سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (3)

 

صفحو :24

رات

ڏيڏر جي ٽان ٽان!              (امداد حسيني)

        هائيڪو جو چوٿون ”آزاد فارم“ آهي، جيڪو امداد حسيني جي ايجاد آهي. هن فارم موجب لفظن جي تعداد، وزن ۽ قافين جو خيال ڪو نه ٿو رکيو وڃي. ڪڏهن قافيا پهرينءَ ۽ ٻيءَ سٽ ۾ ملن ٿا، ڪٿي وري قافيو پوئين ٻن سٽن ۾ هوندو آهي ۽ ڪٿي ٽيئي سٽون قافين کان خالي آهن:

ٽرين ڪئي هئي ڪوڪ،

نهار__ ڏور تاڻجي،

ٽٽي جڙڻ جي لاءِ.              (سحر امداد)

--

نوڪري ۽ تنهنجو پيار،

--

ڪاتي مار،

ڪاتي جيار ___                (امداد حسيني)

گل خود به خود مون ڏانهن مڙيو،

پــــــــــر بيوقوفن جيان مان ڍونڍيو،

هوا جي ڏس کي!                      (ڪمل پياسي)

سنڌي هائيڪو جو مستقبل:

        هاڻي ڏسڻو آهي ته هائيڪو يا ٽيڙو، اسان وٽ مستقل ۽ مقبول صنف طور زنده رهي سگهي ٿو، يا ان ۾ اهڙي صلاحيت ئي ڪانه آهي.

        هائيڪو تي سڀ کان وڏو اعتراض، ڪافي سال اڳ، شيخ اياز، ڪيو هو. هن پنهنجي هڪ خط ۾ مشهور اديب ۽ ”روح رهاڻ“ رسالي جي اڳوڻي ايڊيٽر، حميد سنڌيءَ ڏانهن لکيو هو ته:

        ”سنڌي هائيڪو جي باري ۾ منهنجو رايو آهي ته اهو سنڌي شاعريءَ جي سڀاءُ سان ٺهڪي نه ٿو اچي. هيءُ پسيءَ ۽ پيرونءَ جو ديس آهي ۽ ان ”چيريءَ“ جي گل جي اهيمت فقط وقتي ۽ تجرياتي آهي.......... شاعريءَ جي جڙ، پنهنجيءَ ڌرتيءَ ۾ هوندي آهي، ۽ ان مان پٽجي، شاعري اها خوشبوءِ نه ڏيندي آهي، جا ان جي خمير ۾ هوندي آهي. ان ڪري، مون کي سنڌيءَ ۾ هائيڪو، سانيٽ، ترائيل وغيره جو تجربو انهيءَ ڳنڍ ڪپ جي جهڙپ وانگر لڳندو آهي، جنهن جو پنهنجو کيسو خالي هوندو آهي“، (لامون تنهن وڻ سنديون، ص 7)

        ”هائيڪو، فطرت جي شاعري آهي، ۽ مون کي فطرت جي شاعريءَ جي اهميت کان انڪار نه آهي، پر جي ڪوئي وچ سير ۾ غوطا کائيندي، ترندڙ هنس جي ڳچيءَ تي گهڻو ڌيان ڏيندو ته هن جو ٻڏڻ اوس آهي“. ”مون کي سنڌي هائيڪوءَ جي فارم ۾، بيت جي هيئت سان هٿ چراند چڱي نه ٿي لڳي...... ڇا، سنڌي هائيڪوءَ جي وچين سٽ جا ڪنهن ڍنڍ جي ڍيڍ وانگر نڪري اچي ٿي، توکي وڻي ٿي؟..... ڇا اسان جو ڪو ڪلونت هائيڪو ڳائڻ لاءِ تيار ٿيندو، ۽ جي ٿيندو ته تنهنجي ڪنن کي ڪپهه جي ضروت نه پوندي“ (ص_____8).

        ”جپاني هائيڪوءَ جو فني حسن دائمي ۽ عارضيءَ جي ٽڪراءِ ۾ اهي، جو اڃا سنڌي هائيڪوءَ ۾ پيدا نه ڪيو ويو آهي. ان ڪري سنڌي هائيڪو فقط مور جو کنڀ آهي، جنهن اسان جي بيت جي چال بگاڙي آهي.......مون کي ڪاوڙ سنڌي هائيڪو تي آهي، جنهن بيت کي ڏيڍ ٽنگ ڏني آهي“. (ص 11—12).

        ”جتي انسان کي نه تحفظ آهي، نه تسلي آهي، نه اجهو آهي، نه لٽو آهي، نه اگهائيءَ ۾ آسرو آهي، جتي زبان تي پهرو آهي، قلم تي بندش آهي، اتي تصور جي عياشي لاءِ ڪنهن به اهل دل شاعر وٽ گنجائش گهٽ آهي. جڏهن شاعر کي انهيءَ ڳالهه جو احساس اچي ٿو ته ٻولي گوليءَ جو ڪم ڏئي سگهي ٿي ۽ انڌير ۽ انياءَ جا اڀماني ڳاٽ اڏائي سگهي ٿي، تڏهن هن کي اڪ مڪڙ تي هائيڪو لکڻ ڪيترو نه بي معنيٰ ٿو لڳي.“ (ص ----- 14)

        هائيڪو تي شيخ اياز جي ماضيءَ ۾ ڪيل جارحاني تنقيد پڙهي، هڪ وقت، هائيڪو جي سنڌي شاعريءَ ۾ آيل صنف کي رد ڪرڻ تي دل، سوچڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿي، ته ٻئي وقت، جڏهن سنڌيءَ ۾ لکيل هائيڪن ۽ خاص ڪري تازو اياز جي پنهجن لکيل هائيڪن جو مطالعو ڪجي ٿو، ۽ انهن جي سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءِ جي سڀاءَ سان ڀيٽ ڪجي ٿي ته ڪجهه دلي آٿت ۽ تسلي ملي ٿي ته هائيڪو هروڀرو ايترو خراب نه آهي، ۽ نه ئي ان جو سڀاءُ اسان جي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ کان جدا ۽ اڀونئو آهي.

        شيخ اياز جو هڪ اعتراض هو ته: ”هائيڪوءَ، بيت کي ڏيڍ ٽنگ ڏني آهي.“ پر جيڪڏهن اسان پنهنجي لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعريءَ جو اونهو اڀياس ڪنداسون، ته اسان کي ڪي شاعراڻيون ڪهاوتون، پهاڪا ۽ ٻاراڻا ٻول اهڙا به ملنيدا، جن جو سٽاءُ گهاڙيٽو ۽ سٽون، هائيڪو جي سٽاءَ، گهاڙيٽي۽ سٽن سان ملندڙ آهن مثال طور:

چــــــريــــــون ڏيـــئــــــــــي چار،

واڇان وتيسين هڪڙي،

ســـــــا بــــه انــهـــن اچـــــــــار!

                        ---

ٽـــنــڊڻــــي ڙي ٽــنـــڊڻي!

اسان تنهنجا ماڻهــــو،

چٻينداسون ڏاڙهــــون!

        --

چيڪلي پايون، پير گسايون،

پـــــيــــــر ۾ ڪــنــڊو،

صاحبلوڪ منڊو!

        پهريون مثال، بلڪل جپاني ”هائيڪو“ جي گهاڙيٽن سان ملندڙ جلندڙ آهي، ۽ پويان ٻه ٻاراڻا ٻول، آزاد جپاني هائڪوءَ واري گهاڙيٽي موجب آهن. جپاني هائيڪو، سنڌي بيت سان ڪافي مشابهه آهي، جا ڳالهه اياز خود مڃي آهي، ۽ هن پنهنجي ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ شاه ۽ پنهنجن ڪيترن بيتن جون سٽون ۽ سڄا سڄا بيت ڏنا آهن، جن ۾ هائيڪو واري ڪيفيت سمايل آهي. هن وقت اياز جو هائيڪن تي مشتمل ڇپيل ڪتاب ”پن ڇڻ پڄاڻان“، ثابت ڪري ٿو ته هائيڪو يا ٽيڙوءَ جو مزاج، سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي مزاج سان بلڪل ملندڙ آهي، ۽ اوپرو نه آهي.

        جيتريقدر ”هائيڪو“ ۾ موجود مواد تي اعتراض جو سوال آهي ته ان ڏس ۾ ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته اسان لاءِ اهو هروڀرو ضروري به نه آهي ته بيت  وارو مواد، هائيڪو ۾ ڪم آڻيون. بيت، اسان جي پنهنجي نج سنڌي صنف آهي، جنهن ۾ اسان پنهنجا داخلي توڙي خارجي جذبا، انقلاب جي آرزو ۽ بهتر سماج جا تصور وغيره سمائي سگهون ٿا پر هائيڪو (ٽيڙوءَ) ۾ پڻ سماجي ۽ قومي مسئلن کي بيان ڪري سگهجي ٿو، البت اها ڳالهه اڳيان رکڻ کپي ته هائيڪو جي فطري سونهن برقرار رهي.

ڪجهه مثال:

                آءٌ، مياڻيءَ جنگ،

                ڇاهي منهنجو لاش هو،

                هاريل هوشوءَ سنگ؟

 

                ڇڏ هت، ٿئي آڇ

                ستي مار نه منڌ کي،

                هـــئـــي جــــــا پــــــريـــنءَ ڪڇ!   (شيخ اياز)

 

                جاڳ نه سپني وانگ،

                اڳيان اڳيان مارئي،

                پــٺـــيـــــان ڇــيــلـــــــن ڇــــانگ!           (امداد حسيني)

 

                ماني اڄ مکيل،

                پسي، پورهيت پٽ جا،

                چــمــڪــيــــا هــــيــــــــڊا ڳـــــــــل!           (اياز گل)

نتيجو:

        هائيڪو جيئن ته سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين ۽ حسين صنف طور داخل ٿيو آهي، ۽ اڃا تجرباتي دور مان گذري رهيو آهي، ۽ گيت ۽ غزل جي صنفن جيان پنهنجائپ، سنڌي رنگ ۽ مستقل حيثيت حاصل ڪري نه سگهيو اهي، پر تازو اياز جي ڇپيل ڪتاب ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هائيڪو پڻ اسان وٽ غزل ۽ گيت وانگر هڪ مستقل صنف طور نه رڳو زنده رهي سگهي ٿو، پر ان ۾ سٽاءَ، فڪر ۽ بيان جا نوان تجربا ۽ واڌارا به ٿي سگهن ٿا. ايا زجي ڪتاب ”پن ڇڻ پڄاڻان“ ۾ ڇپيل ڪيترن مسلسل هائيڪن ۾ نظم جو تاثر ملي ٿو، يا ائين چئجي ته مسلسل هائيڪن جي تاڃي پيٽي تي نظم لکيا ويا آهن.

جهڙوڪ:

        الا اوءِ الا!

        هسين هريا ڪينڪي،

        گــــــهگــــهـــيـــــريـــــن گــــلا!       (5--هائيڪن تي مشتمل نظم)

----

        ڏونئرا نه ڏارن،

        اسان مسافر اڃ ۾،

        وس نه ولــــــــــــــــهـــــــــــــــــــارن!     (13هائيڪن تي مشتمل نظم)

                -----

        سپني ۾ سارون

        پنهوارن جي پيار جون،

        تـــــــــــــــــــــــڙن تــــنــــــــــــــــوارون!     (18 هائيڪن تي مشتمل نظم)

                -----

        واريو نه واريان،

        مٺڙا مٽ ملير جا،

        ســــاريـــــو ٿــــــي ســـاريـــان!       (9هائيڪن تي مشتمل نظم)

        هاڻي اچو ته ڏسون ته سنڌي هائيڪو لکڻ جا جيڪي انداز ۽ طريقا اختيار ڪيا ويا آهن، انهن مان هائيڪو جي مزاج ۽ هيئت سان ڪهڙو طريقو ڀچي اچي ٿو ۽ مناسب رهندو.

        پهريون ٽه سٽي وارو فارم، هائيڪو يا ٽيڙوءَ جي صنف لاءِ بلڪل مناسب   نه آهي، ڇو ته ان ۾ نه اها لطافت ۽ نفاست رهي ٿي، ۽ نه ئي وڏين سٽن ۽ وڏن وزنن سان هائيڪو جي اصليت برقرار رکي سگهجي ٿي.

        ٽيون فارم (لفظ+ هڪ+ لفظ+ ٽي لفظ) ته بلڪل غلط آهي، ڇو ته شاعري لفظي ڳڻپ کان وڌيڪ خيال، موسيقيءَ ۽ لئيه تي مدار رکي ٿي شعر جو ردم قائم رکڻ لاءِ ان کي ڪنهن مقرر فارم ۽ ماترائن جي ورڇ سان لکڻ بعد ئي ان جي شعريت قائم رکي سگهجي ٿي.

        چوٿون آزاد هيڪو وارو طريقو به شايد ڪامياب نه وڃي، ڇو ته هن کان اڳ اسان وٽ هائيڪو تجرباتي درجي مان گذري رهيو هو، ۽ مس مس ان کي جپاني سٽاءَ موجب صحيح لکڻ جي ابتدا ٿي آهي، ته ان وقت سڀ حدون اورانگهي آزاد هائيڪو لکڻ درست نه ٿيندو. ”آزاد هائيڪو“ وارو جپاني روپ، خود جپان ۾ باشوءَ جي پابند هائيڪن جي برابر اچي نه سگهيو آهي، پوءِ اسان وارا تجربا آءٌ سمجهان ٿو ته اثرائتا ثابت نه ٿيندا.

        منهنجيءَ نظر ۾ هائيڪو جو سنڌيءَ ۾ صحيح فارم، ٻيو نمبر فارم آهي، جنهن تي تنوير، نارائڻ شيام، شيخ اياز، هري دلگير، اياز گل، مختيارملڪ ۽ ٻين شاعرن ڪامياب هائيڪو لکيا آهن. موجوده سنڌي هائيڪو، جنهنجو ”ٽيڙو“ نالو ڏاڍو سهڻو ۽ خوبصورت لڳي ٿو، هيٺينءَ سٽاءَ موجب لکڻ درست ٿيندو.

                اَمڙَ! تنهنجي نٿ_

                دانهين مون تي ٻئي ٿيا،

                ٿــــــــر جــــــــا ٿــــــوهـــــــــــــر هــــــــــــــٿ!       (اياز)

               

چــــــــــــــــهـــــــــــرو ڪــــــــــــاوڙيـــــــــل،

                ڪالر تي ڪوٽ جي،

                کـــــــــلــــــــنـــــــــــدڙ گــــــــــل لــــڳـــــــل!       (اياز)

               

شـــــــــاعــــــــــر ۽ ايـــــڪــــــــانـــــــــت،

                انــــــــــــــــــدر وهـــــــــــــه ولوڙجي،

                ٻــــــــاهــر ســــــاگــــــــــــــــــر ســــانــــت!        (امداد)

        هائيڪو، ترت ئي سنڌي شاعريءَ ۾ مستقل ۽ اهم حيثيت والارڻ وارو آهي، پر شرط آهي ته ان کي يارهن+ تيرهن+ يارهن ماترائن جي مقرر فارم تي لکيو وڃي. تنهن کان سواءِ ان کي تنوير عباسيءَ جي بيان ڪيل فني ضرورتن فطرت جي ذڪر، خاص واقعي (فطري نظارن ۽ انساني احساسن) ۽ مسلسل عمل موجب لکڻ ئي درست ٿيندو:

                آءُ درازا هـــــــــــــــــــــــــــــــل!

                تنهنجا ســــــــــــــــــــــــــارا مولوي،

                مــنــهــنـــجــــو هـــــڪ ســـــچــــــــــل!        (شيخ اياز)

 

 

مدد ڪتاب ۽ ٻيو مواد

1.  ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“   شيخ اياز

2.  ”لامون تنهن وڻ سنديون“،                زندگي پبلڪيشن جي خاص پيشڪش

3. ”سج تريءَ هيٺان“،                 تنوير عباسي

4.  ”شعر“                     تنوير عباسي

5.  ”رڻ سڄو رت ڦڙا“،                ذوالفقار سيال

6.  ”پل پل جو پڙلاءُ                  هري دلگير

7.  ”سنڌي علم ادب“                ڊاڪڙ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

8.  ”مرگهه ترشنا“                     ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

9.  ”پن ڇڻ پڄاڻان“                  شيخ اياز

10.  ”سوچون سرها گل“               اياز گل تاج جويو

11.  ”مکڙيو ماڪ ڦڙا“                        مير محمد پيرزادو

12.  ”جوت“                   مختيار ملڪ

13.”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“  ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

14. سمامي مهراڻ                     3/1974ع

15. سماهي مهراڻ                     1/ 1976ع

16. سماهي مهراڻ                     1-2/1977ع (تنوير عباسيءَ جو

مضمون جپاني هائيڪو)

17. سماهي مهراڻ                     2/ 1978ع

18. سماهي مهراڻ                     4/1978ع

19. ماهوار ”سنگيتا“ بمبئي          آڪٽوبر 1977ع

20. ماهوار ”هلچل“                    مارچ 1978ع

21. ماهوار ”نئين ٽهي“ ڪتاب (1)            1978ع

22. ماهوار ”نئين ٽهي“ ڪتاب (4)  1978ع

23. ماهوار ”منصور“ لاڙڪاڻو         ڊسمبر 1964ع

24. ”پارس“                   اياز گل

25. ”ڏات“                             جون، جولاءِ 1978ع

26. ”برسات“ مختلف پرچا  

27. ماهوار ”سهڻي،                   ڊسمبر 1970ع

28. ماهوار ”سهڻي“                   نومبر، ڊسمبر 1971ع

29. نئين زندگي                      مارچ 1965ع

30. پاک ڪتابي سلسلو چرچو (3)   مورو سنڌ

31. باک ڪتابي سلسلو پرچو (6)    مورو سنڌ

 

 

”دريءَ کان ٻاهر“

 

(شعري مجموعي تي اڀياس)            عبدالقيوم صائب

 

        ”دريءَ کان ٻاهر“، پشپا ولڀ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جي منڍ ۾ هن پنهنجي من جي مراد جو اظهار ڪندي ”منو ڪامنا“ جي سري هيٺ پنهنجي دل جي دنيا ۾ وسايل ۽ آباد ڪيل ڪنهن شخصيت* کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ”هوءَ جنهن هنڌ تي به وڃي، اتي اها شخصيت گڏ هجيس، جسماني طور نه سهي، تخيلي طور سهي، ان سان گڏ هوءَ اهو به گهري ٿي ته پاڻ جنهن منزل تي پهچي سا ان ئي شخصيت جو خواب هجي ۽ سنديس خوشيءَ جو ڏينهن پڻ انهيءَ شخصيت جي جنم جي ڏينهن جهڙو، خوشيءَ جو ڏينهن هجي“. دعا آهي ته سنديس اها نيڪ تمنا شل پوري ٿئي.

        هن مجموعي جي شروعات ۾ ٻه قول، هڪ اسٽيفن ڪانفر جو ۽ ٻيو آندري وزني سنسڪيءَ جو پيش ڪيل آهن، جن مان پهريئن جي مراد آهي ته هر ڪنهن ماڻهوءَ جي اندر ۾ هڪ شاعر ويٺل هوندو آهي، جيڪو جوانيءَ ۾ ئي مريو وڃي ۽ ٻئي قول مطابق بحر ۾ شاعري نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو اها بور ٿي ڪري ۽ ايندڙ دؤر ۾ عظيم شاعري اها ليکبي، جيڪا اڄڪلهه راڊار وانگر آسمان ۾ اڏامندڙ کي به ڌرتيءَ تي محسوس ڪري سگهي. اهي قول چونڊي پيش ڪرڻ مان سندس مراد اها ٿي ڏسجي ته هن دؤر ۾ ڪهڙي قسم جي شاعري ڪرڻ گهرجي، ورنه شاعر ته هر هڪ جي اندر ۾ بنيادي طرح گهر ڪيو ويٺو آهي، جيڪو صحيح قولن جي سڄائيءَ تي ٽيڪاٽپڻي ڪرڻ بدران پشپا جي ڪالم کي انهيءَ نقطه عه نظر سان پڙهڻ ۽ پرجهگڻ گهرجي.

        مون کي هن مجموعي جو اڀياس ڪندي ائين ٿو محسوس ٿئي ته پشپا جي شاعريءَ ۾ هڪ قسم جو اندروني ربط ۽ سلسلو موجود آهي، جيڪو شاعره جي اندر واري احساسن کي ٻاهرئين دنيا جي حقيقتن سان ائين ٿو ڳنڍي ۽ لاڳاپي ڇڏي، جئين ڪنهن ڪپڙي تي ڀرت ڀرڻ بعد ڪپڙي ۽ ڀرت ٻنهي ۾ هڪ قسم جو لاڳاپو پيدا ٿي پوندو آهي، جيڪو ڀرڻ واري جي اندر کي ڪنهن خارجي جسم تي اوتيل محسوس ٿيندو آهي، جنهن کي شاعراڻي پهچ ۽ احساس جو ادراڪ به چئي سگهجي ٿو. هن هڪ هنڌ چيو  آهي:

                هر ڳالهه ۾ منهنجو ذڪر

                هر خيال ۾ منهنجو گذر

                هر ڪوتا منهنجي نالي

                هر سٽ ۾ لڪل منهنجو نالو

                هر وقت مون ۾ نظر

                پر

                هر ڳالهه جنهن ۾

                جذبو نه هجي

                گهرائي نه هجي

                سچائي نه هجي

                ۽

                شامل ماڻهن جو ڊپ

                هر وقت سمويل هجي

                چهري تنهنجي تي

                مون کي

                ناهي

                قبول!

        هنن چند لفظن مان ائين ٿو ڀاسي ته شاعره جي اندر واري کي خارجي دنيا ۾ ڪنهن ٿيل واقعي جو ادراڪ ته ٿيو آهي، پر سنديس شاعراڻي پهچ واري احساس ان ڳالهه جو اظهار ڪرايو آهي ته جنهن ڳالهه ۾ جذبو، سچائي ۽ گهرائي نه هجن سا ڳالهه کوکلي آهي، تنهنڪري ان کي قبول نه ڪرڻ گهرجي: ان مان ڏسجي ٿو ته ٻاهرئين دنيا جي حقيقت سان، اندر واري احساس جو ربطه ڪئين قائم ٿيو آهي. ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي چوندس هت زال ذات گهڻو ڪري ٻيءَ شاديءَ کي هڪ پيڙا ڪري محسوس ڪندي ۽ ڀوڳيندي آهي، پيشپا کي پڻ ڪنهن اهڙي واقعي جو احساس ٿيو آهي، جنهن جو سنديس اندر واري هيئن اظهار ڪيو آهي:

                ۽ پوءِ بس، ڪجهه ئي ڏينهن ۾،

                آئون هن جي ۽ هو منهنجو بڻجي ويو.

                ڪار ۾ ويهندي، ساهيڙيءَ ٻانهن ۾ چهنڊڙي هڻي چيو:

                ”شاديءَ کان پوءِ اسان کي وساري نه ڇڏجانءِ“.

                ۽ آئون مرڪي پئي هيس.

                هن کي ڀرسان ويٺل ڀانئي،

                سڄي جهان کي پيرن هيٺان ڀانيو هو مون.

                آءٌ هتي گهڻا ڏينهن رهي نه سگهيس،

                هلي آيس دوکيبازن جي ملڪ مان.

                آئون اتي رهي به ڪيئن ٿي سگهي؟

                جيڪي سچ جو خون ڪن!

                حسرتن جا لاش ڪلهن تي رکي،

                ڪنڌ جهڪائي هلي آيس،

                موٽيس ته بابا کي به هارائي چڪي هيس.

                پنهنجي جيون کي داو تي لڳائڻ کان پوءِ!

                جتان هلي هيس آئون،

                اڄ اتي ئي اچي بيٺي آهيان،

                سچ ته، آئون ڪيڏي نه چري  آهيان!!

        هن پوري ڪوتا ۾ شاعره هڪ اهڙي عورت جي جذبات جو نقشو چٽيو آهي، جيڪا وڏي خوشيءَ سان هڪ شخص سان شادي ڪري، پنهجي گهرواري وٽ ٻئي ملڪ ۾ وڃي ٿي، جتي کيس معلوم ٿئي ٿو ته اڳلي جي ٻي به شادي ٿيل آهي ۽ ان مان اولاد پڻ آهي جا ڳالهه هن جي جذبن جو خون ڪري، ڏاڍو ايذائي ٿي. هوءَ اها پيڙا کڻي واپس پنهنجي ملڪ ۾ ان وقت پهچي ٿي، جڏهن هن جو پيءُ به کانئس ڌار ٿي چڪو آهي. هاڻي هوءَ محسوس ڪري ٿي ته جتان هوءَ ماضيءَ ۾ هلي هئي، اڄ به اتي بيٺي آهي.

        هن ڪوتا ۾ پڻ اهو ربط ۽ سلسلو موجود آهي، جيڪو انسان جي اندر واري کي ٻاهرين دنيا جي حقيقت سان ڳنڍي ۽ لاڳاپي بهاريندو آهي. ان ريت پشپا جي ڪوتا جي اڀياس مان اها ڳالهه ويتر وڌيڪ صاف ۽ چٽي ٿي نظر اچي ته شاعره جي اندر وارو دنيا جي خارجي حقيقتن سان ڪيئن نه ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل آهي.

        پشپا جي ڪوتا ۾ قدرتي نظارن جا جيڪي چٽ چٽيل آهن، سي پڻ ڪنهن خارجي جسم تي، اندر واري جي اوت جا سهڻا ۽ دلپذير مثال آهن. هن هڪ هنڌ اهڙو نقس هن ريت چٽيو آهي:

        اٽي جي چڪيءَ جو،

        پريان کان ايندڙ آواز:

        ”ٺڪ.......ٺڪ.........ٺڪ“

        ڀنڀرڪي ويل،

        کوهن تي مالهين جو آواز:

        ”هو وو..... هو وو.....پڇا“.

        (بس....بس......واپس ٿيءُ)،

        صبح جو وٿاڻ ڏانهن ورندڙ،

        گائين جي مڌر ٽلين جو آواز،

        ۽ منهن اونداهيءَ ويل،

        گوڌول ۾،

        مندر ۾ وڄندڙ،

        وڻندڙ گهنٽين جو آواز،

        جڏهن به،

        آئون ان وايو منڊل ۾ هوندي آهيان.

        جسم جي هرحصي سان،

        انهن آوازن کي،

        محسوس ڪندي آهيان،

        پاڻ کي بي انت آزاد،

        ۽ شانت ميه ڀائيندي آهيان.

        هن مان ڏسجي ٿو ته شاعره اٽي جو چڪيءَ، کوهه جي مالهين، وٿاڻ ڏانهن ويندڙ ڍڳين جي ٽلين ۽ مندر ۾ وڄندڙ گهنٽين جي آواز کي مختلف وقتن تي ٻڌي، جيڪو حقيقي سرور حاصل ڪيو آهي، تنهن جو ڪهڙو نه حقيقي، سهڻو، ۽ دلپذير چٽ چٽيو اٿس. ٻي ڳالهه جيڪا هن ڪوتا ۾ آهي، سا آهي هڪڙي آواز جي مختلف روپن کي محسوس ڪري پيش ڪرڻ، جنهن مان شاعره جي اندر واري شاعر جي، شين جي حقيقت تائين پهچ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. اهائي ڳالهه ڏيکاري ٿي ته جيڪڏهن شاعره پنهنجي مشق جاري رکي ته ايندر دؤر ۾ سندس شاعريءَ کي ڪافي اهيمت ملي سگهي ٿي.

        پشپا آزاد طبع شاعره آهي ۽ هن آزاديءَ جي ڪهاڻي به نرالي نموني ۽ ڍنگ سان پيش ڪئي آهي. هوءَ چوي ٿي:

                ها! بستري سان لڳل الماريءَ

                ڪتاب سڀ منهنجي پسند جي ليکڪن جا آهن

                اُهي ته ڪنهن جيل ۾ سڙندا هوندا

                پر آئون اهي ڪتاب پڙهي

                دنيا کي بدلائڻ چاهيندي آهيان.

        پشپا دنيا کي بدلائڻ گهري ٿي ان ۾ هڪ ماٺيڻو انقلاب آڻڻ گهري ٿي، ۽ ان کي آزاد ڪري پنهنجي پيرن تي بيهارڻ گهري ٿي، پر هوءَ اهو سڀڪجهه فڪر ۽ فن جي ذريعي، ڪتابن پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ذريعي ڪرڻ گهري ٿي ۽ نڪي ڪي جبر ۽ ڏاڍ جي ذريعي، پر اڄڪلهه جي دنيا ۾ سندس اها تمنا پوري ٿيندي نظر نٿي اچي، ڇاڪاڻ جو سندس ڳوٺ جي پرامن ماحول ۾ ٿيو هئين جو:

                اوچتو

                الائجي ڪٿان گهوڙا آيا

                منهنجي بدران

                بندوقون راڄ ڪرڻ لڳيون

                مون کي جلاوطن ڪيو ويو

                قلم جون ترارون ڀڳيون ويون

                اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون ويون

                سڀ پکي اڏري ويا

                فقط طوطا رهجي ويا

                ۽ ”پيار ندي“ سڪي ويئي.

        هتي پشپا جيڪي به چيو آهي سو آزاديءَ جي تاريخ جو تت آهي، جيڪو هن ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ۽ ان نتيجي تي پهتي آهي ته قلم جي ترار جي اڳيان بندوق کي وڏي اهميت آهي. جنهن جو مطلب ٿيو ته صرف قلم سان نڪي آزادي ماڻي سگهجي ٿي ۽ نه وري قائم رکي سگهجي ٿي، يعني اسان کي جي آزادي ماڻڻي ۽ قائم رکڻي آهي ته قلم ۽ قوت ٻنهي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو نه ته ڪنڊ وٺي وڃي ويهي رهڻو پوندو:

                اڄ ڪلهه

                آئون جهنگ ۾ رهندي آهيان

                پنهنجي ڪٽيا ۾ تنها

                منهنجو نالو، ٻڌايانءِ ڇاهي؟

                ماڻهو مون کي

                آزادي چوندا هيا.

ڪيڏي نه سبق آموز ڪوتا آهي. ڪهڙي نه سهڻي نموني ۾ شاعره جي اندر واري احساس، خارجي حقيقت سان ملي ڪري، حقن جو آواز بلند ڪيو آهي.

        هيءَ شاعره نه رڳو آزادي پسند آهي، پر حقيقت پسند پڻ آهي، جنهن جو اظهار هن هر هنڌ ڪيو آهي. هوءَ هڪڙي اهڙي حقيقت جو نقش هن ريت چٽي ٿي:

        جڏهن اهل قلم جي وچ ۾ ويهين

        تڏهن

        اتهاس.......سڀيتا.....ڪولن........سنٿالن....موهن جي دڙي

        ......ناچڻيءَ ........جا ڳڻ ڳائين

        پر هڪ ڀيري

        جڏهن ٿر جي ڀٽن ۾

        توکي ڏاڍو اڃ ستايو هو

        تڏهن

        هڪڙي ڀيل کي توتي رحم آيو هو:

        سائين! پاڻي پيندؤ؟“

        ”ڪير آهين ڙي؟“ تو ڏاڙهيو هو

        ”ڀيل“، اڏول وراڻي

        ”مون کي پاڻي نه گهرجي“

        تنهنجن سارين لکڻين تي

        ڪارنهن ملجي وئي

        ۽ جيپ اسٽارٽ ڪري تو

        ايڪسيليٽر تي پير رکي ڇڏيو!

هي اهڙن ماڻهن جي حقيقي طبع جو نقش آهي، جيڪي اندر ۽ ٻاهر هڪجهڙا نه هوندا آهن. اهڙيءَ طرح شاعره خارجي دنيا ۾ جيڪي به ڏسي وائسي ۽ ٻڌي ڪري ٿي، تنهن جو سنديس اندر ۾ جيڪو رد عمل ٿئي ٿو، تنهنجو بنا رک رکاءُ جي بيبا ڪانه اظهار ڪري ٿي. اهو اظهار ڪڙو ضرور آهي، پر آهي حق ۽ سچ، جنهن مان اظهار آهي ته پشپا جي ڪوتا جي اوساري سچائيءَ جي پختن بنيادن تي پيئي کڄي. انهيءَ حق ۽ سچ چوڻ واري ڪؤڙاڻ جو احسا خود شاعره کي آهي. چوي ٿي:

        پنهنجي تلخ ڪلاميءَ تي

        نادم آهيان آئون

        پنهنجي ڳالهائڻ ۾ چڀندڙ لفظ

        جي استعمال جو اعتراف اٿم.

        توکي شايد خبر ڪانهي؟

        ته پوءِ اڄ توکي ٻڌائي ٿي ڇڏيان:

        منهنجي تلخ ڪلاميءَ ۾

        پنهنجي اندر ۾ ئي ڪڙهڻ جو

        زهر آ شامل،

        پنهجي چڀندڙ لفظن جي

        نشترن سان رتوڇاڻ آهيان آئون پاڻ

        پنهنجي چيل جملن تي پشيمان ٿيندي آهيان.

پشپا جي اندر وارو ڏونڪي جي چوٽ اجهو ائين ٿو ٻولي ۽ پنهنجو اندر کولي بيان ڪري.

        پشپا جي ڪوتا ۾ شاعراڻيون خوبيون پڻ ملن ٿيون. محسوسات جي منظر نگاريءَ ۽ منظر ڪشيءَ جا مثال، تشبيهات ۽ محاورات جي دنيا، محاورن ۽ اصطلاحن جو برمحل ۽ تز استعمال، جملي جي ورجاءَ مان بيان جو زور ۽ اسلوب جي ڪشش پيدا ڪرڻ..... اهو سڀڪجهه سادي، سڌي، نئين ۽ مؤثر انداز ۾ ملي ٿو. هڪ اسرندڙ شاعره جي ڪوتا ۾ ايترين خوبين جو اچي ڪٺو ٿيڻ نيڪ فال آهي انهن سڀني سهڻاين هوندي، جڏهن ڪو شخص ”دريءَ کان ٻاهر“ جو اڀياس ڪري ٿو ته هو ائين محسوس ڪري ٿو ته هڪ عورت پنهنجي جذبات جو سليقي ۽ نهٺائيءَ سان، پياريءَ ۽ ساديءَ ٻوليءَ ۽ فطري انداز ۾ اظهار ڪري رهي آهي، جنهن ۾ مصنوعيت ذري جيتري به ڪانهي. ”من جون ڳالهيون“ ۾ ڳالهيون، ڪٿي رهيون آهن ڪرڻ لاءِ جو وڇوڙو ۾ آئون اهائي ننڍڙي نينگر جو ۽ هاڻي اچين به ڇا“ ۾ خود انهيءَ عنوان جو ورجاءُ جذبات جي شدت، احساس جي تصويرن ۽ اندر جي اوت توڙي جذبي جي اڀار ۽ روانيءَ جون عمديون چٽساليون آهن. آءٌ مثال طور هتي صرف ”ڏاند گاڏي“ جو پهريون واڪيه پيش ڪريان ٿو:

        ڏاند گاڏي ڇڪيندي

        ڌڌڙ ڀريل پيچرن تي هلندي

        ڏامر وارن رستن تان گذرندي

        بار ڍوئيندي

        ڪيڏو نه ٿڪجي پيا آهيون اسين!


*  منهنجي خيال ۾ اها شخصيت سندس والد ولي رام ولڀ جي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com