حسين مسرت شاهه
اڙي دل، اڙي دل....
هڪ شيءِ جا کوڙ سارا نالا ۽ تشبيهون، تمام گهٽ ٻڌڻ ۾ اينديون
آهن. پاڻيءَ جي ڦوٽي وانگر نازڪ، شيشي وانگر صاف،
سمنڊ جيان وشال، پٿر جيان سخت، دريا جي لهرن جيان
بيچين، آڪاش جيان چُپ، ماڻهن جي انبوهه ۾ هيڪل
وياڪل ته ڪڏهن هيڪلائيءَ ۾ انجمن: ڪيڏا نه روپ
اٿئي! تنهنجي موسمن جي پيشنگوئي ڪري نٿي سگهجي ته
ڪڏهن خوش هوندينءَ ۽ ڪڏهن رنج.
تنهنجو داستان ته کُٽڻ وارو آهي ئي ڪونه، ڇو ته تنهنجا روپ انيڪ
آهن، ڪنهن تي لکجي؟ آهين ته مُٺ جيتري، پر ڪيڏي نه
همٿ ۽ حوصلي واري ماڻهوءَ کي ڦٿڪايو ڇڏين ۽ وري
انسان ڪڏهن پنهنجيءَ تي وري ته توکي به چيچلايو
ڇڏي. توکي لڳل گهائن جو نه ويڄ نه طبيب. ڪڏهن
نماڻيون نهارون ٿيون گهائل ڪن، ته ڪڏهن بي نيازي
ٿي ماري. ڪا صورت وڻي ته چنچل ٻار جيان، ان کي
حاصل ڪرڻ ڪاڻ، انسان جي عزت ۽ ناموس، سماج جا
قاعدا ۽ قانون، مت ۽ شرم، ڊپ ۽ سختي-
سڀني کي لِيڪ! عجب سانگ آهن، تنهنجا،
دلڙي! هڪ صورت پٺيان، هر ڳالهه وساريو ڇڏين! هر پل
ان جي ئي تات. ان حالت ۾ اکين کي رت رئاڙين، دماغ
توائي ڪرين ۽ رڳ رڳ ۾ ويراڳ وَسايو ڇڏين. پل پل ۾
ڪيڏا پُور ٿا پونئي!
ڪٿي حاڪم آهين ته ڪٿي محڪوم، ڪٿي ظالم ته ڪٿي مظلوم، ڪٿي دوکو
ڏيندڙ ته ڪٿي دوکو کائيندڙ. صبر سان سڀ سور سهين
ٿي. جبر ۽ ڏاڍ خلاف ٻڙڪ به نٿي ٻولين. خاموش ڇو
آهين؟ صرف ساهه کڻڻ ته زندگي ڪانهي. پنهنجيءَ بقا
۽ سڃاڻپ لاءِ توکي ڳالهائڻو ئي پوندو. ڪڇين ڇو
نٿي؟ ايڏي سهپ ڪٿان آندي اٿئي؟ انسان جي عملن جي
سزا توکي ڇو ٿي ملي؟ ڌڪجي انسان، ڦَٽ توتي ٿا ٿين.
انسان جا زخم ته ڇٽيو وڃن، پر تنهنجا ڦٽ چِڪندا ٿا
رهن. توتي لکيل لفظ ۽ ٺهيل تصويرون اڻمٽ ڇو آهن؟
تون ته پيار جو مرڪز آهين. خلوص، وفا ۽ قربانيءَ
جا درياءَ تو ۾ ٿا وهن. نفرت جي طوفانن کي به منهن
توکي ئي ڏيڻو ٿو پوي.
شايد ڌڻيءَ تنهنجي ڄڀ اهڙي بنائي آهي جو تون ڏوراپا ڏيئي نٿي
سگهين. خبر نه آهي ته اها خاموشيءَ جي سزا ڪيترو
عرصو ڀوڳيندينءَ؟ في الحال ته اهو راز تنهنجي ۽
ڌڻيءَ جي وچ ۾ آهي.
دنيا ته توکي خوش ڏسي نٿي سگهي. دنيا جي ڀوَ کان تون پنهنجيءَ
هر ڪامنا جو قتل ٿي ڪرين. هر ارمان پنهنجي وشال
سيني ۾ دفن ڪري ٿي ڇڏين. اڙي دل، ڇا ان دنيا کي دل
ڪانهي، خواهشون ۽ خواب ڪين آهن؟ ڇا، تون پنهنجيءَ
آزاديءَ، خوشيءَ، اطمينان ۽ بيخوف زندگيءَ جا سپنا
نه ڏسندي آهين؟ يا تون ايتري بيحس ٿي چڪي آهين جو
ڪا خواهش ڪرڻ به ڇڏي ڏني اٿئي؟
اڙي دل، مون سان ته پنهنجا سُور سَل! آخر اهو ڏينهن ايندو، جڏهن
تون خوف جي زنجيرن کان آزاد هڪ پکيءَ جيان مطمئن
زندگي گذاريندينءَ پر، اِن لاءِ شرط تنهنجي همٿ
آهي! .... ڇا پئي سوچين، دل؟ جواب ڏي؟ خاموش ڇو
آهين؟ اڙي دل، اڙي دل!.....*
نور محمد جويو قسط 5
(عطا محمد عطائي)
آتم ڪهاڻي
22 نومبر 1976ع تي سيشن ڪورٽ نمبر 5 ڪراچيءَ جي جج جناب
عبدالعزيز ميمڻ صاحب قلم 302 جي ڪيس مان بفضل خدا
مون کي باعزت آزاد ڪري ڇڏيو. درحقيقت مان ان مقدمي
۾ بلڪل بي قصور هئس، مون سان جيڪو واقعو ٿيو آهي،
اهو هڪ عجيب قسم جو واقعو آهي. ۽ مان خدا تعاليٰ
کي حاضر ناظر ڄاڻي هي داستان بيان ڪري رهيو آهيان،
مون سان جيڪو ظلم ٿيو آهي. اهو شل ڪنهن سان نه ٿئي
هِن کان اڳ جو مان اُهو واقعو ۽ داستان ظلم بيان
ڪريان. ضروري ٿو سمجهان ته پڙهندڙن کي پنهنجي
متعلق ٿوري ڄاڻ ڏيان، ان بعد هن داستان کي شروع
ڪندس. مان پيشي جي لحاظ کان حڪيم: ڊينٽسٽ آهيان،
(موجوده وقت نه) ان وقت ماچيس فيڪٽري لانڍي ڪراچي
نمبر 22 ۾ عرصي 20 ورهين کان مقيم هئس. منهنجو اصل
ڳوٺ ضلع لاڙڪاڻي تعلقي قمبر علي خان ۾ آهي. ذات جي
لحاظ کان جويو خاندان سان تعلق اٿم. جيڪو حيرت
انگيز واقعو مون سان پيش آيو آهي. تنهن جو تفصيل
هن طرح آهي:
پوءِ پوڙهي چوڻ لڳي ڏٺئي پٽ، تنهنجي ڪري مون هن مڪار کي ڀڄائي
ڪڍيو. هاڻي هتي هو هرگز نٿو اچي سگهي. هاڻي مان
توسان گڏ آهيان ڪنهن قسم جو ڊپ نه ڪر، تنهنجي هر
قسم جي مدد ڪنديس. تون منهنجو آهين مان تنهنجي
آهيان. پوءِ چوڻ لڳي پٽ، ڪا ڳالهه چوان تون ڏک ته
نه ڪندين. مون چيو امڙ حڪم ڪر تون ڇا چوڻ ٿي
گهرين. پوءِ پوڙهيءَ چيو پٽ پهرين وعدو ڪر، پوءِ
ڳالهه مڃيندس. تون حڪم ڪر ڇا ٿي چوڻ چاهين. بي
اوني ٿي چئه، پوڙهي عورت وراڻيو، پٽ مان تنهنجي
هنڌ تي اچڻ ٿي چاهيان جيئن ويجهو ٿي توکي حقيقت
ٻڌايان ان لاءِ تون دل ۾ ڪوبه خوف يا خطرو نه
ڪجان. مون هن ٻڍڙي جي همدردي ڏسي بيوقوف ٿي سوچيو،
ٺيڪ آهي ائين ڪرڻ سان پوڙهيءَ جي شڪل به ڏسي
وٺندس، هينئر ته رڳو آواز پيو ٻڌان. مون کيس اجازت
ڏني ۽ چيو امڙ ڀلي اچ سدا اچ. منهنجون اکيون
ٿڌيون. پوڙهيءَ چيو ٺيڪ آهي ابا هاڻي مان تنهنجي
هنڌ طرف اچان ٿي.
مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو جو پوڙهيءَ جو پري کان ايندڙ آواز هينئر
منهنجي بستري وٽ ايندو معلوم ٿيو آهي.
صرف ايترو فرق هو جو شڪل ڏسڻ ۾ نٿي آئي، پوءِ هوءَ مون کي چوڻ
لڳي، پٽ تنهنجي آرزو آهي ته امڙ جي صورت ڏسان.
تنهن ڪري مان توکي پنهنجي شڪل ٿي ڏيکاريان، جيئن
تنهنجي اِها تمنا به ڀلي پوري ٿئي. هاڻي تون هيئن
ڪر، بي کٽڪو ڪمبل پنهنجي مٿان وجهي ڇڏ ۽ منهن ڍڪي
ڇڏ، مان پاڻهي تو وٽ ليٽي پنهنجي صورت ڏيکارينديس.
مون هڪدم مائٽن وارو ڏنل ڪمبل اوڍيو جيئن پوڙهي
چيو هو ۽ پاڻ کي لڪائي ڇڏيو، هاڻي واقعي مون کي
محسوس ٿيڻ لڳو ته هوءَ مون وٽ اندر ستل آهي. چوڻ
لڳي هاڻي اکيون کولي ڪمبل اندر ڏس جڏهن مون اکيون
کوليون ته ڇا ڏسان ته هڪ انتهائي بدصورت عورت جو
ڊڄ ڏياريندڙ ڪرخت چهرو منهنجي سامهون هو. مان خوف
وچان اُٿي ويهي رهيس. منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪڻ
لڳي ۽ مان پنهنجي رب کي ٻاڏائڻ لڳس ته، ”اي الله
مون کي هن بلا کان پناهه ۾ رک،“ اها دعا گهرڻ جي
دير هئي منهنجو خوف ويندو رهيو. ڇا ٿو ڏسان ته هن
جو اڌ چهرو اک کان ڳٽي تائين بلڪل ڪارو پر اک جو
وجود ئي ڪونه هو. ٻئي پاسي واري شڪل عورتن وانگر
هئي، مگر اک تمام وڏي ۽ ڳاڙهي. هيٺيون ڌڙ عورت
جهڙو پر حيرت جهڙي ڳالهه ته ٽنگون ٺهن نڪو جڙن.
ههڙو خوفناڪ منظر وڏي بهادر ماڻهوءَ جي مارڻ لاءِ
پڻ ڪافي هو، مگر منهنجي محبوب خدا مون کي بچائي
ورتو، جيتوڻيڪ مان خوفزده ضرور ٿيو هوس پر دل ته
مضبوط رهي.
پوءِ هن مڪار عورت کي مان چوڻ لڳس ته اي ظالم عورت ماءُ جو ڍونگ
رچائي، دوکو ڏئي، انهيءَ طرح سان ڊڄ ڏئي مون کي تو
مارڻ ٿي گهريو، هاڻي ان پوڙهائپ واري آواز کي
مٽائي نوجوان عورتن واري آواز ۾ پيار سان ورندي
ڏني ته نورمحمد تون تمام خوبصورت آهين. مان توسان
ڏاڍو پيار ڪريان ٿي. مان هن پوڙهي کي دوکو ڏيڻ جي
لاءِ توسان مصنوعي ماءُ جو پارٽ ادا ڪيو، جيئن
توکي عليحدگي ۾ ملي پنهنجي حسين ترين صورت
ڏيکاريان. مگر جيڏيءَ مهل مان تو وٽ اچي ليٽي هيس
ان وقت ان پوڙهي خبيث کي خبر پئجي ويئي ۽ جادوءَ
سان مون کي انتهائي بدصورت ڪري ڇڏيو. ورنه مون
جهڙي حسين عورت تو ڪڏهن به ڪانه ڏٺي هوندي، مان
توکي پنهنجو ديدار ضرور ڪرائينديس. نورمحمد مون کي
سخت افسوس آهي جو منهنجي ڪري تو گهڻي تڪليف سٺي
آهي، مهرباني ڪري مون کي معاف ڪري ڇڏ.
تڏهن مون کيس چيو ته ٺيڪ آهي تو جو منهنجي ماني مون کان
اُڇلارائي هئي تنهنجو مطلب تو ڄاڻي واڻي مون کي بک
وسيلي مارڻ ٿي گهريو، جنهن تي هن عورت چيو ته
واقعي پوڙهي خبيث تنهنجي مانيءَ ۾ جنتر ذريعي زهر
وڌو هو، جنهن ڪري ئي مون توکي ماني کائڻ کان منع
ڪئي هئي، ڇو ته تون مون کي ڏاڍو سٺو لڳو هئين مان
توکي مارائڻ نٿي چاهيو. واقعي، جي تون ماني کائين
ها ته موقعي تي مري وڃين ها. منهنجي طرف کان توسان
سچائي هئي ڪوڙ سمجهين يا سچ مرضي وارو آهين. مون
چيو ٺيڪ آهي مان تنهنجي ڳالهه تسليم ٿو ڪريان پر
ان لاءِ توکي چٽو ثبوت ڏيڻو پوندو، تنهن تي هن
مردود چيو ته ٺيڪ آهي، مان توکي هينئر جو هينئر ان
جو ثبوت پيش ٿي ڪريان. جيئن توکي مون تي يقين ۽
ڀروسو پڪو ٿي وڃي. پوءِ هن چيو توهان رڳو دروازي
ڏي ڏسندا رهو، اوهان کي ثبوت ملي ويندو. اوچتو ڇا
ٿو ڏسان ته سبحان الله هڪ حسين و جميل خوبصورت
عورت آهي، جيڪا زيورن سان آراسته ڪيمخواب جي ڪپڙن
۾ ملبوس مون کي عجيب نظرن سان گهوري ڏسي رهي آهي.
هن جي نظرن ۾ محبت ڀريل هئي ۽ مسڪراهٽ انتهائي
دلربا هئي، نورمحمد! مون کي دل ڀري ڏسي وٺ ۽ پوءِ
ٻڌاءِ ته مان توکي ڪيئن ٿي لڳان. بي اختيار منهنجي
زبان مان نڪري ويو زينب تون بيحد حسين آهين. ڄڻ
جنت جي حور آهين، تنهنجي مسڪراهٽ منهنجي دل موهي
وڌي آهي. جواب ۾ اُها عورت چوڻ لڳي ڊاڪٽر صاحب سچ
پچين ته تو جنهن نالي سان مون کي پڪاريو آهي.
دراصل اُهو منهنجو اصلي نالو ناهي. مان هاڻي
پنهنجو صحيح نالو ٻڌايان ٿي. پوءِ عجيب نموني سان
مسڪرائيندي هن چيو ته منهنجو نالو پروين آهي، ائين
چوندي هوءَ غائب ٿي ويئي. مون کيس سڏ ڪري چرين
وانگر چيو ته اي حسين صورت آخر تون ائين اوچتو مون
کان ڇو غائب ٿي وئي آهين؟ تنهن تي هن چيو صرف ان
لاءِ ته مون تنهنجي ننڊ خراب ڪئي آهي تون وڃي آرام
ڪر وعدو ته مان توکي اُتي ملنديس.
(هلندڙ) |