سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :7

 

سندري اُتمچنداڻي

ڀوري

”اَئي اَئي اندر ڇو هلي آئي آهين؟“

”ڀيڻ پاپڙڻ واري....“

”سو ڪير به هجين، ڏسين ٿي ڪو ڪپڙا مٽائيندو هوندو.... اڙي ٻڌين ٿي؟ هيئن ڇو در تي ڄم کائي بيهي رهي آهين؟... ۽ توهين هن پاپڙن واريءَ ڏي ڇو پيا ڏسو، ڪپڙا مٽائڻ به وسري ويا اَٿو!“

”تون ته نيڻو آهين نه؟ ڇو سڃاڻين نٿو ڇا؟“

...........

”مان پاپڙ پيئي وڪڻان اهو ڏسي عجب ۾ پئجي ويو آهين نه؟“

”اچ ويهه، مان ته برابر نيڻو آهيان، پر تون ڀوري آهين يا رڪي اهو سمجهه ۾ نٿو اچيم.“

”رڪي ته منهنجي وڏي ڀيڻ آهي. مان ته ڀوري آهيان. واهه ڪرسي ته مزي واري آهي. هيءَ تنهنجي زال آهي نه؟“

نيڻوءَ ڪنڌ سان ها ڪئي.

”تون چاڪ ته آهين نه. منهن ۾ حيدرآباد وارو ليمڪ ڪونه رهيو اٿيئي.“

”پر ڀوري پهرين پاڻ کي...“

”ها چئه چئه. ماٺ ڇو ٿي وئين؟“

”سشيلا، هي ڀوري اٿيئي، جنهن لاءِ ٻڌايو هو مانءِ ته اسان جي ويهه گهريءَ جي سونهن هئي؟“

”اڇا! هيءَ اها ڀوري آهي. سو هيءَ هئي توهان جي ويهه گهريءَ جي سونهن؟“

ائين چئي سشيلا پنهنجي منهن تي آيل وارن جي چڳن کي ناز سان هٽائي ڇڏيو، مگر سندس چهري تي ڄڻ ڪنهن هيڊ هاري ڇڏي هئي.

ڀوري ڪرسيءَ تي ويهي سڄي ڪمري جي سامان خاص ڪري فوٽن کي ڏاڍي چاهه سان پئي ڏٺو. ڪنهن به سوچ ويچار کان سواءِ چوندي رهي، ”ٽي ٻار ڄاوا، سو رت ست ڏنو هوندو ڪين هميشه ماڻهو ساڳيو ٿورو ئي هوندو. وري ان ۾ رلڻ... نيڻو توکي ٻار ٻچا آهن؟“

پر نيڻوءَ جي اکين ۾ ايڏا وڏا لڙڪ اچي اٽڪيا هئا، جن کي اکين ۾ پيئڻ مشڪل هو ته اکين مان ڪيرائي ڇڏڻ تهائين مشڪل هو. ڏاڍي تڪليف سان چيائين، ”پر ڀوري تنهنجي شڪل هيترو بدلجي ڪيئن ويئي؟“

اول ٻڌو ٿا هوءَ پڇيوَ ڇا ٿي؟ هوءَ پڇيوَ ٿي توهان کي ٻار گهڻا آهن؟ بابلي اسان کي ٻه ٽي ٻار آهن توکي پاپڙ ڏيڻا آهن نه... ۽ ان کان وڌيڪ سشيلا چئي ڪين سگهي. حصي کان سندس چپ ڏڪي رهيا هئا.

”اي ڌيڙو! پٽ ڪاڏي وئين، ساهمي ته کڻي آءُ“

”پٽهن کي ڏيڍيءَ ۾ بهاري آئي هئينءَ ڇا؟“ سشيلا پڇيو.

”ٻيو ڇا ڪريانس. مئي جا پير ته ڏس. ماريو سڄو ڏينهن ٿو رلي. هتي پٽ تي رک ساهمي، پٽ تي ويهي تورڻ ۾ سولائي ٿيندم.“

”پر مائي ڏين گهڻي رتل ٿي؟“

”سشيلا! مائي؟“ نيڻوءَ ڇٻيءَ سان ڪنڌ مٿي کنيو ڄڻ ”مائي، اکرکيس ڇرڪائي ڇڏيو هو.

سشيلا منهن ۾ شور وجهي پتيءَ ڏي ڏسي چيو، ”هون“ ڄڻ چئي رهي هئي، ”مائي نه چوانس تڏهن ميهار جي سهڻي چوانس؟“

نيڻو ڄڻ ڪؤڙي گوري ڳهي ويو. منهن گهنجائي ساڳيءَ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو، جنهن تي اول ڀوري ويٺي هئي.

ڀوري هاڻ پٽن تي پاپڙ تورڻ ۾ مشغول ٿي ويئي هئي. هنن جي ڳالهين سان ڄڻ سندس واسطو ئي ڪين هو. ”هيءُ سير، هيءُ ٻه، هيءُ ٽي، ساڍا ٽي سير هيءُ پاڻ چار پاپڙ بچيا اٿم، وٽ اهي به توکي ٿي ڏيان، پر پاپڙ کائي پوءِ چئج ته ڀوري پاپڙ ڏيئي ويئي ڪين کيچا ڏيئي ويئي!“

”پهرين چئه ته رتل گهڻي ٿي ڏين؟“

”يارهين آني رتل وڪڻندي آهيان، توکان وڌيڪ ٿوروئي وٺنديس. رتل تي ٽڪو هڪڙو منهنجو ٻيو پائي ڪين ٿي کان.“

”هاڻي مائي ڪوڙ ته ڪين ڳالهاءِ. ٽڪي جي بچت مان ٽن ٻارن کي پاليندين هوندينءَ“

”نه ڙي ڀيڻ، جيئي شل منهنجو گهوٽ، اهو به ٻه چار رپيا روز ڏيندو اٿم.“

”بس ٻه چار رپيا؟“

”تنهنجو گهوٽ ڇا ڪندو آهي ڀوري؟“ نيڻوءَ پڇيو. ”اڳي ته بڙودي ۾ هئاسين تڏهن ته ڪپڙي جي ڪئبن هئس. هاڻي ٻيڙيون ٻڌندو آهي. ٻيڙين مان ڪمائي پوري ساري آهي، سو مان ئي پيڊر روڊ، ڪولابا، دادر هيڏي هوڏي ٻه ٽي چڪر هڻي روز ٽيهه سير کن پاپڙ وڪڻي ايندي آهيان. ٻه چار رپيا مان به ڪمايان، ڏاڍو سٺو گذر پيو ٿئي. هيءُ ڇورو ڏس. اڙي ڪچو پاپڙ ڇو ٿو کائين؟ رولو ماريو اڄ ٻن ڏينهن کان پوءِ پيدا ٿيو اٿيئي نينو“

”ڪيڏانهن ويو هوءِ ٻه ڏينهن مائي؟“ سشيلا رکي نموني چيو.

”چوي ٿو دادر اسٽيشن تي هوس.“

”کاڌائين ڪٿان؟“

”وڃي مزوري ڪيائين.“

”ڌن آهيو توهين مايون. اسان جو ٻار ته کن کن هيڏي هوڏي ٿئي ته جيڪر ساهه نڪري وڃيئون. پر ڇوڪري جا حال ته ڏس ڪهڙا ڪيا اٿيئي! ڇا آهي مئي جي سونهن... چپن تي ڄڻ سرخي مکي پيئي اٿس. ..ڇا مئي جون ناسي اکيون! پر نڪو سنان نڪو صابڻ، بدن تي رءُ چاڙهي ڇڏي اٿيئيس. اسان جا ٻار هينئر باغ مان موٽندا، ڏسج ڪهڙا اَڇا اُجرا ٿا لڳن.“

”ڀيڻ اَڇا اجرا ڇو نه لڳندا هوندا. مان به سڄو ڏينهن گهر ۾ وهان ته ويهي ٺاهيان جوڙيان. جهڙي تهڙي گراهي وجهي نڪرڻو پوي چڪر تي، ته ڇوڪريون ته ٻئي اسڪول ۾ ڇڏي ايندي آهيان. هن ماريي جو پڙهڻ تي چاهه ئي ڪونهي. چوي ته ”توسان گڏ هلان، مان به ڪمايان.“ تنهن ڏينهن ”نه“ ڪئي مانس ته مرڳوئي ڀڄي ويو. پر سڀاڻي ماستر کان ٽنگون ڀڃائي اسڪول ۾ ويهاري اينديساسن.

”ان کان ته ٻاهر نڪرجي ئي نه. ڪمائين به ٽڪ ۾ ٽي چار رپيا ٿي ڪو لک ٿوروئي ٿي ڪمائين؟“

”اسان لاءِ اهي ڀي ٻه چار به کوڙ آهن. ڪنهن جي محتاجي ته ڪڍڻي ڪانه ٿي پوي نه؟“

”کوڙ آهن! مائي مون کي ته هن جو ٽي سو رپيا پگهار به ٿورو لڳندو آهي.“ سشيلا اهڙيءَ ته توڏ سان چيو جو هن سمجهيو ته ڀوريءَ کي ضرور ان تي ايرکا لڳندي. ليڪن ڀوريءَ اهڙي ڏيکاري ڏني ڄڻ هن لاءِ ٽي سو رپيا به اهڙا ئي هئا جهڙا سندس ڪمايل ٻه چار رپيا.

”چڱو ڀيڻ هي ساڍا ٽي سير پاپڙ اٿيئي. ٻيا چئين ته سڀاڻي کڻي اچانءِ.“

”سڀاڻي وري ڇا ڪنديس. ٿورا ڏينهن ترسي کڻي اچج. هان وٺ پئسا.“

”چڱو نيڻو... اڙي هل ديرو ساهمي کڻ. سمجها ٿي ويئي.“

”توهين ڪپڙا ته مٽايو. سوٽ ۽ گنجيءَ ۾ ئي ويهي رهيا آهيو.“

”اڙي.... اڙي مون کي ته ڪپڙا مٽائڻ وسري ويا. پر به تون هن طرح ورچين ڇو پيئي؟“

”چڱو، مان پيئي ورچجان نه توهان جي دل ته بهار بهار ٿي ويئي آهي نه؟“

------

”هيڏي رات گذري آهي، اڃا پيا جاڳو؟“

........

”سچ چئو، هيڏانهن نهاريو. توهان کي ڀوري پيئي ياد اچي نه؟“

ڀوريءَ بابت ته برابر سوچي رهيو آهيان پر تون هيئن بي صبر ڇو ٿي رهي آهين؟

”مون سمجهيو، ڀوريءَ بابت ڇا پيا سوچيو...“

”تون ڇا سمجهندينءَ!“

”سمجهائيندا ئي ڪين ته ڪٿان سمجهنديس. مان به چري آهيان جو پڇان ٿي. چڱو نه ٻڌايو بس مان سمهي ٿي پوان.“

سشيلا منهن ورائي سمهي پيئي.

”اڙي پر ٻڌ ته.... ڀلا تو ڇا سمجهيو؟“

”ڇڏيو مون کي. ڀوري توهان کي ڏاڍو موهي ويئي آهي نه؟“

”اڙي پاڳل ته ڪانه ٿي آهين؟“

”چڱو بس مان پاڳل آهيان. اهڙا وائڙا ٿي ٿا نهاريو ڄڻ منهنجي ڳالهه سمجهو ئي ڪونه ٿا. مان اصل چوندي آهيان ته شاعر سان ته شادي ڪڏهن نه ڪجي. هن جو روح رڳو سهڻين ڇوڪرين پٺيان پيو چڪر ڪاٽيندو آهي.“

”اڄ مڙيئي ڪنهن ڳالهه تي خوب مٽي آهين، نه ته ٻار به چوندو ته هن وقت شڪل ۾ تون ئي ڀوريءَ کان وڌيڪ سهڻي ٿي لڳين.“

”هاڻي ٻڌو ٻڌو، پنهنجي زال کڻي حور پري ڇو نه هجي ته به اها ئي گهر جي مرغي دال برابر.“

”هاڻي اجايو نه ڳالهاءِ، شاعر ڇا هر ڪو انسان سونهن جو ڪانکي آهي. باغ ۾ سهنا گل ڏس ڇا اکيون بند ڪري وهندي آهين. سونهن ۾ ته قدرت جي ڪاريگري پسبي آهي.“

”ڀلا ڀوريءَ ۾ ڪهڙي سونهن اچي مورهي هئي؟ ڏٺم ڪان ته هوءَ وڃڻ لڳي ته سندس چال کي ڏسي توهان جو تن من ٺري پيو.“

”سشيلا!“

”ها، ها، سچ ٿي چوان. تپو ڇو ٿا...؟“

”پڳلي، هوءَ ڪنهن جي زال آهي! ٽن ٻارن جي ماءُ آهي!!“

سو ڇا ٿي پيو. ڪنواري هئي ته توهان داديءَ جي چوڻ تي ساڻس شاديءَ جي رضامندي ڏيکاري هئي نه. پوءِ کڻي توهان جي بابا سمجهايو ته پاڻ پڙهيل آهيو ته پڙهيل ڇوڪري وٺو. سو هينئر پڇتايو پيا.“

”پڇتايان ٿو؟ دماغ ته ڪونه خراب ٿي ويو اٿيئي؟ ان وقت مان ايف. اي. ۾ هوس ۽ بابا ته عقل جي ڳالهه ڪئي.“

”جي عقل جي ڳالهه ڪيائين ته پوءِ اڄ هن غريب بوريءَ ۾ گهوري گهوري ڇا ٿي ڏٺو. وڏي ڳالهه ته ڀوريءَ کي ڏسي اصل روئي ويٺا. ڀانيو ٿا اهي ڳوڙها مون توهان جي اکين ۾ ڏٺائين ڪين جي اکين ۾ ئي پي ويا. اڙي زال مرد جي نظر هڪ کن ۾ پرکي ويندي آهي.“

”هاڻي وڃ وڃ اڌ مغزڻ تڏهن ته چيم تون ڪانه سمجهندينءَ.“

”وري ڦري ساڳيءَ ڳالهه تي آيا، ڪجهه سمجهايو“

”سشيلا تو اگر اٺ سال اڳ واري ڀوري ڏٺي هجي به نه“

ها ته تون به شايد هن ڀوريءَ کي ڏسي روئي وجهين ها. هن جي گول گول ڀريل چهري منجهان اڄ نوڪدار هڏين واريون ڄاڙيون نڪري آيون آهن. جيڪي ڳل اڳي گلابي هئا، جن جي سنهيءَ چمريءَ هيٺان هلندڙ رت به پيو نظر ايندو هو سي ڳل ئي سڪي ويا آهن ۽ اکيون ڏسين ها ان وقت ٽمڪندڙ جوتيون هيون پر اڄ انهن جا چمڪندڙ تارا غربت جي حسرتن ڪيڏو نه اندر ڌڪي ڇڏيا آهن. اڇي کير جهڙي چمڙي اڄ اُسن ۾ رلندي ٽامو ٿي ويئي آهي. غريبيءَ جي ڄر جڏهين ڪنهن سندر ٻوٽي کي لهسائي وجهندي آهي تڏهن منهنجي دل چچرجي پوندي آهي!؟

”دل ڪيئن چچرندي؟“

”سشي جڏهن ننڍڙي سروج جي نازڪ چمڙيءَ تي وڏي ماتا چگهه ڇڏي ويئي، تڏهن تو ڪيترو رنو هو ۽ ڇو رنو هوءِ؟“

”مان ته اڄ به هن گلڙي جي سونهن کريل ڏسي ڏاڍو دکي ٿيندي آهيان.“

”سشي جيئن سهڻا گهر، سهڻا رستا، باغ، اسڪول ڪنهن قوم لاءِ فخر آهن، تيئن حسين چهرا به ملڪ لاءِ فخر آهن. پوءِ ڀوريءَ کي ملڪ جي باغ ۾ ٽڙڻ سان ئي مسليل ڏسي دل ڪين دکي ٿيندي؟“

”ڌارين ماڻهن کي ڏسي به دکي ٿبو آهي، اها توهان جي ڳالهه برابر مون کي سمجهه ۾ نه ايندي آهي.“

”منهنجا سنڌي ڪڏهن ڌاريا آهن؟ سشي! پنهنجي سنڌ جا شيشن آرسين وارا گهر، باغ بوستان، ٻنيون ٻارا، واهه براجون سڀ ڇڏي آياسين، اِنسانن جي چهري ۾ جو نور کڻي آياسين سو به هن طرح بک ۾ اُجهامي ختم ٿي وڃي، حسرت جهڙي ڳالهه ناهي....“

”توهين ماٺ ڇو ٿي ويا.... ڀلا ڀوري وڃڻ لڳي، ان وقت توهين بلڪل خوش ڇو ٿي نظر آيا؟“

”ان وقت مون ڀوريءَ جي ٻي هڪ سونهن ڏٺي.“

”ڀوريءَ ۾ هينئر وري ڪهڙي سونهن نکڙي آئي آهي. توهين شاعر مون جهڙن سڌن سنواٽن ماڻهن کي ته منجهائي ٿا ماريو.“

”منهنجي سشي، ٿورو ڌيان ڏيندينءَ ته توکي به اها سونهن ڀوريءَ ۾ نظر ايندي. اڳين چاڳلي ڀوريءَ جي جڳهه تي اڄ خوددار محنتڻ ڀوري پيدا ٿي آهي. سندس صاف گوئي ۽ بي فڪر هلت ڏٺئه؟“

”ڇوري ڪرسيءَ تي ڪيڏي دخل سان اچي ويٺي!“

”اها ئي سندس سونهن آهي جنهن مون کي بهار بهار ڪري ڇڏيو. هن جي آتما کيس ڪنهن به انسان اڳيان هيٺڀرو نه ٿي ڪري. ۽ هوءَ هيٺڀرو ٿئي ڪيئن؟ هن لاءِ ٻه رپيا ڪمائيندڙ توڙي ٽي سؤ رپيا ڪمائيندڙ هڪجهڙا آهن. ڪنهن جو ٿورو ته کڻي ڪانه ٿي. محنت ڪري ٿي اُجورو طلبي ٿي. پورهيو ڪندي ڀل عمر کان اڳ ٻڍي ٿي ويئي آهي ته به ارمان نه اٿس. سندس پتي ٻه رپيا ٿو ڪمائي، ڏهه رپيا ڇو نه ٿو ڪمائي، ان لاءِ ڪا به شڪايت ڪانه اٿس.“

”ائين ته مون کي به توهان لاءِ ڪا شڪايت ڪانهي؟“

”ڏاڍي ڀورڙي آهين، پنهنجي اندر کان پڇ. شڪايتن جا ڍير لڳا پيا اٿيئي. ٻارن کي ڪانوينٽ ۾ نه ٿا پڙهايو، روز روز شاپنگ ڪرڻ نه ٿا هلو، ڪشمير نٿا گهمايو، ريڊيو ڪونه ٿا وٺي ڏيو، پنکو ڪونه ٿا وجهايو، مون کي ٽئين چئين مهيني پيڪين نٿا وٺي هلو، اڪيلي ڪيئن وڃان.... ۽ هوڏانهن ڀوري آهي جا اڪيلي بي باڪ بڻجي سڄي شهر جا رستا ڦرندي ٿي رهي. هن جي خودداري سندس اڳيان پٺيان پهرو ڏيندي ٿي رهي. وڏي آڪاش هيٺان وڏيءَ ڌرتيءَ تي بي فڪر هلندي هلندي ايڏي ته وشال ۽ مضبوط دل واري ٿي ويئي آهي جو کيس ڪو به ڪوڙو شان نه ٿو ستائي. ڪرم ۾ پاڻ کوهي هوءَ محنت تي تڳندڙ ملڪا... اڙي تون روئين ويٺي؟“

نيڻوءَ پتنيءَ جو منهن ٻنهي هٿن ۾ کڻي جهليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com