڪرو پڙهيل هو ۽
نوڪري وارو هو. مون کي چيائين ته هاڻ تون ڳائڻ ۽
نچڻ ڇڏ ۽ گهر جو ڪم ڪار ڪري گهر ۾ سُکي ٿي ويٺي
هج. پر جيڪا هڪ سال جي عمر کان ننڍڙن هٿن ۽ ننڍڙن
پيرن سان نچندي وڏي ٿي هجي، سا ويهين سالن کانپوءِ
ڪٿي ٿي بس ڪري ويهي. مون به گهڻو ئي مڙس کي
سمجهايو ته مون کان ائين ڪرڻ ڪونه پڄندو. سڀ
سهيليون سرتيون مِٽياڻيون ته وڃن شادين ۾، ۽ آئون
گهر ويٺي رهان، عادت پختي ٿي چڪي هئي، سا ڪٿي ٿي
ڇُٽي، مون به چيو ته مون کي به موڪل ڏئي ته وڃي دل
وندرايان ۽ دنيا جا کيل تماشا ڏسان.
ادي سچي ڳالهه به اِها آهي ته اِهو ڳائڻ ۽ نچڻ به هڪڙو فن آهي،
اسان شيدين جو روح خوش ٿيندو آهي. جڏهن مستي ۾
نچون ۽ ٽپون ٿا. شادي برابر پرائي هوندي آهي، پر
اُن خوشيءَ ۾ ئي اسان خوش هوندا آهيون. جڏهن اسين
ڳايون ۽ وڄايون ٿا، تڏهن ئي ماحول ۾ هڪ مستي پيدا
ٿي ٿئي. وهانءُ جا سوڻ ساٺ ٿيڻ مهل به ڳيچ جيڪي
اسان چونديون آهيون، ان مهل ماحول ۾ عجيب رنگ پيدا
ٿي پوندو آهي ۽ ڏسڻ وٽان هوندو آهي، جيڪي ڳيچ اسين
چونديون آهيون سي سڄي رات ڄاڃي ويهي ٻڌندا آهن.
هونئن اسان شيدياڻي عورت ۽ مرد جو ڳالهائڻ ئي اهڙو
هوندو آهي، جو ٻڌندڙ مسڪرائڻ کانسواءِ رهي نه
سگهندو آهي. پوءِ ٿوري گهڻي اسان جي مشڪري به
هوندي آهي. اسان جا تماشا، مشڪريون، چرچا ڀوڳ
اهڙا هوندا آهن، جو نه کلندڙ ماڻهو به کِلي پوندا
آهن. اِهو سڀ اسان شيدين جي زندهه دلي ۽ ڳائڻ
وڄائڻ جي ڪري ئي آهي. ڀل ته اسان جي اندر ۾ ڪهڙو
به اوڙاهه پيو ٻري!؟
سوال: نواب زادي ڀلا توهان کي ڪيترو پيسو ملي هڪ رات جي ڳائڻ
مان؟
جواب: بس اهو ته اسان جي روز آهي قسمت تي، ڪي ماڻهو پئسي وارا
هوندا آهن ته ججهو به ملي ۽ جي نه ته گهٽ به ملي،
پر اسان کي ته جت ڪٿ وڃڻو آهي! جيڪو گهرائيندو
آهي، اسين ويندا آهيون. ڇو ته اسان جو ڪم ٻين کي
خوش ڪرڻ آهي، اسين ته جتن ڪندا آهيون ته ماڻهو
اسان مان خوش ٿين، زور سان ٽهڪ ڏيندي نواب زادي
چيو. ”شادي هڪڙن جي هوندي آهي نچڪو اسان جو پيو
پوندو آهي.“ منهنجو ڪم ڳائڻ به آهي، پر اصل ۾ مان
نچندي آهيان ۽ ٻيون ڳائينديون آهن. آخر ۾ جيڪا
گهور پوندي آهي، تنهن مان حصا پتيون ٿينديون آهن.
وڌيڪ حصو دهل وڄائڻ واريءَ کي ۽ نچڻ واريءَ کي
ملندو آهي.
سوال: توهان کي جڏهن گهر ۾ سڀ ڪجهه ملي ٿو پوءِ توهان ٻاهر وڃو
ٿيون سو ڇو؟
جواب: ادي مون توهان کي ٻڌايو ته هڪڙو ته خانداني پيشو آهي ٻيو
هاڻ عادت پئجي ويئي آهي. سو رهيو به نٿو ٿئي، گهر
۾ ڪم ڪاريون ڪندي به پير پيا هلندا آهن ۽ هر وقت
پيون جهونگارينديون آهيون. اسين خوش رهڻ وارا
آهيون، تنهن ڪري اسان کي ڏک گهٽ ويجها ايندا آهن.
آخر ۾ نواب زادي سٺو گيت نچندي ۽ ڳائيندي ٻڌايو .
شيدي باشا همباشا، شيدي باشا همباشا،
جيڏانهن پير تيڏانهن خير، جيڏانهن پير تيڏانهن خير.
شيدي باشا همباشا، شيدي باشا همباشا.
***
روشن ناز ڌاريجو
پتائي گجر
گجر سياري جي مند جي هڪ مشهور ڀاڄي آهي، جيڪا اصل ۾ هڪ ٻوٽي جي
پاڙ آهي. گجر جو ٻوٽو هڪ فوٽ کان چئن فوٽ تائين
ڊگهو ٿي سگهي ٿو. گجرن جا به ڪيترائي قسم ٿين ٿا.
اسان وٽ گجر جو هڪ قسم اهڙو به ٿئي ٿو، جنهن جو
رنگ ڦڪاڻ مائل ڳاڙهو ٿئي ٿو. اهي ولائتي يا پتائي
سڏبيون آهن. جڏهن ته ديسي گجر واڱڻائي چٽ سان ۽
ڳاڙهي هوندي آهي. گجر جو هڪ ٻيو به قسم ٿئي، جنهن
کي جهنگلي گجر سڏبو آهي. رڇ ان کي وڏي شوق سان
کائيندو آهي. جهنگلي گجر وڌيڪ طاقتور سمجهي ويندي
آهي.
گجر جي هر هڪ سؤ گرامن ۾ وٽامن اي
(A)
ٻه هزار مائيڪرو گرام، ڪئلشيم 48 ملي گرام ته
فولاد جا 6 ملي گرام موجود هوندا آهن. ان کانسواءِ
گجر ۾ کنڊ، نشاستو، فاسفورس ۽ وٽامن بي به موجود
ٿئي. وٽامن اي
(A)
جي هجڻ سبب گجر تنتن ۽ اعصابن، دماغ ۽ هڏن
کانسواءِ اکين لاءِ به ڪارائتي ثابت ٿي آهي. منجهس
فولاد هجڻ سبب، رت جي گهٽتائي به ختم ڪري ٿي.
جڏهن دماغ جي ڪمزوري ۽ خشڪي هجي، تڏهن گجر واپرائڻ فائيديمند
ثابت ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن خشڪيءَ سبب ننڊ نه ايندي
هجي ته گجر کائڻ سان دماغ کي طاقت ملي ٿي. ان لاءِ
گجر جو رس يا گجر جو حلوو به کائي سگهجي ٿو. مهينو
ٻه لاڳيتي کائڻ سان يادگيريءَ جي ڪمزوري ختم ٿي
وڃي ٿي.
مٿي جي ڦيري به ڪيترن سببن ڪري ٿي پوندي آهي. جسماني ڪمزوري رت
جي گهٽتائي ۽ اعصابي ڪمزوريءَ کانسواءِ ان جا ٻيا
به ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. بهرحال، ان جا سبب
ڪهڙا به هجن، جيڪڏهن مٿي کي ڦيري ٿي پئي هجي ۽
منهن به پِيلو ٿي ويو هجي ته اهڙين حالتن ۾ گجر
کائڻ سان اهي حالتون ختم ٿي وڃن ٿيون. جيڪڏهن اڌ
مٿي جو سُور پوندڙ هجي ته گجر کائڻ سان فائدو ٿئي
ٿو.
دل جي گهٻراهٽ عورتن ۽ مردن کي ڪهڙيءَ به عمر ۾ ٿي سگهي ٿي. ان
تڪليف پيدا ٿيڻ جو هڪ سبب کاڌ، خوراڪ ۾ لوڻ جو
وڌيڪ استعمال ڪرڻ به ٿي سگهي ٿو ته ماحولي گدلاڻ ۽
کاڌي ۾ ملاوٽ کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي سبب ٿي سگهن
ٿا. اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن ڪجهه هفتن تائين لاڳيتو
گجر کاڌي وڃي ته اهڙي شڪايت ختم ٿي وڃي ٿي. ان
لاءِ جيڪڏهن چاهجي ته گجر جي رس يا گجر جو مربو به
کائي سگهجي ٿو. هاءِ بلڊ پريشر رهڻ جي حالت ۾ گجر
جي رس پيئڻ سان اهو عام رواجي ٿي وڃي ٿو پر جيڪڏهن
مسلسل واپرائبو رهجي ته دائمي فائدو رسي ٿو.
پيٽ ۾ (آنڊن ۾) هڪڙا مخصوص قسمن جا ڪينئان ٿين ٿا. جن کي ڪدو
داڻا سڏجي ٿو ۽ اهي مشڪل سان نيڪال ٿي سگهندا آهن.
طاقتور دوائن جي استعمال جي باوجود، انهن جو ڪجهه
نه ڪجهه انگ باقي رهجي ويندو آهي ۽ وري وڌي جام ٿي
ويندا آهن. انهن جي علاج لاءِ جيڪڏهن ڪَچي گجر
کاڌي وڃي ته فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. سڄيءَ موسم
۾ کائيندي رهڻ سان اهي ڪينئان جيئرا يا مرده حالت
۾ نيڪال ٿيندا رهن ٿا.
ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته گجر جي استعمال ڪندي رهڻ سان
حافظو سٺو ٿئي ٿو. ان لاءِ گجر ڳترا ڪري پليٽ ۾
رکي ڇڏجن ۽ صبح جو ننڊ مان اٿي اهي کائجن. ٻيو
طريقو اهو به ٿي سگهي ٿو ته نيراني گجرن جو رس ڪڍي
پيئجي ۽ جيڪڏهن چاهجي ته ان ۾ کير به ملائي سگهجي
ٿو. گجرن جي ائين رس پيئڻ سان دماغ ۽ حافظي کي
تقويت ملي ٿي.
جڏهن ڪو فرد شب خوري (رات جي انڌپڻ) جو شڪار ٿي پيو هجي ته
ڪَچين گجرن کائڻ سان کيس سٺو فائدو حاصل ٿيندو.
گجرن جي کٽاڻ به وڌي ويندي آهي. جيڪا ڏاڍي چشڪيدار ۽ وڻندڙ
هوندي آهي. گجرن جي کٽاڻ معدي کي طاقت، جگر ۽
تليءَ لاءِ فائديمند ثابت ٿي آهي.
جيڪڏهن گجرن جي موسم نه هجي ته اهڙين حالتن ۾ گجرن جو مربو کائي
سگهجي ٿو. ٻه چار هفتا کائڻ سان مٿي جي ڦيري ۽ ڪنن
۾ سيٽين جو وڄڻ بند ٿي ويندو آهي ۽ دائمي رهندڙ
قبضي به ختم ٿي ويندي آهي.
حامله عورتن ۽ ٻارن کي ڍڪ تي پاليندڙ عورتن لاءِ هي مربو
واپرائڻ فائديمند ثابت ٿيندو آهي.
گجرن جو ٻج پيشاب آڻيندڙ آهي. جيڪڏهن ڪنهن عورت کي ڏينهن نه آيا
هجن ته انهن جي استعمال ڪرڻ سان اهڙي شڪايت ختم ٿي
سگهي ٿي. پيشاب جي سوزش جي تڪليف ختم ٿي سگهي ٿي.
اهڙيون عورتون جن کي حيض جي ڏينهن ۾ تڪليف ٿيندي
آهي ۽ صحيح طرح سان حيض نه ايندو آهي، اهي جيڪڏهن
گجرن جو ٻج 12 گرام، ڇهه گرام ڳڙ سان ملائي، چڱيءَ
طرح سان ڪاڙهي، اهڙو ڪاڙهو پيئن ته حيض جون اهڙيون
تڪليفون ختم ٿي وينديون آهن.
جسم جي عام ڪمزوري پيدا ٿي پوڻ جي حالت ۾ گجرن جو حلوو کائڻ سان
زبردست فائدو حاصل ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته ان جي کائڻ
سان جسم کي طاقت ملي ٿي، جنهن سبب جسم سيءَ جي
اثرن کان بچيل رهي ٿو.
ننڍن ٻارن ۽ ڪراڙن ۾، گجرن جو حلوو کارائڻ سان طاقت ۽ شڪتي پيدا
ٿئي ٿي. جيڪڏهن گجرن جي حلوي ۾ سڪل ميوو به ملايو
وڃي ته اهو اڃا به وڌيڪ طاقتور ٿي پوي ٿو.
پٿريءَ هجڻ جي حالت ۾ گجر جا ٻج، گجرن کان وڌيڪ فائديمند ثابت
ٿيندا آهن. انهن جي استعمال سان بُڪيءَ ۽ مثاني
جون پٿريون نيڪال ٿي وڃن ٿيون. ان لاءِ جيڪڏهن
گجرن جي ٻجن جو هڪ حصو گوگڙن جي ٻجن جي ساڳئي وزن
جيترن ٻجن سان ملائي هڪ موريءَ کي ڍانڍو ڪري منجهس
اهي ٻج وجهي ڀري ڇڏجن ۽ موريءَ جو منهن بند ڪري،
پاڻيءَ ۾ تيستائين هلڪيءَ باهه تي اوٻارجي جيئن
موري ڳري وڃي، پوءِ اهي ٻج ڪجهه ڏينهن تائين
لاڳيتو کائبا رهجن ته مثاني ۽ بڪين جي پٿريءَ
کانسواءِ پيرن جي ڳوراڻ به گهٽجي ويندي.
*
زيب النساءِ ”وينگس“ سومرو
(گيت)
ڇا ڪريون؟ ڪجهه ڏس ته ٻيلِي
هُوءَ اڪيلي، مان اڪيلي- ڇا ڪريون ڪجهه ڏس ته ٻيلي،
مان ۽ منهنجي دل ڳَهيلي- ڇا ڪريون ڪجهه ڏس ته ٻيلي.
*
غم جي گهاڻي ۾ گُهمايل- مان به پيڙيل هُوءَ به پِيڙيل،
هڪ ڏکويل بِي ڏهيلِي- ڇا ڪريون ڪجهه ڏس ته ٻيلِي.
*
چوديواري چوٽ آهي، پوءِ به چُر پُر تي رهي ٿِي،
تاڙَ ۾ سارِي حَويلي- ڇا ڪريون ڪجهه ڏس ته ٻيلي.
*
هڪ حيا، ٻيو شرم ۽ ٽِين سماجي پاءِبندي!
نَڪَ ۾ پئي آ نڪيلي- ڇا ڪريون ڪجهه ڏس ته ٻيلِي.
*
هُوءَ به هيڻي، مان به هيڻي، پنڌ مشڪل، دُور منزل،
ويلَ به آهي اويلي، ڇا ڪريون ڪجهه ڏس ته ٻيلِي.
*
جهولَ ۾ وينگس رکيا ها، جنهن سمورا سُورَ سانڍي،
ڪلهه ڪسي ويئي سا سهيلي، ڇا ڪريون ڪجهه ڏس ته ٻيلي.
***
شگفته شاهه
وائي
ڇُٽن منهنجا گهاءَ آءُ وري تون آءُ،
هيڪر موٽي آءُ.
هڪ ننڍڙي ڳالهه تان، ڪيڏو ٿيو انياءُ،
هيڪر موٽي آءُ.
ٻوڙين، تارين، تو وس، منهنجي جيون ناءُ،
هيڪر موٽي آءُ.
من اندر جي اجرا هوندا، پاڻهي ٿيندو پرچاءُ،
هيڪر موٽي آءُ.
سانوڻ هيل به آيو، ڪونهي مگر ساءُ،
هيڪر موٽي آءُ.
جٿ ڪٿ هن ڏيهه جي ماڻهن منجهه ٽڪراءُ،
هيڪر موٽي آءُ،
ماريا ويا هن انسان ڪيڏا، ناهي ڪو پڇتاءُ،
هيڪر موٽي آءُ.
***
روبينه ابڙو
وائي
تنهنجو ڀي احساس،
آخرڪار مري ويو!
هڪڙو هو سنسار ۾،
سوڀي رات شناسُ،
آخرڪار مري ويو!
پار ڪڍيا پي پرٿويءَ،
هئه هئه هو آڪاسُ،
آخرڪار مري ويو!
موت ڳجهو هوڪيترو،
تِنهنجو ڀي ته حِراسُ،
آخرڪار مري ويو!
اڄ جي بيحس دور ۾،
هڪڙو شخص حساس،
آخرڪار مري ويو!
گجرا گوريءَ ٻانهن ۾،
اوسيئڙي ۾ واسُ،
آخرڪار مري ويو!
*** |