سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :4

ليليٰ پروين سومرو

اڄ ڪيڏي نه سانت آهي

 

ڪالهه ڪيڏو نه هُل هنگامو هو، ۽ اڄ ايڏي سانت- ڄڻ ڪالهه ڪجهه ٿيو ئي نه هو! ٻارن جي زبانن تي به اهو ذڪر هو ته درياءَ ۾ لاش پيو آهي. ڪيڏو نه سهڻو لاش هو! جنهن پئي ڏٺو، تنهن کان رڙ نڪري پئي ويئي. سترهن يا ارڙهن سالن جي سهڻي نينگر، جنهن جا ڊگها وار هر ڪنهن کي موهي رهيا هئا. هٿ –پير مينديءَ ۾ ريٽا، اها شاهدي ڏيئي رهيا هئا ته هو نئين ڪنوار هئي. پر هن جي جسم تي ڏنل گهاءَ وڏي واڪي دانهين هئا ته ڪنهن ظالم سندس جسم کي چهڪ ڏيئي درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو آهي. هن جي چهري جي معصوميت اها شاهدي ڏيئي رهي هئي ته هوءَ بيڏوهي آهي. هن جون ڪينجهر جهڙيون اکڙيون، جيڪي دهشت کان ڦاٽل هيون، ظلم ۽ بيرحميءَ جو کُليو ثبوت هيون.

درياهه جون ڇوليون ڪيڏيءَ نه لاپرواهيءَ سان لاش کي لوڙهينديون ٿي آيون، ڄڻ ته ڪو ضروري فرض نڀاهڻون هوَن: ۽ جڏهن پل جي بند دروازن سان ٽڪرائي، نستيون ٿي، لاش کي پاڻيءَ جي مٿاڇري تي تاري ڇڏيائون ته انيڪ ماڻهو ان کي ڏسڻ لاءِ گڏ ٿي ويا، پر ڪوبه ان کي ڪڍي ڪناري تي رکڻ لاءِ تيار نه هو. سڀني جي زبانن تي وحشت ۽ نفرت ڀريا لفظ هئا.

ڪنهن کي به اهو خيال نه آيو ته اها ئي عورت سندن ماءُ به آهي، جنهن جي ڪُک مان هو تخليق ٿيا آهن. اها ئي عورت ڀيڻ به آهي، جيڪا هر وقت پيار ڀريون دعائون ڏيندڙ آهي: اها ئي ڌيءَ به آهي ته زال جي روپ ۾ سندن غمگسار به آهي.

ائين پئي لڳو، ڄڻ عورت جو ڪوبه وجود هن ڌرتيءَ تي ڪونهي، سڀني هن کي ڏوهي سمجهي، بيجان جسم کي لفظن جي پٿرن سان سنگسار ڪري رهيا هئا.

پوليس آفيسر جي حڪم هيٺ لاش ٻاهر ڪڍرايو ويو. ماڻهن جي ميڙ ۾ اڃا به واڌارو اچي ويو. ڪوبه هن کي سڃاڻڻ لاءِ تيار نه هو پر ڳاڙهن ڪپڙن ۾ ڍڪيل هن سهڻي لاش جي جسم کي اهي ئي مرد پنهنجين وحشي نظرن سان توري ۽ تڪي رهيا هئا.

شام تائين اها ڳالهه باهه جي اُلن جيان پکڙجي ويئي ته ڀر واري ڳوٺ ۾ گذريل رات ان ڇوڪريءَ جي شادي ٿي هئي ۽ شاديءَ رات گهوٽ پنهنجي ڪنوار لاءِ پيار، سچائيءَ ۽ روشن آئيندي جا تحفا کڻي وڃڻ بدران پاڻ سان گڏ تيز ڪيل چاقو کڻي ويو ۽ پنهنجي ونيءَ جي گهونگهٽ مٿي ڪرڻ سان، محبت جي مجسمي کي ڌڪن پٺيان ڌڪ هڻي ختم ڪري ڇڏيو. هن جو ڏوهه صرف اهو هو ته هن ڪنهن ٻئي کي پسند ڪيو هو، پر پڻس سندس گونگن لڙڪن کي سمجهندي به،محبت جي مذهب کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. ٻن ٻولن ۾ ٻڌڻ واري اڻٽٽ رشتي، ڏکن سکن ۾ سندس ڀاڱي ڀائيوار جيون ساٿياڻيءَ کي، صرف چئن اکرن ”نڪاح“ جي پناهه ۾، سندس گهر واري، پنهنجو حق سمجهي، هن جي زندگي ختم ڪري ڇڏي.

حقيقت ٻڌي، منهنجيون مُٺيون زور سان ڀڪوڙجي ويون. اکين ۾ ڪنڊا چُڀندا رهيا. اندران ئي اندران ڀڄندي ڀُرندي، ڪيترن ٽڪرن ۾ تقسيم ٿيندي رهيس. هر هڪ جي پيڙا جو عذاب ڀوڳيم. ڪافي دير کانپوءِ هٿ خودبخود کُلي ويا. هٿن کي غور سان تڪيندي رهيس. جيڪي هڪ عورت جا خالي هٿ هئا.

دراصل عورت آهي ئي محبت ۽ وفا جي راهه ۾ قربان ٿي وڃڻ جو نالو. دنيا ۾ مذهبي يا غير مذهبي، ڀوريون يا سانوريون معصوم يا چالاڪ، معتبر يا مسڪين، مهذب يا ڏتڙيل، پڙهيل يا جاهل، باهمت يا بيوس عورتون، اندروني طرح هڪجهڙي زندگي گهارين ٿيون. من ۾ سڀڪا جلندي رهندي آهي: سڀڪا پنهنجي اندر جي بٺيءَ ۾ پچندي ۽ پڄرندي، پنهنجي حصي جي پيڙا ۽ ڀوڳنا واري خاڪ ميڙيندي آهي.

آخر ان خوبصورت، لاوارث لاش جو ڏوهاري ڪير آهي؟ اهو مرد، جنهن کي هن پسند ڪيو، اهو پيءُ جنهن پنهنجيءَ انا جو مسئلو سمجهي پنهنجي نياڻيءَ کي جيئري قبر ۾ وجهڻ جو فيصلو ڪيو، يا اهو گهوٽ جنهن آئيني جو پٺيون پاسو ڏسي بنا ويچار جي ان کي ڀڃي ڇڏيو؟ ڪيئن به هجي، عورت ڪنهن نه ڪنهن طرح مرد جي دام ۾ ڦاسي، ڦٿڪي، ساهه ڏنو آهي.

هن بيجان، لاوارث لاش کي، پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ تعليم لاءِ تجربن جي بهاني، وڌيڪ وڍ، ٽُڪ لاءِ ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڏنو ويو.

ايڏي وڏي واقعي ٿيڻ بعد، اڄ ڪيڏي نه سانت آهي، ڄڻ ڪالهه ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو!

 

احسان لغاري

اعتماد جو خون

 

آمنا جو مڙس سرڪاري آفيسر هجڻ سان گڏ سماجي ڪمن ۾ پڻ حصو وٺندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن سماجي مسئلن تي مضمون به لکندو هو. آمنه ان ڳالهه ۾ سرهائي محسوس ڪندي هئي ته سندس وَرُ گهڻ ڪاريو آهي ۽ سندس مائٽياڻين ۽ ساهيڙين ۾ ڪنهن جو به مڙس ايترو کُليل دل جو ڪونهي! مائٽي ۾ ته هُوءَ پنهنجي مڙس جي سئوٽ ٿيندي هئي پر غريبيءَ ۾ کانئس سرس هئي. پڙهيل لکيل ته هئي؛ پر هئي عام گهريلو سادي عورت.

کيس ڪيئي ڀيرا مڙس چيو هو ”آمنا! ڏس هي معاشرو آهي ئي مردن جو. اسان مڙس ڏسڻ ۾ کڻي ڪهڙي ئي روپ ۾ هجون، پر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان عورتن تي ظلم ڪندا رهندا آهيون يا ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار هوندا آهيون...“ اهڙي قسم جون ڳالهيون هُوءَ پنهنجي مڙس جي واتان ٻڌندي رهندي هئي. ”هاڻ ته تون خير سان ڀريل پيرين آهين. (اميد سان آهين) هيڏو سارو گهر جو ڪم توکان ڪيئن پُڄندو. ڀل ڪا مائي ڪم لاءِ ڏسي وٺ.“ پهرين پيٽ تي مڙس ائين چيو هوس. ”پر ٻڌ ته.. چاچي جي اعتراض ڪري ته .“ آمنا جي ان خوف جو جواب ڏيندي کيس چيو هئائين، ”ڇڏا ان ڳالهه کي، امان کي آئون پاڻهي سمجهائي وٺندس.“ خبر اٿم ته ڇا چوندي. ”اسان ٻار نه ڄڻيا هن ڇا؟ اسان به ته سَوَ ڪم ڪنديون هيونسين....“ ”سو امان سان بحث ۾ نه پئجان. بس ڪٿان ڪا ڪم واري ڳولي وٺ.“

مڙس جي انهيءَ رويي مان سمجهيو هئائين ته سندس سؤٽ عام مردن کان مختلف آهي. هُو سندس وڏي ڀيڻ جي مڙس جيان بخيل ۽ شڪي مزاج ڪونهي ۽ نه ئي هن جي پيءُ جيان ظالم آهي. آمنا ته پنهنجي ماءُ تي به پڙهيل لکيل ۽ زماني جي نظرن ۾ سُلجهيل پيءُ جا ظلم ٿيندي ڏٺا هئا. تڏهن هوءَ ننڍي هئي، پر ماءُ تي پيءُ جو روز جو ڪُٽڪو، سندس ماءُ جي اکين ۾ بي بند ڳوڙها، هن کي سڀ ياد هئا. ان وقت هن کي ماءُ جي ڏک ۽ ڪَرب جو احساس ته هوندو هو پر ان کي سمجهي نه سگهندي هئي. وقت سان گڏوگڏ هن کي اهو سڀ ڪجهه سمجهه ۾ ايندو ويو هو. ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا خدا جو شڪر ادا ڪندي هئي جو سندس مڙس انهن سڀني مردن کان مختلف هو. ”ڏس سهيل جي ماءُ، عورت صرف جنسي خواهش پوري ڪندڙ مشين ته ڪانهي.“ ”عورت جي علالت ۾ آهي، بيمار آهي ته مرد تي به فرض ٿئي ٿو ته هن جي مسئلن ۽ ڏکاين کي سمجهي ۽ ان جو هٿ ونڊائي. جي ڪڏهن ڪپڙن ۾ اڳٺ وجهي ورتائين. اِستري ڪيائين يا چانهه جو ڪوپ تيار ڪري ورتائين ته ڪا وڏي ڳالهه ته ڪانه ٿي پيئي. زال کي ڏکئي وقت ۾ ڪم ڪار ۾ همراهي ڪرايائين ته اهو ڪو احساس ته نه ٿيو، نه ئي وري زن مريد ٿي پيو.“ مڙس ساڻس اهڙيون ڳالهيون ڪندو رهندو هو.

”هيءَ ننڍڙي عمر جي شادي“، ”ماڻهو ته پڙهيل لکيل جاهل آهن. 14-15 سال به ڪا ڇوڪريءَ جي شادي ڪرڻ جي عمر آهي.“ پنهنجي مڙس جا اهڙا ويچار ٻڌي سمجهندي هئي ته ”ستايل عورت جو ڪو ته هڏ ڏوکي آهي.“ پاڻ جيڏين سان ويهي خوش ٿي پنهنجي مڙس جون تعريفون ڪندي هئي ۽ مٿان چوندي هئي ”اي ماشاءَالله ته چئو،....“ هن کي به ٻين عورتن جيان نظر لڳڻ جو خوف رهندو هو.

پنهنجي مڙس جي اجازت ملڻ تي هن مائي ڪم ڪار لاءِ رکي هئي. اِها مائي نذيران ٻُهاري، پوچي، ٿانو ٿپا ۽ ڪپڙا وغيره ڌوئي ڏيندي هئس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻين ڪمن ۾ پڻ هٿ ونڊائيندي هئس. نذيران جي عمر پنجٽيهه کان ٽپي هلي هئي پر ڪمزوريءَ جي ڪري چاليهن جي لڳندي هئي.

جيتوڻيڪ سندس ڪنهن مائٽياڻي چيو هوس ”امڙ انهن مردن تي اعتبار نه ڪجان. گهوڙن تي ڪهڙو اعتبار ته ڪهڙي گاڏيءَ کي گهليندا. گهر ۾ ڪم لاءِ عورت بيهاري اٿئي هاڻ پنهنجي مڙس تي به نظر رکجان.“ کن لاءِ ته هن جي من ۾ خوف پيدا ٿيو هو پر پوءِ پنهنجي مڙس جا روشن خيال هن جي آڏو آيا. وري نذيران جو سوچيائين هُوءَ ته اڌيڙ عمر جي هئي ٻيو ته وري ڏاڍي ڪوجهي هئي، سو ان ڪري اطمينان ٿيس ته ”سهيل جو پيءُ ڪو اهڙو ڪڌو ڪم ڪندو ڇا!“

هڪ ڏينهن هن جو مڙس جيئن ئي آفيس مان موٽيو ته آمنا کي مشين ۾ ڪپڙا ڌوئيندي ڏٺائين. ”ڇو آمنا نذيران ڪانه ٿي اچي ڇا؟“ هوءَ ته پوين پنجن ڏينهن کان ڪانه پئي اچي.“ هن ڪپڙا نپوڙيندي وراڻيس. ”چري ههڙي سيءَ ۾ ٿڌي پاڻيءَ ۾ هٿ وجهندين ڪٿي ٿڌ نه لڳي وڃئي. ننڍڙو به ته ٿڃ تي اٿئي.“ ”سهيل جا پيءُ، ويچاري بيمار ٿي پيئي آهي. ڪم ڪرڻ جي سڪت ئي ڪانه اٿس.“ آمنا وراڻيس. ”ان ڏينهن ڪم ڪندي ٿاٻا پئي کاڌائين. جهليومانس ته ڪم نه ڪر.“ چيائين ته ”سانئڻ ڪم نه ڪنديس ته پيٽ ڪيئن پلبو؛ مڙئي ٺيڪ ٿي وينديس.“ هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ”کيس دلجاءِ ڏنم ته ڪو خوف نه ڪر، توکي نوڪري مان ڪونه ٿا ڪڍون، ٻه ٽي ڏينهن ڀل آرام  ڪر.....“ ”پر سهيل جي ماءُ“ (هو هڪ ٻئي کي پنهنجي پٽ جي نالي سان ڪوٺيندا هئا.) ننڍڙو ٿڃ تي اٿئي، نازڪ آهي، ائين پاڻيءَ سان پئي کيڏندينءَ ته هن کي ڪجهه ٿي نه پوي.“ ”چڱو سائين، توهان گهڻي اون نه ڪريو، مان اڄ ئي ڪنهن کي نذيران ڏانهن اُماڻيان ٿي.“ مڙس کي اطمينان ڏنائين.

”هن پاڙي مان ڪنهن سڃاڻ واريءَ کي نذيران ڏانهن موڪليو. نذيران ان هٿان اِهو نياپو ڏياري موڪليس ته هوءَ اڃا تائين ٺيڪ ڪانه ٿي سگهي آهي. پر سڀاڻي کان پنهنجي ڌيءَ کي ڪم تي موڪليندي. ٻئي ڏينهن تي نذيران جي ڌيءَ ڪم تي آئي. 13-14 سالن جي هئي. اچڻ سان ئي ڪم ۾ جُنبي ويئي ۽ ماءُ وارا سڀئي ڪم وڌيڪ ڦڙتيءَ سان ڪرڻ لڳي.

آمنه جو جيترو ڀروسو هو نذيران تي، اوتروئي سندس ڌيءَ تي. هن کي پڪ هئي ته انهن کي چوري ڪرڻ جي عادت ڪانهي جو ڪيئي دفعا کين آزمايو پڻ هئائين. سندس ڪڏهن رپيو به چوري ڪونه ٿيو هو. ان ڪري هُوءَ بي ڊپي ٿي ٻارن سان شاپنگ تي هلي ويندي هئي ته ڪڏهن مائٽن ڏي. پاڙي ۾ وڃڻو هئس يا ڪنهن شاديءَ تي، گهر هنن جي آسري تي ڇڏي هلي ويندي هئي. اٺين يا پندرهين ڏينهن پيڪن ڏانهن پڻ هڪ اڌ ڏينهن لاءِ چڪر هڻي ايندي هئي جو هُو به ساڳي ئي شهر ۾ رهندا هئا.

نذيران ويچاري کي بيماريءَ مان مهلت اڃا ڪانه ملي هئي، انهيءَ ڪري سندس ڌيءَ هنن وٽ ڪم تي آئي پئي. آمنه محسوس ڪيو ته ڪجهه ڏينهن کان هُن ڇوڪريءَ ڪم ۾ اڳي جهڙي دلچسپي ڪونه پئي ڏيکاري، ڪم ۾ اها تيزي ڪانه رهي هئس. منجهيل منجهيل ۽ سهميل سهميل رهڻ لڳي هئي. ”طبيعت ٺيڪ نه هوندس.“ پنهنجي منهن ڀڻڪي آمنا اِن ڳالهه کي درگذر ڪري ڇڏيو. ان ڏينهن شام جو هُوءَ پيڪن ڏانهن هڪ ڏينهن لاءِ ويئي.

ٻئي ڏينهن شام جو هُوءَ گهر موٽڻ لڳي ته وڏو پٽ اُتي نانيءَ وٽ رهي پيو. هُوءَ گهر ۾ چپ چاپ داخل ٿي. گهڙندي ئي نذيران جو آواز ڪن تي پيس. الائجي ڇو پاڻمرادو هُوءَ خاموش ٿي ويئي ۽ آواز ڏي ڪَنايائين.

صاحب، آئون ته شادي شده هئس- مون سان ته اوهان کي جيئن وڻيو تيئن ڪيو، نوڪري مان نڪرڻ جي خوف کان، ٻچن جي بک جي خوف کان ته اعتراض هوندي به مون توهان کي ڪجهه نه چيو.... منهنجي ته عزت ويئي. پر منهنجي نياڻيءَ تي ته رحم ڪريو، ويچاري ٻار اهي؛ هوءَ ته ڪيترا ڏينهن خاموش هئي. اڄ ڪم تي اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين، ته پُڇڻ تي ٻڌايائين ته سانئڻ جيستائين نه ايندي آئون ڪم تي ڪانه ويندس. سڏڪا ڀريندي چيائين ته ”امان صاحب اڪيلائي ۾ الائي ڇا ڇا ٿو ڪري. مان ڪم تي نه ويندس.“ ”سائين، مون کي ته ٻچن جو پيٽ پالڻو آهي. بيماريءَ مان جند ڇڏايان ته حاضر آهيان..... پر سائين منهنجي نياڻيءَ تي رحم ڪيو.“ نذيران جو اهو سڏڪندڙ آواز، آمنه کي ائين لڳو ته سندس ڪنن جا پردا ڦاٽي پوندا. هُن هڪ هڪ  لفظ مان پاڻ کي ڪُسندي محسوس ڪيو، پنهنجي اعتماد جي بُت کي ڀُرندي محسوس ڪيو؛ لڱن مان ساهه ڇڏائجڻ لڳس، لڳس ته جهٽڪي سان هيٺ ڪري پوندي. ڀت کي ٽيڪ ڏنائين ۽ سيني سان چُهٽيل ٻار سوڌو گسڪندي گسڪندي هيٺ ويهي رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com