ڳالهه ٻولهه ڪندڙ:ڊاڪٽر سحر امداد حسيني
سيده نجمه سلطانه - هڪ استاد، هڪ منتظم - هڪ ماءُ
سان ڳالهه ٻولهه
هن جو نالو سيده نجمه سلطانه آهي. هن جو ڄم 5
جولاءِ 1948ع تي ٿيو آهي. ايم ايس سي (باٽني)
تائين پڙهي آهي ۽ هڪ ڪاليج ۾ باٽنيءَ جي پروفيسر
آهي. هن کان جڏهن پڇيم ته ”نوڪري ڪندڙ خاتون
پنهنجون گهروُ ذميواريون ڪيئن ٿي نڀائي؟“ تڏهن
چيائين ته:
** نوڪري ڪندڙ خاتون پنهنجون گهرو ذميواريون سهڻائيءَ سان
نڀائي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هوءَ وقت جو قدر قيمت
ڄاڻي ٿي. هوءَ نوڪريءَ کي گهرو زندگيءَ ۾ رنڊڪ ٿيڻ
نٿي ڏئي. هوءَ زندگيءَ ۾ سمورا ڪم وڏي ذميواريءَ
سان پورا ٿي ڪري. پنهنجي گهر، وَرَ، ٻارن ۽ ساهرن
جو خيال ٿي رکي. جيئن ته نوڪريءَ دوران زندگيءَ ۾
هيٺاهيون مٿاهيون ٿينديون رهنديون آهن ۽ هوءَ ڪم
ڪرڻ جو ڍنگ سکي ٿي وٺي ۽ پنهنجون ذميواريون
سهڻائيءَ سان نڀائيندي آهي.
* نئين پرڻيل عورت شادي شده زندگيءَ جي مسئلن کي ڪيئن ٿي
منهن ڏئي سگهي؟
** منهنجي خيال ۾ ته عقل، فهم، سمجهه، سياڻپ ۽ وڏڙن (Inlaws)جي
عزت- اسان جا سمورا مسئلا حل ڪري ٿي ڇڏي.
* هڪ سٺي استاد جون ذميواريون؟
** هڪ سٺي استاد جون انيڪ ذميواريون آهن - سماج کي سٺا فرد
ڏيڻ، سماج ۾ سٺا شاگرد پيدا ڪرڻ، برائين کي پاڙان
پٽڻ، ٻارن ۾ اخلاق، تهذيب ۽ ادب آداب پيدا ڪرڻ
وغيره.
* ڇا تعليمي ادارن ۾ سياسي عمل دخل کي صحيح
ٿيون سمجهو؟
** مان تعليمي ادارن ۾ سياست جي بلڪل خلاف آهيان.
* تعليم جي تباهيءَ جو اصل ذميوار ڪير آهي؟
** تعليم جي تباهيءَ جا اصل ذميوار ڪيترائي
عوامل آهن. جن ۾ ناڻي - واڌ، ماءُ پيءُ جو اثر
رسوخ، سفارش، رشوت ۽ قابليت کان وانجهيل ٻارن کي
سٺين مارڪن سان پاس ڪرائڻ، ناقص استادن جي ڀرتي،
استادن جو گهٽ ڌيان، گهرو تربيت جي کوٽ وغيره اچي
ٿا وڃن.
* توهين استاد به آهيو ته منتظم به. توهين
پاڻ کي ڪٿي بهتر ٿيون سمجهو؟
** مان پاڻ کي هڪ استاد جي حيثيت ۾ بهتر ٿي سمجهان.
* بيروزگاريءَ ۽ لاقانونيت کي ختم ڪرڻ لاءِ
توهان وٽ ڪهڙيون رِٿون آهن؟
** بيروزگاريءَ ۽ لاقانونيت جي خاتمي لاءِ
ضروري آهي ته اسين ايمانداريءَ سان قانون لاڳو
ڪريون.
* اوهان جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي خوشي؟
** منهنجي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي خوشي منهنجي ٻارن جو سٺو
آئيندو آهي، جيڪا هاڻي پوري ٿيڻ واري آهي. منهنجا
ٻار هاڻي آئيندي جي مرحلي جي آخري ڏاڪي تي آهن.
* اوهان جا خواب؟
** زندگي هڪ خواب آهي، جيڪو ڪڏهن پورو نه ٿو
ٿئي! زندگي رُڃ آهي، جنهن تي پاڻيءَ جو گمان ٿو
ٿئي! پر منهنجي زندگيءَ جو خواب الله جي گهر جو
ديدار آهي.
رشيده ڀٽي
ماکيءَ جي طبي نقطئه نظر کان اهميت ۽ افاديت
ماکي جنهن کي اُردوءَ ۾ ”شهد“، عربيءَ ۾ ”نحل“،
پنجابيءَ ۾ ”شهت“ ۽ انگريزيءَ ۾ (Honey)
سڏيو وڃي ٿو، تنهن جي اهميت ۽ افاديت طبي نقطئه
نظر کان تمام اهم آهي. ماکيءَ جو ذڪر قرآن شريف ۾
موجود آهي ۽ حضور صلي الله عليه وسلم جن پڻ ڪيترن
ئي موقعن تي بيشمار فائدا ٻڌايا آهن. ڪيترين ئي
حديثن مبارڪن ۾ ماکيءَ جي مک ۽ ماکيءَ جو احوال
ملي ٿو. جهڙيءَ طرح ماکيءَ جي مکِ گڏيل ”ڀائيچاري“
۽ ”حڪمت عملي“ جو بي مثال نمونو پيش ڪري ٿي ۽ محنت
۽ همت جو لازوال نمونو پيش ڪري ٿي، ساڳيءَ ريت
سندس محنتن جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ ”ماکي“ پڻ ”بي
شمار“ فائدن ڏيڻ ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. اسان سڀني
کي خبر آهي ته ماکيءَ جي مک ”ماکي“ ٺاهڻ دوران
يعني پنهنجي ماناري کي جوڙڻ دوران ڪيتري نه
جفاڪشيءَ کان ڪم وٺي ٿي ۽ پوءِ آخر ۾ اُن ”ماناري“
۾ گڏ ٿيندڙ ”ماکي“ ڪيئن نه مخلوقِ خدا لاءِ
ڪارائتو ڪم ڏئي ٿي. اِها مک هڪ طرف محنت، همت ۽
جفاڪشيءَ جو سبق ڏئي ٿي ته ٻئي طرف بني نوع انسان
لاءِ بيحد مفيد ۽ ڪارآمد ”محلول نما“ ماکي پيدا
ڪري ڏئي ٿي. ان ماکيءَ جهڙو ڪو به نعم البدل پيدا
نه ٿي سگهيو آهي.
”ماکي“ مزاج جي لحاظ کان ”گرم“ ٿيندي آهي. انڪري
گهڻي ڀاڱي سياري جي مند ۾ استعمال ڪبي آهي، پر
جيڪڏهن اسان طبي نقطئه نظر کان اڀياس ڪنداسين ته
اسان کي خبر پوندي ته ”ماکيءَ“ جو استعمال ڪيڏو نه
موثر ۽ افاديت وارو آهي. قرآن مجيد ۾ ماکيءَ جو
ذڪر سورة ”نحل“ ۽ سورة ”تحريم“ ۾ موجود آهي. سورة
”نحل“ ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته ”هن ۾ ماڻهن
لاءِ شفا آهي.“ جيڪڏهن ماکيءَ جي ”جزن“ جو جائزو
ورتو وڃي ته خبر پوندي ته هن ۾ پاڻي، گلوڪوز، ميون
جي رس (پاڻياٺ/عرق) ۽ روغني جزن سان گڏ رنگدار
مادو مليل هوندو آهي، ۽ تمام ٿوري مقدار ۾ حياتين
”ب“ يعني (Vitamin
B)
ڪمپليڪس، جا قسم پڻ موجود هوندا آهن. معدنيات
منجهان هن ۾ ايلومينيم، چن جا مرڪب، ڪلورين، ٽامو،
لوهه (فولاد)، ميگنيشيم، مئگنيز، فاسفورس،
پوٽاشيم، سوڊيم ۽ گندرف پڻ موجود هوندا آهن. هيءَ
يعني ”ماکي“، دل و دماغ، معدي ۽ جگر کي بي انتها
قوت بخشيندڙ شيءِ آهي. ماکي رت اندر ڳاڙهن جزن
يعني (Red
Cells)
۾ پڻ اضافو ڪري ٿي. اصلي خالص ماکيءَ ۾ قدرت اها
خاصيت رکي آهي ته اُن منجهه جراثيم (germs)
اندر بلڪل به داخل نٿا ٿي سگهن ۽ جيڪڏهن ڪوشش ڪندا
ته پاڻمرادو ختم ٿي ويندا. خوردبيني مشاهدي جي
دوران ان ڳالهه جي تحقيق ڪئي وئي آهي ته خالص
ماکيءَ سان 48 ڪلاڪن اندر ٽائيفائيڊ جراثيم کي ختم
ڪري سگهجي ٿو، بشرطيڪ اهو لازمي آهي ته ماکي اصلي
۽ خالص هجي. ان تحقيق جي تصديق به ڪئي وئي آهي ته
ماکي نوَن ۽ پراڻن زخمن کي ختم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڏيندي
آهي. سوڄ ۽ ورم کي پڻ زائل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي
آهي. عهدِ قديم کان وٺي عهدِ جديد تائين سڀني
سائنسدانن ماکي جي ”شفائي“ اثرات کي مڃيو (تسليم)
ڪيو آهي. نزلي ۽ زڪام واري صورت ۾ ماکيءَ جا ٻه
چمچا، اڌ ليمي جي رس سان گرم پاڻيءَ ۾ يا وري
چانهه جي پتي (قهوه) واري پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان
فوري طور تي آرام اچي ويندو آهي. اعصابي ٿڪ ٿئي ته
ان ۾ به جيڪڏهن نيم گرم پاڻيءَ ۾ ٻه چمچا ماکي
ملائي پيئبو ته فوري طور تي آرام اچي ويندو ۽
ٿڪاوٽ دور ٿي ويندي ۽ قوت بحال ٿي ويندي آهي. اڄ
ڪلهه ڪيتريون ئي بيماريون جگر جي خرابي ڪري پيدا
ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن پنهنجي روزاني غذا (خوراڪ) ۾
ماکيءَ کي شامل ڪيو وڃي ته هوند ڪيترين ئي بيمارين
کان بچاءَ ممڪن ٿي سگهي ٿو. ماکي ”گردن“ جي تڪليف
۾ به باعثِ شفا ثابت ٿي سگهي ٿي. دراصل ماکي ”دوا“
به آهي ۽ ”غذا“ به آهي. هن سان ساهه جي تنگي دُور
ٿئي ٿي ۽ بلغم کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ پڻ مدد ڏئي ٿي. حافظي
کي قوت بخشي ٿي ۽ تيز ڪري ٿي. کنگهه، فالج، لقوه،
اکين جي مختلف مرضن، ڪن جي تڪليف وغيره ۾ مددگار
ثابت ٿئي ٿي. معدي جي تڪليف هجي، توڙي زخم هجي،
خون جي خرابي هجي يا وري پيٽ ۾ ڪيڙا هجن، يرقان
هجي، يا تريءَ ۾ سوڄ هجي، دماغي مرض هجي، يا وري
هڏن جي تڪليف هجي، مونجهه ۽ اوڪارا محسوس ٿين، هر
تڪليف ۾ ماکيءَ جي استعمال کي مفيد ۽ ڪارائتو
سمجهيو وڃي ٿو.
سياري جي موسم هجي يا وري گرميءَ جي، ماکي هر موسم
۾ يڪسان مفيد آهي. سياري ۾ گرم مشروبات سان گڏي
استعمال ڪجي ۽ وري گرمين جي مند ۾ پاڻيءَ يا کير
وغيره سان گڏي استعمال ڪرڻ گهرجي.
ٽماٽو، اُن جي طبي اهميت ۽ افاديت
ٽماٽو ڪينسر ۽ هڏين جي ڪمزوريءَ کان بچاءَ جو هڪ
مؤثر ذريعو.
ڀاڄين منجهه ٽماٽي کي اهم ۽ منفرد حيثيت حاصل آهي.
ٽماٽو جهڙو ته ڏسڻ ۾ خوبصورت ۽ دلڪش آهي، اوترو ئي
طبي لحاظ کان به تمام اهم حيثيت جو حامل آهي. طبي
ماهرن جو خيال آهي ته ٽماٽو ڪيچپ کائڻ سان ڇاتين
جي ڪينسر ۽ هڏين جي ڪمزور ٿيڻ واري عمل ۾ ڪمي ٿي
سگهي ٿي. ان جو سبب ٽماٽي ۾ موجود مادو جنهن جو
نالو آهي لائيڪوپين (Lycopene)،
اِهڙو ڪيميائي مرڪب جنهن جي ڪري ٽماٽو ڳاڙهو پڻ
نظر اچي ٿو. گذريل ڪافي سالن کان هلندڙ تحقيق
دوران اها خبر پئي آهي ته جيڪي شيون ٽماٽي منجهان
ٺاهيون وڃن ٿيون، جن منجهه ”لائيڪوپين“ موجود آهي،
اُن جي واپرائڻ سان مردن منجهه پتي جي ڪينسر ۽
مثاني جي ڪينسر (سرطان) کان بچڻ (محفوظ) رهڻ جي
شرح وڌي وڃي ٿي.
گذريل ۽ موجوده تحقيقي مطالعي جي بنياد تي اِهو
چئي سگهجي ٿو ته ٽماٽي ۾ موجود لائيڪوپين مادو،
مردن ۽ عورتن، ٻنهي لاءِ فائديمند آهي.
ڪئناڊا ۾ هلندڙ تحقيق دوران معلوم ٿيو آهي ته
پنهنجي روزاني غذا ۾ ٽماٽي کي وڌ ۾ وڌ شامل ڪري،
توهان پنهنجي جسم جي هڏين کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائي
سگهو ٿا. هن تحقيق دوران ٻن قسمن جي خلين (Cells)
تي لائيڪوپين (Lycopene)
جي اثر جو جائزو ورتو ويو. هڪڙي قسم جا خليا اُهي
هئا، جيڪي هڏن جي مضبوطي کي قائم رکڻ لاءِ هوندا
آهن، جن سان هڏا سخت يعني (ٺوس) (Solid)
حالت ۾ رهي سگهندا آهن، ۽ ٻيا خليا اُهي هئا، جيڪي
اِن ٺوس پن کي گهٽائيندا آهن. هڏن جي ڪمزور ٿيڻ
واري عمل دوران ظاهر آهي ته ٻئي قسم جا خليا وڌيڪ
سرگرم ٿي ويندا آهن ۽ اُنهن جو عمل دخل وڌي ويندو
آهي. مٿين تحقيق مان معلوم ٿيو ته ”لائيڪوپين“، ان
قسم جي خلين جي ڪارڪردگيءَ کي ڪنٽرول رکي ٿي ۽
هڏين کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائي ٿي.
هڏن جي ڪمزوريءَ کي ”خاموش بيماري“ سڏيو ويندو
آهي، ڇو ته جيستائين هن بيماريءَ جو صحيح انداز
سان پتو لڳائجي، تستائين هيءَ بيماري ڪافي حد
تائين وڌي چڪي هوندي آهي. عام طور تي ان کي
”پوڙهائپ“ جي بيماري ڪري سڏيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ
حقيقت اها آهي ته هڏن جو (ٺوس پن) يعني هڏن اندر
موجود گودو جنهن کي ”مکُ“ به سڏيو وڃي ٿو، سو 35
سالن جي عمر تائين پنهنجي انتها تي پهچڻ کان پوءِ
آهستي آهستي گهٽجڻ شروع ٿي ويندو آهي. انڪري
جيڪڏهن ان عمر دوران هڏن جي (ٺوس پن) کي قائم ۽
ساڳي حالت ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪجي ته جيئن هڏن ۾ تڪڙي
ڪمزوري نه ٿئي، ان لاءِ ٽماٽي جو استعمال هڪ
بهترين غذا سان گڏ ”دوا“ مثل به ڪم ڪندو.
اڄ ڪالهه ڪئناڊا جا سائنسدان ان ڪم ۾ مشغول آهن ته
جيڪڏهن ٽماٽي جي (ستَ) منجهان جيڪڏهن گوريون (Tablets)
ٺاهيون وڃن ته هوند جيڪر، هڏن جي ڪمزوري وارن
انسانن تي ڪهڙو اثر پوندو، يعني ته مريضن ۾ ڪهڙو
فرق ايندو. هن مهل تائين سائنسدان ان نتيجي تي
پهتا آهن ته جيڪڏهن روزانو ٽماٽي جو اٺ آئونس
(عرق/جوس)، پيتو وڃي ته جسم ۾ ”لائيڪوپين“ جو
مقدار مناسب سطح تي رهندو، جيڪو ”هڏن“ کي فائدو
رسائيندو رهندو.
اها هڪ عجيب ڳالهه آهي ته اسان جو جسم تازي
”ٽماٽي“ منجهان ايتري سٺي مقدار ۾ ”لائيڪوپين“ نٿو
حاصل ڪري سگهي، جيترو وري ڪيچپ / ساس وغيره منجهان
حاصل ٿئي ٿو، يعني جذب ڪري سگهي ٿو.
مطلب هيءُ آهي ته تازي ٽماٽي جي بنسبت يعني
پروسيسڊ ٿيل ٽماٽي منجهان ”لائيڪوپين“ وڌيڪ حاصل
ٿئي ٿي، جيڪا انساني جسم جي ضرورتن کي مڪمل ڪري
ٿي.
ڪجهه عرصو پهرين ”مثاني جي ڪينسر“ متعلق ٿيل تحقيق
دوران خبر پئي ته جيڪڏهن ٽماٽي جو ڪيپ / ساس، هفتي
۾ ٻه دفعا ستعمال ڪجي ته مردن منجهه مثاني جي
ڪينسر جو خطرو هڪ حصو گهٽجي سگهي ٿو.
آمريڪا جي هڪ غذائي ماهر جي مطابق بيشڪ ٽماٽو ڪيچپ
”لائيڪوپين“ حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي.
هن جي تياريءَ جو عمل ڪجهه اهڙي نموني ٿيندو آهي
جو ”ٽماٽي“ منجهان، وڌ کان وڌ ”لائيڪوپين“ جذب ڪري
وٺندو آهي. توڙي جو صوف، هنداڻو ۽ گلابي رنگ جا
چڪوترا پڻ ”لائيڪوپين“ ۾ ڀرپور آهن، پر ”ٽماٽو“
بهترين ذريعو آهي ڇو ته ٽماٽو هڪ عام جام ملندڙ
ڀاڄيءَ طور استعمال ٿئي ٿو. ان ڪري آخر ۾ عرض آهي
ته روزاني جي کاڌن ۾ ٽماٽي سان گڏوگڏ ڪيچپ جو
استعمال به مناسب مقدار ۾ رکڻ گهرجي.
نسرين طاهر وفائي
گهريلو ڏَس
** زيور چمڪائڻ لاءِ ٽوٿ پيسٽ ۾ پاڻي ملائي
زيور سڄي رات ان ۾ ڀڄائي رکو. صبح جو ڪنهن پراڻي
ٽوٿ برش سان هلڪو رڳڙي صاف ڪيو. خاص طور تي
چانديءَ جا زيور.
** فرش کي صاف ڪرڻ کان پهرين پوچي واري پاڻيءَ ۾ جيڪڏهن
گاسليٽ جا ڪجهه ڦڙا وجهجن ته فرش به چمڪي پوندو ۽
ڪولين ۽ ماڪوڙين کان به نجات ملندي.
** بصر ڪٽڻ کان پوءِ، صابڻ سان هٿ ڌوئڻ جي
باوجود هٿن مان بوءِ نه ويندي آهي، ان لاءِ بصر
ڪٽڻ کان پوءِ هٿن تي ٿوري ٽوٿ پيسٽ مليو ۽ پوءِ هٿ
صابڻ سان ڌوئو، نتيجو توهان پاڻ ڏسندؤ.
** ٽامي ۽ پتل جي ٿانون کي صاف ڪرڻ لاءِ لوڻ ۽
سرڪو ملائي انهن کي مهٽيو ته ٿانوَ چمڪي پوندا.
** پتل جي ٿانون جي صفائيءَ ۽ چمڪ لاءِ ليمي
کي ڪٽي ٿانوَن تي رڳڙيو ته ٿانو چمڪي پوندا.
** پتل جي ٿانون کي چمڪائڻ لاءِ ڪاٺين ۽ ڇيڻن
جي خاڪ سان مليو ته حيرت انگيز نتيجو ڏسندؤ.
** ڇري، چاقو يا ڪنهن به ٿانوَ مان جيڪڏهن
بصرن جي بوءِ ختم نه ٿئي ته پاڻيءَ ۾ ليمي جي رس
ملائي، ان ۾ اهي شيون ڪجهه دير تائين ڀڄائي ڇڏيو،
بوءِ ختم ٿي ويندي.
** ڪپڙي تان تازي رَتَ جا داغ، لوڻ مليل
پاڻيءَ سان ڌوئڻ سان ختم ٿي ويندا آهن.
** ڪجل ۽ مس جي داغن تي لوڻ مهٽيو ته داغ لهي
ويندا.
** ٿانوَ ۾ ڪا شيءِ سڙي وڃي ته ان ۾ گرم پاڻي
۽ لوڻ وجهي سڄي رات ڀڄائي ڇڏيو. صبح جو ڌوئڻ سان
صاف ٿي ويندو.
** بورچيخاني جو ڪاٺ جو سامان، جيئن ته ڏويون،
چمچا ۽ وراڻيون وغيره، هفتي ۾ هڪ دفعو هلڪي گرم
پاڻيءَ ۾ لوڻ ۽ ٿورو سرڪو ملائي، ان ۾ ڀڄائي ڇڏجن
۽ پوءِ ڪنهن برش ۽ صابڻ سان صاف ڪجن، هفتي ۾ هڪ
دفعو انهن کي اُس ۾ به رکڻ گهرجي.
** ڪپڙن تي جيڪڏهن رنگ جا داغ لڳي وڃن ته ان
کي نيل پالش رموور سان صاف ڪيو.
** ڪپڙن تي جيڪڏهن گريس، مشين جي تيل يا گاڏي
وغيره جي تيل جا داغ پئجي وڃن ته انهن داغن کي آلو
ڪري انهن تي سرنهن جو تيل ۽ واشنگ پائوڊر وجهي
مهٽيو ۽ پوءِ ڌوئو. اهو عمل تيستائين ڪندا رهو
جيستائين داغ لهي وڃن، آخر ۾ صرف واشنگ پائوڊر سان
ڌوئو.
** جيڪڏهن توهان جي استريءَ جو هيٺيون حصو
خراب ٿي ويو هجي ۽ ڪپڙن تي چنبڙندو هجي ته ان کي
يا ته زيرو نمبر جي واري پني سان مهٽي صاف ڪريو يا
وري ڪنهن پاٺي تي لوڻ وجهي استري گرم ڪري ان تي
زور زور سان مهٽيو ته استري صاف ٿي ويندي.
** جيڪڏهن هٿن تي مسُ جا داغ پئجي وڃن ته ليمي
جي رس مهٽڻ سان لهي ويندا آهن.
** جيڪڏهن توهان جو ريفريجريٽر ميرو ۽ خراب ٿي
ويو هجي ته گرم پاڻيءَ ۾ کائڻ واري سوڍا ملائي نرم
ڪپڙو ان ۾ ٻوڙي فرج کي صاف ڪريو. هڪ ڪوپ پاڻيءَ ۾
هڪ وڏو چمچو سوڍا ڪافي آهي.
** جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته بوٽ پالش وڌيڪ
چمڪدار ٿئي ته پالش ۾ ٿورڙو سرڪو ملايو، جوتا وڌيڪ
چمڪدار ٿي پوندا.
** جيڪڏهن ڪني پاڻيءَ جي نالي بند ٿي وئي هجي
ته هڪ ڪوپ مٺي سوڍا، هڪڙي ديڳڙي تيز گرم پاڻيءَ ۾
ملائي ناليءَ ۾ وجهي ڇڏيو، ڪجهه وقت کان پوءِ نالي
کلي ويندي. هيءَ ترڪيب بورچيخاني جي ناليءَ لاءِ
آهي.
** مائيڪرو ويو اوون جي صفائيءَ لاءِ پاڻي ۽ مٺي سوڍا جي
پيسٽ ٺاهي اوون جي اندرئين پاسي چڱي طرح هڻي سڄي
رات ڇڏي ڏيو. صبح جي وقت ڪپڙي يا فوم جي ٽڪريءَ
سان صاف ڪريو. صفائيءَ لاءِ ٻي ڪا شيءِ استعمال نه
ڪريو.
** باٿ روم جون نلڪيون، ٻجيون ۽ هينڊل وغيره
تي ڄميل مير کي لوڻ ۽ ليمي جي رس ملائي صاف ڪريو.
** نقلي گلن کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٿيلهيءَ ۾ لوڻ وجهي ان ۾
گل وجهو ۽ ٿيلهيءَ کي زور زور سان لوڏيو، ائين ڪرڻ
سان گلن مان مٽي ۽ دز صاف ٿي ويندي، توهان ڏسندؤ
ته لوڻ ميرو ٿي چڪو هوندو.
** استعمال ٿيل ڏندن جا برش ڦٽي ڪرڻ جي بجاءِ
انهن کي مختلف ڪمن لاءِ استعمال ڪريو. بوتلن جي
صفائي، ڪپڙن جا ڪالر ۽ ڪپڙن تان کاڌي پيتي جي شين
جا داغ صاف ڪرڻ جي ڪم اچي سگهن ٿا.
** پراڻا شيونگ برش به وري استعمال ڪريو، انهن
سان خاص طور تي ڪاٺ جو فرنيچر جنهن تي ڪارو رنگ (Carving)
ٿيل هجي ۽ گل ڦل اڪريل هجن، انهن کي صاف ڪري سگهجي
ٿو.
** ڪپڙن تان پان جا داغ صاف ڪرڻ لاءِ، داغن تي
بصر جي رس مليو ۽ پوءِ واشنگ پائوڊر سان ڌوئو.
** پتل جي خراب ۽ بي رنگ ٿانون کي لوڻ ۽
گدامڙيءَ جو گهاٽو پاڻي ملائي ان سان رڳڙيو پوءِ
صابڻ سان ڌئو ته چمڪي پوندا.
** ڪپڙن تان ميڻ جا داغ صاف ڪرڻ لاءِ ڪپڙي کي
ڪجهه دير فريزر ۾ رکو. ميڻ ڄمي ويندي ۽ آسانيءَ
سان لهي ويندي.
** جيڪڏهن توهان جو ٿرماس خراب ۽ ميرو ٿي ويو
هجي ته ان کي سرڪي مليل پاڻيءَ سان ڌوئو به بلڪل
صاف ٿي ويندو.
عذرا سرور
تنهائيءَ جو سفر
چنڊ جي هلڪي هلڪي چانڊاڻ،
انب ۽ ڄمونءَ جا ڊگها ڊگها گهاٽا گهاٽا وڻ.
هر طرف خاموشي ۽ سناٽو،
انبڙين ۽ ڄمن جي ٻور جي مليل سليل مهڪار.
تنهائيءَ جو شديد احساس،
سوچيائين، وري وري سوچيائين.
اهي ٽي شيون ور، گهر، ٻار،
جن جي چوڌاري عورت جو چوڏول گهمي ٿو.
بس اهائي ٽن شين تي مشتمل ڪل ڪائنات،
جيڪي سڀ بي بقا آهن، بي وفا.
ور نه ته گهر به نه،
ٻار، اڙٻنگ ضدي پنهنجي پنهنجي دنيا ۾ آباد.
۽ هوءَ... ۽ هوءَ ويچاري سدا اڪيليءَ،
سڀني جي ڏکن سورن ۾ برابر جي شريڪ.
سندس ڳلن تان ڳوڙهن اگهڻ وارو ڪير به نه،
دردن جو سفر اجهاڳي ڇڏي متل مانڊاڻ.
هڪ ڏينهن راهه عدم ڏانهن ٿيندي رواني،
ويچاري عورت صدين جي ستايل عورت.
ڪالهه جي ڳالهه
اها ته ڪالهه جي ڳالهه هئي
اڄ وري ڇو ان کي ياد ڪيم
وڇوڙي جي رات هئي
اڄ ڇو وري ان کي ياد ڪيم
پيار ته پيار آ ناهي ان کي فنا
ان پيار کي اڄ وري ڇو ياد ڪيم
اڄ به ڏک آهن زندگيءَ ۾ ڪلهه به هئا
انهن ڏکن سورن کي اڄ وري ڇو ياد ڪيم
هر لمحو گذارڻ تو بنان محال هو
گذريل لمحن کي اڄ وري ڇو ياد ڪيم
رُلائي وئين رڻ ۾ ڏيئي فراق جا صدما
انهن صدمن کي اڄ وري ڇو ياد ڪيم.
بنفشه بهار
ڊڄان ٿي
ڊڄان ٿي ڪٿي وڇڙي نه وڃان،
پن پن ٿي ڪٿي وکري نه وڃان!
رُڃ ۾ بيٺل ڪنهن سڪل وڻ وانگي،
تيز هوائن ۾ ڪٿي اُکڙي نه وڃان!
ڪيسين بيهان بادِ مخالف جي سامهون،
ٿڪجي پوان ڪٿي اُڏري نه وڃان!
نصيب منهنجو ڌڪي ٿو ڪيڏانهن؟
ضد پنهنجي ۾ ڪٿي ڀٽڪي نه وڃان!
پنهنجو پاڻ کي ڀلائي هلڻ ڏاڍو محال،
پاڻ کان ئي ڪٿي وسري نه وڃان!
بهار پاڻ کي گڏ کڻ زماني سان،
زمانو نڪري وڃي ڪٿي رهجي نه وڃان!
ڊاڪٽر اشرف آصف مصراڻي
غزل
دل داغ داغ آهي ۽ روح روح روڳي،
ڪيڏي ته مون سزا هت، جيئڻ جي آههِ ڀوڳي!
گهر گهر گهٽيءَ منجهائون، ڏيندا ويا صدائون،
رمتا هليا ويا سڀ، ڪوئي رهيو نه جوڳي!
جاٿي اصول چڱڙا، چورن به ها ڪي ٺاهيا،
پر ننگ ۽ نياڻي، ڄاڻن نه ٿا هي ٺوڳي!
هاڻي ملڻ نه ٿيندو، هن جو اچڻ نه ٿيندو،
منهنجي اي دل اجايو، ماندين مرين ٿي موڳي!
رابعه سهارڻ
بيوٽي ٽپس
Beauty Tips
(1) سڻڀي چمڙيءَ
(Oily Skin) جو
(Oil) گهٽائڻ:
چهري جي
(Oil) کي گهٽ ڪرڻ ۽ کليل پورن جي لاءِ ڪجهه ڦڙا
ليمي جو رس،
Dry Milk
هڪ چمچو ان ۾ مڪس ڪري، ان سان گڏ عرق گلاب به
ايتري مقدار ۾ شامل ڪري ليپ/پيسٽ چهري تي هڻڻ کان
پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئي وٺو. اهو ليپ/ماسڪ 15
کان 20 منٽ هڻڻو آهي.
(2) سڻڀي چمڙيءَ
(Oily Skin) جي صفائي:
سڻڀي چمڙيءَ
(Oily Skin) جي صفائيءَ جي لاءِ هڪ چمچو بيسڻ،
ان ۾ ٿورو پاڻي ملائي، ليپ/پيسٽ ٺاهي، پنهنجي چهري
تي هلڪي هٿ سان مساج ڪريو ۽ 15 کان 20 منٽن کان
پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏيو. ان سان چمڙي
(Skin)
نرم ۽ صاف ٿي ويندي. هي عمل هفتي ۾ ٻه ڀيرا يا
روزانو ڪري سگهجي ٿو، ان جو ڪوبه نقصان نه ٿيندو.
(3) منهن جي رنگ صاف ڪرڻ جي لاءِ:
گليسرين ۾ ليمن جوس شامل ڪري رکي ڇڏيو ۽ روزانو
صبح جو منهن ڌوئڻ کان پوءِ ان جي مالش چهري تي
ڪريو، ان سان توهان جو رنگ صاف ٿي ويندو.
(4) ٿولهه گهٽائڻ لاءِ:
هڪ عدد ليمون، هڪ گلاس تازي پاڻيءَ ۾ ملائي، صبح
جو نيرن ڪرڻ کان اڳ ۾ پيئڻ سان وزن/ويٽ گهٽ ٿيندو.
هيءُ عمل هڪ مهيني تائين روزانو ڪرڻو آهي.
(5) وارن کي خوبصورت ڪرڻ جي لاءِ:
هڪ گلاس پاڻيءَ ۾ هڪ چانهه جو چمچو سرڪو ۽ ٽي ڦڙا
ڦودني جو تيل ملائي ان سان وارن جو مساج ڪريو ۽ هڪ
ڪلاڪ کان پوءِ شيمپو ڪري ڇڏيو. پاڻي گرم نه هجي.
هيءُ عمل هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڪرڻ سان توهان جا وار
سلڪي ۽ شائني ٿي ويندا.
(6) وار ڊگها ڪرڻ لاءِ:
پاڻيءَ ۾ چانهه جي پتي وجهي، ان کي اوٻاري وٺو.
جڏهن ٿورو ٿڌو ٿي وڃي ته ان کي چڱيءَ طرح وارن ۾
هڻو. وارن کي ڌوئڻو ناهي. ان کي توهين 24 ڪلاڪن
کان پوءِ ڌوئي سگهو ٿا. ان سان توهان جا وار ڊگها
ٿي ويندا، پر ان ۾ مستقل مزاجي پهريون شرط آهي.
ايڊريس:
رابيز بيوٽي پارلر اينڊ ٽريننگ سينٽر
انجمن بهبود خواتين سينٽر
سنڌ يونيورسٽي ڪالوني، ڄام شورو.
امداد حسيني
هڪ نظم
بوند گهريائين
بوند آڇيم
ڍُڪُ گهريائين
ڍُڪ آڇيم
لَپَ گهريائين
لپ آڇيم
ٻُڪُ گهريائين
ٻُڪُ وڌايم
نهر گهريائين
نهر وهايم
گهرندي گهرندي
ندي گهريائين
۽
مون سوچيو
بُوند ۾، ڍُڪ ۾،
لَپ ۾، ٻُڪ ۾،
نهر لهر ۾
جيڪو ڪونه ٻُڏو
ندي اُنهيءَ کي ڇا ٻوڙيندي؟!
ڇو ته ٻُڏڻ جي لاءِ ته هڪڙو لڙڪ به ڪافي هوندو
آهي.
غزل
او سنڌو! او جل داتا!
سَرتَا! اوءِ پِتا! او ماتا!
تو بن جندڙي ٿي ويئي،
پاراتا ئي پاراتا!
تولئه سانوڻ سياري ۾،
مون ڳاتا گيت اڻ ڳاتا.
هٿڙن سان ڏِيا موهيم،
اکڙيڻ ساڻ اَکا پاتا.
مانسروور اوريان تو،
ڪيڏانهن ڏينهن وڃي لاتا!
سنڌيڪار: فردوس شاهي
لڙائي ۽ بک
*هڪ ڀيري لڙائيءَ کي ڏاڍي بک لڳي.
- هوءَ مانيءَ جي ڳولها ۾ آسپاس نڪري وئي.
- انهيءَ دوران هن جي نظر هڪ نٻل عورت تي وڃي
پيئي. اها عورت نهايت ٿڪل ۽ پريشان نظر اچي رهي
هئي. سست ۽ بدحال، سندس لٽا ڪپڙا ميرا پراڻا ٿي
ويا هئا. اڻڀا وار، سڪل منهن، هيڊو ٿي ويو هوس.
”هيڏانهن ته آءُ.“ لڙائيءَ هڪدم چيس: ”مائي! تون
ڪير آهين؟“
”ڪير؟ مان.“
ها - تون.“
”تون ئي کڻي هيڏانهن اچ، مان هلڻ کان هلاڪ آهيان.“
”ڇو؟“
”بس!“ عورت هيڻي آواز ۾ چيس.
لڙائي ڦڪي مرڪ مرڪي، هن عورت وٽ هلي آئي ۽ وري به
پڇيو:
”تون ڪير آهين؟“
”مان بک آهيان!“
”هان! تون بک آهين...؟“
”هائو.“
”پر....پر.... بک ته مون کي لڳي آهي.“
لڙائي چيو: ”مون کي قرب ڪري ڪجهه ته کائڻ لاءِ
ڏي.“
”ڇو؟“
”بک جو لڳي آ.“
”هيترا ماڻهو ماري کاڌئي، تڏهن به تنهنجي بک ڪانه
لٿي آهي.“ ان عورت سانتيڪي ٿي چيو: ”تنهنجي بک
ڪڏهن به نه لهندي: مار! ايڏي بک.“
”ها. اصل بک ۾ ساهه ٿو وڃي.“
”پوءِ - وڃي وڌيڪ ماڻهو ماري کاءُ.“
”مون کي ماڻهو نه گهرجن. ماڻهن کي ڪير ٿو کائي؟
مون کي نانُ گهرجي. مون کي ماني گهرجي ماني!“
لڙائيءَ وراڻيو: ”ماني ڏي.“
- بک کيس ڏٺو.
ڪيترو وقت هوءَ لڙائيءَ کي ٽڪ ٻڌي ڏسندي رهي ۽
پوءِ پنهنجي منهن تي سک آڻيندي چيو:
”پوءِ هل.“
”ڪيڏانهن؟“
”مانيءَ جي ڳولها ۾.“
”پر... ڪيڏانهن؟“
”تو وانگر مان به ڪيترن ڏينهن کان مانيءَ جي ڳولها
۾ آهيان، ڪٿي نه ڪٿي ضرور ملي ويندي.“
- پوءِ لڙائي، بک جي پٺيان پٺيان هلڻ لڳي.
(”جديد هندي ادب“ مان چونڊ)
حميرا نور
مان، تنهائي ۽ گهر
درد جي پيڙا ۾ پڄريل
مان، تنهائي ۽ گهر.
وجود ۾ ڇانيل آهي
سوچن جي هر سٽ منجهيل
مان، تنهائي ۽ گهر.
تارن جي هن جهرمٽ ۾
ماڻهو وانگي چنڊ هيڪل
مان، تنهائي ۽ گهر.
اي چنڊ تون ٻڌاءِ کڻي
مون لئه جاڳي پيو پنهل!
مان، تنهائي ۽ گهر.
دروازي تي اٽڪيل هن
ورهين کان هي اکيون ڀنل
مان، تنهائي ۽ گهر.
ڌرتيءَ تي هي جيون
پڄريو آهي هر هڪ پل
مان، تنهائي ۽ گهر.
***
ڳوڙهن ۾ لڙهيل
اکڙين جو پڌر
ڳوڙهن ۾ لڙهيل
پيڙائن کان پوءِ
تو لئه هي پٿر
ڳوڙهن ۾ لڙهيل.
سسئيءَ جو توبن
پنهون! شام سحر
ڳوڙهن ۾ لڙهيل.
ڪَڻ ڪَڻ مينهن وٺو
غريبن جو گهر
ڳوڙهن ۾ لڙهيل.
تتل جيون ۽ ڌرتي
هارياڻي ۽ هر
ڳوڙهن ۾ لڙهيل.
اجهو وسندو ڀٽ تي
ڪارو هي ڪڪر
ڳوڙهن ۾ لڙهيل.
مون کي ڏس تون ڌرتيءَ تي
آهيان بادل مان
مون کي ڏس تون ڌرتيءَ تي.
لهرن جيان اچ پرين
آهيان ساحل مان
مون کي ڏس تون ڌرتيءَ تي.
تو کان ڪجهه گهريو هو
آهيان سائل مان
مون کي ڏس تون ڌرتيءَ تي.
پٺتي تڪ ته سهي
آهيان پايل مان
مون کي ڏس تون ڌرتيءَ تي.
پيار ۽ آزاديءَ جي
آهيان قائل مان
مون کي ڏس تون ڌرتيءَ تي.
***
اکڙيون ميگهه ملهار
ساجن تنهنجي سار
اکڙيون ميگهه ملهار.
لهرون لهرون گونج
سهڻيءَ جي پڪار
اکڙيون ميگهه ملهار.
اي چنڊ تون ٻڌاءِ
پرين جا پار
اکڙيون ميگهه ملهار.
بي چين اٿم من
نه جيت نه هار
اکڙيون ميگهه ملهار.
ڪيئن وڃان، اچڻ بعد
محبت آهه ڄار
اکڙيون ميگهه ملهار.
کڻي ”خوشبو“ يادن جي
ٿيس قلم ڪار
اکڙيون ميگهه ملهار.
***
سڏڙا پئي ٻڌان
خاموش نگر مان
پوئين پهر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
ڪنهن آ ڳالهايو!
خاليءَ گهر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
سرندو پيو وڄي
هئه هن تر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
جنهن ڪيو امر
ان گيت امر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
ڏُور ناهي ڪو
شايد ڀر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
ڪيڏو پيار رُنو
سهڻيءَ لهر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
هوءَ ڪمري اندر بند
زنده قبر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
مُورک وئين هليو
ڊگهي سفر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
سس پس ڄار ۾
اجڙيل پڌر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
ماڪ روپ ڳوڙها
اڄ به سحر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
شڪ، غيرت، ڪاري
ڪالهوڪي قهر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
اڄ به ٻچڙا بک ۾
پوڙهي پگهر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
اجڙي وئي جيجل،
اک جي ڪڪر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
اچين ڇو نه ٿي
مٺيءَ شهر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
هاڻ اٿي ”خوشبو“
پنهنجي اندر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
رُشمي راماڻي
فرق
فرق آهي
وقت گذارڻ
۽
زندگي جيئڻ ۾.
زندگي
مون توکي دل سان جيئڻ ٿي چاهيو
هر گهڙي هر ڏينهن
پر
وقت گذرندو رهيو پنهنجي رفتار سان
توسان گڏ آيا جيڪي
منهنجا ڏينهن رات؟
ڪي اڏامي ويا، سڪيل پنن جيان
ڪجهه گم ٿي ويا رات جي انڌير ۾
منهنجي پاڇي جيان.
ڪجهه وهي ويا واريءَ وانگر مُٺ مانڍن
ياد رکڻ لائق ته ڪجهه به نه رهيو.
ڪيتري ڪوشش ڪيم
پنهنجيءَ ڪنهن ڪاميابيءَ تي خوش ٿي سگهان
پر،
هر مرڪ ۾ سمائجي ويندي هئي
لڙڪن جي آلاڻ
انڌيري رات ۽ گهري ننڊ جي باوجود
اچانڪ
گم ٿي ويندا هئا سپنا به ٽانڊاڻن جيان.
ناڪاميءَ جي ڪن گهڙين ۾
اٿاهه پيڙا سهڻ کان پوءِ به
زندگي
توکي جيئڻ جي ڪوشش
مان سدائين ڪندس
ڇاڪاڻ
ڪنهن خاموش لمحي ۾
اوچتو
مون کي مليا ڪجهه رنگ، هڪ ننڍڙي مرڪ،
ڪجهه خُوبصُورت لفظ،
پيار جو احساس ۽ مؤت پڻ
صرف ايترو ئي ڪافي آهي
هڪ شاعر جي زندگي جيئڻ لاءِ.
لڙڪ
ڪيترا سک مليا زندگيءَ ۾
ڪڏهن ڪوشش ڪرڻ سان
ته، ڪڏهن اوچتو رستي ويندي.
لڳندو هو
هر سک ساٿ نڀائيندو دُور تائين
شايد سدائين.
پر،
انسان جو من؟
ڪيترو ناسمجهه
۽، لالچي به
پنڌ ڪندي ٿڪجي پوندا آهن پير
ڪوئي به سک ڪڏهن نه پهچائيندو آهي
اُن منزل تي
جتي انتظار ڪندي آهي اسان جي انسانيت.
ڪڏهن - ڪڏهن
لڙڪ جي صرف هڪ بوند
آلو ڪندي آهي اندر جي خشڪ زمين کي
ته حيران ٿيندا آهيون اسان
ڇاڪاڻ، جلدي ئي
لڙڪ ڀنل ڌرتيءَ مان نڪري ايندا آهن
انسانيت جا نرم سلا.
****
خط
مون توکي هڪ خط لکيو هو
منهنجي خط ۾ هئي
هڪ ننڍڙي آس ۽ گهرو وشواس.
تو
منهنجو خط پڙهيو،
پر
خط جي جواب ڏيڻ جي باوجود
تنهنجو خط مون کي نه مليو
ڇاڪاڻ
خط تو ڪنهن کوهه ۾ اُڇليو هو.
ڇا فرق پيو توکي؟
پر
منهنجي زندگيءَ جي معنيٰ بدلجي ويئي
مري وئي آس
ٽٽي پيو وشواس.
وشواس جو ٽٽڻ
۽ آشا جو مؤت ڇا ٿيندو آهي
پڇجي اُن تاري کان
جيڪو ٽٽندو آهي اچانڪ آسمان مان.
ڪڏهن ڪڏهن
ڪڏهن - ڪڏهن
مون کي پنهنجي اندر جي ڪاراڻ
ايتري صاف نظر ايندي آهي
جو گم ٿي ويندو آهي منهنجو وجود
گهاٽي اُوندهه ۾.
ڪڏهن - ڪڏهن
لڳندو آهي شانتي
هڪ گم ٿي ويل شيءِ آهي
انسان کي تڏهن ملندي آهي
جڏهن
هو پاڻ ختم ٿي ويندو آهي
ڪڏهن - ڪڏهن
منهنجي من ۾ هوندي آهي
اٿاهه خوشي.
مڌر سنگيت جا سُرَ
سمائجي ويندا آهن منهنجي اندر ۾
چپن تي ايندي آهي مرڪ
پر
ڇو ائين ٿيندو آهي
گهڙي - پل ۾ سنگيت جا سُر
چيخ بڻجي ويندا آهن
جيڪا ترندي آهي وايو منڊل ۾
شوڪ گيت بڻجي
واٽ وسريل مسافر جيان
گم ٿي ويندي آهي
منهنجي مرڪ به پيچرن ۾.
*** |