سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (3)

 

صفحو :4

عابد مظهر - نعت

 

هڪڙي نانءُ جا روپ انيڪ

وسي ته مهر ڀريو بادل

صحر اسڃ ٿئي جل ٿل

ڦُل ٽڙن مهڪي جنگل

خوشبوءِ خوشبوءِ هرڪو پل

سچ پچ هن جا سهسين روپ

هڪڙي نانءُ جا روپ انيڪ

چوي ته ٿي پئي اڻ ٿيڻي

پرزا ٿين ڏک، ٽٽي ڇڻي

گهلي ته روشن رات ٿئي

جهل ڪفر جي مات ٿئي

سچ پچ هن جا سهسين روپ

هڪڙي نانءُ جا روپ انيڪ

هلي ته هرسو ڇانءَ ٿي

جهرمر ٿي پئي نيل گگن

گهري ته شاعر ڏس هن کان

جهول ڀريندئين موتين سان

سچ پچ هن جا سهسين روپ

هڪڙي نانءَ جا روپ انيڪ

(بيشڪريه: ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد سنڌ.)

 

  

شاعري جو ڀاڱو

 

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

غزل

 

عوام الناس جي ذهنن ۾ اڄ آشفتگي آهي،

فقط آشفتگي ناهي، مگر افسردگي آهي.

بحمدلله ارادن وٽ وڏي ئي پختگي آهي،

اڃا تائين اسان جي همتن ۾ زندگي آهي.

هوخوشين جا زمانا ڪٿ،مسرت آهه ناپيدا،

ڪٿي وارستگي، ليڪن هتي وارفتگي آهي.

وڌي مهنگائي وئي بيحد ٻڌڻ وارو به ڪو ڪونهي،

مل اونر توڙي واپارن ۾ هردم رهزني آهي.

شب تاريڪ رهه باريڪ منزل دور من تنها

پري کان ٿو ڏسان اميد جي ڪجهه روشني آهي.

فضا ساڪت ٿيڻ، طوفان جا آثار ئي آهن،

زبان عام تي اڄ خوف جهڙي خامشي آهي.

هلي ٿو هرڪو هڪ ٻئي سان ملائي دوش اي يارو،

اسان جي هر ڪنهين صف ۾ وڏي سائستگي آهي.

تڪڙ ڪم آهه شيطاني، تڪڙ ڪم آهه شيطاني،

عوامي عسڪري فردن اندر آهستگي آهي.

نه ٿڪباسون ڪڏهن يارو وڃي منزل تي پڄنداسون،

اسان جي حوصلن عزمن ۾ هڪ برجستگي آهي.

حقوق الناس آهن ضبط، هر ڪو آهه اڄ بيدل،

اڄوڪي دور ۾ هر جا اهائي گندگي آهي.

ڏسون ٿا جنهن به آمر کي هڻي ٿو دم خدائي جو،

اڃا پڻ ڪنهن ضرورت جي انهن ۾ تشنگي آهي.

اهو ڪم ڪهڙو چئبو جو نه ٿيندو ”طالب الموليٰ“

اگر انسان ۾ هر مهل تي مردانگي آهي.

 

 

غزل

پوري ٿي منهنجي دل جي تمنا زه نصيب،

ٿئو منهنجو شان آهه دوبالا زه نصيب.

 

دلبر ٻڌايو وعدم فردا زم نصيب،

قلبي زبان سان مون چيو فبها زه نصيب.

 

افطار وقت ڳيت ئي هڪڙي سان پي ويس،

ساقي کنيو جو نرگس شهلا زه نصيب.

 

پير مغان پري کان جو مون ڏي نگهه ڪئي،

ٿي ويئي منهنجي حل معما زه نصيب.

 

مفتي چيو ته دانا جي لئه مي حرام ناهي.

هن عالي مرتبت ڏني فتويٰ زه نصيب،

 

مون وٽ چراغان اڄ شب يلدا ۾ ٿي ويو،

آيو صحن تي رشڪ ثريا زه نصيب.

 

مون تي هماي بخت جو سايو وري پيو،

تنهنجا هزار شڪر خدايا زه نصيب.

 

نوري نگاهه ساڻ نوازياءِ اڄ وري

خوش باش خوب طالب مولا زه نصيب.

 

تنوير عباسي

غزل

 

نه ڪا حور گهرجي، نه ڪائي پري،

اهائي کپي جا ڪري دلبري.

تجليءَ ۾ گرمي، تجليءَ ۾ نور،

تجليءَ سان ليڪن پئي دل ٺري.

سري ويئي ليڪن وڏي ڪرب سان،

اوهان کان جدا ٿي گهڙي جا سري.

ڪڏهن ميڻ ڀي آهي ويندي ڄمي،

ڪڏهن پهڻ ڀي آهي پوندو ڳري.

ڏٺس تو ڀيري پيار جي هڪ نظر،

۽ ”تنوير“ ان ئي گهڙيءَ پيو کري.

 

غزل

 

اهو ٻڌايون ڪيئن تنوير اسان کي هو ڇو يار رهيو،

هڪڙو ماڻهو پيارو ماکيءَ جهڙي رنگ جو ياد رهيو.

پي ايڏو مدهوش ٿياسين جو سارو جڳ وسري ويو،

تڏهن به تنهنجو نانءُ ۽ تنهنجي گهر جو رستو ياد رهيو.

چگهه ڳلن ۾ کاڏيءَ ۾ کٻ، اکيون ڪجليون، ڀنڀا وار،

جيون ڀر هڪ سهڻو ۽ من مهڻو چهرو ياد رهيو.

دل درياهه ملي مون کي، اڻهوند جا ڀي انبار مليا،

مون کي پنهنجي قسمت جو هي ظالم چرچو ياد رهيو.

مندون موٽيون ڏينهن نه موٽيا جي توسان گهاريم الطاف،

هاڻي پڇتايان ٿو مون کي وقت اهو ڇو ياد رهيو.

اسان اوهان کا وسري وياسين ان تي ناهه تعجب ڪو،

ڳالهه عجب جي آهي اوهان کي شعر اسان جو ياد رهيو.

 

نياز همايوني

غزل

غلام گردش دوران، اسان اوهان ٻئي اڄ،

شڪار شامت اعمال ٿي ڪري پئي اڄ.

 

ڀرم رکڻ جي بهاني، اکين ۾ هئي جا ڪڏهن،

اسان مان ٿوري گهڻي لڄ به سا هلي وئي اڄ.

 

خدا ڪري ته ٿئي ”ڪين“ شال ساده دلي،

پلئه وجهي ٿي شريفن کي جا رڳي رئي اڄ

 

ڀڃي ٿي جنهن مان لٺيون لوڪ پئي لٻاڙ هنئي،

اسان جي ڏسندي ئي وڍجي وئي اها لئي اڄ.

 

رهي ٿي حسن مٿي ڌاڪ ڌن جي ڪير ڪڇي،

سڃن به ڄڻ ته محبت کان آهه بان ڪئي اڄ.

 

هلو ته پاڻ ئي مقتل ۾ ٿا ڪريون ميڙو،

سجهي بچڻ جي نه ڀيڻي ٿي ۽ نه ڪا ڀئي اڄ.

 

برابر آهن ٻئي عشق، فسق، قاضي اڳيان،

ڇڏائي جند ويا ڪيئي سر جو ڏن ڏئي اڄ

 

اهائي آس رکي دل ۾ جيءُ يار ”نياز“،

ڪنداسي جرم سچائي جي باب، ها چئي اڄ.

 

امداد حسيني

ڪافيون

گهوڙا گهوڙا گهائي ويا، آلا هاءِ نشيلا نيڻ.

ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙو هڻي ويا،

زوران زوريءَ دلڙي کڻي ويا،

ڪارا ڪارا ڪيف ڪڪوريا، ڪجرا راشرميلا نيڻ.

سارا سور سلي به وڃن ٿا،

بيٺي پير اَلي به وڃن ٿا،

ساگر جهڙا گهرا گهرا، نرمل نيلا نيلا نيڻ.

ڇرڪن ٿا ته هڻن ٿا ڇيرا،

مرڪن سان ڪن ٻيرا ٻيرا،

هڻ کڻ واري هير انهن جي، ڪٽار کان به ڪٽيلا نيڻ.

پرچي پيارئون پريت جو پيالو،

”امداد آهي مست موالو،

جا ڳان ٿو يا سپنو آهي، سرهي سيج سجيلا نيڻ.

*

تون ئي سڄڻ منهنجي سر جو سائين،

توتان پنهنجي جندڙي گهوريان

ساريون راتيون توکي ساريان

ڏينهن ڏکن جا ڪيئن گذاريان،

پرچي پير پرين شل پائين آءٌ ته توسان اندر اوريان.

پل پل تنهنجا پور پچايان،

ور ور وٽ جي لات وڌايان،

نينهن لڳائي شال نڀائين- سڪ سڳو ٿي ساجن سوريان.

هر هر ويٺي هنجون هاريان،

ڳڻتين ۾ ٿي پاڻ کي ڳاريان،

ساجن سپرين ڪيسين تائين، هينئڙو هاريان جيئڙو جهوريان.

 

 

بيت

ڪيڏارو

 

کنهبا پائيندياس، آئي پرڻي راتڙي،

عطر مشڪ کٿوريون، لڱين لائيندياس،

وڌندي وک وصال جي، پيرين پائيندياس،

ويهي سرتين وچ ۾، منهن مرڪائيندياس،

رڻ ۾ رائيندياس، ڳاڙهي ڳڀرو گهوٽ کي.

 

هڻي هوڪاري، هوڪاري هڻي،

پر پريءَ جي پڙ ۾، پاونگ ٿو پاري،

ڌڪ انهي ڌاڌاڪ جو، ماري يا کاري،

ترار ٿو تاري، سرن جي ته سمونڊ تي.

 

مور نه تنين مٽ، هي جي پُٽ عليءَ جا،

هڪڙو سورج چنڊ ٻيو، تاڃي پيٽي پَٽُ،

سورهين جي سرواهيين، ڪڏهن نه چڙهي ڪَٽُ

جلهون ڪن جهونجهار ائين، باز هڻي جيئن جَهٽُ،

ريهون ريهون رڻ هو، ڪيهون ڪوڪٽم،

ڪنڌ ڪرنگهر ۽ ڪلها، پهرئين ڌڪ ۾ ڇَٽُ،

کتيائون آکٽ، رانديون رمن رڪ سين.

 

سرواڻين سرواڻ هي جي پُٽَ عليءَ جا.

کنهبا ڍڪي آئيا، امت جا اڳواڻ،

سر ڏين ٿا ڏاڻ، وڏي سج ويڙهاند ۾.

 

ميدان مٿيرن، رڱيو ريٽي رت سين،

شهادت جي شوق جي شان رکيو شيرن،

پونين ئي پيرن، ڀڄي آئيا ڀڄڻا.

اُتران ڏکڻ آئيا، ڏکڻا ٿي اوڀر،

اوڀر کان اولهه هليا، اولهه کان اتر،

سائو سانگين سامهان، هٿ تريءَ تي سر،

پرين پريءَ کي پانهجي، منور نه لائن مر

پانو پنهنجي پر، پاري پڌري پڙ ۾.

 

ڍيرن مٿان ڍير، آهي ڍونڍ ڍيڍ جو،

ڌڙ ڌڌڙ ۾ گڏئا، پٽ پٽيائون پير،

ڪانگن جا ڪانگير، ڳجهن جا ڳاهٽ مٿن.

 

بر ۾ ببر شينهن، الرن اڀرن ايئن ٿا،

راتين جي پنجوڙ مان، جيئن ٿا نڪرن ڏينهن،

وسندا رت جا مينهن، ٿيندي ويڙهه وڏاندري.

 

جيئن کري جي کوڙ تي، ڏاند ڳهن ٿا ڳاهه،

چپجي چلهجي چٿجي، مڃ ٿئي ٿو گاهه،

ڪانئر تي ڪونڌر ائين، ڪڙڪيو ڪري ڪاهه،

پانو سين نه پڄي سگهي، نه ڪا ڀڄڻ جي واهه،

سورهيه سوريءَ سڃئا، سدا ساهه پساهه

رت سين ريٽي راهه، رت ريت سدا گلاب جي.

 

پڙ مٿي پاونگ، تاري هئي تلوار جا،

سر لڻي ٿي ائين جئن، لڻي هاري سنگ،

ويريءَ کي واري ائين، وڄ وجهي جيئن ونگ،

سيد سين ساٿي ائين، سهائي جيئن پتنگ،

ننگي توتي ننگ، آهن مير حسين جا.

 

تارن آهن ترورا، تارونءَ منجهه ترار،

هٿ ڪرايون آڱريون، ڌڙ ڌڌڙ ۾ ڌار،

ڪانئر جي ڪچي مٽي، کنئي هئي ڪنڀار،

جهرندا ڀرندا ٿي ويا، قطار در قطار،

ترار اورپار، ويريءَ جي وجود ۾.

 

مولهيو رتورت، آهي مير حسين جو،

پريءَ پت سپت، پانو پاري پڙ ۾.

 

هيءَ جا لهوءَ لار، نرمل نور نراڙ تي،

شهادت جي شوق ۾، موڙ ٻڌا مهندار،

هيڏانهن هي هيڪڙو، هوڏانهن سو هزار،

ڏيل وجهي ٿو ڏار، سرن هڻي سٿريون.

 

نظم

ماتم

 

جرم آهي جيڪڏهن ياد، حسين،

پوءِ مون کي هر سزا آهي قبول،

سر وڍي ڪر تون به تڪميل ستم،

ٻيا سڀئي حيلا فضول آهن فضول.

 

جرم آهي جيڪڏهن گهوڙو ڪڍڻ،

پوءِ ڪيئن دهرائجي تاريخ غم،

تازيانن جو ڀلي نڪري جلوس،

لوح دل تي ڀل لکي تيغ قلم.

 

آئون ئي ماتم زني پهرين ڪندس،

جرم آهي جيڪڏهن ماتم زني،

ايترو سوچي ڇڏي اڄ جو يزيد،

ڄاڻ اوڀر کان ڪڍي ٿو سج ڪني.

 

 

غزل

(1)

هونئن ته تو بن ڇا ڇا ڪونهي،

جيون کي پر معنا ڪونهي.

 

پنهنجي پنهنجي گهر جي اندر،

ڪونهي جيڏا سرتا ڪونهي،

دل به ٻڏي ويئي سيني ۾،

پٿر بڻجي لفظ وسن ٿا،

ڪير آهي جو تنها ڪونهي.

تو جهڙو ڪو سهڻا ڪونهي.

محشر ڪوئي برپا ڪونهي.

شعر گلن جي ورکا ڪونهي.

”امداد“ ڪهاڻيڪار ڪوي،

ڪونهي ڪونهي، ها ها ڪونهي.

(2)

الڪيل الڪيل سڀ راتيون،

سڏڪيل سڏڪيل منهجا ڏينهن.

شهر وڃي او ڳوٺاڻا،

ڏسندي ڏسندي راتين جان،

ڪيئن ٿا گذرن تنهنجا ڏينهن.

ڪيئن گذري ويا پنهنجا ڏينهن.

ڇڏ ڙي يار ”امداد“ کڻي،

ڪهڙا ڏينهن ۽ ڪنهنجا ڏينهن.

 

(3)

سنڌڙي سر، سنگيت، سڳنڌ

مون کي سائينءَ جو سوڳنڌ.

ماڳ ڀاڳ ڏي موٽي آءُ،

مشاهدو ماڻڻ چاهين،

مِٽي ٿڃ ۽ مِٽي رَتُ،

”لطيف“ هوندي ڪهڙو ڊپ؟

اکيون پير ڪري ڪر پنڌ.

ڪور ڪلهن تان پهرين ڪنڌ.

سرهو آهي هرڪو سَنڌُ،

سورج هوندي ڪهڙو انڌ؟

ڪارونجهر ٿيجان ”امداد“

جهڪي وڃي سو ڪهڙو ڪنڌ!

  

(4)

مٽي ٿڃ ۽ مٽي رت،

پوءِ به منهنجي موڙهي مت.

سرتيون هليون، هيڪل هاڻ،

اندر ۾ ئي جهاتي پاءِ،

مرڪياسين ته لڙي پيا لڙڪ،

توکي دانگي ڪيئن سڏيان،

اڱڻ اجرو، چوڏهينءَ چنڊ،

تون به ته پنهنجو آهين يار،

ويهي پوڻي پوڻي ڪت.

دئيت هڻيو ويٺو ٿئي دت.

هونئن ته ڪائي ڳالهه نه ڳت.

دانگيءَ تي ٿو اٿلي رت.

ٺارجي کڻي جيڪر ڀت،

تون به ڀلي ڪا گهاڻي گهت.

لـــــــــوئــــــــــيءَ لـــــــــــــــٺ بچائجانءِ

پارج پنهوارين سين پت.

 

عنايت بلوچ

غزل

من ڪو سڪ جو ساز وڄائي،

سندرتا جو ديپ جلائي.

 

سؤ سؤ ڀيرا سر کي گهوريان،

ٻيجل جان ڪو تند تپائي.

 

محفل مان مهمير هليوويو،

ماڻهو ويٺا واٽ وڃائي.

 

اندر اجڙيل ٿي پيو اجرو،

او اربيلا! تنهنجي آئي.

 

در دلبر تان موٽي آيس،

پور پرائي، سور سمائي.

 

پاپ نگر ۾ پيار کي ڳولي،

ڪير ”عنايت“ کي سمجهائي.

 

 

بشير مورياڻي

غـزل

درد کي مون دوا ڪيو آهي،

پيار مجبور ٿي ويو آهي.

جنهن کي سمجهو ٿا نور جو مرڪز،

سون گهوري ڇڏيان ٿو سيڻن تان،

ظلم جو تيز تر ٿيو طوفان،

عزت نفس کي رکڻ قائم،

منزل شوق پرڀري ناهي،

جنهن کي سمجهان ٿو آئون ديسان دور،

تنهنجي هن پر هجوم محفل ۾،

دل جي ڌڙڪن ٿي ويئي آهي تيز،

بي حجابانه آءٌ دل ۾ هلي،

تون جو آئين ته راهه روشن ٿي،

روشني روشني ٿيو ماحول،

تنهنجو چهرو هجي يا چانڊوڪي،

ڇو نگاهون ملي جهڪي ويئون،

وقت جي بيهجي وئي رفتار،

دل جي کڙڪي مان ڇوليئا پايو،

تون اجايو جلين پئي گوري،

سج جو هڪڙو ترورو آهي.

منهنجي دل جو هي فيصلو آهي.

پاڻ کان ٿورو پرڀرو آهي.

اهل دل جوئي فيصلو آهي

دشمنن کان هي ڏس مليو آهي.

سو ته دل کان به ويجهڙو آهي.

ڪوئي انسان هيکلو آهي.

تنهنجي آمد جو آسرو آهي.

بعد مدت جي در کليو آهي.

پهتو منزل تي قافلو آهي.

رخ تان پردو سري ويو آهي.

منهنجي اندو جو اولڙو آهي.

نيٺ ڪوئي ته سلسلو آهي.

بعد مدت جي هو مليو آهي.

ٻاهر اندر جو سوجهرو آهي.

منهنجو ساجن ته سانورو آهي.

روپ جي رڻ ۾ پر فضا پاسو،

تنهنجي زلفن جو ڇانورو آهي.

 

ذوالفقار راشدي

غزل

 

وڃؤن ٿا محب ڏي ذهني تحفظات کڻي،

مکيار [1] آهيون اڳيان، ڳالهه ڪا وڻي نه وڻي.

اڃا ته ڪوئي به زنجير ڳل پٽو نه بڻاءِ،

نراس ٿئي نه طبع دوستي بڻي نه بڻي.

رکو نه عشق جو گردن ترار جي رخ تي،

وجهو نه وقت کان اڳ روح ۾ ڪٽار هڻي2.

صليب جوڙ نه جذبن جي خودڪشيءَ خاطر،

رهي ٿي سوڙهه ته احساس تي اڳي ئي گهڻي.

اڳي ته خواب جي خوشبوءِ جيان وهي گذري.

الائي جاڳ ۾ ڪٽڻي اٿم ڄمار گهڻي!

ڪچا نباهه جا وعدا وعدا، نڪار ڪاغذي گهوڙا،

کٽي اڪير اها جيڪا توکي ڪانه وڻي.

گهٽي نه مار ڄمڻ بعد ولولا من جا،

چڱو جنم کان اڳي خواهشن کي پور کڻي.

اسان جي روح ۽ دل جي عجيب عادت آ،

ڳهون ٿا زهر جي چسڪين سان ڪائي هيري ڪڻي.

اسان ته سوچ جي واهڙ کان پئي پناهه گهري،

ڇلن ٿا سمنڊ تفڪر جا تون بچاءَ ڌڻي.

سدائين مان ها ”ذوالفقار“، چانڊوڪي،

اسان جي روح جي رڻ پٽ تي جيڪا رات ڇڻي!

 

حافظ محمد احسن چنا

غزل

 

دل ۾ ته عڪس صاف عيان روئي يار جو،

هن آئينه ۾ نام نه آهي غبار جو.

منصور هيءُ به حڪم نرالو ته يار جو،

سچ ڪو چوي ته سو به سزاوار دار جو.

اميد کان بدل ويون مايوسيون سندم،

آيو جو ڌيان رحمت پروردگار جو.

ناڪام دل کان منهنجي ٿي نڪري اها دعا،

ڀڄندو نه آسرو ڪنهنين اميدوار جو.

پيريءَ ۾ ۽ شباب ۾ مان بي خبر رهيس،

عالم هو نشه جو ۽ هيءُ عالم خمار جو.

ديدار اڄ پساءِ تون ”احسن“ غريب کي،

مقبول ڪر هيءَ عرض تون هن جان نثار جو.

 

جڳ ۾ پيارو آهي دلدار نام تنهنجو،

پوءِ ڇو نه مدح خوان ٿئي هر خاص عام تنهنجو.

شب روز نام تنهنجو ورد زبان آهي،

هر وقت آ تصور دل ۾ مدام تنهنجو.

جنهن دم زبان مان تون ڪا گفتگو ڪرين ٿو،

هر ڪنهن کي پيو وڻي ٿو شيرين ڪلام تنهنجو.

وحشت ته مون کي تنهنجي، سوداعه سر ۾ تنهنجو.

دل ۾ به ياد تنهنجي، لب تي به نام تنهنجو.

غمگين دل کي دلبر ڪو آسرو نه آهي،

اميد دل کي ڏئي ٿو پيارل پيام تنهنجو.

سردار تون سڀن جو‏، مٽ ڪو نه تنهنجو جڳ ۾،

آهي غريب ”احسن“ ڪمتر غلام تنهنجو.


1. مکيار= مختيار يا مرضيءَ وارو.

2. سارتر جي هڪ ڪتاب جو ٽائيٽل ”آئرن ان دي سول“. (Iron in the soul).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com