ڊاڪٽر حبيب الله صديقي
غزل
ٻڌيءَ ۾ مزو آ، فضيلت به آهي،
سُٺِي واٽ آهي، نصيحت به آهي.
اجايا ارادا، اجايا ڪشالا،
وڏائي ننڍائي، مصيبت به آهي.
فقط زور سان ڪاميابي نه ٿيندي،
چون سوڀَ جنهن کي، هزيمت به آهي.
محبت زماني جي فاتح ٿي سڏجي،
اها سوچَ ناهي، حقيقت به آهي.
کِلِي ڳالهه ڪر ۽ جُهڪي هَل، سڌو هَل،
اها طرز سهڻي، سُٺِي مت به آهي.
فقيرا ٻَڌي هل، توڪل جو تَرهَو،
قلندر جو خرقو، طريقت به آهي.
حبيبا محبت ڪو احسانُ ناهي،
محبت تي مائِل، طبيعت به آهي.
فاطمه ”راڻي“
ماءُ
تنهنجو چنڊ جهڙو چهرو، ڪيڏو حسين ۽ بي مثال آهي،
تنهنجو کلڻ، ڳالهائڻ، مرڪڻ ڇا ته لاجواب آهي.
تنهنجو چنڊ جهڙو چهرو!
هر وقت پنهنجو درد ۽ ڏک سور لڪائي ٻين کي خوش رکڻ
واري!
تنهنجو چنڊ جهڙو چهرو
ننڍيون ننڍيون خوشيون گڏ ڪري
پنهنجي اولاد جي لاءِ بنان پرواهه دنيا جي
تنهنجو چنڊ جهڙو چهرو
تنهنجو ڪهڙو بيان ڪريان، تون ته جنت جي حور آهين،
تون ته اولاد جو ڇپر ڇانو ۽ آسرو آهين
تنهنجو چنڊ جهڙو چهرو!
خدا تعاليٰ ۽ منهنجي نبي حضرت محمد مصطفيٰصه کان
پوءِ
ٻي سهڻي شيءِ خوبصورت ۽ حسين ماءُ ته آهي
جنهن جي پيرن هيٺان جنت آهي،
تنهنجو چنڊ جهڙو چهرو، ڪيڏو حسين ۽ بي مثال آهي.
ساجده پروين
جاڙ جيان ٿي
جيڏيون!
هن جي لنگهي وڃڻ کان پوءِ به فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊور
۾ هن جي چنيءَ جا رنگ رهجي ويا. پوپٽ جي پرن جهڙا
اهي سارا رنگ مون نيڻن ۾ جهٽي ساهه ۾ سانڍي رکيا.
گهڻي وقت کان پوءِ هڪ اداس صبح جو مون جڏهن اهي
سارا رنگ ايزل تي رکيل وڏي ڪينواس تي اُلٿيا ته هن
جي تصوير ٺهي وئي.
انهيءَ شام جو هڪ ادبي گڏجاڻيءَ ۾ هڪ غزل پڙهيو
هوم:
هن شام سان جڙي آ، هڪ آس ياد تنهنجي،
هر گام ۽ گهٽيءَ ۾، نراس ياد تنهنجي.
هر روز هو مصور چاهت، جا چٽ چٽي ٿو،
هيءَ رنگ برش ريکا، ڪينواس ياد تنهنجي.
اڄ پير ڪڙين جي ڌَن تي، نئون گيت ٿو هو ڳائي،
اوندهه سندا اُڌما، بنواس ياد تنهنجي.
چپ چاپ هي سمندر، لهرون لهر لکي ٿو،
هي گيت غزل دوها، احساس ياد تنهنجي.
ڪوڪو ڪٿي ڪو ماڻهو، تو جهڙو ڇو لڳي ٿو،
جيڏانهن مان وڃان ٿو، آ پاس ياد تنهنجي.
انهن ڏينهن ۾، ”يونيورسٽي فائونڊرس ويڪ“ ملهايو
پئي ويو، فائن آرٽس وارن تصويرن جو نماءُ ڪيو هو،
سڄي يونيورسٽيءَ جو سانت ماحول حيدرآباد جي پريم
پارڪ، شامداس پاڙي ۾ ٻوليندڙ ڪوئلن جي ڪوڪو،
ڪٻرين، مينائن جي مٺين لاتين سان ڄڻ ٻري رهيو هجي.
سامهون کان فيڪلٽيءَ ڏانهن ايندڙ ڇوڪرين مٿان
ابابيلن جو جوڙو لهري واري اُڏام ڪري درياهه ڏانهن
اُڏام ڪري ويو هو. ايل.ايم.سي کان ايندڙ پاريلن جو
ولر فيڪلٽيءَ ۽ سينٽرل لائبرريءَ مٿان چوطرف ڦيرا
ڏئي واپس هليو ويو.
هلڪي جهڙ وارو آسمان تتر کرڙي لڳي پيو هو. صبح جي
گهلندڙ ٿڌي هوا ۾ مٽيءَ جي مهڪ شامل هئي.
ڀرپاسي ۾ ڪٿي مينهن پيو آهي...؟؟
منهنجي فلاسفر ۽ اداس دوست تبصرو ڪيو.
مارچ ۾ ڳڙو وسندو آهي، مينهن ڪونه پوندو آهي. مون
پنهنجي فطرت کان مجبور ٿي کيس
Contraduct
ڪيو.
تنهن ڏينهن پڄاڻ اوچتو ئي اوچتو ڪيترائي ڪامريڊ
زنده باد ۽ مرده باد، پلئه ڪندس، پلئه ڪندس وارا
نعرا هڻندا ڪلاس بند ڪرائي رهيا هئا.
سڀني شعبن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون سينٽرل
لائبرريءَ ۽ آرٽس فيڪلٽيءَ جي ٻاهران يوڪلپٽس جي
وڻن جيان اُداس چپ چاپ بيٺا هئا.
ڇا ٿيو.... ڪنهن ڀڻڪيو...
اڇا - پوليس ڪسٽڊي ۾...
ذوالفقار ڀٽي کان پوءِ هر سنڌيءَ تي بلئڪ وارنٽ
نڪري چڪو آهي....
روزانو ڪنهن نه ڪنهن سنڌيءَ تي....
منهنجي فلاسفر دوست پنهنجي عينڪ نڪ تي درست ڪندي
وڏي گنڀيرتا سان چيو. جيئن ڀرسان بيٺل ٻيا کيس ٻڌي
سگهن.
پر اهي سڀئي بس جي انتظار ۾ بي ڌيانا بيٺا هئا.
هنن کيس ٻڌو ئي ڪونه.
”اوچتو مينهن جي ڪڻ ڪڻ وسڻ لڳي.“
ٿوري دير ۾ ڪڻ ڪڻ بند ٿي ويئي. ڪا منڊي ڪڪري اسان
جي حال تي روئي هلي وئي. فلاسفر دوست جي بي تڪي
تبصري تي کيس ڪوڙي ڪاوڙ منجهان گهوري نهاريومانس.
آءٌ غلط نه ٿو چوان..
سڄي يونيورسٽيءَ ۽ سڄي سنڌ ۾ رڳو تون ئي صحيح آهين
۽ ٻيا سڀ...
هو روزانو ول ڊيورانٽ جو ڪتاب فلسفي جي تاريخ ۽
افانيسيف جو مارڪسي فلسفو پڙهندو هو. کيس هر شيءِ
غلط لڳندي هئي. سڄو سماج انارڪيءَ جو شڪار، بي
ترتيب، زوال پذير، جاگيرداري لاڙن جو رواج ۽
قانون، هارين جي پگهر ۽ رت جي محنت تي جوان
زميندار شاهي، ويڪائو اديب، سياسي محاذ تي بيٺل
ڄامڙا اڳواڻ، ثقافتي محاذ تي قابض درٻاري ليکڪ،
جعفر زٽلي کان ويل... تون ڪنهن پاڻ جهڙي فلاسفر
سان دوستي ڇو نه ٿو رکين... مون کي فلسفي ۽ تنهنجي
سوشل، پوليٽيڪل موضوعن جي ڪهڙي ڄاڻ. مون کيس
ٽوڪيو...
هو ويچارين نظرن سان مون کي ڏسندو رهجي
ويو....پوءِ ڪيترائي ڏينهن مليو ئي نه...
مهيني جي وٿيءَ کان پوءِ کيس ڏاڍو ياد ڪيم. ڳولا
تي سينٽرل ڪينٽين جو ڏس مليو.
سينٽرل ڪينٽين جي هڪ تنها گوشي ۾ هو سگريٽ پي رهيو
هو. ايش ٽري، سڄي ڀرجي وئي هئي. ڪٿي آهين دوست...
اتي ئي اوهان جي دنيا ۾... هن اداسيءَ سان وراڻيو.
يار توکي ڏاڍو مس ڪيم. ناراض آهين، هٿ ٿو ٻڌان...
هن جي اکين ۾ ڄڻ ڪيترائي ڏيئا ٻري پيا، تون ته مون
مان ڪڪ ٿي پيو هئين، تڏهن اچي هن ڪنڊ سان دوستي
رکيم. ڪالهه سڄو ڏينهن رُوم تي ويٺو رهيس. اڄ آيس
ته لڳو ته هن ڪنڊ کيڪاريو هجي، پڇندي هجي ڪٿي هئين
ڪالهه... وري سگريٽ دکائي چوڻ لڳو... تنهنجا
منهنجا زندگيءَ ڏانهن رويا الڳ الڳ آهن. پر تڏهن
به هن يونيورسٽيءَ ۾ رڳو توسان ئي دوستي آهي...
سڄي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ آءٌ ئي ڀوڪ توکي مليس. ٻيو
ته ڪو توکي ٻڌي ئي ڪونه ٿو. مون ڀوڳ ڪيو.
هن جي چهري تي هيڪر رنج جا اهڃاڻ اڀري وري هٽي
ويا.
نه دوست... انڪري جو تون بي ضرر آهين. پوليٽيڪل
سائنس ۾ ايم فل ڪندڙ هڪ ڇوڪريءَ جيڪا هن جي خاموش
چاهت جو مرڪز هئي.. ايم فل ۾ هن، سندس جوڳي مدد به
ڪئي، هڪ لڱا، هن پنهنجي اسلام آباد ۾ نوڪري ڪندڙ
دوست سان سندس ملاقات ڪرائي... هن ڏٺو ته کلمک،
رنگين دنيا هن جي دوست، هڪ ئي ملاقات ۾ هن کان هن
جو چاهت وارو مرڪز کسي ورتو.
هو ٻئي شادي ڪري پهرين اسلام آباد پوءِ ڪينيڊا
هليا ويا ۽ هو تنها رهجي ويو... هو ايم فل ڪري
رهيو آهي.
سڄي هاسٽل خالي ٿيڻ کان پوءِ به هو هاسٽل ۾ رهيو
پيو هوندو آهي، يا يونيورسٽي انتظاميا جي تنگ ڪرڻ
تي ڄام شورو ڦاٽڪ تي ڪنهن واقف ڪار جي اوطاق ۾.
توکي خالي هاسٽلن ۾ رهندڙ ڀوت تنگ ڪونه ڪندا آهن.
مون کان وڏو ڪو ڀوت يونيورسٽيءَ ۾ هوندو ڇا!؟ هو
مرڪندي جواب ڏيندو هو.
هن ڀيري تون مون سان ڳوٺ هلجانءِ.
نه يار، توکي هت به بيزار ڪيان ٿو ۽ وري ڳوٺ... هن
اڌو گابرو جملو ڳالهايو.
منهنجو ته ڪوئي ڳوٺ ڪونهي...
يار تون ...... ٿي ڪري ائين ڇو سوچيندو آهين. هيءَ
سڄي سنڌ ۽ هن جا سڀ ڳوٺ تنهنجا آهن.
هن جا ماءُ، پيءُ ننڍپڻ ۾ گذاري ويا هئا. هڪ ڀاءُ
يو ڪي ۽ هڪ ڀيڻ ڪراچيءَ ۾ رهندي هئي.
منڍ منڍ ۾ هو نيشنلسٽ هو، پوءِ ترقي پسند ٿيو ۽
هاڻ هو پاڻ کي صوفي ۽ انسان دوست سڏائيندو آهي. هو
سڀني سياسي تنظيمن کي انٽر پرائز ڪمپنيون چوندو
هو.
انهن ڏينهن ۾ يونيورسٽي مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو
مون کي ايڊيٽر ڪيو ويو. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ انڪار
ڪرڻ جي باوجود پنهنجي فلاسفر دوست کي شامل ڪيم.
هڪ ڏينهن سڀني شعبن جي نوٽيس بورڊ تي شاگردن ۽
شاگردياڻين کي پنهنجا نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽
ٻين موضوعن تي مضمون پهچائڻ جو نوٽيس لڳائڻ کان
هفتي کن کان پوءِ... هو پنهنجي ساهيڙيءَ سان گڏ
آئي هئي. هن جي ساهيڙي ”مشرقي فلسفي جا مغرب تي
اثر“ جي عنوان تي ابن رشد تي هڪ شاندار مضمون
مئگزين لاءِ ڏنو هو.
اوهان جي هن دوست جو مضمون ڪڏهن ايندو...
مون وٽ اجايو وقت ڪونهي، لکڻ وارا سڀ احساس
ڪمتريءَ جو شڪار هوندا آهن. ائين هو پاڻ کي ظاهر
ڪندا آهن. منهنجي سوال تي هن هٺيلي نموني وراڻي
ڏني.
هي سمورا ڪتاب، هي سڄي سينٽر لائبرريءَ ۾ پيل ڪتاب
لکندڙ، سمورا ليکڪ يا ڪجهه خاص ماڻهو.
نه رڳو سنڌ جا ليکڪ، خاص طرح سان جيڪي رڳو داخلي
ڪيفيتن تي لکندا آهن ۽ خارجي...
هو هڪ وڏو تبصرو ڪري وئي. مطلب ته اوهان سنڌي ادب
کي گهڻو ئي پڙهيو آهي. نه رڳو آءٌ استاد بخاريءَ
کي پڙهندي آهيان، اياز - ها پڙهيو اٿم.
پر ڀؤنر ڀري آڪاس، ڪپر ٿو ڪن ڪري، وڄون وسڻ آيون،
کان پوءِ هو آدرشي نٿو لڳي... داخليت جو شڪار ٿي
ويو...
ان ڏينهن سنڌالاجي ۽ هڪ ادبي رهاڻ ۾ هو هلڪي
طوطائي رنگ ۾، هلڪي واڱڻائي ڀرت وارين ڦلڙين واري
وڳي ۽ ڪاسنيءَ جو ننڍڙو وڻ لڳي رهي هئي.
هو منهنجي دوست، جنهن کي آءٌ پيارو پروفيسر چوندو
آهيان، تنهن ڏانهن وڌي آئي.
سر، ماکيجاڻي اوهان جي تعريف ٿي ڪئي. مون کي هڪ
موضوع تي اوهان سان ڊسڪشن ڪرڻي آهي، جڏهن اوهان کي
واندڪائي ملي، مون کي ٽائيم ڏيندا.
اوهان وٽ جيڪو واندڪائيءَ جو ٽائيم هجي،آءٌ ته
واندو ئي آهيان. فلاسفر دوست وراڻيو.
ٺيڪ آهي.
پوءِ سينٽرل لائبرريءَ جي ريڊنگ هال ۾ وقت مقرر
ٿيو. دوست تون به مون سان گڏ هلجانءِ... آءٌ ڏاڍو
پزل ٿيندو آهيان. فلاسفر دوست چيو.
پر ٽائيم ته توسان آهي. لازمي طرح سان اوهان جي
گفتگو جو موضوع به اهڙو ئي ڳوڙهو هوندو، آءٌ ته
بور ٿيندس.
نه تون بور نه ٿيندين. فلاسفر سال کن کان پوءِ
پهريون ڀيرو شوخيءَ مان، مون ڏي نهاريو.
ڄام شوري جي موسم تمام سٺي هئي، رات کان اپريل جي
مهيني هوندي به هوا اهڙي ٿڌي ڄڻ بسنت جو پهريون
هفتو هجي.
ڪلاس ختم ٿي چڪا هئا، انڪري دير سان اُٿيس، نيرن
کان پوءِ اوچتو ياد آيو.
اڙي فلاسفر ڪاوڙجي ويندو، اوچتو وات مان رڙ نڪري
وئي.
ڀر ۾ نيرن ڪندڙ بادامي اکين واري شوخ ڪپڙا پهريل
وڏن وارن واري برگر ڇوڪري مون ڏانهن نهاريو، پوءِ
ڪنڌ ۽ ڪلها لوڏي مزي سان نيرن ڪرڻ لڳو.
تڪڙو تڪڙو هلندو پوءِ ڊوڙي ڏاڪڻيون چڙهندو ريڊنگ
هال ۾ پهتس.
هو ۽ فلاسفر ۽ هڪ نئون چهرو گڏ ويٺا هئا. دوست
معاف ڪجانءِ دير ٿي وئي. مون نظرن سان کانئس
معافي گهري، ويهي رهو، ڊسٽرب نه ڪيو، هن وراڻيو.
وڏو ڪو ذليل انسان آهي، اصل ڪميڻو آهي. مون دل ۾
ڪروڌ ڪندي سوچيو.
لئي ته ڏسو مڙس جي... موضوع جي منڍ جي خبر نه هئڻ
ڪري آءٌ چپ ويٺو هوس.
چڱو هيءُ منهنجو دوست اوهان جي مدد ڪندو، اوهان
سان سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ، علامه دائود پوٽه
لائبرريءَ گڏجي هلندو.
پوءِ هن مون ڏانهن ڪتابن جي هڪ فهرست وڌائيندي
چيو.
هيءَ ادي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ ايم فل
ڪري رهي آهي.
تون گڏجي وڃجانءِ ۽ کيس هي ڪتاب هٿ ڪري ڏجانءِ.
ٿورو وقت اٿس، اهي ريفرنس بڪ آهن، انهن مان ڪجهه
چيپٽر فوٽو اسٽيٽ ڪرائي اديءَ کي ڏجانءِ...
پوءِ تعارف ٿيو هو. هن جي وڏي ڀيڻ هئي ۽ شاهه لطيف
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهي هئي. سندن ڳوٺ خيرپور جي
ويجهڙ ۾ هو، پر هو سڀئي حيدرآباد جي نئين وسندي
قاسم آباد ۾ رهندا هئا.
پوءِ هڪ ڏينهن منهنجي فلاسفر دوست سڌ ڏني ته: ايم
فل ۾ سهڪار ڪرڻ جي ڪري، کيس ۽ مون کي هن جي گهر ۾
دعوت ڏني وئي آهي.
يار آءٌ ته ڪونه هلندس، علم ۾ ساٿ ۽ سهڪار کي ماني
کائي لاهڻ وارو دستور مناسب نه آهي. آءٌ ته ڪونه
هلندس. پر هيءَ ته هڪ اهڙي گڏجاڻي آهي. اها دعوت
پاڻ ڪونه گهري ورتي آهي. فلاسفر مون کي قائل ڪرڻ
لڳو.
ڪٿي تنهنجو ڪو چڪر ته ناهي.
منهنجي انهيءَ ڳالهه تي هن چيو ته يار تون هميشه
غلط سوچيندو آهين. هن گهور وجهي مون ڏانهن نهاريو.
اهڙي صورتحال کان پوءِ هو هميشه ڪاوڙجي ويندو هو ۽
پوءِ ڪيترائي ڏينهن گم ٿي ويندو هو. انڪري مون
ساڻس گڏ وڃڻ ۽ دعوت قبول ڪندي کيس چيو، چڱو هلبو،
پر گفٽ ضرور وٺبي. پر هڪٻئي کي ٻڌائبو ڪونه ته ڇا
ورتو آهي.
تو ٻه گفٽ ورتا آهن. بس ۾ فلاسفر منهنجي گفٽن
ڏانهن اشارو ڪندي چيو
ها! گفٽ هميشه جوڙو هجي.
مون هن لاءِ ۽ هن جي ڀيڻ لاءِ شاهه جو رسالو جون
الڳ الڳ گفٽ ورتي هئي. دعوت تان موٽڻ کان پوءِ
فلاسفر هن تي، هن جي گهر وارن ۽ ٻين گهر وارن تي
ڳالهائي رهيو هو.
تون ڇو چپ ويٺو آهين.
فلاسفر پڇيو.
توکي مزو ڪونه آيو... سڄي لئي ته تنهنجي هئي. ائين
چئي آءٌ چپ ٿي ويس.
هو ٿورو گم سم ويٺو رهيو... پوءِ پاڻهي چيائين...
يار! الاهي ورهين کان ڄڻ پنهنجي گهر ويٺو هجان.
مون کي ته گهر جي مزي، گهر ڀاتين گڏ هئڻ جو گهرو
احساس پهريون ڀيرو ٿيو. فلاسفر ڳالهائي رهيو هو.
هو گهر جي هر هڪ ڀاتيءَ تي ڳالهائي رهيو هو. يار،
هن جي ناني ڪيڏي سٺي هئي، مون سان ته ائين ڀاڪر
پائي ملي ڄڻ آءٌ به سندس ڏوهٽو هجان... ڀرت ڀريل
رئو، آڏي ڳچيءَ وارو هرمچو ڀريل چولو، سوسيءَ جي
ليڪائين سٿڻ، ٽونئرن واري جتي ۾ هوءَ ڪا ڳوٺاڻي
وڏيري لڳي رهي هئي. مون ته هندوري ۾ ساڻس گڏ ويهي
هڪ فوٽو به ڪڍرايو آهي.
گهڻن سالن کان پوءِ مون کيس ايترو خوش ڏٺو هو. هو
ساڳيو فلاسفر ۽ اداس نه ٿي لڳو. هن جي زندگيءَ ۾
ڪي رنگ اچي ويا هئا. هاڻ هن جي شيو وڌيل ڪونه
رهندي هئي، ڪپڙا به استري ٿيل هوندا هوس.
اسان ٻئي هاڻ وڌيڪ گهاٽا ٿي وياسين. هاڻ هن جي
ڳالهائڻ جا موضوع شاعري، محبت ۽ گهر وڃي رهيا هئا.
ساحر کان فراز ۽ فيض تائين، لطيف کان اياز ۽
بخاريءَ تائين سڀني جا ڪتاب هن جي ٽيبل تي رهندا
هئا ۽ فلسفي جا ڪتاب ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏيا هئائين. هو
ڏاڍو خوش رهڻ لڳو هو.
هو فون تي ٿيل ڳالهين جو ذرو ذرو ٻڌائيندو هو، مون
کان سواءِ هن جا سمورا گهڻگهرا دوست پڻ ڏاڍا خوش
هئا. يار هو ٻئي منهنجي گفٽ کان وڌيڪ تنهنجي گفٽ
جي ساراهه ڪن پيون. کيس يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچررشپ به
ملي وئي ۽ ڊاڪٽريٽ لاءِ سندس درخواست منظور ٿي ۽
گائيڊ پڻ مليو هوس.
اوچتو ئي اوچتو هو وري ملڻ کان نٽائڻ لڳو. واٽ
ويندي مليو هو. چيومانس وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين...
پري کان هٿ لوڏي چيائين نه.... توکي ٻڌائيندس.
مون، هن کي پروپوز ڪيو آهي.
هڪ ڀيرو رات جو مهراڻ يونيورسٽيءَ واري رستي تي
لوئي پائي پسار ڪندي آڪٽوبر جي هلڪي سياري ۾ اوچتو
مليو. ڊوڙي وڃي کيس ڀاڪر پائي مليس. خبرون ورتم
طبع معلوم ڪيم. هن بابت خبر پڇڻ تي ٻڌايائين
”گذريل آچر تي هن جي شادي ٿي وئي. يار توکي به
دعوت موڪلي هئائين، پر ملاقات نه ٿي سگهي...“ آءٌ
پاڻ به شريڪ نه ٿي سگهيس.
اهو ٻڌائيندي ڪا ڳالهه هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پئي...
رات جي وڳڙي ۾ ڳوڙها ته هن جي اکين جا نظر ڪونه
آيا...
پر ويٺل نڙي ۽ آواز ڪجهه ٻڌائي رهيو هو. مون کي
لطيف جو بيت ياد آيو:
”ستي سنڀريوم، ڪو ڳڻ ٻاروچن جو،
ڪنڌ وهاڻو ڀنئو، هريو هٿ ٿيوم،
سڄڻ ياد پيوم، جاڙ جيان ٿي جيڏيون.
اڃا به هو ڄام شورو جي فضائن ۾ رهندو آهي. هن جي
لوندڙين جا وار اڇا ٿي ويا آهن، چال ۾ وڌيڪ ڍرائي
اچي وئي آهي. ڪلاس ۾ ليڪچر ڏيندي، ڪنهن ڪنهن مهل
گم ٿي ويندو آهي... |