فيچر: ثمينه ميمڻ
چلهه تي ڪچهري
تازو تاريخ 2006/1/28 تي شام ڌاري سنڌالاجيءَ جي
خوبصورت لان ۾ جنهن ۾ وچ تي باهه جو مچ ٻاريو ويو
۽ چوڌاري عورتون ويٺل هيون، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم،
انسٽيٽيوٽ آف وومين ڊولپمينٽ اسٽڊيز طرفان پهريون
ڀيرو عورتن لاءِ ”چلهه تي ڪچهري“ جو پروگرام رٿيو
ويو هو. هن پروگرام جي صدارت آپا مريم نوحاڻي جن
ڪئي ۽ خاص مهمان آپا اختر جبين صديقي جن هيون.
پروگرام جي شروعات زاهده بنگش نعت پڙهڻ سان ڪئي.
ڊاڪٽر پروين شاهه سڀني کي ڀليڪار ڪئي ۽ ”چلهه تي
ڪچهري“ پروگرام تي روشني وڌي. آپا مريم نوحاڻيءَ ۽
خاص مهمان آپا اختر جبين کي چنيون اوڍايون ويون.
اُن کان ڊاڪٽر پروين شاهه چيو ته هيءَ اسان جي
ننڍڙي ڪوشش آهي ته اسان جون ڀينرون هڪ هنڌ گڏ ٿين
۽ هڪٻئي سان ويچار ونڊين. ”علم سوجهرو اسڪول قاسم
آباد“ جي ٻارڙن تمام سهڻو ٽيبلو پيش ڪيو.
ان کان پوءِ محفل جي صدر آپا مريم هن پروگرام جي
باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته آءٌ شڪر گذار آهيان ادا
عثمان منگيءَ، شوڪت شوري ۽ ڊاڪٽر پروين شاهه جي،
جن مون کي مانُ ڏنو. اڄ منهنجي دل خوشيءَ سان
سرشار آهي، جتي نياڻيون پنهنجي تهذيب، ثقافت جي
اظهار لاءِ شريڪ ٿيون آهن. جسُ لهڻن اُهي سڀ
تنظيمون جن اڄ اِهو سوچيو آهي ته پنهنجي تهذيب،
ثقافت کي اجاگر ڪرڻو آهي. اُهي قومون لازوال آهن،
جن جي دلين ۾ ثقافت لاءِ پيار آهي. هيءَ ڪچهري
حقيقت آهي، معاشري جو اظهار آهي. هتي سڀ نياڻيون
شعور واريون آهن. اُهي رڌين ٿيون، ڀرين ٿيون، ڳيچ
ڳائن ٿيون، اهڙو مثال ٻئي هنڌ گهٽ ملي ٿو.
آپا عزيز چنا انهيءَ ڪچهري کي وڌائيندي چيو ته
اسان جي گهرن ۾ ائين ئي مچ ٻرندو هو. اسان جي
امان، ناني، سوٽ، سوٽيون سڀ چوڌاري ويٺا هوندا
هئاسين. اسان جي گفتگو گهڻو ڪري مذهب ۽ ادب تي
هوندي هئي. ٽوٽڪا به هڪٻئي کي ٻڌائبا هئا، ڀرتن
جون ڳالهيون به ڪبيون هيون.
آپا سڪينه پڻ اها ئي ڳالهه ڪئي ته جيئن عزيز
ٻڌايو ته اسان جي گهرن ۾ ائين ئي چلهه تي سڀ گڏجي
ويهندا هئاسين ۽ اسان جي پاڙي ۾ هڪ ڇوڪرو رهندو
هو، اُهو اسان کي الف ليليٰ جا داستان، امير حمزي
۽ چار درويش جو قصو کڻي ٻڌائيندو هو. اڳي حجاب نه
هوندو هو. هڪٻئي جي گهرن ۾ ايندا ويندا هئاسين.
رڌڻ پچائڻ جو ڪم شروع ٿيندو هو ته هڪ هنڌ گڏ
ٿينديون هيونسين، اڳ ۾ گڏيل ڪٽنب جو رواج هو،
هڪٻئي وٽ وڃي رليءَ ڪٽڻ جا مختلف نمونا هڪٻئي کي
ٻڌائيندا هئاسين.
هن ڪچهريءَ جي خاص مهمان آپا اختر جبين چيو ته،
پهرئين گڏيل ڪٽنب هوندا هئا ته اُهي ڪچهريون
ٿينديون رهنديون هيون. سڀ وڏيون آکاڻيون
ٻڌائينديون هيون. پاڙي مان ڪا دائي به اچي وئي ته
انهن کان به حڪمت بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي.
|