سيد شاهزيب علي شاهه
بنان عنوان
امينه هڪ غريب گهر جي غريب ۽ سٻاجهڙي ڇوڪري هئي.
امينه جو پيءُ مزدور هو جنهن جون پنج ڌيئر هيون،
هو جيڪو ڪجهه به ڪمائيندو هو، ان جون ضرورتون
انهيءَ کان وڌيڪ هيون. امينه سندس وڏي ڌيءَ هئي
جنهن جي عمر 18 سال هئي ۽ هوءَ سلائي سينٽر ۾
سلائي سکندي هئي ۽ شام جو ڪپڙا سبي پنهنجو ۽
پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ڀينرن جو پيٽ ڀرڻ ۾ مدد ڪندي
هئي. سندس پيءُ صبح کان شام تائين مزدوري ڪندو هو
پر پوءِ به گهر جي پورت ڏاڍي ڏکي ٿيندي هئي، امينه
جي ماءُ پيءَ کي پنهنجن ڌيئرن جي شاديءَ جي به
ڏاڍي پريشاني هئي، انهن کي پنهنجي پيٽ جي ئي پورت
نه هئي ته هو ويچارا اڳتي لاءِ اولاد لاءِ ڇا
سوچيندا. انهن جي ئي پاڙي ۾ جمشيد نالي ڇوڪرو
رهندو هو، جنهن کي امينه تمام گهڻي وڻندي هئي، هو
روز امينه جي انتظار ۾ سلائي سينٽر جي ٻاهر بيٺو
هوندو هو ۽ امينه به هن کي ٿورو گهڻو پسند ڪندي
هئي. پر هو پنهنجي گهر وارن ۽ سماج جي ڪري هن سان
نه ڳالهائيندي هئي ۽ جمشيد ۾ به همت نه هئي تن کي
ڪجهه چئي سگهي.
امينه به هن جي اکين ۾ لکيل سوال پڙهندي هئي پر
خاموش رهندي هئي، ۽ ائين ئي وقت هلندو رهيو.
هڪ ڏينهن ڳوٺ جي وڏيري امينه جي پيءُ کي سڏايو ۽
چيائينس ته سندس ڪمدار جنهن جي هڪ زال اڳي ئي مري
ويئي هئي، ۽ پاڻ به 50 سالن جو پوڙهو هو ۽ ڪجهه
جريب ٻني به هئس ۽ هو امينه جن جي مقابلي ۾ پنهنجي
ماني مڇيءَ وارو به هو، رئيس امينه جي پيءُ کي چيو
ته ”غريب آهين، تنهنجو پيٽ ئي تنهنجي لاءِ عذاب
آهي ته تون نياڻيون ڪيئن اٿاريندين، ڪمدار توکان
ڏاج به نه وٺندو ۽ توکي 50 هزار به ڏيندو، جنهن
مان تنهنجي ٻين نياڻين جو به ڪو ڏيج ڏيپ ٿي پوندو،
تڪڙ ڪانهي پنهنجو نقصان فائدو ڏسي پوءِ فيصلو
ڪجان، آءٌ تنهنجو پنهجو آهيان تنهنجي لاءِ يا ٻين
ڳوٺ وارن لاءِ آءٌ ائين سوچيندو آهيان ڄڻ پنهنجي
اولاد لاءِ، گهر وڃي گهر واريءَ سان صلاح ڪر پوءِ
مون کي ٻڌائج.“ امينه جي پيءُ کي هڪ پاسي اها سوچ
هئي ته پنهنجي معصوم نياڻيءَ کي پنهنجي هم عمر جي
بجاءِ پنجاهه سالن جو پوڙهو ڪيئن ڏيان ته ٻئي پاسي
اها پريشاني پئي کائيندي ويس ته پنج ڌيئر هن غربت
جي عالم ۾ ڪيڏانهن ڪندس. هن زال سان صلاح ڪئي ۽
آخر اهو فيصلو ڪيائين ته هڪڙيءَ جي زندگي تباهه
ڪري ٻين چئن جي زندگي ٺهي ٿي ته ڪهڙي خراب ڳالهه
آهي. هن ”ها“ ڪري ڇڏي ۽ شادي جي تاريخ طيءِ ڪري
ڇڏي. اها خبر جڏهن جمشيد کي پئي ته هن پنهنجي محبت
جو اقرار هڪ خط ۾ لکي امينه کي سلائي سينٽر جي
دروازي تي ڏنو. امينه خط پڙهي روئي ڏنو ۽ ماٺ ڪري
گهر هلي ويئي. ۽ ماٺ ميٺ سان هڪ قربانيءَ جي دُنبي
وانگر ڪسجڻ لاءِ تيار ٿي ويئي. جمشيد جي ڀيڻ صغريٰ
جيڪا امينه سان سلائي سينٽر ۾ گڏ سلائي سکندي هئي
۽ امينه جي سهيلي به هئي، جمشيد انهيءَ کي بهاني
سان موڪليو ته ”امينه کي چئو ته هن سان شاديءَ کان
پهريان هڪ دفعو ملي، جيڪو ڀلي ئي پهريون ۽ آخري ئي
هجي.“ امينه اهو ٻڌي جمشيد جي ڀيڻ صغران کي چيو ته
”جڏهن وقت هو تڏهن جمشيد ۾ همت نه هئي، ۽ هاڻ آءٌ
پنهنجي مائٽن جي فيصلي جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي چڪي
آهيان ۽ هاڻ آءٌ نه ٿي ملي سگهان ۽ ڪجهه به نه ٿي
ڪري سگهان.“
صغران چيو ته ”امينه جيڪر جمشيد توکي پهريان چوي
ها ته تون پنهنجي مائٽن کي ان شاديءَ کان انڪار
ڪري سگهين ها.“
”انڪار ته ڪونه ڪري سگهان ها پر توکي اسان جي
معاشري جي خبر آهي ته اسان کي پنهنجي زندگيءَ لاءِ
به ڳالهائڻ جو حق نه آهي.“ امينه جي اکين ۾ لڙڪ
اچي ويا.
”امينه جڏهن تون شاديءَ کان انڪار نه ڪري سگهين ها
ته پوءِ قدرت جو ئي فيصلو سمجهي ۽ آخري دفعو ملڻ
لاءِ ها ڪري ڇڏ، ٺيڪ سڀاڻي سلائي سينٽر جي پويان
تون مون سان گڏ هلجان....“
امينه صبح جو سلائي سينٽر جو ٻڌائي گهران نڪتي ۽
صغريٰ کي به گهران وٺندي وئي. جمشيد اڳي ئي سلائي
سينٽر جي پويان بيٺل هو، جيئن امينه کي ڏٺائين ته
کيس پڇتاءُ ڏنگي رهيو هو ته آءٌ اها همت جي پهرين
ڪريان ها ته اڄ امينه منهنجي هجي ها ۽ امينه به
جمشيد کي ڏٺو ته سندس اکين مان ڳوڙها لارون ڪري
وهڻ لڳا.
”امينه توکي آءٌ دل جي گهرائين سان پسند ڪريان ٿو.
تون جيڪڏهن چاهين ته اڃا به وقت ويو ناهي، اڃا به
الاهي ڪجهه ٿي سگهي ٿو، تون چاهين ته پاڻ ٻئي گهر
ڇڏي ڪنهن ٻئي ڳوٺ يا شهر هليا هلون، جتي پاڻ کي
ڪير به نه سڃاڻيندو هجي.
پياريون سرتيون: هن ڪهاڻيءَ جو عنوان ۽ پڃاڻي
توهان کي لکي موڪلڻي آهي.
سرتيون رپورٽ
اچو ته هڪڙي پُل اَڏيون
نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج، دهلي
سنڌي اڪئڊمي ۽ سنڌي ڪائونسل هند جي اشتراڪ سان
ملهايل ”هند - پاڪ مها اُنتسو“ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ
سنڌ جي اديبن ۽ فنڪارن جي هڪ وفد 20 سيپٽمبر کان 5
آڪٽوبر تائين هندو جو دورو ڪيو.
وفد جي سرواڻي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ شاعر قمر شهباز
ڪئي. گروپ جي ٻين مکيه ميمبرن ۾ شوڪت شورو
(ڊائريڪٽر سنڌالاجي ڄام شورو)، حميد سنڌي (اڳوڻو
وائيس چانسيلر زرعي يونيورسٽي/شاهه عبداللطيف
يونيورسٽي)، پروفيسر سليم ميمڻ (چيئرمن سنڌي شعبو،
ڪراچي يونيورسٽي)، انعام الله شيخ (سيڪريٽري سنڌي
ادبي بورڊ)، ۽ عالمن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو،
حسين شاهه راشدي ۽ ڪيترائي شاعر، ليکڪ، نقاد،
صحافي ۽ آرٽسٽ - جهڙوڪ: امداد حسيني، شمشير
الحيدري، تاج بلوچ، ادل سومرو، اياز گل، احمد
سولنگي، اسحاق تنيو، اسحاق سميجو، نصرت لاشاري،
شبنم موتي، پروين راڄپر، ماهين هيسباڻي، ذوالفقار
۽ مظهر، برڪت علي، سجاد يوسف، وسند ٿري، سونيا
ڪنول، نرما ڪنول، خورشيد ڪنول ۽ ٻيا انهيءَ گروپ ۾
شامل هئا.
خير سگاليءَ لاءِ پهتل انهن سنڌي اديبن ۽ فنڪارن
15 ڏينهن هوائي جهاز، ريل رستي ۽ بسن ۾ دهليءَ کان
لکنو، ڪانپور، آگري، حيدرآباد، بئنگلور، بمبئي،
احمد آباد، اجمير ۽ جئپور شهر ڏٺا ۽ گهميا ۽ اُتي
جي سنڌي وسندين سان مليا، جيڪي ورهاڱي جي لڏپلاڻ ۾
هند هليا ويا هئا. اُتي جي سنڌين، هتي جي سنڌين کي
پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ سندن لڙڪن ۽ مرڪن سان
آجيان ڪئي.
انهن شهرن جي مڪاني تنظيمن پنهنجن مانائتن مهمانن
جي راهه ۾ پنهنجا نيڻ وڇائي ڇڏيا. انهن پرانتن
(صوبن) جي گورنرن ۽ وڏن وزيرن پاران وفد جي ميمبرن
کي روايتي پاکر پهرائي سندن آڌرڀاءُ ڪيو. هر ننڍي
وڏي شهر جي سنڌين انهن تي پنهنجي پيار، سڪ ۽ اُڪير
جي مينهن وسايو. لڙڪن ۽ مرڪن جي کين ڀيٽا ڏني. 58
سالن کان وڇڙيل سنڌين جي ملڻ جو عجيب منظر هو! ان
منظر کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. بس لطيف
سائينءَ جو هي بيت ئي هانوَ تي هري آيو آهي:
آيا آس ٿيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾،
پسي پهر پنهونءَ جي، ننهن سين نيڻ ٺريام،
گوندر وسريام، سکن شاخون مڪيون.
اهڙيءَ شاندار آجيان تي وفد پاران، قمر شهباز ۽
حميد سنڌيءَ ميزبانن جا ٿورا مڃيا. هنن چيو ته
”اسين توهان جي جنم ڀوميءَ سنڌ مان نيڪ تمنائن،
دوستيءَ ۽ امن جو پيغام کڻي آيا آهيون. اسين توهان
کي ڏاڍو ساريون ٿا ۽ دل سان توهان کي سنڌ ياترا جي
نينڍ ٿا ڏيون. اتي اسين توهان کي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ لاءِ
آتا آهيون.“
وڏن هالن، آڊيٽوريمز ۽ ٿئيٽر هالن ۾ تر ڇٽڻ جي
جاءِ نه هئي. انهن شهرن جا سنڌي پنهنجي پوري ڪٽنب
سان سنڌ مان آيل پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڏسڻ ۽
ٻڌڻ آيا هئا ۽ انهن تاڙيون وڄائي قمر شهباز ۽ حميد
سنڌيءَ جي لفظن جي آجيان ڪئي.
سريش ڪيسواڻي، جيڪو انهن ٽنهي سنسٿائن پاران
ميزبان هو ۽ انهيءَ سڄي سفر ۾ وفد سان شريڪ هو،
تنهن چيو ته: ”سرحد جي هن پار ۽ هن پار جا سنڌي
ڀائر آهن ۽ دوستيءَ، امن، خير سگاليءَ جا سفير
آهن.
”هند - پاڪ مها اتسو“ ۾ سنڌ مان آيل فنڪارن شاهه،
سچل ۽ جديد شاعرن جا ڪلام ڳائي هر هنڌ محفلن کي
گرمايو. سنت ڪنوررام جو آواز به ڄڻ زندهه ٿي ويو،
جڏهن انهن فنڪارن سنت ڪنوررام جا ڪلام ڳايا -
ساڳئي وقت انهن فنڪارن ڌمال (دمادم مست قلندر)،
جهولي لال، جمالو ڳائي سامعين کي مست ڪري ڇڏيو.
ماهين هيسباڻيءَ ۽ نصرت لاشاريءَ جي ڪمپيئرنگ سون
تي سهاڳي وارو ڪم ڪيو ۽ اهي پروگرام سنڌ ٽي. وي
تان ٽيليڪاسٽ به ڪيا ويا. انيلا سندر ”جاڳ سنڌي“
جو ٽيبلو پيش ڪيو. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي مقالا
پڙهيا ويا ۽ مشاعرا ڪيا ويا. اُما لالا ۽ دشينت
ڪمار به انهن موقعن تي پنهنجي آواز جو جادو
جاڳايو.
دهليءَ جي چيف منسٽر شيلا ڊڪشٽ وفد جي مانَ ۾ ڊنر
ڏني ۽ 4 آڪٽوبر تي ڀارت جي وزيراعظم شري من موهن
سنگهه سنڌ مان آيل وفد سان ملاقات ڪئي.
وفد جي ميمبرن محبت جو عظيم يادگار تاج محل به ڏٺو
۽ اجمير شريف ۾ خواجه معين الدين چشتيءَ جي درگاهه
تي حاضري ڀري ننڍي کنڊ ۾ امن، پيار، دوستيءَ ۽
خوشحاليءَ لاءِ دعا گهري.
مايا راهي
اِسترين جو ڏينهن
اَنتر راشٽريه
اِسترين جو ڏينهن،
اَٺين مارچ
دُنيا ڀر ۾
ملهايو ويندو آهي
ليکو چوکو ڪرڻ لاءِ
ته،
سال سڄي ۾
عورتن مٿان
ظلم ڪيترا ٿيا؟
ڪيترين معصوم،
نياڻين جو ريپ ٿيو
ڪيتريون
مينديءَ رتل
هٿڙن واريون
نوَ وَرنيون
بکُ ٿيون باهه جو!
هن پوري ٿيل سال جي
اَنگن اَکرن کي
ڀيٽيو ويندو
اَڳئين سال جي انگن سان
۽
عورتن مٿان ٿيندڙ
وڌندڙ، اَتياچار ڏسي
پرش،
مانگر مڇي ڳوڙها ڳاري
هڪ ڏينهن جي
همدرديءَ جو مرهم
ٽي سوَ چوهٺ
ڏينهن جي زخمن تي هڻي
وري،
مشغول ٿي ويندو
ايندڙ سال جا
اَنگ، اَکر وڌائڻ ۾!!
ارپڻ پتر
حساس دل جي
احساسن جي
ترجماني ڪندڙ
هيءُ
”احساس“
ارپيان ٿي
اُنهن اِسترين جي
دُکي دلين کي
جن جي دانهن،
اندر مان نڪري
ڪڏهن ٻاهر
چپن تي نه آئي.
جن جا ڳوڙها،
اکين جي آنچل ۾ ئي
اٽڪيا رهيا.
۽ جن
پنهنجين ئي اکين سان
پنهنجن هٿان
پنهنجي دل جي دنيا،
دونهين بنا
سدا دُکندي ڏٺي!!
تلاش
نوڪريءَ جي تلاش ۾
وڏين آفيسن جي
ننڍن ڪرمچارين جا
بي رحم ڌِڪا کائيندي
سرير جو کٿل چمپل
ڇڄي پيو آ
۽
آفيسن بدران
مون
اسپتالن جا
ڌڪا کائڻ
شروع ڪيا آهن
جيئن ڪو
سڙيل زندگيءَ کي
صحت جي چتي هڻي ڏي
۽ مان
چئن ڏينهن جي زندگي
اَٺ ڏينهن جي سگهان
۽
نه ملندڙ اُن
نوڪريءَ جي تلاش ۾
وري ڀٽڪي سگهان.
مُڙدا گهر
مُڙدا گهر ۾
وقت ڏاڍو مزي ۾ گذريو
ٽرين هيٺان آيل عورت
پنهنجي ڌڙ سان
گم ٿيل سسيءَ ۾
نڪ جي ڦلي،
ڪنن جا والا،
۽ گلي جو منگل سُوتر
ڳولهيندي رهي!
آپگهات ڪري آيل
بيروزگار نوجوانُ
پنهنجيءَ زال لاءِ هڪ زيور
پُٽ لاءِ هڪ سائيڪل
۽ ڌيءَ لاءِ
هڪ ئي گُڏي
هر هر خريد ڪندو رهيو!
لمبي بيماريءَ ۾
مَري آيل هڪ مريضُ
ٻين مريضن کان
صحت جو حال پڇندو رهيو
۽ کين مُفيد نُسخا ڏسيندو رهيو!
هڪ لاوارث نيتا
وِڃايل ڪرسيءَ تي ويهي
تقرير تي تقرير
۽ انجام تي انجام ڪندو رهيو!
ڪيڏو نه ڪُوڙ چيو ويو آهي!
ته مُئي کان پوءِ
اِنسان ڪجهه نٿو کڻي وڃي!
نجمه نور ڦلپوٽو
8 - مارچ جي حوالي سان
اي عورت غمگين نه ٿي
تون حُرمت آن، تون عزت آن،
تون هِمت جرئت عظمت آن،
تون رَحمت راحت اُلفت آن،
تون نئڙت حُجت هشمت آن،
تون شمع شرافت شفقت آن،
تون جيون جوت جي وُسعت آن،
تون ظرف جي زينت نصرت آن،
تون جيون جي عين علامت آن،
تون ساڃه جي صاف صداقت آن،
اي عورت غمگين نه ٿي!
تون دوکي جي ديوار نه آن،
تون ڦوٽ ڀري ڦٽڪار نه آن،
تون تيز تجل تلوار نه آن،
تون ڏوهه نه آن، ڏهڪار نه آن،
ڏس قدرت جو شاهڪار آن تون،
سرهاڻ آن تون سينگار آن تون،
ساوڪ جي آن سوالي تون،
ڦلواڙيءَ جي آن مالهي تون،
اي عورت غمگين نه ٿي!
ڪو تنهنجو ٻاڙو ٻول نه آ،
تنهنجي سِڪَ وِکَ ۾ جهول نه آ،
تنهنجو دم خالي خول نه آ،
تنهنجي هٿ ۾ ڪشڪول نه آ،
تو ڌاران ٿئي گهر خالي،
توسان ٿئي وَرُ خالي،
رَسُ چَسُ تنهنجي احساس ۾ آ،
پيار ئي پيار تنهنجي پياس ۾ آ،
سڪ سونهن جي ساک سراسر آن،
اونده ۾ ”نور“ برابر آن،
اي عورت غمگين نه ٿي!
حوا جي ڌيءَ توتي سلام
تون خاص آن، تون خاص آن،
هر جنم جو وشواس آن،
جنت جي آن رکوال تون،
فرعون لاءِ پاتال تون،
مريم جو آهين مثال تون،
قدرت جو آهين ڪمال تون،
خالي ناهي حال تون،
هر جڳ جي آهين ڍال تون،
خالق جو خاص خيال تون،
زينب جو جوش جلال تون،
تومان ٿيا پيدا امام،
حوا جي ڌيءَ توتي سلام!
حوا جي ڌيءَ توتي سلام!
امڙ جي نالي
منهنجي مٺڙي امڙ منهنجو تون مانُ آن،
منهنجي هستيءَ جو باعث ۽ احسانُ آن.
منهنجي ممتا آن تون منهنجي مايان آن تون،
منهنجي ڪايا آن تون منهنجي ڇايا آن تون،
تون ئي منهنجو جياپو ۽ جندِ جان آن.
منهنجي چنتا آ تون، منهنجي سيوا آ تون،
منهنجي پوڄا آ تون منهنجي آشا آن تون،
ساهه جو سُک ، سُڪُون، منهنجي ڌَنوان آن.
منهنجي مسجد آن تون، منهنجو مندر آن تون،
منهنجو دين ۽ ڌرم دل جو دفتر آن تون،
مون لئه تون ئي هدايت جو فرمانُ آن.
تنهنجي دم سان ئي منهنجي حياتي هئي،
تنهنجي دم سان ئي دنيا سڃاتي هئي،
هائو منهنجي اُمنگن جو ارمانُ آن.
توسان ئي هو سَڦل، زندگيءَ جو سفر،
تو بنان مون لئه سنسان آهي شهر،
پوءِ به يادن ۾ هر دُکَ جو درمانُ آن.
تون هئينءَ مون لئه خوشبو جو ڀنڊار ڄڻُ،
تون سرهيون هيون ساعتون سڀ سڄڻ،
مون لئه هاڻي به منهنجو گلستان آن.
جيئن دعا لاءِ دامن ٿي ڦهلايو تو،
تئن ٿي نازل ٿيو رب جو راضپو،
اڄ به مون لئه دعائن جو تون دانُ آن.
مان وڌي باغ تنهنجي دعا سان ٿيم،
شاد آباد لطف و عطا سان ٿيم،
تون ئي منهنجي مٺي آن ۽ شان آن.
تون بنان هي حياتي اڌوري ئي آ،
جهوري آهي جياپو، امڙ! تو سوا،
ڀانيان منهنجي ڏکڻ کان پريشان آن.
تون ڇڏي هي جهان، وئي آن جاڏي اَلا!
”نور“ پنهنجي کي تاڏي خدارا گهراءِ،
ڪر دعا دل سان، جهڙي مهربان آن.
|