آتم ڪٿا قسط ”3“
رتنا گوديا ”رولاڪ“
پيڙا جو پڙلاءُ
هاڻ ته ڏينهن ڏٺم نه رات، ڊاڪٽرن وٽ ڪان کي وٺي
ڀٽڪندي رهيس. ڊاڪٽرن کي منٿون ڪندي هئس ته ڪيئن به
ڪري منهنجي مڙس کي بچايو. هر ڊاڪٽر مون کي سهارو
ڏنو. علاج چالو هو ۽ هيڏانهن مان ماءُ بڻجڻ واري
هئس. ڊاڪٽر مون تي ترس کائيندا هئا ته مان هنن کي
کلي چوندي هئس ته هو اُهو قياس ڪن ٻين لاءِ سنڀالي
رکن، مون کي ان جي ضرورت نه آهي. شاديءَ جي ٻارهين
مهيني پٽ ڄائو. سڀني خوشيون ملهايون. هاڻ هڪ ٻي
چنتا به ستايو ته گهر جو خرچ ته بابا ۽ شيوا جي
ڪمائيءَ مان هلي ويندو. پر ڊاڪٽرن جو خرچ ڪٿان
ايندو؟ جتي ڪان ڪم ڪندو هو، اُتان مون لاءِ ستارون
پوئڻ جو ڪم وٺي آيو. گهر جي ڪم کان پوءِ اُهو ڪم
ڪندي هئس. ٻه رپيا روز ملندا هئا. شڪر آ. ٻه رپيا
گهر ويٺي ملن ته ٻيو ڇا کپي؟ ڊاڪٽر جو خرچ ته نڪري
ايندو. هاڻ ڊاڪٽر چيو ته، ”ڏس، تون سياڻي آهين.
جنهن لاءِ جيترو ٿي سگهيئي، مڙس کان پاسو ڪج، هيءَ
وچڙندڙ بيماري آهي، ٻار جو به ڌيان رکج.“
”جي ها.“ چئي ته ويس، پر ڇا اهو ممڪن هو؟ نه ڪڏهن
به نه، مون کي خبر هئي ڪان جي. هڪ ڏينهن به هو رهي
نه سگهندو. هو ڪافي ڪمزور هو. سڄو ڏينهن پيو
ڪنجهندو ڪرڪندو هو. هن جي هر مرضي رکي ويندي هئي.
سڀني جي هن سان همدردي رهندي هئي. جنهن لاءِ هو
”نه“ ٻڌڻ جو عادي نه هو. گهر ننڍو، هڪ روم، رنڌڻو،
ٻاهر روم ۾ بابا ۽ ڏير سمهندا هئا ۽ رنڌڻي ۾ مان ۽
ڪان. هاڻ ٻار به هو. هن هڪ رات غصي ۾ چيو، ”خبر نه
آهي گهڻا ڏينهن جيئرو رهان. پوءِ دوائون ڇا جون
وٺي پاڻ کي دُکي ڪريان؟ نه ڪندس دوا، پوءِ مران
تنهن کان هاڻ مران ته توهان جي تڪليف دُور ٿيندي.“
هن کي سمجهائيندي هئس ته ٿوري وقت جي ڳالهه آهي.
بس هاڻ تون جلد ٺيڪ ٿي ويندين. پر هو نه مڙيو.
اُها عورت جي ڪيڏي نه مجبوري آهي، نه چاهيندي به
هوءَ آواز نه ٿي ڪري سگهي. سماج جو ڊپ هن کي گونگو
ڪيو ڇڏي. مان ته گونگي، ٻوڙي، ماس جو هڪ ڳوٿرو ٿي
ويئي هئس. جنهن کي روز ڪيترو وقت به کپي مڙس
چٿيندو رهي. عورت زبان هوندي به بي زبان ٿي رهي.
منهن تي هڪ گهنج نه آڻي. ٿڪ سبب هڪ اوٻاسي به ڪنهن
اڳيان ڏيئي نه سگهي. بس، منهنجي حالت به اهڙي هئي،
سڄو ڏينهن بابا ڪپڙي جي ڦيري ڪرڻ ويندو هو. ڀلي
ڳوٿري مزور کڻي هلندو هوس، پوءِ به ته ٿڪجي پوندو
هو. مٿان وري پٽ جي چنتا، هن جي ننڊ کسي ورتي. ڪم
لاهي اچي بابا جي پيرانديءَ کان ويهي زور به ڏيندي
هئس ۽ حال احوال به ڏيندي وٺندي هئس. کلي چوندو
هو، ”پٽ، تنهنجي هٿ لڳڻ سان ساڻن پيرن ۾ جان اچيو
وڃي. چڱو وڃ، ٿڪي هوندينءَ.“
۽ پير کڻي ڪرونڊا ڪندو هو. مون کي ته عادت هئي.
اُتي پيڪن ۾ پنهنجي پيءُ کي زور ڏيندي هئس ۽ هتي
ڪان جي پيءُ کي. اُنهن پلن ۾ ئي مون کي ڪجهه شانتي
ملندي هئي. اُن سال منهنجي ڏير شيوا جي شادي ٿي جن
جو بسيرو رنڌڻي جي مٿان ٺهيل ٻڇتيءَ تي وسي ويو.
هاڻ هڪ کان ٻه ٿياسين. ڪان بيماريءَ ڪارڻ تمام
ضدِي ٿي پيو هو. سڄو ڏينهن اسپتال جا چڪر، آخر
ڊاڪٽرن هن کي اسپتال ۾ ڀرتي ڪيو. ڇهه مهينا
ڪي.ايم. اسپتال ته ڪڏهن ڇهه مهينا سيان ته ڪڏهن
سورِي ٽي.بيءَ جي اسپتال. ائين اٺ سال گذري ويا.
اُن وچ ۾ مون ٽن ٻارن کي جنم ڏنو، جنهن مان هڪ
گذاري ويو، ڇهن مهينن جو پٽ هو. گهر ۾ ڪم ڪندي
ڪندي خفي ٿي پيس. سلائي، پينٽ، ستارون پوئڻ. ان
وقت منهنجو ساهيڙيون جيڪي اتي مئٽرڪ پڙهنديون
هيون، شاهه، سامي ۽ ٻين جا بيت سمجهي نه سگهنديون
هيون ته مون وٽ اچي انهن جي معنيٰ پڇنديون هيون.
اُنهن کي سيکاريندي سيکاريندي منهنجي من ۾ به چاهه
پيدا ٿيو ته مان به مئٽرڪ پاس ڪريان، سؤلي ته آهي.
رڳو حساب سکڻا پوندا. ڪمارِي منهنجي تمام پياري
سکي هئي، جنهن جي مڙس لڇوءَ مون کي ٻڌايو ته
پرائيويٽ مئٽرڪ جو امتحان تون ڏيئي ٿي سگهين. مون
بابا کان موڪل ورتي، پوءِ ته مون کي پڙهڻ جو ڄڻ
نشو چڙهي ويو. مون گرائونڊ روڊ تي سنڌ ماڊل هاءِ
اسڪول مان فارم ڀريو. ڪوليواڊا ۾ ڀاوناڻي جي ڪوچنگ
ڪلاس ۾ ٻه مهينا پڙهائي ڪئي ۽ مهيم ۾ موٽواڻيءَ وٽ
حساب سکيس. ان وقت مون کي چئن ڪلاڪن لاءِ سلائيءَ
جي نوڪري به ملي هئي. گهر جو سڄو ڪم، رات جو ٻه ٽي
ڪلاڪ سڀ پاڙيواريون گڏجي گهر کان ٻاهر پئسيج ۾
پڙهندا هئاسين. 1964ع ۾ امتحان ڏيئي آيس. مان سٺين
مارڪن سان پاس ٿيس ته موڪل وٺي ماءُ وٽ اٺن ڏينهن
لاءِ رهڻ ويس. منهنجي ماءُ اجمير ڇڏي ناسڪ ۾ اچي
اسپتال کولي هئي. سٺي آمدني هئس. منهنجو پيءُ
گذاري ويو هو. منهنجي ڀيڻ به آئي هئي. اسان پڪچر
ڏسڻ ويا هئاسين ته اڌ ۾ ئي پردي تي انائونس ڪيائون
ته اسان جو پيارو جواهر لال نهرو هن دنيا ۾ نه
رهيو. واپس گهر اچي ريڊيو هلائي احوال ٻڌندي رهيس
۽ روئندي رهيس. ٻئي ڏينهن ڪماريءَ جو خط مليو ته
تون جلدي اچ، لڇو تنهنجي لاءِ نوڪري پڪي ڪري آيو
آهي. واپس اچي فائونٽين تي سنئيرا اپريسل ۾ سيٺ
منوهر لال واڌواڻيءَ وٽ هڪ سؤ پنجاهه رپيا پگهار
سان سپروائيزر جي نوڪري ڪئي. صبوح جو سوير اٿي
ٻارن جا ٽفن ٺاهي گهر وارن لاءِ رکي وي. ٽيءَ کان
ڊڪندي ڊڪندي ويندي هئس. ٻه سال گذري ويا. منهنجو
ڏير الڳ وڃي رهيو. مون کي پاڙي ۾ رهندڙ ستيءَ ماءُ
چيو، ”رتنا، منهنجو هڪ ڪم ته ڪر. مون وٽ ويهه هزار
رپيا آهن، تون ڪنهن وٽ رکائي ڏي. ڪمپنيءَ ۾ پهلاج
سيٺ کي رپيا ڏيڻ ايندو ويندو هو. مون هن کان پڇيو
ته چيائين ته ٻن ٽڪن تي ڪمپنيءَ ۾ ئي رک. مون
ستيءَ ماءُ کي چيو ته ڏيڍ ٽڪو وياج ملندءُ. هن
خوشيءَ سان چيو، ”اڙي، تون ٽڪو ئي ڏي، پر گئرنٽي
تنهنجي.“ ائين ڪجهه ڪمائي وڌي ويئي،. هاڻ ڪان بلڪل
ٺيڪ هو. پر جيڪو ماڻهو ڏهه سال گهر ۾ بنان ڪم جي
رهيو، اُن کان ڪم ڪرڻ ڪيئن پڄندو؟ اوڙي پاڙي
واريون ميڙي ويٺو ڪچهريون ڪندو هو. بابا به هاڻ
گهر ۾ بيمار رهندو هو. مون کي وڏو آٿت هو جو ٻارن
جي سار سنڀال جو اونو نه رهيو. ٽن سالن ۾ سيٺ
پگهار نه وڌائي. پر ڪمپنيءَ ۾ منهنجي عزت هئي.
ويهه ڪاريگر منهنجي هيٺ هئا. سڀني سان پيار ڪندي
ئي ڪم ڪڍائيندي هئس. اچانڪ سيٺ جو دوست جاڪرتا ڇڏي
هتي اچي ڪمپنيءَ کولڻ جو ويچار ڪيو. هن جا ڪلڪتي ۾
وڏا دڪان به هئا. اُنهن لاءِ مال اسان جي ڪمپني
تيار ڪندي هئي. تنهن جو مون کي ۽ منهنجي ڪم ڪرڻ جي
طريقي کي ڏٺو ته مون کي چيائين ته توکي پارٽنر شپ
ڏيندس جي تون مون وٽ هلي ڪم ڪرين ته. مون آهستي
چيو ته پهريائين پنهنجي دوست کان ته پڇي ڏس. جي
خوشيءَ سان موڪل ڏي ته پئسو مون کي به پيارو آهي.
باقي منهنجو ارادو اُهو رهيو آهي ته هڪ سيٺ وٽ ڪم
ڪنديس. پوءِ پنهنجو ڪم کولينديس.
سيٺ کان پڇڻ تي دَٻ کائي چپ ٿي ويو.
تڏهن مون سيٺ سان ڳالهايو ته ”يا ته پگهار وڌايو
يا منهنجي استعيفا منظور ڪيو. هاڻ منهنجون ضرورتون
به وڌيل آهن.“
هن يڪدم چيو ته، ”اسان وٽ جيڪو آرڊر ڊپارٽمينٽ
آهي، اُهو مان هلائي نٿو سگهان. تون هلائين ته اڌ
- اڌ کڻنداسين، محنت سڄي تنهنجي، قبول؟“
مون ڪجهه سوچي جواب ڏنو، ”اُهو ته برابر آهي، پر
پنهنجيءَ گهر واريءَ کان پڇي ٻڌائجو، تڪڙ نه آهي،
ڏهه ڏينهن پيا آهن.“
ٻئي ڏينهن کلندي چيائين، ”جوءِ چوي ٿي ته اسان جي
لک رپيا لاڳت آهي، پنجاهه هزار تون اسان کي به
ڏي.“
ٽهڪ ڏيئي چيومانس، ”ماسٽر، جي مون وٽ ايترا پئسا
هجن ها ته مان نوڪري ڇو ڪريان، مان پنهنجو ڪم نٿي
کولي سگهان؟“
ان هفتي ئي مون فائونٽين ۾ مسواڙ تي دڪان ورتو.
مون وٽ ڪجهه رپيا هئا. ٻيا ويهه هزار سيٺ کان
ستيءَ ماءُ وارا وٺي پنهنجو ڪم چالو ڪيم.
مون ڪان کي چيو ته، ”اچي دڪان تي وهج ته مان
ٻاهران آرڊر وٺي اينديس.“
اُن ايريا وارا سڀ مون کي سڃاڻيندا هئا. مون
ائمبرائڊريءَ جو ڪم کوليو جو تڏهن شرٽ تي مونوگرام
ڪرائڻ جو فيشن هو. ڪم ته مليو پر ڪان چيو ته، ”مان
سڄو ڏينهن دڪان تي ويهي نه سگهندس ۽ نه ئي مان هنن
ڪاريگرن سان مٿو ماري ڪندس. مان ڪمزور لڳو پيو
آهيان، منهنجو مٿو ٿو ڦري.“
سمجهايو مانس ته، ”اهو وهم ڪڍي ڇڏ. سڀني ڊاڪٽرن جو
اهو ئي رايو آهي ته تون بلڪل ٺيڪ آهين.“
پر هو نه ويٺو. ٻارهن مهينن ۾ ئي مون دڪان اُتان
کڻي دادر، گرونانڪ مارڪيٽ ۾ آندو جتي سندري
اُتمچنداڻيءَ جي چوڻ تي هڪ ڇوڪري ”بچيءَ“ نالي
رکي. ڇوڪري هڪ جوان، ٻي سهڻي، ٽين کل کل ڪندڙ ڪان
هاڻ اچي اڌ ڏينهن وهندو هو.
منهنجي ٿوري بيپرواهيءَ ڪري مان وري ماءُ بڻجڻ
واري هئس. ويهن ڪلن جي سئمپل بئگ کڻي ڪمپنيءَ ۾
ويندي هئس. آرڊر ته گهڻائي ملندا هئا پر اُن سان
گڏ سيٺيون مشڪري ڪري صلاح ڏيندا هئا ته هاڻ توکي
آرام ڪرڻ کپي. ڪن ته چيو، ”رتنا، اُتان لنگهندي
پائيندي تنهنجي دڪان تي اچي آرڊر ڏيئي وينداسين.“
پر مون نٿي چاهيو ته ڪوئي سيٺ مون وٽ اچي.
نڪتل پيٽ ڍَڪڻ لاءِ اُبتي پلئه ساڙهي پائڻ لڳيس.
وقت تي ماءُ وٽ هلي ويس. ڪان کي چيم ته ”مون کي
ٻار نه کپي،“ پر هن ضد ڪري چيو ته، ”مون کي پٽ
کپي، ٻه ڌيئر آهن ته پٽ به ٻه کپن.“
مان لڪي ڪري هڪ ڏينهن لاءِ ماءُ وٽ ويئي هئس ته
ٻار نه کپي، پر هن انڪار ڪندي چيو ته، ”هڪ دفعو
دوکو کاڌو اٿم. مون کي تنهنجي حياتي پيارِي آهي.
ٻار نه کپيئي ته مون کي ڏيئي ڇڏج، يا هوءَ تنهنجي
ساهيڙِيءَ ملڪاڻيءَ جي ڀيڻ کي ڏيئي ڇڏج. هن
ويچاريءَ جو به گهر سائو ٿي پوندو. ٻارن کان سواءِ
سڃ لڳي پيئي اٿن.“
ڳالهه ائين هئي جو جڏهن مون امتحان جي جي تيارِي
پئي ڪئي ته مون کي ٻن مهينن جو گرڀ هو ۽ مون نه ٿي
چاهيو. ماءُ وٽ وڃي منٿون ڪيون ته منهنجو آئيندو
خراب ٿي ويندو. اڃا ته ٻار ۾ ساهه به نه پيو آهي.
امان آخر مڃيو. ساڳئي ڏينهن پيٽ هلڪو ڪري ڇڏيائين.
امان اسپتال ۾ هئي ته مائيءَ مون کي ٽماٽي جو سوپ
ٺاهي ڏنو. اُن رات منهنجو وات بند ٿي ويو ۽ ڪنڌ ۾
سخت سور.
ڊاڪٽر لالواڻي امان سان ملڻ آيو هو ته امان مون کي
ڏيکاري چيو ته، ”ڏس ته هن جو وات ڇو بند ٿي ويو
آهي؟“
ڊاڪٽر يڪدم ٻئي ڊاڪٽر سندرداس کي گهرائي ڪري امان
کي چيو ته، ”هن کي يڪدم بمبئيءَ جي نائر اسپتال ۾
وٺي وڃ. اسان جي ويچار موجب ٽيٽنس ٿيو اٿس.“
هن وري مون کان پڇيو ته، ”ڪو ڪوڪو وغيره ته توکي
نه لڳو آهي؟“
مون ”نه“ ڪئي، پر پوءِ مون کي ياد آيو ته هفتو کن
اڳ چمپل جو ننڍڙو ڪوڪو لڳو هو ۽ مون اُهو چمپل ڦٽو
ڪري ڇڏيو هو. پر مان ڳالهائي نه سگهيس. امان يڪدم
مون کي رات جو ئي بمبئيءَ وٺي اچي نائر اسپتال ۾
داخل ڪرايو، جتي ويهه ڏينهن منهنجو علاج ٿيندو
رهيو، پر وات نه کلي، نه کليو. نڙيءَ رستي کير
ڏيندا هئا. منهنجو سڄو ماس گم ٿي هڏا اچي بچيا
هئا. ڊاڪٽرن جواب ڏنو ته امان منهنجيءَ جو سڏڪو
ٻڌم. دل ڦاٽڻ لڳي. ڏاڏِي به اچي مون سان رهي. هن
جون اکيون ڀريل هيون. ڊاڪٽر ٻڌايو ته اڄ هڪ وڏي
ليڊي ڊاڪٽر ايندي هن کي ڏسڻ. مون کي اندر ۾ سڀ
سجاڳي هئي. مون ڊاڪٽر کي هٿ جي اشاري سان چيو ته
پنو پين ڏي. مون هنديءَ ۾ لکيو، ”ڊاڪٽر، مان مرڻ
واري نه آهيان. مون کي ٻن مهينن کان پوءِ اِمتحان
ڏيڻو آهي. توهان منهنجي مائٽن کي آٿت ڏيو.“
ڊاڪٽر پڙهي رهيو هو. ٻين سمجهيو منهنجي آخرين
خواهش جي ڳالهه هوندي. چٺي پڙهي کلي امان کي
ڏنائين.
ليڊي ڊاڪٽر اچي ڏسي چيو ته، ”مان ڪوشش ڪريان ٿي،
پر هن ۾ خون اصل نه بچيو آهي. روز هيتريون سيون
هڻندي به.“ اُداس ٿي هلي وئي.
مون کي اچي مونجهه ٿي، سو نڪ ۾ پيل نلي ڪڍي ڇڏيم.
ڏاڏيءَ اُهو ڏسي ڪجهه سوچي هيڏانهن هوڏانهن نهاري
چمچو کڻي منهنجي وات کي پڪڙي اندر دٻايو ۽ ٻئي
چمچي مان کير اندر وجهندي رهي ۽ چوندِي رهي، ”بلي
کير پيءُ، جلدي ٺيڪ ٿيندينءَ. پوءِ اسان ولايت
هلنداسين.“ نرسن اچي ڏاڏيءَ کي پري ڪيو پر جادو ٿي
ويو. منهنجو وات کليو ته مون مشڪي ڏنو. ائين
منهنجو مؤت نراس ٿي موٽي ويو. هفتي کن ۾ مون کي
گهر وڃڻ جي موڪل ملي. مهيني کن ۾ هڏين تي ماس چڙهي
ويو. اُها سڄي مهرباني ڏاڏيءَ جي هئي، جنهن ڪلاڪ
ڪلاڪ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ٺاهي پئي کارايو. امتحان سٺا
ڏيئي آيس.
اهو ئي ڪارڻ هو جو ماءُ منع ڪئي. مان لاچار هئس.
هيڏن سالن کان پوءِ ٻار ڄڻڻ ۾ شرم به پئي آيو. اُن
دفعي به ڌيءَ ڄائي. منهنجي ماءُ جي سدورن هٿن سان
پڇاڙيءَ جي ”اوگهه پوگهه“ نيلم.
سورهن ڏينهن کان پوءِ مان وري آرڊر وٺڻ ويس.
منهنجو ڪم هر ڪمپنيءَ کي وڻندو هو. اُن وقت نئشنل
رومال ٺاهڻ واري ڪمپنيءَ ڪافي وڏو آرڊر ڏنو هو ۽
مرارجِي مِل وارن پهريون دفعو پوليسٽر جو ڪپڙو
مارڪيٽ ۾ آڻڻ ٿي چاهيو، جنهن لاءِ منهنجي دڪان تي
ڪپڙو کڻي آيا ته هن مان ڪجهه اهڙو ٺاهي ڏي جيئن
ڪپڙي مان خوشبوءِ اچي سڄي جلسي ۾ ڦهلجي وڃي. اسان
ٻين کي به ڪپڙو ڏنو آهي. ڏسون ڪنهن جو ٿو ڪم سٺو
نڪري. اُن کي ئي آرڊر ڏنو ويندو. پڇيومان، ”جلسو
ڪڏهن آهي؟“
”مهيني کان پوءِ.“
مون چيو، ”ٺيڪ آهي، ٽن ڏينهن ۾ هتي اچي سئمپل کڻي
وڃجو.“
هنن چيو، ”جي توهان ايندا ته وڌيڪ سٺو ٿيندو، سيٺ
سان به گڏجي سگهندا.“
مون چيومان، ”نه، اُن جي ڪا ضرورت نه آهي.“
هن جي وڃڻ کان پوءِ سڄو وقت سوچيندي رهيس ته اهڙو
ڇا ٺاهيان، جنهن مان خوشبوءِ اچي. اُن وقت
ايمبرائڊري وارو ڪاريگر نئشنل وارن جي رومال جو
سئمپل ڏيکارڻ آيو هو. هن کي ڪپڙو ڏيئي چيم ته گلاب
جو گل ڀري اَچُ. وچ ۾ ٻيو ڪپڙو وجهي، کيسن وانگر
کليل ڇڏجئين جيئن ڪپهه وجهي سگهجي. هو تمام هوشيار
ڪاريگر هو. ڏهن منٽن کان پوءِ ٺاهي آيو. مون ڪپهه
عطر ۾ ٻوڙي کليل کيسي ۾ وجهي، هن کان وري مٿان
ٿورو ڪم ڪرايو. اُن مان رومال ٺاهڻ لاءِ بچيءَ کي
چئي، مان مارڪيٽ هلي ويس. گهر وڃڻ مشڪل هو، ڀلي
هاڻ گهر اسي ۾ ئي هو. صبوح جو نڪرڻ وقت نيلم کي ٿڃ
پياري ايندي هئس. هڪ واپاريءَ وٽان ٿي تڪڙ ۾ وِي.
ٽي. اسٽيشن جي ويٽنگ روم جي باٿروم ۾ وڃي کير هاري
ايندي هئس. اُن وقت مون کي پنهنجي ڌيءَ جي بکايل
معصوم شڪل اَچي ياد پوندي هئي. هوءَ گهر ۾ بازاري
کير پئي پيئي ۽ مان هن جي حق جو کير گينڊيءَ ۾
هاري ٿي ڇڏيان. هڪ هٿ سان کير ڪڍندي هئس ۽ ٻئي هٿ
سان اکين ۾ آيل ڳوڙها اُگهندي هئس. پنهنجي حالت تي
قياس ايندو هو.
پوءِ به منهنجو ارادو ڪمزور نه ٿيو، ٿڪجي ڪري دڪان
تي ايندي هئس ته ڪان جون شڪايتون چالو ٿينديون
هيون. هن ائين ڪيو، هن هيئن ڪيو، هن ڪاريگر ڪلاڪ
کاڌي تي لڳايو ۽ هر هر ٻيڙي ڇڪڻ ٿو وڃي. مان هن
سان پڄي نٿو سگهان. سنڀال پنهنجو دڪان، مان گهر ٿو
وڃان. هن جي ويندي ئي ڪاريگر به دانهن ڪندا هئا ته
سيٺ اسان سان سٺو نه ٿو هلي. توهان جو منهن ڏسي
رهيا پيا آهيون نه ته اسان کي نؤڪريون کٽيون آهن
ڇا؟ مان هنن کي سمجهائيندي هئس ته هو بيمار رهيو
آهي هيترو وقت، جنهن ڪارڻ هن جو سڀاءُ اهڙو ٿي ويو
آهي. توهان مون کي ڏسو.
ٻن ڏينهن کان پوءِ مل وارن مان ماڻهو سئمپل کڻي
ويو ته سڀاڻي سيٺ جواب ڏيندو. ٻئي ڏينهن مئنيجر
آيو، جنهن خوشيءَ مان چيو، ”واه، سيٺ ڪانتيلال کي
توهان جو رومال سڀني کان وڌيڪ پسند پيو آهي. ڏهه
هزار ننگ کپن، زنانا، مردانا ۽ توهان کي به جلسي
جي لاءِ نينڊ ڏني اٿس.
مون اگهه طيءِ ڪري ائڊوانس گهريو ته هن چيو، ”اسان
کان اڄ تائين ڪنهن ائڊوانس نه گهريو آهي. توهان کي
خبر آهي ته مورارجِي مِلس وارن جي مارڪيٽ ۾ عزت
آهي.“
مون تمام نمرتا سان چيو، ”توهين برابر ٿا چئو،
توهان جو وڏن ماڻهن سان ڪم پوندو آهي. پر مان وڏو
ماڻهو نه آهيان.“
مئنيجر کلندي چيو، ”اسان سان ڪم ڪندا رهندا ته وڏي
ماڻهو ٿيڻ ۾ دير نه لڳندوَ.“
”جڏهن اُهو وقت ايندو ته پوءِ ڏٺو ويندو.“
هن هزار رپيا ڏيئي چيو، ”مال وقت تي ئي پهچائجو.“
رات ڏينهن ويهي محنت ڪري مال هن کي پهچايو پر مان
جلسي تي وڃي نه سگهيس. بچيءَ جي شادي ٿيڻ وارِي
هئي. مون غصي مان هن کي چيو ته، ”جي شادي ئي ڪرڻي
هيئه ته ٻن مهينن لاءِ نوڪري ڇو ڪيئي؟“
ڪانَ چيو هو ته مان دڪان تي ايندس. شايد وقت سٺو
نه هو منهنجو. دڪان جي ٻن سالن جي ائگريمينٽ ٿيل
هئي، پر اُن جي پنجابي مالڪ اچي چيو ته، ”منهنجي
نياڻيءَ جي شادي آهي پنجاب ۾ جنهن لاءِ ناڻو کپي.
مان دڪان وڪڻڻ ٿو چاهيان. جي تون وٺين ته ڪجهه گهٽ
ڪري توکي ڏيندس نه ته ٻيو گراهڪ آهي.“
هو ڀلو ماڻهو هو. هن منهنجي پيرن تي هٿ رکي چيو
ته، ”مان توکي قانوناً اُٿاري نٿو سگهان پر تون
منهنجي مجبوريءَ کي ڏس.“
”ٺيڪ آ“ مون اُڀو ساهه کڻي چيو.
وڏا سچ چوندا آهن، ”واڻيو هونءَ نه کٽي لڏ پلاڻ ۾
کٽي.“ مون سان به اهڙي ڪار ٿي. بابا سان ڳالهه ڪئي
ته صلاح ڏنائين ته، ”گهر ۾ ئي مشينون کڻائي اچ.
رنڌڻي جي مٿان ٻڇتي کڻي ٺهراءِ. مان پيو سار سنڀال
لهندس. دڪان وارو وقت ٻارن سان گذاري سگهندينءَ.“
گهرن ۾ ئي ڪم هلڻ لڳو. هاڻ رڳو منهنجي ساهيڙي سيتا
ئي مون وٽ فال ٺاهڻ جو ڪم ڪرڻ واري هئي. باقي مرد
ڪاريگرن کي جواب ڏنم. ٺيڪ اُن وقت ستيءَ ماءُ جنهن
ويهه هزار هنڊيءَ تي ڏنا هئا، تنهن چيو ته منهنجي
ڌيءَ جون مائٽيون پيون هلن، مون کي پئسا واپس کپن.
هنڊيءَ جو وقت پورو ٿيو آهي. مون هن کي سمجهايو ته
هڪ سال وڌيڪ ڏي، مان وياج ته توکي وقت سر ٿي
پهچايان پر هن کي خبر نه آهي ڇا ٿيو هو جو هوءَ ضد
ڪري ويٺي. برابر هوءَ غريب هئي. ولايت مان ايندڙ
پراڻا ڪپڙا وڪڻي پئسا جمع ڪيا هئائين. منهنجي
ساهيڙيءَ ڪماريءَ اچي چيو، ”ڪهڙي کٽيءَ کنيئه جو
هن جا رپيا پنهنجي دڪان تي لڳايئه؟ پنوتي ٿي لڳئه
نه! سکي ويٺي هئين نوڪري ڪري.“
مون چيو، ”سڄو جيون ته نوڪري نه ڪريان ها، سکُ،
ڪجهه رپيا آهن ۽ باقي منهنجي جيولري آهي. وڪڻي هنن
جا قرض لاهينديس.“
ڪان اُهو ٻڌو، لڪائڻ جي ته ڳالهه هئي ڪانه. قرض
ورتو اٿم ته لاهڻو به آهي.
ٻئي ڏينهن ڪٻٽ کولڻ ويس ته زيور ڪڍي ستيءَ ماءُ کي
ڏيئي اچان. سيتا به ڪم تي اچي ويٺي. بابا هيٺ لٿو
هو. ڪٻٽ ۾ چاٻيون هميشه لٽڪيل هونديون هيون، پر اڄ
چاٻيون نظر نه آيون. ڪان پلنگ تي ويٺو هو، تنهن
کان پڇيم ته، ”چاٻيون ڪٿي آهن؟“
ڪانَ چيو، ”مون وٽ آهن.“
”ڏيو مون کي.“
غصي مان چيائين، ”ڪونه ڏيندس.“
چيومانس، ”ڇا ٿيو آهي توهان کي؟ ستيءَ ماءُ جي اڄ
هنڊي پوري ٿي آهي. توهان کي ته خبر آهي ته مون
صحيح ڪئي هئي. مشينون وٺڻ لاءِ ڇهه هزار روڪڙا پيا
آهن، باقي زيور وڪڻي قرض لاهينديس.“
ڪان تکي آواز ۾ چيو، ”اُهي زيور سڀ منهنجا آهن.“
بابا ٻاهران ايندي چيو، ”ڪان، هيڏي وڏي آواز ۾
ڪنهن سان پيو ڳالهائين؟“
ڪان وراڻيو، ”تنهنجي نونهن سان.“
بابا کي اچي ويو غصو، هن به وڏي آواز ۾ چيس،
”ڀاڙيا سمجهين ڇا ٿو؟ شيوا ڪرڻ ۽ ڪمائي کارائڻ
لاءِ تنهنجي زال آهي ۽ وڙهڻ لاءِ منهنجي نونهن
آهي. هيءَ منهنجي نونهن نه پٽ آهي.“
پوءِ مون ڏانهن نهاري پڇيائين، ”ڪهڙي ڳالهه تان هي
وڏي آواز ۾ ٿو ڳالهائي؟“
مون کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. هن چيو، ”واجب آهي،
پرايو ڌن چاڪوءَ جو ڳن. سبتو ته ٺيڪ آهي، اُبتو
خود جو خون پيئندو.“
بابا جو ائين چوڻ ۽ هن جو اُٿي اُلر ڪرڻ. مون هن
جي ٻانهن پڪڙي چيو، ”هٿ مٿي جو مٿي رهڻ ڏج. هيٺ
آيو ته مون کي به ڪمزور نه سمجهج.“
بس، پوءِ ته ڄڻ هن کي جن لڳي ويو. ”تون مون کي
ماريندينءَ؟ نڪر گهر مان. هتي سڀڪجهه منهنجو آهي.“
پوءِ جهولڻ لڳو. پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ هميشه
ائين جهولندو رهندو هو ته، ”مون کي ديوي آئي آهي.“
مون سوچيو هاڻ وڃان ٿي ٻاهر ٿوري وقت ۾ نارمل
ٿيندو ته سمجهائينديسانس. مون کي مارڪيٽ وڃڻو هو
تڏهن کيس چيم، ”منهنجو پرس ۽ رومال ڪڍي ڏي ته
وڃان.“
هن انڪار ڪندي چيو، ”نه ڏيندس، اُهو چوڙو به لاهي
ڏي.“
هاڻ ته مون کي به غصو اچي ويو، ”هان وٽ چوڙو.“
ٻاهر نڪري آيس. وينديس ڪيڏانهن؟ ماءُ وٽ، ٺيڪ آهي
ڀاڙو؟ ساڳيءَ گهٽيءَ ۾ منهنجي ساهيڙي مينا واسواڻي
رهندي هئي،هن جي ماءُ گيدن ماءُ جي نالي سان مشهور
هئي. هوءَ سنڌي فلمن لاءِ وياج تي رقم ڏيندي هئي.
مان وٽس ويس. ڀاڪر پائي گڏِي ”ڪيئن رستو ڀلجي پيئي
آهين؟“
منهنجو من ڀريل هو، ڪٿي روئي پنهنجي ڪمزوري نه
ڏيکاري وجهان. هن کي چيم، ”پرس گهر وساري آئي
آهيان. هڪڙا ڏهه رپيا ڏي ته سڀاڻي واپس ڪنديس.“
گيدن ماءُ چيو، ”صدقي وڃان تو تان. ڏهه ڇا ويهه به
ڏيان توکي. مينا ٻاهر ويئي آهي. اڌ رات جو ايندي.
چاٻيون ڪٻٽ جون هن وٽ آهن.“
منهنجي دل پٿر جي ته ڪانه هئي. اندر ۾ هاهاڪار مچي
ويو. سيتان مون سان گڏ هئي. هن ويچاريءَ کي به سٺ
روپيا ڏيندي هئس. اڪيلي هئي. ڏينهن جو ته اسان وٽ
کائيندي هئي، رات جو کاڌو، جاءِ جي مسواڙ، ريل جي
پاس. ٻه روپيا پرس ۾ هوندا هئس ويندي ويندي ڪجهه
خريداري ڪرڻ لاءِ. ٻه روپيا ڏيندي چيائين، ”رتنا،
هي رک پاڻ وٽ.“
مون واپس ڪندي چيو، ”نه.“
سيتان چيو، ”منهنجي گهر هل.“
مون چيومانس ته، ”نه.“
هن کي ٽرين ۾ چاڙهي مان اسٽيشن تي اچي هڪ بينچ تي
ويهي رهيس. دماغ ۾ هزارين دٻيل ڳالهيون گهمنديون
رهيون. هي اُهو ڪان هو جنهن لاءِ مون ٻارهن سال
رات ڏينهن هن سان انگ سنگ رهي شيوا ڪئي.
اُن جي ٺيڪ ٿيڻ لاءِ هر ڊاڪٽر کي منٿون ڪندي هئس.
جيڪو به ڏس ملندو هو، اُتي ڪشٽ سهي به پهچي ويندي
هئس. ڪو ٻائو ٻانڀڻ نه ڇڏيم. وڻي ديوي، شرڙيءَ جي
سائين بابا وٽ وڃي هن لاءِ دعا پني آئي هئس.
بيمارِي ته لهي ويئي پر ڪو ڀوت اچي هن ۾ رهيو هو.
جو خود ٻڌائيندو ۽ منهنجي پٺيان زالون ميڙي اُنهن
کي ڏس پتو ڏيندو، هٿ ڏسندو، ڀورڙيون زالون به خوش
ته هي به خوش. سڄو وقت زالن جي وچ ۾ پاڻ
وندرائيندو هو. مان سڀ ڏسي به اکيون بند ڪري وهندي
هئس، ڀلي پاڻ کي خوش رکي نه ته وري ڀوڳڻو مون کي
ئي پوندو... وغيره وغيره... خبر نه پئي ڪير اچي
منهنجي پاسي ۾ ويهي مون ڏانهن نهاري رهيو هو. ٿورو
کن رکي هن آواز ڏنو، ”ممي“.
مان ڇرڪجي ويس، ”اڙي تون؟“
هن چيو، ”مان توهان جي گهر ويو هوس فال کڻڻ ته سڀ
چپ هئا. توهان لاءِ چيائون ته خبر نه آهي. بس گهر
پئي ويس ته توهان تي نظر پئي، توهان هتي ڇو ويٺا
آهيو؟“
چيومانس، ”ناسڪ وڃڻو اٿم، ٽڪيٽ نه آهي. تو وٽ ڏهه
روپيا هجن ته ڏي.“
هو منهنجي پٽ کان ٿورو وڏو هو، اُن وقت جون حالتون
اهڙيون هيون جو ننڍا وڏا ڪم ڪري گذارو ڪندا هئا.
اُن وقت ڏهه روپيا به وڏِي ڳالهه هئي. هو اُٿي
بيٺو، چي، ”هلو منهنجي گهر، پوءِ مان ٿو توهان کي
ڇڏي اچان.“
منهنجي نه ڪرڻ تي گهران وڃي پئسا کڻي ٻه ٽڪيٽون
وٺي، مون کي ناسڪ، ماءٌ وٽ ڇڏي واپس هليو ويو. نه
مون هن کي ترسڻ لاءِ چيو نه هو خود ترسيو.
منهنجي ماءُ جو مون کي بنان ٻارن جي اهڙِي حالت ۾
ڏٺو، نيلم ڇهن مهينن جي هئي. عجب ۾ پئجي ويئي. رات
جو وقت هو، پڇيائين، ”ماني کاڌِي اٿيئي؟“
”نه.“
مائي ماني کڻي آئي، کائي وڃي ماءُ جي پلنگ تي ليٽي
پيس. امان ٿوري دير کان پوءِ اچي منهنجي پاسي ۾
ليٽي. ڀاڪر پائي چيائين، ”اوچتو ڪيئن ياد پيئه
منهنجي؟ گهر ۾ سڀ خوش آهن نه؟“
منهنجو آواز ڳرو ٿي ويو، امان جي ڇاتيءَ سان لڳي
روئي ويٺيس. سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائيمانس. امان چيو،
”پوءِ به پٽ، گهر ڇڏي اچڻ، ڇهن مهينن جي ڌيءَ...
ڪير سنڀال ڪندس؟“
ٻڌايومانس ته، ”هونئن به مان گهر ۾ رهان ڪٿي ٿي،
سڄو وقت بابا ۽ ٻار پيا سنڀالينس.“
امان چيو، ”چڱو هاڻي ننڊ ڪر، سڀاڻي ڏٺو ويندو.“
ٻئي ڏينهن منهنجيءَ ڀاڄائيءَ مون کي ڏسي منهن ٺاهي
چيو، ”تون ڪيڏيءَ مهل آئينءَ؟“
چيومانس، ”توهان سمهيل هئا.“
هن چيو، ”او، جلدي ماءُ جي سڪ لڳي اٿيئي.“
مون ڪو جواب نه ڏنو. امان جي ساڙهي کڻي، سنان تي
هلي ويس. مون کي خبر هئي هن جي سڀاءَ جي، جهڙو
جيئرو جنُ. هٿ ته هلندس ڪونه رُڳو وات پيو هلندس.
نه امان جو ادب هوس نه ئي سماج جو ڊپ. هوءَ ٻارهن
سال منهنجي ڀاءُ کان وڏِي هئي. خبر ناهي ڪيئن لڪي
ڇپي منهنجي ڀاءُ سان شادي ڪيائين. امان اڳ ۾ ئي
اسپتال هلي ويئي هئي. گهر کان ڏهن منٽن جو پنڌ هو.
مان تيار ٿي وڃڻ واري هئس ته آواز ٻڌم ڀاڄائيءَ
جو، جيڪا مائيءَ ببن ٻائيءَ کي چئي رهي هئي، ”هن
جي ماءُ ڪمائي، اسان ڇو کائون؟ آئي آهي اُن کي
لٽائڻ. اڄ اڪيلي آئي آهي، سڀاڻي ٻار گهرائيندي. ڪم
ڪرڻ لاءِ مان جو نؤڪرياڻي ويٺي آهيان.“
ببن ٻائيءَ جو آواز هو دُهل جهڙو. هن جواب ڏنس،
”تون ڪهڙو هتي ڪم ٿي ڪرين، سڄو ڏينهن ويٺي هار
سينگار ڪرين. بي بي آئي آهي ته ماءُ جو کائيندي،
تنهنجي ماءُ جو يا مڙس جو ته نه کائيندي.“
اُهو ٻڌي هن چمپل لاهي مائيءَ ڏانهن اُڇلايو ۽
چيو، ”نوڪرياڻي ٿي وات ٿي ڪرين. مان عاملن جي ڌيءَ
آهيان. هنن وانگر نه جو تنهنجو طعنو سهنديس.“
مائيءَ ٻهارو اُتي ئي ڦٽو ڪري چيو ته، ”پوءِ عاملن
جون ڌيئر نوڪرن سان بڪواس به نه ڪن. مئڊم جي ڪري
چپ آهيون. ٺيڪ آ، وڃي ڪر ڪم. مان وڃان ٿي اسپتال.“
مون کي اُتي بيٺل ڏسي چيائين، ”هل
بي بي، مان به اسپتال ٿي هلان.“
مون نه ٿي چاهيو ته گهر ۾، مون تان ڪو بکيڙو کڙو
ٿئي. مائيءَ کي سمجهائيندي چيم ته، ”هن جو سڀاءُ
ته اهڙو ئي آهي. تون امان کي ڏسُ.“
ببن ٻائيءَ چيو، ”اُن جي ڪري ته هن جون ڳالهيون
ٻڌڻيون ٿيون پون روز روز. اسان جو ساهه آهي ماڻهين
۾، هوءَ جهڙي ديوتا ۽ ڪٿي هيءَ راڪاسياڻي وٺي آيو
آهي تنهنجو ڀاءُ؟ اهڙي پٽ کي ڇا ڪبو؟“
اسان اچي اسپتال پهتاسين. امان ويم - گهر ۾ هئي،
جتان ڪنهن جون رڙيون پئي آيون. امان هن کي آٿت
ڏيئي رهي هئي. ”بس اجهو ٻار آيو.“ مان آفيس ۾ اچي
ويٺيس. ماڻهو اچي مڙيا هئا، جن جي ڌيءَ هئي،
ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ رُنو پئي ته الائي ڇا ٿيندو؟
پڪ ئي پڪ ٻه ٻار هوندس. مون کين چيو، ”توهان جاچ
نه ڪرائي ڇا؟“
هنن چيو، ”ها، رڪمڻي چوي ٿي ته هڪ ٻار آهي. کاڌي
جي پرهيز ڪري، پر هيءَ ٻڌي ڪٿي ٿي.“
هن جي مڙس اِهو ٻڌي چيو، ”تو ئي ته هن کي هيڏا
گيهه، مکڻ پئي کارايا ته ٻار جلدي مکڻ تي ترڪي
ايندو.“
مون کي هيڏي دُک هوندي به کل اچي ويئي. ”چڱو مان
وڃي ٿي ڏسان ته اڃا گهڻي دير اٿس.“ مون کي ڏِسي هن
هڪ وڏِي ڪيڪ ڪئي، ٻئي کن ۾ ٻار جي روئڻ جو آواز.
نرس ٻار جو ناڙو ڪٽي، سنان لاءِ کڻي ويئي. ٻي نرس
مريض جي صاف صفائيءَ ۾. امان ٻاهر آفيس ۾ اچي ويٺي
۽ هن جي ماءُ کي واڌايون ڏنيون ۽ غصو به ڪيو.
”سمجهين ٿي ته منع ڪرڻ کان پوءِ به هن کي
کارائيندي رهينءَ. ٻار تيرهن پائونڊن جو ٿي ويو
هو، آپريشن ڪرڻو پوي ها. سک، آئيندي ڌيان رکج.“
هوءَ امان جي پيرن تي ڪري معافي وٺي چوڻ لڳي، ”هڪ
ئي ته سڪليڌي ڌيءَ آهي. هن کي ڏسڻ اندر وڃان؟“
امان چيس، ”وڃُ.“
پوءِ ببن ٻائيءَ ڏانهن نهاري چيائين، ”تون ايترو
جلد ڪم ختم ڪري آئينءَ، ڀلا ڄيٺيءَ لاءِ نيرڻ
ٺاهيئه يا نه؟“
مون ببن ٻائيءَ کي سمجهائي ڇڏيو هو ته امان کي
ڪجهه نه ٻڌائج. گذر هن کي ڪرڻو آهي، مان ته وينديس
هلي اڄ. انڪري مائيءَ چيو، ”۽ بي بيءَ کي ڇڏڻ آئي
هئس، جو اڪيلي پئي آئي.“
”ٺيڪ آ، هيٺان ئي گرم گرم جليبيون وٺي آ، هن کي
وڻنديون آهن“ مون ڏانهن نهاري چيائين. ٻائي تڪڙ ۾
وٺي آئي. اسان سڀني گڏجي نيرن ڪئي. مائي رهيل ڪم
ڪرڻ لاءِ گهر ويئي. هاڻ اسان اڪيلا هئاسين.
مون چيو، ”امان مان اَڄُ واپس وينديس.“
”هل مان ٿي توکي ڇڏي اچان، ڪان جي ٿوري ڪن پٽائي
به ڪري اچان. ٻارن جي به سڪ لڳي آهي.“ مميءَ
مشڪندي چيو.
مون چيو، ”گهر مان ڪنهن به حالت ۾ ڪانه وينديس.
هاڻ هر وقت هنن جي سامهون ايندي ويندي سوچيندي
رهنديس ته ويهه ڪلاڪ ڪم ڪري هن جون سڀ گهرون پئي
پوريون ڪيم، مون کي اُن جي عيوض ڇا مليو؟ بي عزتي؟
جنهن جي سک لاءِ، جنهن جي وڏي عمر لاءِ ڀٽڪندي
رهيس، اُن هڪ منٽ لاءِ به نه سوچيو ته مان پئسي
بنان ڪيڏانهن وينديس، جو پرس ۽ رومال به کڻڻ نه
ڏنائين. ٻانهن ۾ تنهنجا ڏنل چوڙا پيا هئا، اُهي به
لاهي ورتائين! نه، هاڻي اُن گهر ۾ مان تيستائين
ڪانه وينديس جيستائين ڏاسواڻيءَ جو قرض نه لاٿو
اٿم.“
امان: ”ٺيڪ آ، توکي روپين جو بندوبست ڪري ٿي
ڏيان.“
”نه نه، اُهو منهنجو اپمان ٿيندو. پئسا پيڪن کان
کڻي گهر وڃان ۽ ڪان جي هميشه لاءِ ڏنڀ ڏيندڙ
ڳالهين جو سور سهندي رهان.“
(هلندڙ) |