سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون مارچ 2006ع

ثمينه ميمڻ

 

اٺين مارچ - عورتن جو عالمي ڏِينهُن!

اٺين مارچ تي ڪيترن مُلڪن ۾ موڪل جو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي.

اٺين مارچ، جيڪو ”عورتن جي عالمي ڏينهن“ جي حوالي سان گڏيل قومن جي اداري ۾ به ياد ڪيو ويندو آهي.

اٺين مارچ جو ڏينهن سڄي دنيا جون عورتون ملهائينديون آهن.

اٺين مارچ جو ڏينهن پاڪستان ۾ به عورتن جون تنظيمون ملهائينديون آهن.

سنڌ ۾ به اٺين مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ملهايو ويندو آهي.

اٺين مارچ تي عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان، سڄي دنيا ۾ سيمينار منعقد ڪيا ويندا آهن. جلسا ڪيا ويندا آهن. جلوس ڪڍيا ويندا آهن. تقريرون ڪيون وينديون آهن. ٺهراءَ پاس ڪيا ويندا آهن.

اٺين مارچ، عورتن جو عالمي ڏينهن آهي، ۽ انهيءَ ڏينهن عورتن جا حق به ڪجهه وڌيڪ ياد ايندا آهن. عورتن تي ٿيندڙ ظلمن جو اظهار به ڪيو ويندو آهي. اڻبرابري، جنسي مت ڀيد، نا انصافي، ڏاڍ ۽ ظلم خلاف وچن ورجايا ويندا آهن. گهُرون ڪيون وينديون آهن. عورت جي عظمت جا ڳڻ ڳاتا ويندا آهن.

عورت، جيڪا ماءُ آهي، ڀيڻ آهي، زال آهي، ڌيءُ آهي، ڪليگ آهي -- انهيءَ جي سنڌ ۾ ڪهڙي حالت آهي؟ سنڌي سماج، جنهن ۾ پاڻان وڏيءَ کي امان، هڪجيڏيءَ کي ادي، ڀيڻ ۽ پاڻان ننڍيءَ کي بابا، پُٽ، ڌيءَ سڏيو ويندو آهي. (يا سڏيو ويندو هو!) -- اڄ ان جي حيثيت ۽ اهميت سنڌي سماج ۾ ڪهڙي آهي، اها اسان سڀني کي خبر آهي.

اولهه جي ملڪن ته ”عورتن جي عالمي ڏينهن“ کي قديم يونان جي عورتن جي تحريڪن، فرينچ انقلاب سان وڃي ملايو آهي. ڇا اسين سنڌي عورتن جي جاکوڙ کي ”مارئي“ سان، سسئي سان، نوريءَ سان نٿا ملائي سگهون؟ ٻاگهُل ٻائيءَ سان نٿا جوڙي سگهون؟ مائي بختاور سان نٿا ملائي سگهون!

انتهائي قديم دَور ۾ سنڌي سماج مائيتو (Motherly) سماج هو، جيڪو پوءِ پيئتي (Fatherly) سماج ۾ تبديل ٿيو پر پوءِ به سنڌي سماج ۾ نياڻين جي ميڙ نه موٽائبي آهي. (يا هئي!) ڌاڙيل به عورتن کي پاتل زيور نه لهرائيندو آهي (يا هو!).

اڄ انهيءَ ئي سنڌي سماج ۾ عورت جو ڍورن وانگر وڪرو، ڏنڊ ۾ عورت ڏيڻ، پلئه ۾ عورت کي خون ڪرڻ، ڪاري ڪري مارڻ بنان غسل ۽ ڪفن جي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏڻ.

اٺين مارچ تي اسان کي، توهان کي، ان سنگين صورتحال تي سوچڻ گهرجي ۽ ان جهالت جي دور مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪي عملي اُپاءَ وٺڻ گهرجن.

- ادارو

 

 

خط: ايڊيٽر ڏانهن

جيئي سنڌ، جيئي سنڌي ٻولي ۽ وڌي ويجهي سنڌي ساهت.

ادي! هن وقت رات جو ڏيڍ ٿيڻ وارو آهي. منهنجون ٽي ڌيئر حميدان، فهميدان، سسئي ۽ پٽڙا سرمد ۽ سچل توڙي سندم جيون ساٿياڻي وحيدان سنڌو گهري ننڊ ستل آهن. سياري جي آخري رات آهي، بهار جا پهريان پهر شروع ٿي چڪا آهن. اوهان کي پنهنجن گهر ڀاتين ۽ سهيلين سميت ”بسنت رت“ جون واڌايون هجن.

مان هن وقت ننڍڙي سچل ۽ سندس جيجل جي پيرانديءَ کان پلنگ تي پلٿي ماريون توهان ڏانهن هيءُ خط ۽ ماهوار ”سرتيون“ فيبروري 2006ع تي تبصرو ۽ ”سرتيون“ جي بهتريءَ لاءِ تجويزون تحرير ڪري رهيو آهيان.

”سرتيون“ رسالي جو پراڻو پڙهندڙ هجڻ باوجود پهريون ڀيرو ”سرتيون“ لاءِ لکي رهيو هوس.

هن خط لکڻ کان اڳ ۾ ڪشمير جي عظيم سپوت شهيد مقبول بٽ جي خطن جو مجموعو ”شعور فردا“ پڙهي رهيو هوس. شهيد مقبول بٽ ”ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ (JKLF) جو سرواڻ ۽ ڪشميري قوم جو عظيم اڳواڻ هو. هن جا هي خط ”پاڪستان ۽ هندستان“ جي مختلف جيلن ۾ قيد هجڻ وقت لکيل آهن. سماجي ڀلائيءَ جي کاتي جي سوشل ويلفيئر آفيسر محترم محمد سعيد اسد پاران ترتيب ڏنل مقبول بٽ جي خطن جو هي مجموعو مرتب پاڻ مون کي ”آزاد ڪشمير“ جي باغ شهر ۾ 29 مئي 2004ع تي ٿيل آزاد ڪشمير جي سماجي تنظيمن جي پهرين ڪانفرنس ۾ منهنجي ڪيل تقرير ٻڌڻ کان پوءِ هي مختصر نوٽ: ”حسين سارنگ صاحب ڪي جذبئه حب الوطني ڪي نذر“ لکي ڏنو هو.

هن ڪتاب جا ٻه خط جيڪي ٻن عورتن ڏانهن لکيل آهن، اهي ترجمو ڪري ”سرتيون“ ڏانهن موڪلبا.

هن خط ۽ تبصري سان گڏ پنهنجا 25 بيت ”ٻهراڙيءَ جون عورتون“ پڻ توهان ڏانهن موڪلي رهيو آهيان.

ماهوار ”سرتيون“ فيبروري 2006ع ۾ ڇپيل مواد تي تبصرو/ تنقيدي جائزو

ٽائيٽل روايتي سنڌياڻي سنڌي ڳهن ڳٺن ۽ لباس سان سينگاريل آهي. ٽائيٽل جي تصوير/چتر جو خالق ڪير آهي؟ ڪجهه به ڄاڻايل نه آهي. ٽائيٽل جي پٺيان ”سرتيون شاهه لطيف چئي“ ۾ سنڌ جي سورمي سهڻيءَ جي اندروني ڪيفيت، احساس ۽ جذبي جو ترجمان ”بيت“   ڏنل آهي. ان ۾ سهڻيءَ کي ملندڙ مهڻي کي شاهه لطيف ان جي واتان سندس مرڪ چورايو آهي:

-- ادارئي ”سوچ ويچار“ جي عنوان ”اچو ته نئون سماج اڏيون“ ۾ اسان جي سنڌي سماج ۾ عورت جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. آخر ۾ اميد رکي وئي آهي ته، ”اڄ انهن تهذيب يافته عورتن کي جيڪي سنڌ جي تهذيب، روايتن جي مضبوطيءَ جون امين آهن، اڳتي اچي هن زخمي ٿيل سماج جي نئين سر اڏاوت لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.“

محترم حفيظ قريشيءَ جو ليک ”منهنجي خاندان جو لطيف شناس عورتون“ ڏاڍو زبردست آهي. اهو مضمون اسان جي سنڌي عورت جي لطيف سان لڳاءُ جو عملي ثبوت آهي. هن ليک ۾ آيل اهڙن بيتن جيڪي بقول حفيظ قريشيءَ کي شاهه جي رسالي ۾ ئي ڪونهن، تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. سڄي ڀارت ۾ سنڌيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪندڙ پهرين عورت مانائتي ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻيءَ جو تحقيقي مضمون ”سنڌي شعر ۾ قدرت جا چٽ“ ڏاڍو وڻيو اهڙي تحقيق جي تمام گهڻي گهرج آهي.

سنڌ ڄائي ”رتنا گوديا رولاڪ“ جي آتم ڪٿا ”پيڙا جو پڙلاءُ“ پڙهي سنڌي عورت جي عظمت کي محسوس ڪندي ڪنڌ فخر کان مٿي ٿي ويو. مانائتي رتنا رولاڪ جي سنڌ بدريءَ جي سفر ڪٿا، تعليم سان چاهه، جوان عمريءَ ۾ ڪانگريسي نيتائن/ اڳواڻن   جي ست ڏينهن راتيون پهريداري دکدائڪ شاديءَ سان نڀاءُ، سهري ۽ ٽي بيءَ جي مريض وَرَ جي خدمت ۾ سندس امڙ جي جوابي خط پڙهڻ کان پوءِ رتنا جي راءِ ۽ احساس سندس مهانتا کي سلام ڪرڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. سندس لفظن: ”مون خط پڙهي چمي چيو امان مان وري ڪڏهن به توکي شڪايت ڪري دک نه ڏينديس. مون کي جيئڻ ۽ جيئارڻ جو مقصد ملي ويو.“ ۾ ڇا ته انسانيت، عظمت ۽ اتساهه آهي.

هن قسم جي آتم ڪٿا جي چونڊ ۽ ڇاپڻ لاءِ ”سرتيون“ سٿ جس لهڻي! ايندڙ قسطون پڙهڻ جو شدت سان انتظار رهندو. آتم ڪٿا جي هر قسط جي منڍ جي باڪس ۾ رتنا رولاڪ جو مختصر سوانحي نوٽ (Biographical Note) لکڻ گهرجي.

ڊاڪٽر نگينه پروين سان ڊاڪٽر سحر امداد حسينيءَ جي ڳالهه ٻولهه پڻ وڻي. سوالن کان پوءِ گڏيل طور جواب ڏنل آهن. انڪري جواب پڙهڻ وقت سوال کي وري پڙهڻو ٿو پوي.

مانائتي تنوير جوڻيجو صاحبه جي  ليک ”اچو ته قانون سکون“ ۾ وقت جي قانون بابت ڪارائتي ڄاڻ ڏني وئي آهي. اميد ته هن قسم جي قانوني ڄاڻ اڳتي به ڏني ويندي.

ادي، مان بنيادي طور سماجي ۽ سياسي قومي ڪارڪن ۽ پتڪڙو غير معروف شاعر آهيان. ڪهاڻيون گهٽ پڙهندو آهيان. سائين ڊاڪٽر نجم عباسيءَ کان سواءِ ٻين ڪهاڻيڪارن جون تمام ٿوريون ڪهاڻيون پڙهيون آهن، سڄي رسالي مان توهان جي ڪري (ياد رهي ته منهنجي ننڍي ڀيڻ ستين درجي جي شاگردياڻيءَ جو نالو به ثمينا آهي) توهان جي ڪهاڻي ”وِرِهه وڇوڙا“ پڙهي آهي، توهان جي ڪهاڻيءَ جي منظر نگاري سٺي آهي. ڪهاڻي پڙهندي ائين لڳو ته مان ڪٿي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ويٺو آهيان ۽ سڄو منظر پنهنجن اکين سان ڏسي ۽ ڪنن سان ٻڌي رهيو آهيان. مون کي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي منجهيل لڳي. ڇو ته خبر نه ٿي پوي ته ڪهاڻيءَ جي ڪردار ”خالد“ آخر ۾ ڪهڙو فيصلو ڪيو. ڪهاڻيءَ جي نالي ”ورهه وڇوڙا“ مان لڳي ٿو ته ڪردارن سپ ۽ خالد ۾ وڇوڙو ٿيو آهي، پر لکت ۾ ان قسم جو اظهار نه ٿيل آهي، منهنجي راءِ آهي ته ڪهاڻيءَ جو عنوان بدلايو يا آخر ۾ اهڙا جملا ضرور ڏيو جن مان پڙهندڙ کي لڳي ته سپَ ۽ خالد جو وڇوڙو ٿي ويو.

شاعريءَ بابت راءِ/ جو جائزو

ومي سدا رنگاڻيءَ جي آزاد شاعري احساساتي اظهار آهي. سندس ڪوتائن ۾ فطري سونهن، بک جو احساس، وڇوڙي جا وڍ، اڪيلائيءَ جا آلاپ ۽ سچ جي صدا آهي.

69 سالن جو تجربو رکندڙ ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ صاحب جون سانڍڻ جهڙيون سوچون/ قول/ چوڻيون/ ڪهاوتون به شاعريءَ جي ڀاڱي ۾ ڏنل آهن. انهن کان پوءِ صديقي پنهنجي شعر ”پيغام“ ۾ سنڌي سماج جي هاڻوڪين حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي. شعر جي منڍ ۾ لڳي ٿو ته صديقي صاحب روايتي ماضي پرستي اظهاري رهيو آهي پر آخر ۾ ثبوت ڏئي ٿو ته هو مايوس نه آهي. هو روشن مستقبل لاءِ نه صرف پر اميد آهي.  پر ان لاءِ تجويز پڻ پيش ڪري ٿو:

سڌري سماج سگهندو، پر بر طرف ٿئي هي،
تعليم جنهن ۾ عملي، ڪو امتزاج ناهي.
 

(زاهد دارا ابڙو) درياهه جي سڪڻ تي دانهون ڪيون آهن. هو اسان جي نڙگهٽ تي رکيل ڏاڍ جي پير جي کڙيءَ کي ڪو نالو نه ڏئي سگهيو آهي. اهو سندس لاءِ الميو آهي! زاهد جو تخيل ڏاڍو سگهارو آهي. ادا زاهد! سنڌي سٻاجهڙي قوم کي ڳجهارتون نه ڏيو. سنئين سڌي ڳالهه ڪريو، منهنجي خيال ۾ اهو الميو اسان جي قومي غلامي ۽ ڌرتيءَ تي ڌارين جو ڌاڪو ۽ اسانجن وسيلن جي ڦرلٽ آهي.

-- ساگر محمد حسين مهر جا چؤسٽا عورت جي عظمت لاءِ سندس احساس ۽ جذبا آهن. امڙ، سنڌ جي عورت، ليڊي ڊائنا ۽ مدر ٽريسا سندس چئن چؤسٽن جا موضوع آهن. ساگر صاحب سندم ذاتي دوست آهي، هو سٺو ادبي، سماجي ۽ سياسي قومي ڪارڪن آهي، سندس شاعري اڳ ۾ به پڙهيل ۽ ٻڌل آهي. هنن چؤسٽن ۾ اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خيالي پختگي آهي.

-- هند جي سنڌياڻي شاعرا مايا راهيءَ جون سوچون ڏاڍيون پختيون آهن. سندس ٻولي به سهڻي سلوڻي ۽ پياري آهي. سندس آزاد شعر ”تون ڪير آن؟“ محبت جو مانائتو اظهار آهي.

بنفشه بهار جو غزل ”عضب ٿي وڃي“ سندس جذبن، اميدن، آسرن ۽ احساسن جو سٺو اظهار آهي، سندس وائي ”ڪا ڇانوَ ڪر“ تتل واريءَ واري ڊگهي سفر تي ويندڙ ٿڪل پيرن لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ آهي، هوءَ هلڻ چاهي ٿي پر کيس سهاري جي گهرج آهي. سندس غزل ”کلڪارا ڏي“ سندس وسيع نظريءَ جو ثبوت آهي:

دل جا سڀ نظريءَ بار ڪڍي ڇڏي،
اهي مڙيئي مونجهارا ڏي!
ماڻهو ڏس ڪيڏا تڙپن پيا،
تن کي تون سهارا ڏي!

 

بنفشه بهار جو شعر ”ڪاري ٿي ڪٺل“ سندس احساسن جو ڀرپور اظهار آهي:

ايڏو پيار نه ڪر مون سان،
مان پيار کان ڊنل آهيان.
پنهنجن ئي پيارن هٿان،
مان ڪاري ٿي ڪٺل آهيان.

بنفشه هن موضوع تي لکيل مانائتي عطيه دائود جي شاعري ضرور پڙهي.

-- (شاد/ شايد/ شاد هجي) جي تخليق ”هڪ ڪويتا“ سندس ذهني سوچن جو اولڙو آهي. هن پاڻ کي ٻين کان نرالو سمجهيو آهي. جڏهن ته پيڙا سڀن لاءِ پيڙا هوندي آهي صرف شدت جوا حساس مختلف هوندو آهي.

ماهوار ”سرتيون“ جي ترقيءَ لاءِ تجويزون/ سڌار ۽ سنوار لاءِ صلاحون

سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ ماهوار ”سرتيون“ عورتن جو اڪيلو رسالو آهي. ان جي بهتري، ترقي، سنوار ۽ سڌار لاءِ ڪجهه صلاحون عرض رکجن ٿيون:

* عورتن جي مسئلن جي حل ۽ سندن ترقيءَ لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن ۽ ادارن (CSOs) سان رابطو ڪري سرتيون خريدڻ لاءِ سهڪار وٺڻ.

*  تعليم کاتي جي معرفت تعليمي ادارن ۾ ”سرتيون“ جي کپت کي يقيني بڻائڻ.

* عورتن جي حوالي سان ضروري ڄاڻ، نون ۽ نرالن موضوعن (دنيا ۾ عورتن جي حيثيت، سنڌي عورت جي سماجي، معاشي  سياسي ارتقا ۽ تاريخ، پدرشاهي ۽ سنڌي عورت، سنڌي عورتن جا مسئلا ۽ سندن حل، تنظيم سنڌي عورتون وغيرهه) تي تحقيقي ليک ڇاپڻ.

* رسالي ”سرتيون“ لاءِ اشتهارن جو انگ وڌائي ان جي قيمت اڃا به گهٽ ڪرڻ.

* سنڌ جي سڀني ننڍن وڏن شهرن ۾ ”سرتيون“ جي موجودگي يقيني بنائڻ.

* خطن ۽ عورتن بابت لکيل ڪتابن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ الڳ ڀاڱا ڇاپڻ.

* عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙيندڙ ادارن ۽ تنظيمن توڙي تحريڪن جي ڪارڪردگي ڇاپڻ.

حسين سارنگ

گهوٽڪي، سنڌ


 

سحر امداد

اسٽاپ هريسنگ ورڪنگ وِمين

اٺين مارچ جي ڏينهن او جيڏي!
ٻن اکڙين مان لڙڪ اُگهي ڇڏ!

 

مَرڪي مَرڪي مَرڪي مَرڪي
هٿ ۾ هڪڙو بينر کڻ تون
۽ پوءِ هڪڙو نعرو هڻ تون

 

اسٽاپ هَريسنگ ورڪنگ وِمين،
اسٽاپ هَريسنگ ورڪنگ وِمين،

 

سسئي، سهڻي، سورٺ، مومل
مارُل، نوري، ليلا، ٻاگهل
پنهنجي لوئيءَ جو جهنڊو
اُڀ تائين جهولائي جادُل

 

جهنڊو اُڀ تائين جهولائي
پٽ تي پنهنجا پيرَ کپائي
۽ پوءِ اُوچي سُر ۾ ڳائي

اسٽاپ هَريسنگ ورڪنگ وِمين،
اسٽاپ هَريسنگ ورڪنگ وِمين.

 

سرتيون رپورٽ

”لطيف اسان کي ڇا ٿو سيکاري؟“

انهيءَ عنوان تي 21 فيبروريءَ تي مظهرالحق صديقيءَ وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽيءَ جي صدارت ۾، سنڌالاجي آڊيٽوريم ۾، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ليڪچر ڏنو. اهو ليڪچر ”شاهه عبداللطيف سيل، سنڌي ڊپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران رکيو ويو هو. آڊيٽوريم ٻڌندڙن سان سٿيو پيو هو. واڌو ڪرسيون رکيون ويون هيون.

سنڌي ڊپارٽمنٽ جي شاگرد دائود دانش تلاوت ڪلام پاڪ ڪئي ۽ ان کان پوءِ سڪندر بڙديءَ لاکيڻي لطيف جي وائي ”بوند برهه جي بهار لڳي، درد ونديءَ جو ديس وسي پيو“ ڳائي. ڊاڪٽر نور افروز خواجه چيئرمن سنڌي ڊپارٽمنٽ آجياڻي تقرير ڪئي. سنڌي ڊپارٽمنٽ جي ريسرچ جرنل ”ڪينجهر“ جو مهورت ڪيو ويو. پوءِ ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ، انچارج شاهه لطيف سيل، سنڌي ڊپارٽمنٽ، پاران، ”سيل“ جي پروگرام، رٿائن بابت ڳالهايو. ان ۾ بنيادي ڳالهيون هي هيون:

* اڻڇپيل معياري مواد هٿ ڪرڻ/ڇپائڻ

* ليڪچر پروگرام جاري رکڻ

* تحقيق لاءِ نوان موضوع ڳولڻ

* ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ چوڻ

* شاهه جي ڪلام ۽ ٻوليءَ بابت ورڪشاپ

ان ڏس ۾ جيڪي مالي مشڪلاتون آهن، انهن کي دُور ڪرڻ جي ڳالهه ڪري، ڊاڪٽر مفتيءَ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ سڏيو.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي تمهيدي طور چيو ته:”آءٌ نه پروفيسر آهيان، نه ڊاڪٽر. آءٌ اڄ به پاڻ کي ليڪچرار سمجهان ٿو، جنهن حيثيت سان آءٌ يونيورسٽيءَ ۾ آيس.“ پوءِ اصل موضوع ڏينهن ايندي چيائين ته ”شاهه اسان جو ساٿي آهي، اهو مون سدائين محسوس ڪيو آهي. شاهه جي ڪلام جا سرچشما آهن. شاهه اُتان اتساهه ورتو آهي.“  ان ڏس ۾ پاڻ هندي ۽ فارسي شاعريءَ ۽ گرنٿ صاحب مان حوالا ڏنائين. سندس ليڪچر جون بنيادي ڳالهيون هي هيون:

* شاهه شاعر محبت آهي.

* عدم تشدد جو حامي آهي.

* ڪيني جي خلاف آهي.

* هندو سماج/هندو ميٿالاجي

* شاهه سڄو داستان نه چيو آهي، پر اُهي حصا کنيا آهن، جن ۾ جدائي ۽ ڪشمڪش آهي.

* مومل ۽ ليلا جا ڪردار ملن ٿا، ٻنهي ۾ هٺ آهي.

* ليلا به هٺيلي هئي، هن مڻئي تي موهجي، ور وڃايو ۽ ڏهاڳ جو ڏينهن ڏٺائين.

* مارئيءَ ۽ نوريءَ ۾ نياز ۽ نئڙت آهي.

* سسئيءَ تي پنج سُر آهن.

ليڪچر کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي کان سوال ڪيا ويا، جن جا پاڻ جواب ڏنائين.

ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي، ڊين فئڪلٽي آف آرٽس، ليڪچر ۽ شاهه جي باري ۾ ڳالهايو. آخر ۾ محفل جي صدر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر مظهرالحق صديقيءَ موقعي جي مناسبت سان ڳالهائيندي چيو ته:

* ڪنهن به ذميواريءَ جو بار کڻو ٿا ته اها نڀايو.

* شاهه نهٺائي ۽ سهپ سيکاري ٿو.

* شاهه انساني خوبصورتيءَ جو اظهار ڪري ٿو، جنهن ۾ سخاوت، سهپ ۽ سورهيائيءَ ۽ حب الوطنيءَ جا گڻ اچي وڃن ٿا.

* شاهه انسان جي خوبين ۽ خامين کي اظهاريو آهي.

وائيس چانسيلر، سنڌ يونيورسٽي مظهرالحق صديقيءَ ”شاهه لطيف سيل“ جي مالي مشڪلاتن دور ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

ان ليڪچر جي سڀ کان سٺي ڳالهه نوجوان شاگردن جي ڀرپور شرڪت هئي ۽ انهن ڏاڍا سٺا سوال پڻ ڪيا، جنهن مان ائين لڳو ته شاگرد شاهه بابت نه رڳو ڄاڻڻ ٿا گهرن، بلڪ هو شاهه بابت گهڻو حساس پڻ آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com