سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (3)

 

صفحو :5

سليم ڳاڙهوي

نظم

 

سوال؟

نينهن جي مينهن کي نروار ڪجي يا نه ڪجي؟

آس جو واس ۽ ويچار ڪجي يا نه ڪجي؟

پرت ۽ پيار جو پرچار ڪجي يا نه ڪجي؟

يعني دک درد جو اظهار ڪجي يا نه ڪجي؟

ڇا ڪجي ڇا نه ڪجي،ڪير سڻائي ڪنهن کي؟

قرب جي ڪوٺ، محبت جي ادا تي بندش،

سوچ ۽ لوچ، سچائيءَ ۽ سخا تي بندش،

سوز جي ساز، ديانت ۽ وفا تي بندش،

درد جي دانهن ۽ سورن جي صدا تي بندش،

ڇا ڪجي ڇا نه ڪجي، ڪير سڻائي ڪنهن کي؟

ڏاڍ جا ڏيهه ۾ ڏهڪار ۽ هاڃا آهن،

روهه ۽ ڊوهه جي راڪاس جا راڱا آهن

بخت ۽ تخت ڀڳو ٿي پيا ڀاڱا آهن،

پڻ پيا دين الاهيءَ ۾ ورهاڱا آهن،

ڇا ڪجي ڇا نه ڪجي، ڪير سڻائي ڪنهن کي؟

ديس جا، درد جا آڙاهه اجهائڻ خاطر،

من جي گلشن ۾ چراغن کي جلائڻ خاطر،

سک جي سيجن کي سنوارڻ ۽ سجائڻ خاطر،

پنهنجي بگڙيءَ کي وري پاڻ بنائڻ خاطر،

ڇا ڪجي ڇا نه ڪجي، ڪير سڻائي ڪنهن کي؟

ڪيتري رنج ڀري آهه ڪهاڻي پنهنجي،

دل جي دنيا ۾ رهي آس نماڻي پنهنجي،

تيز طوفان لڳو، شمع اجهاڻي پنهنجي،

واٽ جي ور ۾ اچي، خاڪ اڏاڻي پنهنجي،

ڇا ڪجي ڇا نه ڪجي، ڪير سڻائي ڪنهن کي؟

غم ۽ گوندر ۾ ڪري ڪير گذارو يارو!

آه! ظلمات ۾ اڀريو نه ستارو يارو!

ڪو به ڪنهن جو نه ٿيو ساٿ، سهارو يارو!

واءِ، حسرت ۽ هلاڪت جو نظارو يارو!

ڇا ڪجي ڇا نه ڪجي، ڪير سڻائي ڪنهن کي؟

جيڪڏهن آهه، ته دنيا ۾ برائي آهي،

جيڪڏهن آهه، ته عالم ۾ ڪڌائي آهي،

هر جڳهه درد ڀري دانهن دهائي آهي،

جا بجا ڪنهن کي ڪٿي ڪهل نه ڪائي آهي،

ڇا ڪجي ڇا نه ڪجي، ڪير سڻائي ڪنهن کي؟

پنهنجي برپٽ کي وري گل ۽ چمن ٿا گهرجن،

اي ”سليم“ آس جي دامن ۾ عدن ٿا گهرجن،

سوچ ۽ سچ کي سنوارڻ جا سخن ٿا گهرجن،

حال جا قال سڻڻ لاءِ به ڪن ٿا گهرجن،

ڇا ڪجي ڇا نه ڪجي، ڪير سڻائي ڪنهن کي؟

 

عبدالجبار جوڻيجو

نظم

 

يـــــاد

----    آهي پڊ جتي پاڻ گڏبا هئاسين،

اتي جي نٿا هاڻ گڏجون

تڏهن پڻ،

اهي پڊ گهڻو ئي مٺا ۽ گهڻو پيارا آهن.

----    اهي گس جتي پاڻ گڏجي گمياسين،

اتي جي نٿا هاڻ وڙڪون

تڏهن پڻ،

اهي گس گهڻوئي مٺا ۽ گهڻو پيارا آهن.

----    اهي بينچ جن تي رهاڻيون ڪيوسين.

اتي هاڻ نٿا جي رهاڻيون ڪريون

تڏهن پڻ،

اهي بينچ گهڻوئي مٺا ۽ گهڻو پيارا آهن.

----    اهي شهر جتي ٽول وٺندا هئاسين،

اتي جي نٿا ٽول هاڻي وٺون

تڏهن پڻ،

اهي شهر گهڻوئي مٺا ۽ گهڻو پيارا آهن.

----    اهي گهر جتي ساٿ هو پاڻ جو،

اتي هاڻ جي ساٿ ناهي،

تڏهن پڻ،

اهي گهر گهڻوئي مٺا ۽ گهڻو پيارا آهن.

----    ۽ هي ڏينهن، جو هيئن ڌار آهيون،

ڇا سچ پچ ڌار آهيون؟

جي آهيون تڏهن پڻ

هي ڏينهن گهڻوئي مٺا ۽ گهڻو پيارا آهن

 

 هائڪو

نينهن ته آهي شينهن

جفا ڪاري رات،

وفا چٽو ڏينهن

 

چانڊوڪيءَ جو رٿ

جذبن جي آه اڳ،

تنهنجو آهي هٿ.

 

اهڙو آئون نادان

جهڙو آهي چڪور،

تهڙا وهم گمان.

تنهنجو آهه ڀروسو

تنهنجي ٿڌڙي هير،

جڳ جو واءُ ڪوسو.

 

استاد بخاري

وايون

 

ازل ابد جا، حد بيحد جا، پلڪ پلڪ پاڇا.

اک آئينو،

اچرج سينو.

فرش تماشا، عرش الائي ڇا! ڇا مان ٿيا ڇا ڇا!

اک آئينو،

اچرج سينو.

پوءِ تي پوءِ اچون ٿا ”پاپا“! اڳ ڪنهن واڳاڇا؟

اک آئينو،

اچرج سينو.

ڪاٿان ”ٿيءُ“ ۽ ”ٿيڻيون“ ڪيتر؟ ڪير ڪري ڪاڇا!

اک آئينو،

اچرج سينو.

سو سمجهاڻيون، سڀ هٺ هاڻيون، ڇا به چوين چاچا!

اک آئينو،

اچرج سينو.

جيڪا جان جهانن جي آ، سا شڪتي آ ڇا؟

نيهي ناتا ها، منهنجا توسان ماڻهپا!

نيهي ناتا ها.

لوءِ لوءِ لوليءِ ۾ ڏنا، مون کي ماتا ها!

نيهي ناتا ها.

مون هي پاتي ڀونئن تان، چونڊي چاتا جا.

نيهي ناتا ها!

ميرا، سادا ماروي، پنهنجا پاتا ها.

نيهي ناتا ها!

ڌرتي تنهنجي ڌوڙ ۾، دولهه ڌاتا ها.

نيهي ناتا ها!

ادڙن سان ”استاد“ تو، ڳنڍڻ ڳاتا ها.

 

 

غزل

 

قضا، حيات سان اوريو، حوال منهنجو هو،

خدا، خضر کي ٻڌايو، خيال منهنجو هو.

 

ڀڳم بهشت جا قانون تنگ ٿي زوري،

ڪيئن به قيد مان نڪرڻ ڪمال منهنجو هو.

 

صليب، توب، سزا مان صدا گجي منهنجي،

مسيح، مير، حسن جو مثال منهنجو هو.

 

هيم ته شعر ۾ شرناءِ، پر نه ٿي ڇيڙيم،

ملول شهر سڄي جوملال منهنجو هو.

 

پڙهي سگهي نه نئين سنڌ ترجمي ڌاران،

ڏسي سگهي نه سڌو ڪو جمال منهنجو هو،

 

”اچي جناب بخاري، نئون غزل ڳائي“،

جواب ڪو به نه آيو، سوال منهنجو هو.

  

مان جو آهيان، اُهو اهو آهيان،

صبح سج، شام جو ڏيو آهيان.

 

مان مڃان ٿو يڪو جليو هوندس،

تون چوين ٿو ته چمڪيو آهيان.

 

جيت جي شوق ۾ ڦڪيم هار ون،

موت جي وات ۾ جيو آهيان.

 

جوڻ جيئري به يار مٽبي آ،

مان برابر ٻيو، ٽيو آهيان.

 

تيز تڙڪو ته ڇانورو ٿڌرو،

پيار ۾ پٻيڙ ٿي پيو آهيان.

 

آئون ”استاد“ ڌوڙ جو داڻو،

ماڳ جي مهر موکيو آهيان.

 

 عطا محمد ”حامي“

غزل

تنهنجي حسن ڏي موليٰ خير ڪري حيران هزارين پيا ٿيندا،

تنهنجي نينهن جي نازڪ ناتي ۾ نقصان هزارين پيا ٿيندا،

 

تنهنجي زلف جي قيدين ڪاڻ ڪٺا سامان هزارين پيا ٿيندا،

هر روز نون تعزيرن جا اعلان هزارين پيا ٿيندا.

 

تنهنجي تيز نظر جي تيرن سان بي مان هزارين پيا ٿيندا.

تنهنجي قدمن ساڻ قيامت جا سامان هزارين پيا ٿيندا.

 

تنهنجي گهورجا گهايل گهوٽ گهڻا، اڻموٽ چڙهن ٿا چوٽ گهڻا.

تنهنجي حسن جي روشن شمع ڏسي بي جان هزارين پيا ٿيندا.

 

جي ٻول مٺا پيا ٻوليندا، سي مرغ چمن جا سڪ ٿيندا،

صياد جي پاپي پڃري ۾ مهمان هزارين پيا ٿيندا.

 

تنهن رات کي جن روشن نه چيو، تنهنجي زهر کي جن ماکي نه سڏيو،

تنهنجي پيرن ۾ پامال اهي انسان هزارين پيا ٿيندا.

 

تنهنجي ناز ادا جي شعلن مان ڪا باهه مبادا ڀڙڪي پئي،

تنهن باهه ۾ تنهنجي تباهيءَ جا امڪان هزارين پيا ٿيندا.

 

جنهن پنهنجي جگر جو خون ڏئي، تنهنجي حسن ۾ رونق آندي آ،

تنهن عاشق تي الزامن جا احسان هزارين پيا ٿيندا.

 

هر ورز فلڪ ناراض رهي پيو لوڻ جفا جو ٻرڪيندو،

هيئن اهل وفا جي دردن جا درمان هزارين پيا ٿيندا.

 

هر لهر لتاڙي سير لنگهي، جنهن وقت ڪناري تي ايندي،

تنهن وقت اسان جي ڪشتيءَ کي طوفان هزارين پيا ٿيندا.

 

هن وقت نٿو جو قدر ڪري، هڪ ڏينهن اهو افسوس ڪندو،

”حاميءَ“ جي مرڻ کان پوءِ سندس ارمان هزارين پيا ٿيندا.

 

 

”انور“ هلائي

غزل

منهنجي سجدن کي آگهي بخشيو،

ظلم و فرقت جي انتها ڪريو،

مرڪ اوتي پيان اچو اوري،،

نوڪ خنجر سان وڍي چيري،

مست نيڻن ۾ گم ٿيڻ ٿو گهران،

پنهنجي رخ تان پري ڪري گيسو،

اڄ لبن ساڻ مهر ثبت ڪريو،

دل ٿي چاهي ته روز شب پوڄيان،

مان اوهان سان ڪيان ڪا گستاخي!

ذڪر سرور زبان تي ورد اٿم،

لاالا جون هدايتون ڏيئي،

لذت غم وري وري بخشيو.

منهنجي شعرن کي نغمگي بخشيو.

تشنه لب کي ڪا تازگي بخشيو.

زخم دل کي ڪا شگفتگي بخشيو.

سرخوشي ساڻ بيخودي بخشيو.

”سال نو کي ڪا زندگي بخشيو“،

آه و فغان کي خامشي بخشو.

مون کي صناع بت گري بخشيو.

مون کي ايڏي نه خودسري بخشيو.

حرمت شان سروري بخشيو.

مير مرسل جي پيروي بخشيو.

پنهنجو ”انور“ اوهان کي پرتو آ،

هي ملاقات دائمي بخشيو.

 

غزل

عشق صادق تي افتخار ڪبو،

لذت درد ساڻ پيار ڪبو،

پنهنجي خوشين کي باوقار ڪبو.

جام ومينا کي ڪين ڌار ڪبو،

تنهنجي دل ۾ گهڙي ڪري ديرو،

پنهنجي جذبن تي اعتماد رکي،

هر طرح شان بي نيازي سان،

تنهنجي منصوبي کي شڪست ڏئي،

ها! اگر هار تون مڃين دل سان،

پنهنجي لغزش تي انحصار ڪبو.

پاڻ کي ئي ستم شعار ڪبو.

اضطرابي کي زير بار ڪبو،

پاڻ پي توکي ميگسار ڪبو.

تنهنجي خوابن کي شرمسار ڪبو.

پاڻ لئه توکي بيقرار ڪبو.

تنهنجي نخوت کي تار تار ڪبو.

توکي مايوس بار بار ڪبو.

پوءِ ماحول کي سازگار ڪبو.

پنهنجو ”انور“ ڪري مڃين جي تون،

توکي دل ساڻ پنهنجو يار ڪبو.

 

آغا سليم

نظم

ڀرم

جنهن وقت شام ميري،

تارن جي پائي چولي،

يادن جا سڙه ڦڙڪن،

ڪي نانو دل ۾ ڌرڪن،

دل ڪونج ڄڻ ته ڪائي،

وڇڙي ولر کان آئي.

جنهن وقت چنڊ کڙندو،

ڪنهن دل ۾ پيار ٽڙندو،

مان دل جي ديولين ۾،

ڪو گهنڊ بڻجي کڙندس.

 

جنهن وقت بوند برسي،

۽ ڪونج ڪائي ڪرڪي،

پن ڇڻ جو گيت بڻجي،

تنهن وقت ياد تنهنجي،

من ماٿريءَ ۾ گونجي،

اکڙيون ڀنل ڀنل ڄڻ

تارن جي روشني ۾،

پن ڇڻ جي چانڊوڪي ۾،

مان گيت بڻجي گونجان،

اتر ۾ جيئن ته گونجان،

مان په ريون پيار جذبو،

مان خواب ڪو ڪنوارو،

موتن لڙيون ڇڳل ڄڻ.

مان مرڪ ڪن چپن جي.

 

آلاڻ اکڙين جي.

آ وقت ڪيڏو ويري،

لالاڻ مان شفق جي،

سورج مان مال موٽي،

سانوڻ جي پهرين بارش،

مسجد ۾ ٻانگ گونجي.

مان اکڙين جا آرس.

 

 

ڏس، ڄاڻ شام آئي

 

پوءِ موت جي اونداهي،

هي ڪُوڙَ سهڻا پيارا،

تارا ڪتيون نه ٽيڙو،

دلڙيءَ جا هن سهارا،

ساڻا ٿڪل واٽهڙو.

جندڙيءَ جا هن سهارا،

اي موت! مان نه مرندس،

ڪيڏو حسين حسين ڀرم آ،

صورت ڪنهنه ٻيءَ ۾ جيئندس.

پر موت بي رحم آ.

 

بي آواز شهر جي صدا:

نظم

 

دور، ڏاڍو دور کان ٿو اڄ وري ڪوئي  سڏي،

جسم جي پاتار مان ٿو روح منهنجي کي ڇڪي.

 

شهر آهي سانت جو، جت لفظ بي آواز هن،

سانت جي ان شهر مان اڄ ڪا صدا ٿي پئي اَچي.

 

گهر سڀ سينگاريل پر ڪو به رهواسي نه آ،

واءُ در کڙڪائيندي ڪنهن جو پتو ٿي پئي پڇي.

 

آرزو جي شهر ۾ اڄ پن پيلا ٿا ڇڻن،

سڏ ڪندڙ پيلي هوا ٿي شهر ساري ۾ گهُلي.

 

غزل

 

اڄ وري هير گهلي، گل کڙيو آهستي،

نانءُ ڪو هانءَ هنريو، چاڪ چڪيو آهستي.

 

درد جي هير گهلي، چاڪ پيا سڀ چڪي،

هٿ پاٻوه مان تو دل تي رکيو آهستي.

 

شهر دل جا ته اڀا منگهه هئا رت رتل،

شفق درد ٽڙي،واءُ گهليو آهستي.

 

ڪالهه اڌ رات جو ٿي بوند پئي، کنوڻ کنوي،

دل جي دروازي هو سڏ ٿيو آهستي.

 

پن ڇڻ، پن ڇڻيل ڄڻ ته تنهنجا منهنجا خواب،

گهر جو ويران اڱڻ، چنڊ چڙهيو آهستي.

 

يوسف شاهين

وايون

 

ڪوه پچائين پور ميان منصور.

 

سر ڏي ته سهاءُ ٿئي، دائم رک دستور.

ڏس ڏس هن ڏيهه تي، ڪيڏا ٿئا ڪلور.

رات کٽي روڄ جي، ٿئي شال اسور.

ڪيئن سلي عام سين، جي يوسف سٺا سور.

 

ڏيـﮧ مٿي ڏهڪار هوشيار، خبردار.

جي ويئي ويل وهامي، ته ملي سڀ ميار

پاڻا هلو پرت سين، هڻي سڀ هاڪار.

ويريءَ مٿي واهڙي، وڏا ٿين وسڪار.

هلو هلو هڪل سين، ڇڏي پاڻ پچار.

ڪانئر هلند ئي ڪينڪي، هتي تيغ ترار.

ساڻيه ڏنا سڏ، ته ڪرندا ڪنڌ هزار.

ڪيو ساڻ ”يوسف“ سين، ڪسڻ جا قرار.

 

اٿي جهيڙو کاءُ لاهه جهيڙو جيءَ تان.

لهي لوه لڱن تان، شل وري اهڙو واءُ.

ڍال جيان ڍوليا، هيڪر هلي آءُ.

پاڻا هڻ پڌر تي، ڀڻڪو سڻي ڀاءُ.

گهوريو گهوريو جندڙي، مرڪي مٿان ماءُ.

سڏ ساڻ ”يوسف“ صدقي ڪيو ساهه.

 

الياس عشقي

بيت

 

ساراهيان سبحان، جنهن سيد کي ساراهيو،

”وماارسلناڪ الا رحمته للعٰمين“، چيو منجهه قرآن،

سڄو هيءُ جهان، پيدا جنهن جي لاءِ ٿيو.

ڪهڙي هئي سا خاڪ، جنهن سان خليقو حبيب کي،

جنهن کي آد جڳاد کان، پرور ڪيو پاڪ،

”لولاڪ لما خلقت الافلاڪ“، آيو جنهن جي شان ۾.

 

ڪنهن کي هئي نه ڄاڻ، اڳي مرسل مير سين،

ڇا لئه آهي خلقيو، مولا هي مانڊاڻ،

”اول ما خلق الله نوري“، فرمايائون پاڻ،

پاڇو ڪونهي نور جو، آهي هيءُ اهڃاڻ،

چڱيءَ پر سڃاڻ، احمد عربي ڄام کي.

 

مالڪ نه ڏي عذاب، اهڙو مون مسڪين کي،

ٻيو ڇا هوندو پانڌ ۾، اکين ڪونهي آب،

ڪيئن ان جي سامهون وڃان، ناهي اهڙو تاب،

منهنجو وٺج حساب، سيد کان پاسو ڪري.

 

منهنجي دل جو حال، توکي آهه معلوم سڀ،

هيڻن جو توکان سواءِ، ڪندو ڪير خيال،

لڄ رکج لٺپال، آئون اگهاڙو آهيان.

 

آئون اگهاڙو آهيان، ستر ڪج ستار،

گذري وئي گناهه ۾، منهنجي سڀ ڄمار،

ڍڪيج منهنجا ڍولڻا، رک نه پاڻ کان ڌار،

سيد تون لهه سار، تو ۾ اميدون وڏيون.

 

تو ۾ اميدون وڏيون، لهه تون سار سنڀال،

شافع آهين شفيع تون، مالڪ ۽ مختار،

منهنجا ڏوهه هزار، تون شافع ڏينهن قيام جو.

 

ڪنهن آلاپي ڀيروين، اڄ هيءَ سانجهيءَ ويل،

تنهنجي منهنجي روح جو، آهي سرن ۾ ميل،

آءُ پرين سويل، سليون سور فراق جا.

 

من ۾ مچ مچائي ٿو، اڻڄاتو آواز،

ڄڻ ته چري ٿو چت ۾ ڪو روحاني راز،

يا ڪو مام مجاز، ڏسان پرين جي نيڻ ۾،

 

ستن سرن جي سيج تي، سنجهي جاڳي ڪيئن،

ڪنهن دل تي ولهار ۾، مکڙيون ٽڙن جيئن،

منهنجا نيڻ به ائين، ڏسن خواب وصال جا.

 

سمهي سرن جي سيج تي، ڪيئن گذاري رات،

پڇي ٿي پرڀات، هيءَ سنجهي جي سانت سين.

 

خوشبو آهه شراب، هر مکڙيءَ جي جام ۾،

ڏسان پيو مان خواب، تنهنجي مست اکين جا.

 

ڪنهن کي ٿا ڳولين هي، راتين جا رولاڪ،

ڇوٿا لڪائين لوڪ کان، دل جا چڪندا چاڪ،

پرهه ڦٽي جي ماڪ، روئندي ڪنهن جي حال تي.

 

چانڊوڪي ۾ چيٽ جي، گهلي ٿڌي هير،

من ۾ آهي او ميان، آڌيءَ رات اڪير،

نيڻ وهائن نير، نينهن لڪايو نه لڪي.

 

بر دوسنڌي

گيت

سڏي ديد مٺيءَ جو خير ته ڏي،

نٿو پيار پڄئي، ڇڏي وير ته ڏي.

منهنجا حال هجر ۾ هيڻا ٿيا،

وڌي ويڻن جا ڦٽ ٻيڻا ٿيا،

جي تو وٽ تن جي آهه دوا،

پوءِ ڇاجي دير! سوير ته ڏي.

هت سانوڻ ڳوڙها هاري ويو،

۽ ڪانگو سار اٿاري ويو،

آ مند ملڻ جي، اچ موٽي،

اچي يار پلنگ تي پير ته ڏي.

مان آيس هٿ ڪشڪول کڻي،

ٿڪو آهيان تو در، سئن هڻي،

جي پنج ڪڻي، ٿو پاڻ نه ڏين،

ڀلا، تنهنجي دران ٻيو ڪير ته ڏي.

دڳ پنڌ ڪڏهن جي قسمت سان،

اچي يار لنگهين منهنجي وانڍ وٽان،

ڪري لائق لک منهنجي لانڍ لڙي،

ڪو ڀيرو وير اوير ته ڏي.

جو ڏيندين ساهه ۾ سانڍيندس،

چمي ”بردا“ نيڻين لائيندس،

جي ڪين ٿو ڏين، اخلاص نه ڏي،

ڪڍي من جو غير ۽ مير ته ڏي.

 

شيخ عبدالحليم ”جوش“

غزل

وري وري ٿو چوان دوستن جي ڳالهه ڪريو،

رکي رکي ٿا اوهين دشمنن جي ڳالهه ڪريو

ڏکن جي پويان ٻڌون ٿا سکن جو دور ايندو،

سکن جي آس رکي ڪا ڏکن جي ڳالهه ڪريو

بتن جي ڳالهه ٻڌان ٿو خدا ٿو ياد پوي،

خدا جي واسطي مون سان بتن جي ڳالهه ڪريو.

اڳي ته سيج هئي سوري مشاهدو هو مرڻ،

ڊڄي ٿا هاڻ ڇو دارو رسن جي ڳالهه ڪريو.

جتي ڏيئي به جلائڻ تي آهي پابندي،

ڪري سگهو ته انهي انجمن جي ڳالهه ڪريو.

اوهان کي رنگ ۽ خوشبو جو قدر ئي ڪونهي،

چڀن جي خار ته پوءِ ٿا گلن جي ڳالهه ڪريو.

وطن ۾ جيڪي وطن لاءِ پيا سڪن يارو،

ڪڏهن ڪڏهن ته انهن غمزدن جي ڳالهه ڪريو.

بهار ۾ ته گلستان وڃڻ به ٿيندو آهه،

خزان جي دور ۾ مون سان چمن جي ڳالهه ڪريو.

اياز، ساز ۽ مجروح، راز ۽ تنوير،*

ڪڏهن ته ”جوش“ سان ارباب فن جي ڳالهه ڪريو.

 

نواز علي ”شوق“

 

گيت

آءُ هلي او ساجن سائين،

آءُ هلي او ساجن سائين.

راحت ۽ رنگيني هر سو،

مٺڙي مٺڙي خوشبو خوشبو،

مکڙيون ٿيون سڀ مهڪن سائين.

پياري پياري آ چانڊوڪي،

روشن روشن ٿي وئي ڌرتي،

تارا خوش ٿي ٽمڪن سائين.

ٿڌڙيون مٺڙيون خوب هوائون،

من کي موهن مست فضائون،

آشائون ٿيون سهڪن سائين.


*  ڊاڪٽر اياز قادري، محمد حسن ساز، علي محمد مجروح، مرحوم عبدالرزاق راز ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com