سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون مارچ - اپريل 1994ع

گلبدن جاويد

*سرتيون، شال سدا سُکيون ستابيون، سَرهيون ۽ سُرهيون هجو، شال سدا مُرڪنديون ۽ مَرڪنديون رهو!

اوهان سان واعدو ڪيو هئوسين ته رسالو هر مهيني وقت سر پڌرو ٿيندو رهندو- ۽ سچ پچ ته اسان هوبهو اِئين ئي رٿيو هو. پر ڇا ڪجي، ڪي اڻويچاريل حالتون اِئين اڳ جهلي بيهي رهيون جو دير ۾ ئي خير نظر آيو. سو ڪيئن، تنهن جي اُپٽار اجائي ٿيندي، ڇو ته پوءِ به اوهين ڪو بهانو قبول ڪريو يا نه. تنهن ڪري، عافيت اِن ۾ آهي ته اوهان کان هٿ ادب جا ٻڌي معافي گهرون ۽ وري نئين سر پڪو واعدو ڪريون. سو اسين ڪريون ٿيون- ۽ پڪ ئي پڪ، هاڻي ”سرتيون“ سرتين سان هر ماهه ملائڻ اسان جي لاءِ ممڪن ٿيندو. اسان جا نوان ڪمپيوٽر ان جي ضمانت آهن ۽ غير يقينيءَ واريون حالتون ختم ٿي رهيون آهن. دعا ڪريو ته اسين اوهان جي هن آواز کي وڌ کان وڌ سگهارو ڪري سگهون

*عورت هيڻي ته آهي، پر قدرتي طرح پنهنجيءَ جسماني بناوت جي نزاڪت ۽ نفاست جي لحاظ کان، ٻيءَ طرح، سماجي سرگرمين ۾ سندس ڪردار ڪنهن به ريت نه رڳو مرد کان گهٽ نه آهي، بلڪه وڌيڪ ئي آهي. اوائلي زمانن ۾، تاريخ ٻڌائي ٿي، تخليقون، ايجادون، انتظامي ڪارڪردگيون، عورت جي ئي حصي ۾ رهيون آهن. پوءِ ملڪيت واري تصور سان، ڪنهن به ريت، عورت به مرد جي ”ملڪيت“ بڻجي ويئي- ۽ پوءِ جيڪو به سماجي سرشتو رهندو آيو، سو مرد جو هو. اڄ دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ اهو طلسم گهڻي ڀاڱي ٽُٽي چڪو آهي، پر پوئتي پيل ملڪن ۾ سماج اڃا به مرد جو آهي، جتي قانون ۽ اخلاق جا سمورا ضابطا عورت جي حقن جي ڪابه عملي ضمانت نٿا ڏين.

اسان جي ملڪ جي صورتحال تهان عجيب آهي. خاص ڪري سنڌ ۾ عورت جي بنيادي انساني حقن، آئيني ۽ قانوني، اخلاقي ۽ شرعي حقن جي لتاڙ ايڏي وڏي پئماني تي ٿيڻ لڳي آهي جو، هڪ عورت وزيراعظم جي هوندي، چئي نٿو سگهجي ته اهو. ڇا هي، ڇو آهي، ڇاجي ڪري آهي؟ ڪو ڏينهن خالي ڪونهي، جڏهن ڪو لڄالٽ جو، بلڪ اجتماعي لڄالٽ جو، واقعو اخبارن ۾ نٿو پڙهجي. ڪيترائي اهڙا بيحد ظلمي واقعا ٿيا آهن، جيڪي هر ڪنهن مڙس، پيءُ، ڀاءُ، پٽ لاءِ ٻُڪ پاڻيءَ ۾ ٻڏي مرڻ کان وڌيڪ آهن. قانون جا محافظ جڏهن ڏوهارين جي ڳولا ۾ نڪرن ٿا ته عورتن جي بيعزتي ڪرڻ به انهن لاءِ فرض ٿيو پوي. ڇا ڪجي- ان ڳالهه جو تدارڪ به ته مرد جي حوالي آهي!

سرتيون! سواءِ اجتماعي جٿيبنديءَ جي، ڪو به رستو ڪونهي. حقن جي حفاظت لاءِ گڏجي پئو ته جيئن قانوني جنگ لڙي سگهجي. شهر واريون سرتيون، ڳوٺاڻين سرتين جي اخلاقي ۽ قانوني مدد ڪريو. جن کي خبر ئي ڪانهي ته اهي به ڪا انساني مخلوق آهن ۽ کين ملڪي آئين ۾، بنيادي  انساني حقن واري عالمي پڌرنامي ۾، اسلام جي ديني ۽ اخلاقي نظام ۾، عزت ڀريا حق حاصل آهن-

گلبدن جاويد مرزا

 

نذير ناز

نياڻيون پڙهايو، گهر سنواريو

تعليم هر انسان تي فرض ڪئي وئي آهي. اها اڄ فرض نه ڪئي وئي آهي، بلڪه صديون اڳ وقت جي تيز وهڪري کي ڏسي ڪري، تعليم لاءِ زور ڏنو ويو هو. تعليم انسان کي صحيح معنيٰ ۾ انسانيت سيکاري ٿي. تعليم ئي وحشيپڻي جون سڀ راهون بند ڪري ٿي. تعليم ئي سوچ ۽ سمجهه مهيا ڪري ٿي. نيڪ ۽ بد جي تميز ڪرائي ٿي. تعليم سان ئي هي جهان روشن ٿي سگهي ٿو. هي روڊ رستا، جيٽ جهازن جون اڏامون، اک ڇنڀ ۾ دنيا جو سير ڪرڻ، گهر ويٺي ڏيهه توڙي پرڏيهه ويهي روح رهاڻيون ڪرڻ- ڇا، ڇا نه ڏنو آهي تعليم.

تعليم مرد توڙي عورت، ٻنهي تي فرض ڪئي وئي آهي. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو جنس جو فرق نه رکيو ويو آهي. دنيا جي جن ملڪن ترقي ڪئي آهي، انهن ۾ عورت ۽ مرد ٻنهي جي برابر واري محنت شامل آهي ۽ اسان جي پٺتي پوڻ جو ڪارڻ به اهو آهي ته عورت کي تعليم کان وانجهو رکيو ويو آهي. کيس ڌرتيءَ سنوار ۽ ملڪ جي ترقي ۾ حصي وٺڻ کان روڪيو ويو آهي ۽ تعليم کان پري رکي ڪري ئي عورت کي نئينءَ روشنيءَ کان پري رکيو ويو آهي.

ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته ”اوهان مون کي پڙهيل ماءُ ڏيو ته آءٌ اوهان کي سڌريل قوم ڏيان.“ اهو واقعي سچ آهي. هڪ پڙهيل ماءُ ئي پنهنجن ٻچن ۽ قوم جي مستقبل جي مامرن جي صحيح تربيت ڪري سگهي ٿي. ماءُ جي گود ته پهرين يونيورسٽي آهي. جيڪڏهن انهيءَ يونيورسٽي جا بنياد پڪا هوندا ته پوءِ ڪو شڪ ناهي جو هڪ پڙهيل ماءُ جي گود مان نڪتل انسان ڪاميابيون نه ماڻي.

اسان جون ٻهراڙيون، جيڪي بنيادي سهولتن کان ته اڳي ئي وانجهيل آهن، ويتر نياڻين جي تعليم ۾ صفا ٻڙيءَ برابر آهن. اول ته انسان جي اڻ ڄاڻائي ڪري اهي نياڻيون ٻنين ۾ وڃي ڪم ڪار ڪن ٿيون، جتي سندن ڪومل جذبا ۽ معصوم سوچون گاهه جي ڀرين هيٺان چچريون وڃن ٿيون. ٻيو ته اسڪولن جي اڻاٺ سبب اسان جي قدامت پسندن کي بهانو ملي وڃي ٿو ته ”نياڻي پڙهي ڇا ڪندي، نوڪري ٿوروئي ڪندي.“ ڪجهه سالن کان ڳوٺن ۾ اسڪول ٺهن پيا. پر اهي ڳوٺن ۾ قائم اسڪول به وڏيرن جون اوطاقون بڻجي ويا آهن. افسوس جو جيڪڏهن اسڪول آهي ته اُتي ڪا ماسترياڻي وڃڻ لاءِ تيار ڪانهي. اها ڳالهه صرف ڳوٺن ۾ ناهي، بلڪه شهرن ۾ به نياڻيءَ جي تعليم مرد جي شعور جي محتاج آهي. اسان جي مرد کي اهو احساس ئي ڪونهي ته زندگيءَ جي گاڏي ٻن ڦيٿن واري آهي ۽ ٻه ڦيٿا مرد ۽ عورت جي روپ ۾ آهن. ٻنهي جي گڏيل قوت ئي گاڏيءَ کي اڳتي ڌڪي سگهي ٿي.

ڪنهن چيو ته ”ڌيءَ پرائو ڌن آهي.“ ۽ پوءِ اسين انهيءَ چوڻيءَ تي ڳنڍ ٻڌي ويهي رهياسين. پر ڇا، اسين اهو ”پرائو ڌن“ سنواري ۽ سينگاري نٿا سگهون؟ ها، سينگاري سگهون ٿا، اهو تعليم ئي سهڻو وڳو آهي، جيڪو پنهنجي نياڻيءَ کي پهرائي سگهون ٿا. پڙهيل نياڻي جنهن گهر ويندي، اتي سنوار ڪندي، رشتن ناتن جي سڃاڻپ رکندي. اٿڻي ويهڻيءَ کان واقف هوندي، ته ڪير به مٿس آڱر نه کڻندو. هڪ پڙهيل نياڻي هڪ بهترين ڌيءَ ٿي سگهي ٿي ته وري هڪ بيمثال ننهن به ٿي سگهي ٿي. اولاد جي ڄمڻ کانپوءِ هڪ بهترين ماءُ جو روپ ڌاري ٿي ته پنهنجي وَر سان به هر مشڪل ۾ ساٿ ڏيئي سگهي ٿي.

سنڌ جي نياڻيءَ جي تعليم ۾ پٺتي پوڻ جو وڏو ڪارڻ اسان جو سماج آهي. سماج جا ٺهيل اهي صديون پراڻا اصول آهن، جن جي قيد ۾ سڀ کان پهريون اسان جي نياڻي قيد آهي. خدارا پنهنجين ريتن رسمن جو پراڻو ڪوٽ لاهي ڦٽو ڪريو. وقت ايڪهين صديءَ ڏانهن ڊوڙي رهيو آهي، انهيءَ ڊوڙ ۾ شامل ٿيو، پنهنجين نياڻين کي تعليم ڏياريو، گهر سنواريو، پنهنجو وطن سنواريو، سٺيون ڊاڪٽرياڻيون، ماسترياڻيون، انجنيئر، تعليم کاتي جون ماهرياڻيون، سائنس جون ڄاڻو نياڻيون ئي اسان جي ضرورت آهن. هو ڏسو، باک ڦٽي پئي، هڪ نياڻي ”روشن تارا“ اسڪول ڏانهن پئي وڃي.... تارا جرڪن پيا ۽ جڳ کي جرڪائين پيا!

 

 زهرا اسير

سزا

هن دنيا کي هڪ جَرَ- ڦوٽو چيو ويو آهي. سڄيءَ دنيا جا شاعر، عالم، فيلسوف، سڀ جا سڀ، هن دنيا ۾ رهندي به، عيش خوشيون ڪندي به، هن دنيا کي هڪ رُڃَ ظاهر ڪرڻ ۾ نُنهن- چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيا آهن ۽ ان جي فاني هجڻ جو فلسفو ائين پيش ڪري رهيا آهن، جيئن رڌڻي ۾ ويٺل پوڙهي ماءُ مسور جي اُٻاريل دال جي ديڳڙيءَ ۾ ڇونڪاٽ سان ٿوم جو داڳ ڏيئي، مٿان ڍڪ ڏيئي ڇڏي.

هُو زماني جي طوفانن کان اسان کي ائين ٿا آگاهه ڪن، ڄڻ گل ۽ بلبل جي حوالن وارا غزل ٻڌائي رهيا هجن. پر اهي ماڻهو، جن کي مهربان خدا هلندي وقت سندن عقل ۽ بصيرت، دانائي ۽ بينائيءَ جا ليسن نوان ڪري ڏنا، سي طوفانن ۽ مصيبتن کي پري کان ئي سڃاڻي ويا ته اهي رُڃن پويان ڊوڙڻ ۽ فاني هجڻ واري فلسفي ۾ ڦاسڻ کان اڳ ئي ٽپڙ گول ڪري رمندا رهيا پر اتي پهچي به هنن اسان کي ڪا خبر چار ڪانه ڏني ته سفر ڪيئن ڪٽيو. اسان جيڪو نڪرڻ وقت جنت جو دروازو کليو ڇڏيو هو، اهو هنن کي کليو ئي مليو يا نه؟ ڇا، اتي اڃا به دائمي بهار واري اُها گلابي شام باقي آهي، جڏهن اسان فقط ڪڻڪ جو داڻو کائڻ لاءِ اتان نڪرڻ گوارا ڪيو هو، ها، هي سڀڪجهه تڏهن ٿيو هو، جڏهن باهه مان بڻيل فرشتا اسان جي قدمن ۾ جهڪيا هئا. هنن بس ٿورو ڪنڌ مٿي کڻي، ٽيڏيءَ اک سان اسان کي حيرانيءَ سان ڏٺو هو. هيڏي وڏي نافرماني! سندن منهن تي اِهو نٿي پيو ته جن جي مهندان کين سر جهڪائڻ جو حڪم مليل هو، انهن تي ڪا تنقيد ڪن يا ڇوهه ڇنڊين، جڏهن ته اسان جي اها فقط ننڍڙي غلطي هئي، جنهن کانپوءِ ڪيئن وڏا وڏا گناهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وياسين. هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيندا، تتل سج جي اُس ۾ اچي بيٺاسين، پر ڪاڙهي جي سخت تپش ۾ به جنت جي انهن ننڍڙن ڏيئڙن کي نه وساريو اٿئون، جن جي هلڪي هلڪي ٿڌي ٿڌي ڪوساڻ اسان جي روحن کي قيد ڪندي هئي. ڇا، اهي، ڏيئڙا اڃا به ساڳيءَ طرح هُجرن ۾ ٽمڪي رهيا آهن، جيئن اسين انهن کي ٻرندو ڇڏي آيا هئاسين؟ يا هوائن ۾ ڀَڙڪي اُجهامي ويا؟

ماکيءَ جي ڪٽورن ۽ ميون جي ٿالهين سان ڀريل شام، رات ۾ ته نه بدلجي ويئي آهي، جن مان اسان فقط لپ کن داڻا کنيا هئا. ڇا، خلوص ۽ محبت جون ديويون ۽ اپسرائون اڃا به اڇا پهراڻ پائي چُنيون لهرائي، ٻانهون کولي، اسان جون منتظر آهن، يا هِتي جي محبت وانگر ڪٿي هنن به مردن کي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي سوگهو ته نه جهليو آهي؟ يا، مردن، چوٽيءَ ۾ هٿ وجهي، هنن کي اُس ۾ اُڀو ڪري ته نه بيهاريو آهي؟ ٿي سگهي ٿو، اتي جي محبت ساڳيءَ طرح ٻانهون ڦهلائي بيٺي هجي. هاڻ اتي نيڪين جون تختيون کتل هونديون....

ڀلا، جنت جو دربان پوڙهو ته نه ٿي ويو آهي؟ متان اسين پهچون ته هو چيلهه تي هٿ ڏيئي پنهنجي جواني ڳولڻ ۾ پورو هجي ۽ اسين کيس سندس جواني ڳولائيندي ڳولائيندي پاڻ به پوڙها ٿي وڃون!

اسين، جيڪي هتي اچڻ لاءِ ايتري قدر بيچين هئاسين جو فقط ڪڻڪ جي داڻي جو بهانو بنائي هليا آياسين. هاڻ نگاهن ۾ رچيل ساڳي بهار ڳولڻ لاءِ گس پنڌ نڪري پئون ٿا، ۽ سڪل ٺوٺ ٿيل چپ کير جي تراوت لاءِ کوليون ٿا. پر پهرئين ئي ڍڪ سان تاڪ لڳيو وڃن. گهاٽو، اُگرو رت نڙيءَ کي اهڙو ڪڙو ڪريو ڇڏي جو ٿڪون ڇڏڻ، الٽيون ڪرڻ کانپوءِ به نڙيءَ تان ڪڙاڻ نٿي لهي.

ماڻهن جي هن اجهاڳ سمنڊ ۾، آدم جي ڪهڙي اهڙي اولاد کي ڳوليندي سال صدين ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، جنهن کي ملائڪن اسان جي سامهون سجدو ڪيو هو. هاڻي ته ننڍپڻ کان ويساهه ۾ ويٺل انهن ڳالهين تان به ايمان کڄندو وڃي ته منڪر ۽ نڪير، نيڪيءَ ۽ بديءَ جا فرشتا، اسان سان گڏ آهن. يا ائين ٿيو آهي ته نيڪيءَ جو فرشتو، ڪم نه هجڻ ڪري، واندڪائيءَ کان بور ٿي خالي رجسٽر کڻي هليو ويو آهي. ۽ بديءَ جو فرشتو، ڪم جي گهڻائي سبب دفتر ڀرجڻ کان تنگ اچي، آرام جي موڪل تي هليو ويو آهي. هاڻي، ان ڪري اسان کي نيڪيءَ ۽ بديءَ ۾ تميز ڪرڻ به ڏکي پيئي لڳي. جيتوڻيڪ پاڻ پروردگار اسان کي نيڪيءَ ۽ بديءَ کان واقف ڪري ئي موڪليو هو، پر اسان جي گناهن جي ڌوڙ ايتري ۽ ڪجهه اهڙيءَ طرح اُڏاڻي جو سڀ رستا ئي گم ٿي ويا آهن.

ان ڳالهه کي ته اسين پاڻ نٿا سمجهي سگهون ته اسين جڏهن رضا خوشيءَ سان هُتان نڪري هليا آياسين ته پوءِ ساڳيون، اتي جهڙيون بهارون ۽ مزا وٺڻ لاءِ ايترا بيقرار ڇو آهيون؟ ڇا، اسان کي ذرو به ڊپ ڪونه ٿو ٿئي ته ممڪن آهي، ساڳئي يا ان کان به وڌيڪ وڏي غلطي ٻيهر ٿي وڃي! پوءِ ڇو نه اسين هڪ ئي نافرمانيءَ جو مزو چکي وٺون، انهيءَ باهه جي سزا ڀوڳي وٺون، جنهن کي خدا پنهنجي انصاف جي ٿڌاڻ بخشي ٻاريو هوندو. اڻڏٺي خدا وانگر، يقين ڪرڻ گهرجي ته اها باهه جيڪا اسان ٻن پٿرن کي گسائي پاڻ لاءِ پاڻ ٻاري آهي، انهيءَ جي مقابلي ۾ هُوءَ باهه گهٽ ئي ساڙيندي.

جيئن مٺي ماءُ مار ڪڍي، بُت تي نشان ته وجهي ڇڏي پر روح کي هڪڙي تسڪين به ملي، آٿت به اچي ۽ ڏوهه ۽ غلطيءَ جو بار هلڪو ٿيو وڃي، بلڪل ساڳيءَ طرح اسان جي ايترين نافرمانين ۽ سرڪشين جي باوجود، اسان جي خدا ڪو به خوشين جو وڻ ڪنهن اهڙيءَ خاص جڳهه تي ڪونه لڳايو جو جنهن کي به اچي، ڇاڻي، ڌُوڻي ۽ موجون ماڻي؛ پر هن جون رحمتون ته جڳهه جڳهه، هر هڪ جي اڱڻ ۾ لهن ٿيون. ڪنهن کي ڪا خبر نٿي پوي ته مٿس رحمتون ڪيئن ٿينديون بس، جهوليون آهن، جي کليل  اڱڻن وانگر ڦهليل آهن ۽ هو ڀريندو وڃي. سندس فرشتا، جن کي ڪجهه ڪُڇڻ جي به مجال ڪانهي، سوچيندا رهن ٿا. هي جيڪو هنن جو پيءُ ناهي، نڪي هنن جي ماءُ- هن جو ڪو اولاد  ڪونهي. نڪو هي ڪنهن جو اولاد آهي، ته پوءِ هي پنهنجي انهن نافرمان بندن سان ڪهڙي محبت ڪرڻ ٿو چاهي؟ ايترو گهڻو چاهڻ جي باوجود، هي مٽيءَ جو پتلو خطائن تي خطائون ڪندو وڃي ۽ بيخوف سندس نانءُ جا ڪوڙا قسم ٿو کڻي! ۽ هيءَ ڪهڙي محبت آهي جو ايترو ڪجهه ٿي وڃڻ جي باوجود- ايستائين جو ويندي پنهنجو محبوب، پنهنجو حبيب انهن ماڻهن منجهان پيدا ڪري سڌو رستو ڏيکارڻ لاءِ موڪليائين ته اوهين رستن ۾ وڃائجي ويا آهيو، منهنجي محبوب جو هٿ جهليو مون ڏانهن اچو ۽ هنن ان محبوب هستيءَ کي به تڪليفون ڏنيون، هن پنهنجيءَ رحمت کي نه روڪيو.

ڇا، هو هنن کي سزائون نٿي ڏيئي سگهيو؟ ها بيشڪ، پر تڏهن به هن جون رحمتون، بي حساب وسنديون رهيون، گلن جي پنکڙين وانگر ۽ هي ناشڪرا خوب کان خوب تر جي تلاش ۾، خدا جي انهن رحمتن کان پٺيرا، انڌ جي گهوڙي تي سوار! ڀلا ڪو وقت پيو ته هڪ اڌ سجدو، سو به ائين جو ڌيان گهر ڏانهن يا دنيا ڏانهن!

پر خدا جي محبت تي به حيرت اهي؛ هزارين سالن کان جيڪي فرشتا عبادت ڪري رهيا آهن. انهن مان هڪڙي رڳو ايتري غلطي ڪئي جو فقط سندس بندي کي سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪيائين ته هن انهيءَ لاءِ ايتري ڊگهي سزا تجويز ڪئي، جنهن جو انت ئي ڪونهي. پوءِ جيڪڏهن هن جو هڪڙو به بندو رڳو ڪو سجدو ٿو ڪري وٺي، آه ڪري روئي ۽ ٻاڏائي ٿو ته خدا پاڻ ستن آسمانن تي ويٺو مُرڪي، رحمت جوش ۾ ٿي اچي، هو ايترو ويجهو ٿو اچي ڄڻ اچيو دل ۾ ويهي، ته ڇا پوءِ سندس گناهگار بندو ان کان توقع ڪندو ته خدا هن لاءِ دوزخ ۾ ڪو هڪڙو به اڱار ٻاريو هوندو؟ هي نادان ته سمجهي ويٺو  آهي ته شايد کيس جنت مان ڪڍي خدا خود اداس ٿي ويو آهي! ۽ پنهنجو جلال وساري، پنهنجيءَ ڪريميءَ تي لهي آيو آهي!

اهي ماڻهو، جيڪي اسان کان اڳي هليا ويا آهن، اسان کي اطلاع ڏيندا ته جنت جا دروازا اوهين جيئن کليل ڇڏي ويا آهيو، ائين جو ائين اوهان جي انتظار ۾ کليا پيا آهن. پر اسين انهن کان هاڻ اهو پڇنداسين ته خدا وٽ انصاف زياده آهي يا رحم؟ ڇو ته ظلم ۽ قهر ۽ جلال ته اسين ايندي ايندي سڀ جو سڀ پاڻ سان کڻي آيا هئاسين. گناهن جي هڙ ته اسان ان مان ئي ٻڌي آهي. پر نه معلوم ڇو، اسان کي اتان ڪو جواب ئي نٿو ملي ته ڪو خدا اسان لاءِ الاهي سارو انصاف رکي ڇڏيو آهي. پڪ پيا سمجهون ته هو پنهنجي رحم ۽ ڪرم تي لهي ايندو. ته پوءِ اسين به هلڻ جون تياريون ڪريون! هُتي ته اڃا تائين اهو آهي، جيڪو اسان پاڻ چاهيو آهي. اُتي خدا به هوندو، سندس محبت به هوندي، پر اسان کي ته ٻيو ڪجهه به ياد ڪونهي بس، رڳو اِهو ته شل جنت جو دروازو کليل ملي!

پر گناهن، غلطين، نافرمانين جي هيڏي ساري هڙ ڪٿي ڇڏي وڃون؟ ڇو ته اها ئي هڪڙي چيز آهي، جيڪا اسان وٽ آهي، جيڪا اسان جا عزيز، مائٽ، دوست يار ڪير به وٺڻ لاءِ تيار ناهن.

.....ته پوءِ هلون ٿا، پر هي فيصلو اڃا نه ڪيو اٿئون ته کانئس انصاف گهرون يا سندس رحيمي ڪريمي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com