سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (3)

 

صفحو :14

        هڪ ٽيڪسي اچي سندس ڀرسان بيٺي. ٽيڪسيءَ ۾ هڪ مرد ۽ ٻه ٻار ويٺل هئا. سندس خيال ٽٽي پيا، ائين جيئن سندس هٿ مان ڪو شيشي جو ٿانءُ ڪري پرزا پرزا ٿي ويو هجي. ٽيڪسيءَ جا وائپر هلي رهيا هئا، ڊرائيور شيشو هيٺ لاهي پڇيو: ”ريتا گرائونڊ ڪٿي آهي؟“

        ”ريتا گرائونڊ؟ هي ريتا پلاٽ ضرور آهي، هي سڄو علائقو ريتا پلات سڏبو آهي پر مون کي ريتا گرائونڊ جي خبر ناهي، اوهان کي ڪنهن وٽ وڃڻو آهي؟“

        ”ريتا گرائونڊ ۾ ڪائي ميچ ٿيڻ واري آهي، مان ان لاءِ مهمان خصوصيءَ جا فرائض سرانجام ڏيڻ لاءِ ڪوٺايل آهيان راند ڇا ٿيندي، بس ”فارملٽي“ پوري ڪرڻي آهي.“ اندر ويٺل مرد جهڪندي، هن ڏانهن گهريندي چيو.

        انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيدني چيائين: ”مون کي ريتا گرائونڊ جي خبر ناهي.“

        ڊرائيور ايڪسيليٽر تي پير رکيو ۽ ٽيڪسي اڳتي وڌي وئي. هو سوچي رهيو هو ته: کيس هتي آئي هڪ سال پورو گذري ويو آهي. ان هوندي به کيس هن علائقي جي پوري ڄاڻ ڪانهي. ڄاڻ ڪيئين ٿئي، هو ڪيڏانهن اچي وڃي، گهمي ڦري، ملي جلي ته خبر پويس. هو ته محدود آهي، آفيس کان گهر ۽ گهر کان آفيس. ملڻ وارن جو حلقو تمام محدود، بلڪل نه جي برابر، پوءِ کيس ڄاڻ ڪيئن پوي؟ هن ويندڙ ٽيڪسيءَ تي هڪ اڇاتري نظر اڇلائي.

        روڊ تان مينهن جو پاڻي ائين ٿي اڙهو، ڄڻ ڪنهن واهڻ کي کنڊ پيو هجي ۽ هيٺاهيئنءَ ۾ ڪٺو ٿي رهيو هو. اتي ڪجهه ٻار تڙڳي رهيا هئا ۽ هڪٻئي کي پاڻيءَ جا ڇانڊارا هڻي رهيا هئا. پريان هڪ گهر جي دروازي تي، ڪائي ننڍي نيٽي نينگري پاڻيءَ ۾ پسي ۽ ٻارن کي تڙڳندو ۽ هڪٻئي سان کيچل ڪندي ڏسي، خوش ٿي رهي هئي. هو روڊ جي وچ واري حصي تي هلي رهيو هو. بجليءَ جي ٿنڀن کان پاڻ بچائيندو ۽ ٽيڏي اک سان نينگريءَ کي سڏيندو ٿي ويو. سندس ذهن ۾ آيو ته ان وٽ هليو وڃي ۽ وڃي: ”ڇو اڪيلي بيٺي آهين؟ اچ ته گڏجي پسار ڪريون. ڇا توکي هيڪلائيءَ ۾، ڪنهن جي هئڻ جي تمنا نه ٿي ٿئي؟“ ائين ڪري نه سگهيو. اها ڳالهه سندس وس کان چڙهيل هئي. هيءُ معاشرو ايتري اجازت نه ٿو ڏئي. هن معاشري اسان کي ذهني نٻل بڻائي ڇڏيو آهي. اسين خواهشن جا قاتل آهيون.

        هو اڳتي وڌي ويو. وڌندو ٿي رهيو، تمام سست رفتاريءَ سان. کيس مينهن کان بچڻو ته هو ڪونه ائين ئي ان نينگريءَ تي گهڻو سوچڻ به نه پيو چاهي. جنهن کي پائي نه ٿو سگهجي، تنهن لاءِ هروڀرو سوچي، ڇو پاڻ کي پريشان ڪريان.

        هن يادن جي ٽٽل شيشي جا پرزا ميڙي، انهن کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ ياد، ڇنال ڇوريءَ جيان ڇال ڏيندي، سندس ذهن جي قيد خاني جون ديوارون ڇلانگيندي، ٻاهر نڪري آئي.

        هڪ مخصوص سڳنڌ، هڪ مٺاس، هڪ عجيب ڇهاءُ ۽ ڇهاءُ رس، نه ڄاڻ ڪٿان هن وٽ رسيو، جيڪو هن محسوس ڪيو.

        ”ڇا ڪائي سڳنڌ به فضا مان غائب ٿي نه ٿي سگهي ۽ عرصي پڄاڻان به اها هوا ۾ موجود ٿي رهي. ماڻهو رڳو ان کي محسوس ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ڪجهه حساس بنائي ۽ پنهنجا حواس استعمال ڪري. يا اڄ مون تي ڪنهن شاعر جي حواسن جو غلبو ٿيو آهي، جو جماليات، جيڪا انسان جي ڇهن ئي حواسن سان تعلق ٿي رکي، مون ۾ واسو ڪيو آهي. مون اڄ ڪيئن خورشيد جي جسم جو هڳاءُ، بدن جو مٺاس محسوس ڪيو آهي.“ سندس وات ۾ پاڻي اچي ويو.

        هوءَ ڪنهن سهيليءَ جي ڪڪيءَ جي جنم ڏينهن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تياري ڪري رهي هئي. کانئس ڪپڙن پهرڻ لاءِ مشورو ڪيو هو. هوءَ جڏهن ساڙهي پائي ۽ ان تي چست بلائوز پائي آئي هئي ته ڪيڏي نه سندر لڳي رهي هئي. هن جو جسم ساڙهي پهرڻ لاءِ سئو سيڪڙو درست هو، سائي رنگ جي ساڙهي ۽ ان تي ڪاري ۽ گلابي رنگ جي گلڪاري، ان جي مناسبت سان هلڪو ميڪ اپ ڪيل. سڄي گهر ۾ هن جو هڳاءُ پکڙجي ويو هو، هن جا نقش فضا مان اڀرڻ لڳا. اول کيس هن جو صرف پاڇولو محسوس ٿيو ۽ پوءِ اهو پاڇولو ويو چٽو ٿيندو، ويو چٽو ٿيندو ۽ نيٺ خورشيد سندس سامهون هئي.

        اهوئي ڪڻڪ رنگو چهرو، ڀريل جسم، وڏيون اکيون، جن ۾ ڪجل ريکا. پورو پنوقد، ڀريل ڳل، لپ اسٽڪ لڳل چپ. اهو روپ، جنهن کي هن زندگي بخش روپ سڏيو هو، سندس سامهون هو.

        ”ٻڌاءِ، هن لباس تي وار ڪيئن ٺاهيان. چوٽي ڪريان يا جهوڙو بڻايان؟“

        سندس ڊگها، ڪارا وار هوا ۾ جهلڪا ڏئي رهيا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سندس چهري تي ائين ٿي آيا، جيئن سانوڻيءَ جي چوڏهينءَ جي چنڊ تي ڪائي ڪڪري هوا تي ڌڪجي، مٿان لنگهي، ٿوري وقت لاءِ هن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي هجي،. پر چنڊ ڪٿي ٿو لڪي سگهي. هن ٿوريءَ دير لاءِ پيرن کان مٿي تائين سندس جائزو ورتو ۽ کيس ڏسندو ئي رهيو.

        ”تڪڙ ڪر، دير ٿي ٿئي. هيٺ سڀ ماڻهو پهچي ويا آهن.“

        ”وارن کي کولي ڇڏ.“

        کولي ڇڏيان؟“

        ”ها، کولي ڇڏين. ڀل ته آزاد فضا ۾ پنهنجي آزاديءَ جو پورو پورو فائدو وٺي سگهن. ٻڌل ته سدائين رهندا آهن. خوشيءَ جي موقعن تي باندين کي ڇوٽ ملندي آهي. مون کي کليل وڏا وار ڏاڍا وڻندا آهن.“

        هن وار ڇوڙي ڇڏيا. ڇڙيل وار هوا ۾ لڏي رهيا هئا، جيئن قيدي آزاديءَ جو ٻڌي خوشيءَ ۾ نچڻ ٽپڻ لڳندا آهن. ان وقت هن کي پنهنجي ٻانهن جي گهيري ۾ آڻيندي، سندس سيني تي هڪ مهر هنئين هئائين. هن جي جسم جي سڳنڌ ۽ مٺاس، هن جي رڳ رڳ ۾ پيهي ويو.

        هوءَ ٺڪ ٺڪ ڪندي، ڊيل جيان ٽلندي، هنجي سامهون وڃي رهي هئي. هن جي چنچل من چاهيو ته هن وقت کيس وڃڻ نه ڏئي. بس، کيس ويهاري، ان ئي حالت ۾ ڏسندو رهي.

        ڪيڏو نه بهتر وقت هو اهو. جيڪڏهن وقت موٽي نه سگهندو آهي ته پوءِ ان گذريل وقت جيان، انهن يادن کي به موٽڻ نه گهرجي. ماضيءَ جو حال ۽ مستقبل سان ايترو ئي واعدو آهي ڇا، ته سندس نشان حال ۽ مستقبل ۾ ملند رهندا. ڪن کنڊرن مان ۽ ڪڏهن ذهن جي تهه خانن مان.

        ۽ هڪ ڏينهن، ڪاش! اهو ڏينهن ڪڏهن به نه اچي ها. ڀل ته سدائين رات هجي ها، رات جنهن ۾ ماڻهو حسين ترين سپنا ڏسندو آهي. اهي سپنا صبح ٿيندي ئي ٽٽي ويندا آهن. ماڻهو ڪجهه وقت تائين وياڪل ٿي ويندو آهي. ان ڏينهن سندس سماڌيءَ ۾ ڪوئي راڪشس ڪاهي پيو هو، سندس سماڌي ڀنگ ڪرڻ خاطر. هو ان راڪشس کي ڄاڻي پيو، سندس دوست ئي هو. جيتوڻيڪ ارشد جي تعريف به پاڻ ئي هن سان ڪئي هئائين،کيس ڪهڙي خبر ته هڪ ڏينهن اهوئي ارشد سندس سماڌي ٽوڙي وجهندو.

        کيس ياد آيو، هڪ ڀيري معمول مطابق ڳالهائيندي مرد جي بي وفائيءَ جي ڳالهه نڪتي هئي. ڪئين نڪتي هئي، ڇو نڪتي هئي، اها ان وقت به ڄاڻ نه هين. بهرحال خورشيد پنهنجي ڄاڻ مطابق دليل ڏنا هئا ائين ناهي اهي سڀ فلمي ڳالهيون آهن، جيڪي هن دؤر جي ئي پوري عڪاسي ڪري نه ٿيون سگهن. مردن جي وفاداريءَ سان ته تاريخ ڀري  پئي آهي. پري وڃڻ جي به ڳالهه ناهي، سهڻي ميهار، سسئي___پنهون، هير__رانجهو ۽ ليلان ____ مجنون کي ئي کڻي ڏس. جيڪڏهن انهن داستانن ۾ عورت وفادار رهي آهي ته مردن به ڪو پاڻ گهٽ نه ملهايو آهي. جيتوڻيڪ انهن داستانن جا مڙئي مرد وڏ گهراڻا به هئا.“

        هن، خورشيد جو اشارو سمجهي ورتو هو ته هن اها ڳالهه ڪهڙي سبب ڪري ڇيڙي هئي.

        ”وقت تي ڇڏي ڏي ان ڳالهه کي خورشيد! اهو فيصلو تون ۽ مان ڪري نه سگهنداسون. وقت پاڻ ئي اها ڳالهه فيصل ڪندو ته ڪير وفادار ۽ ڪير ......“.

        هن کلندي ۽ ڄاڻي ٻجهي اهو جملو اتي ڇڏي ڏنو.

        ”مردن اڳيان مجبوريون ۽ خانداني وقار به ايندو آهي.“

        ”ڇو هروڀرو انهن غير حقيقي ڳالهين کي ڳنڍ ٻڌي بيٺي آهين؟ اهي فلمون اسان جي معاشري کي سڌارڻ بدران بگاڙڻ لڳيون آهن. جيتوڻيڪ اهي معاشري کي سڌارڻ جو بهترين ڪردار ادا ڪري ٿيون سگهن، پر هتي ته اهي رڳو پئسو ڪمائڻو. معاشري جو سڌارو ٿئي يا بگاڙو، ان ۾ هنن جو ڇا؟ ليکو ڪيو ته سڀني فلمن جي ڪهاڻي لڳڀڳ وڃي ساڳي بيهندي. اسان جي ماڻهن جو سڀ کان پهريون مسئلو آهي پيٽ. هنن سڀ کان پهريون مسئلو عشق کڻي بڻايو آهي. چوندا آهن: ”ڍؤ آهي ته ڍول به آهي ڍو بنا ڍول ٿي ئي نه ٿو سگهي.“ ان ڪري فلمي دنيا وارا معاشرو ئي سرمائينداراڻو ڏيکاريندا آهن . پوءِ اهي بي وفايون به ان سرمائيداري نظام جو هڪ حصو آهن.“

        هو کلندي کلندي سنجيدو ٿي ويو ۽ هن کي هڪ ننڍو ليڪچر ڏئي مٿي چڙهيو. چيائين ته ڀٽائي پڙهي ڏس:

بکيءَ کل نه اڄهي، ڏکي ڏمر ناهه،

اگهاڙي وهانءُ، ويو ويچاري وسري.

        هو نباهي رهيو آهي ۽ نباهيندو رهندو، جيسين اهي يادون سندس ذهن جي تهه خان ۾ موجود آهن. انسان پنهنجو پهريون پيار وساري نه ٿو سگهي کڻي هو انهن يادن کي وسارڻ جي ڪيڏي به ڪوشش ڪري، پر زندگيءَ جي ڪنهن به چؤواٽي تي اهي سندس سامهون اچي بيهن ٿيون ته ان وقت هو حواس باخته ٿيو وڃي. پيار به هڪ اهڙو نشو آهي، جيڪو جڏهن چڙهندو آهي ته لهڻ جو نالوئي نه وٺندو آهي. شايد مان هن جو پهريون پيار نه هوس، ورنه هوءَ ڪڏهن به ائين نه ڪري ها.“

        هوءَ جا هاڻ ديس ۾ ئي ناهي، ان لاءِ ڇا ٿو چئي سگهجي. ٿي سگهي ٿو ته ديس کان ڪوهين ڏور رهندي، اڄ کيس ياد ڪندي هجي. هڪ غير منطقي جواب هن جي ذهن ۾ آيو: ياد ڪر تان ياد ٿئين.“ هن کي ته ڪيترا ڀيرا سندس موجودگيءَ جو احساس به ٿيو آهي. ڪڏهن کيس هلندي ائين لڳندو آهي ته هوءَ ساڻس گڏ هلي رهي آهي.

        مني بس جي اڳينءَ سيٽ تي ٻئي ويٺا هئا، بينش ڪڏهن هن ڏي، ته ڪڏهن خورشيد ڏي آئي ۽ وئي پئي. هن کي ڪنهن سهيليءَ جي دعوت ۾ وڃڻو هو. ان ڪري سرمد کي چيو هئائين: ”جڏهن تون ڊيوٽيءَ تي وڃين ته مون کي به وٺيو هلج، صدر مان رڪشا تي هلي ويندس. هتان هيکلو نڪرڻ ڪجهه عجيب لڳندو اٿم. بس ۾ بينش به تنگ ڪندي.“

        هن انڪار نه ڪيو هو انڪار ڪري به ڪيئن ٿي سگهيو. هڪ سيٽ تي ويٺي هو خوش هو. خوش هوءَ به هئي. رستي ۾ سندس سهيليءَ جي باري ۾ ڳالهايو هئائون. هوءَ سندس ڪلاس ميٽ هئي ۽ اتان سندس ساهيڙپ هلي هئي.

        ”جيڪڏهن تون هلين ته بهتر. رضيه ايتري ڪند ذهن ناهي جو تو ۾ يا مون ۾ ڪو شبهو ڪري. مان کيس ائين چئي به ٽاري ٿي سگهان ته رات جو هيکلائپ کان سرمد کي وٺي آئي آهيان. ڇا تون منهنجو پاڙيسري ناهين؟“

        ”آهيان_______سئو سيڪڙو سچ آهي. پاڙيسرين جا ڪهڙا حق آهن، اهي به ڄاڻان ٿو. ان کان سواءِ مان ايترو روشن خيال به آهيان ۽ تنهنجي سهيلي به تو جيان ئي هوندي. مان هن جي ذهنيت تي شڪ نه ٿو ڪريان، پر مون کي ڊويوٽيءَ تي ضرور وڃڻو آهي. مون ڪافي موڪلون ڪيون آهن، هروڀرو غير حاضر رهڻ بهتر نه ٿو لڳي.“ هن کيس اڪيلي وڃڻ لاءِ راضي ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ هو چاهيندي به نه ويو هو.

        مينهن ان ئي رفتار سان هلي رهيو هو ۽ هاڻ ته مينهن سان گڏ، تيز هوا به گهلي رهي هئي، ان ڪري ڀنل جسم تي هوا جي ڇهاءَ ڪري کيس ٿڌ محسوس ٿيڻ لڳي. اوچتو هڪ سوزوڪي تيزيءَ سان آئي ۽ بيٺل پاڻيءَ جا ڇانڊارا هن کي هڻندي، اڳتي نڪري وئي. سندس خيالن جو سلسو ٽٽي پيو. هن ڪنڌ کڻي سوزوڪيءَ ڏانهن ڏٺو. پويان ويٺل ماڻهو پنهنجي حرڪت تي پيشمان ٿيڻ بدران فتحيابيءَ واري کل کلي رهيا هئا، سندس کلڻ تي کيس مٺيان لڳي ۽ زور سان چيائين: ”سورهيائيءَ تي کل ٿي اچيو.“ ڪجهه سردي ۽ ٿڪ محسوس ڪري رهيو هو، ان ڪري گهر وڃڻ لڳو. هو ننڍا ننڍا قدم کڻندو، روڊ تان لهي ويو.

 

 

واپسي

قاضي خادم

 

        هو صبح کان جوئا ڪري رهيو هو، ۽ مسلسل هارائي رهيو هو. سڄو ڏينهن سواءِ چانهه ۽ سگريٽ جي، ٻيو ڪجهه ڪونه واپرايو هئائين. سڄو وجود پگهر ۾ شم ٿيو پيو هوس، پر کيس ڪو به احساس ڪو نه هو. رڳو اهو خيال هوس ته ڪيئن به ڪري پنهنجا پئسا واپس ڪري، جيڪي هن ٻيڻا ۽ ٽيڻا ڪرڻ جي خيال کان داءَ تي لڳائي ڇڏيا هئا، پر ان جي ابتڙ هو سڀ پئسا هارائي ويٺو هو، ۽ هاڻي آخري سئو جو نوٽ هوس، جيڪو به هن داءُ تي هڻي ڇڏيو. هن سڄو نوٽ بلائينڊ ڪيو ۽ پوءِ ڪنبندڙ هٿن سان پتا کنيائين. هن جي دل ٽپا کائڻ لڳي، هن جي هٿ ۾ ٽي يڪا هئا، هن ڀر ۾ ويٺل دوست ڏانهن ڏٺو، جيڪو سندس راند ڏسي رهيو هو. هن بنا ڪڇئي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ سؤسؤ جا ٻه نوٽ ڏنائينس، هن چال ڪئي، اڳيان به چال ٿي، هن وري چال ڪئي، اڳئين شو ورتو. هن پهريون داءُ کٽيو هو.

        پوءِ هن کٽڻ شروع ڪيو. چار پنج هٿ اهڙا سٺا مليس جو سڄو نقصان پورو ٿي ويس. هن جي سامهون نوٽن جا ڍير لڳندا ويا، هو به بلائينڊ وڌائيندو ويو. کيس خبر هئي ته هاڻ سندس پتو چڙهيو آهي. هي وقت هو جو هو کٽي سگهيو ٿي. گهر جا کپايل پئسا ته واپس اچي ويا هئا. پر اوترائي ٻيا ڪمائي سگهيو ٿي. هن جو شوق وڌندو ويو. سندس دوست کيس هر هر ٺونٺيون هڻي اٿڻ جو چئي رهيو هو، پر هن ڪو ڌيان ئي ڪو نه ٿي ڏنس. داءُ تي داءُ کٽندو ويو. پيئر، ڪلر، رائونڊ، ڪلر رائونڊ ٽريل، ڪهڙو وڏو پتو هو، جو هن وٽ نه ٿي آيو. ٻيا رانديگر هڪٻئي ڏانهن حسرت وارين نگاهن سان ڏسي رهيا هئا هنن جي اڳيان پئسن جون ڍڳيون گهٽجي رهيون هيون، پر هن جي اڳيان وڌي رهيون هيون. هو ته کيڏي ئي هن جي پئسن سان رهيا هئا، پر هاڻ ته سندن کٽ هار ۾ بدلجي چڪي هئي.

        ”ٻيلي هاڻ اٿڻ جي ڪجي. سڄو ڏينهن گذري ويو آهي ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي.“ دوست هن کي چيو.

        ”ٿورو ترس، هلون ٿا“. هن چيو ۽ پتا ورهائڻ لڳو. هاڻ موقعو آهي ڌڪ هڻڻ جو.، هن سوچيو: ويندي ويندي ٻه چار چڱا هٿ هڻي وٺجن“ هن پنهنجي آڏو پيل پئسنجي ڍڳ ڏانهن ڏٺو. چار پنج هزار ته هوندا هن سوچيو. هو پاڻ هزار رپيا کڻي گهران نڪتو هو. اهي پئسا هن جي زال ويسي وجهي حاصل ڪيا هئا، نه ته ڇا پرائمري ماستر، ڇا بچت ۾ هزار رپيا. هن جي زال کي وڏو شوق هو ته گهر ۾ ڪو ريڊيو هجي. هوءَ ڏينهن جو جڏهن اڪيلي ٿيندي هئي ته پنهنجي منهن پور پڇائيندي وقت گذرندو هوس. ڪو ساڻس ڳالهائڻ وارو ڪو نه هوندو هو، سندس پاڙي ۾ به ڪو اهڙو گهر ڪو نه هو جنهن جو ساڻس ڪو اچ وڃ جو رستو هجي. ٻار ٻچو اڃا ڪو نه ٿيو هئن، تنهنڪري هن چاهيو ٿي ته گهر ۾ ريڊيو ئي هجي ته هوءَ وندري ويٺي هجي. ٽي وي ۽ وي سي آر جو ته هوءَ سوچي به ڪانه ٿي سگهي. ڀلا ويچاري هڪڙي ماستر ۾ ايتري سگهه ڪٿي جو اهي شيون وٺي. هن جي مائٽاڻي گهر جي پاسي ۾ هڪ تپيدار ۽ هڪ پوليس جمعدار جا گهر هئا. گهر ڇا هئا، هن جي نظر ۾ ته محل هئا، جن ۾ سون سان جهنجهيل راڻيون رهنديون هيون. هنن وٽ ڇا نه هوندو هو، ۽ هوءَ به سوچيندي هئي ته پاڻ جڏهن شادي ڪري ويندي ته اهڙي ئي ڪنهن گهر ۾ ويندي ، جت هن وٽ هرشئي هوندي. هوءَ جيڪي طلبيندي سو ملندس. پر هت اچي ته اکيون پٽجي ويس. مهيني جي آخري تاريخن ۾ ويلا ٽارڻا پوندا هئن. دعائون گهرندا هئا ته اهڙين تاريخن ۾ ڪو بيمار نه ٿئي. پر جي ٿي به پوندا هئا ته پهرين تاريخ تائين دوا دارون مهمل ڪري ڇڏيندا هئا.

        هن جو مڙس هو نئن ته ڏاڍو سدورو هو، جيڪي ملندو هوس، سندس تريءَ تي اچي رکندو هو، پر تريءَ جي حد تائين، پوءِ آهستي آهستي ڪري پگهار جو ڳچ حصو کڻي ويندو هو. ڇا ڪندو هو سا کيس خبر ڪانه هئي، پر اڪثر اهو ڏٺو هئائين ته ڪڏهن هو پنجاهه رپيا کڻي ويندو هو ته واپسي ۾ چار سئو رپيا کيسي ۾ هوندا هوس، ۽ ڪڏهن چار سئو رپيا کڻي ويندو هو ته واپسيءَ ۾ ٽڪو به کيسي ۾ ڪونه هوندو هوس. شروع شروع ۾ ته هن کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي، پر پوءِ اهڙآ کهرا جواب مليس،جو ڪڇڻ ئي بند ڪري ڇڏيائين.

        هن پنهنجي سگهڙ پني سان ٿورو ٿورو گڏ ڪري ويسي وڌي هئي، جنهن مان هن هڪ هزار روپيه کڻي مڙس جي تريءَ تي رکيا، ۽ چيائينس ته کيس ڪو چڱيرڙو ريڊيو آڻي ڏئي ته جيئن هوءَ اڪيلائيءَ ۾ وندري ويٺي هجي.

        هن جو پتو اڃا چڙهيل هو. هن پئسن جي ڍڳ ڏانهن ڏٺو ريڊيو نه آئون ٽي وي وٺيو ويندس، ڀلي بليڪ اينڊ وائيٽ هجي. وري به ٽي وي ۽ ريڊيي ۾ فرق آهي، هن سوچيو ڪيڏي نه خوش ٿيندي. هن جي تصور ۾ سندس زال جي شبيهه تري آئي ، کيس ائين لڳو ، ڄڻ هوءَ گهر جي در تي اوسيئڙي ۾ بيٺي هجي، آسائتين اکين سان ڏانهس نهاريندي هجي. هن وري هٿ ۾ کنيل پتن ڏانهن ڏٺو: ٻه ٽي چار رائونڊ: هن جي دل خوشيءَ وچان ٽپا ڏيڻ لڳي. چال وڏي هئي، هن بي نيازيءَ وچان، بنا ڳڻڻ جي ، مٺ نوٽن جي کڻي پڙ ۾ وڌي. ٻين حيرانيءَ سان هن ڏانهن ڏٺو ۽ پتا کڻي اڇلائيندا ويا. هن پئسن ڏانهن هٿ وڌايو، پر رڪجي ويو. هڪڙو رانديگر پڙ۾ بچيو هو. هن به پئسا پڙ ۾ وڌا. چال تي چال ٿيندي رهي. رائوند تي شوڪئين وٺبو هن سوچيو، هن وٽ يا ته وڏو پيئر آهي يا ڪلر آهي هن وري چال ڏني آخر ڪار اڳلي تنگ ٿي شو ڪرايو هن پتا ميز تي کولي پئسن کڻڻ جي ڪئي نه نه ترس اڳلي به پتا کوليا ٽي چار پنج ٿورو وڏو رائونڊ.

        هن جو موڊ ڪجهه آف ٿيو. پتا وارهائجي ويا. بلائينڊ ٿي، هاڻ رائزنگ بلائينڊ شروع ٿي چڪي هئي هڪڙو ڏهه ته ٻيو ويهه ۽ ٽيو چاليهه. ائين جڏهن هن تائين پهتي ته هن پتا کڻي ورتا. سئو رپين جي چال هئي هن وٽ ٻه يڪا هئا. وڏو پيئر هن سئو رپيا پڙ ۾ ڦٽا ڪيا. هڪڙي ڄڻي ڪٽ ڏني، باقي ٽي ڄڻا پتا کڻي چال ڏيڻ لڳا. هڪ ٻه ٽي هن جي دل پتا ڇڏڻ تي نه پئي ٿي، پر پيئر تي آخر ڪيترو اچبو. هن چوٿينءَ چال تي پتا ڦٽا ڪيا. هڪ ٻئي به ڦٽا ڪيا ڪٽ وارو ته اڳ ئي ڀڄي ويو هو، باقي ٻه رهيا شو ٿيو.، هڪ وٽ راڻين جو پيئر هو ته ٻئي وٽ بادشاهن جو هن کي چڪر اچي ويا. هزار روپئي جو داءُ وڃايو هئائين.

        ”يار، هاڻ رات جا ٻارنهن ٿي ويا آهن، اٿ ته هلون“ هن جي دوست سندس آڏو اڃا به پئسن جي چڱي ڍڳي ڏسندي صلاح ڏنس.

        ”يار ڪر ڪر نه ڪر، هلون ٿا نه، هن بيزار ٿي چيو ۽ پڙ ۾ پئسا وڌائين. جڏهن ڪافيبلائينڊ ٿي ته هن پتا کنيا ڪلر! يڪي جو ڪلر! هن هڪدم چال ڪئي سڀني پتا کڻي ورتا هن دل ۾ دعا گهري ته شل ڪو چال اچي ۽ اچي ويا. چارئي چالون هيون چالن تي چالون ٿينديون رهيون هن جي ساڄي پاسي واري ٻئي سان سائيڊ شو ڪيو ۽ پتا ڇڏي ويو. باقي ٽي ڄڻا بچيا چال ڊبل ٿيندي وئي. ٻن چالن کان پوءِ وري باقي رهيلن سائيڊ شو ڪرايو. هڪ ٻيو به پتا ڇڏي ويو. هن کي دوست ٺونٺ هنئي ته شو وٺ، پر هو اڳ ڌڪ کائي چڪو هو ۽ کيس اهو شڪ ٿي ويو هو ته ڪٿي هو پاڻ ۾ ملي، کانئس بدلو ته ڪونه پيا وٺن تنهن ڪري هن چال ڊبل ڪري ڇڏي اڳئين وري هن جي چال تي ڊبل چال ڪئي. هن به وراڻي ڏني. اڳئين اڃا به چال ڊبل ڪئي. هزار جي چال هئي هن وٽ اڃا ٻه هزار کن لڳا پئي. هڪ چال آيو. اڳئين وري چال ڪئي، هن پئسا ڳڻيا، سئو روپيا گهٽ هئا هن نو سئو روپيا هٿ ۾ کڻي دوست ڏانهن ڏٺو، جنهن بيزاريءَ وچان هڪ سئو ڪڍي ڏنو. هن چيو ”شو“ پتا ڏسي، غش ٿي آيس. اڳئين وٽ ٽي يڪا هئا.

        هو هٿ ڇنڊي اٿيو. احساس ٿيس ته سڄو پگهريو پيو هو واچ ۾ ڏٺائين ته رات جا ٻه ٿيا هئا. واپسيءَ جو ڀاڙو به ڪو نه هئس. کٽندي وقت ، دوست کي اڳوڻا ٻه سئو به واپس ڪو نه ڪيائين ۽ هڪ سئو ٻيو به ورتائينس. هاڻي ڪهڙي منهن سان ڀاڙي لاءِ ڪجهه گهريس مٺي به ماٺ، مٺي به ماٺ چپ چاپ ڪري ڪمري مان نڪتو دوست ته در تي الوداع ڪيس، ڇو جو هن جو گهر ويجهو هو ۽ هن ورتو واٽ کي.

        راتين جا پويان پهر ته هونئن به ويران ٿيندا آهن، پر اڄ اها ويراني هن کي کائڻ ٿي آئي. رستي جي ڀر پاسي ۾ ننڊا کڙن ڪتن جي اوچتين اوناين ۽ ڀونڪ هن کي ڇرڪائي ٿي وڌو ڪنهن ڪنهن مهل هٿياربند پوليس وارن هن ڏانهن مشڪوڪ نگاهن سان ڏٺو ٿي ته کيس ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪا چوري ڪئي هجيس هونئن ته هو پنهنجي کيسي جا پئسا خرچ ڪندو هو، کٽندو ۽ هارائيندو هو، پر اڄ ته زال جا پئسا کپائي ويٺو هو، سي به اهڙا پئسا، جيڪي هن پائي پائي ڪري ميڙيا هئا اوچتو ئي اوچتو هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ زال نهايت مظلوم ۽ پاڻ ڪو وڏو ظالم شخص هجي. هن جي دل ڀرجي آئي واقعي ويچاريءَ سان ڪيڏو نه ظلم ڪيو اٿم هن جو شوق هن جي اميد، هاڻ وري ڪڏهن پوري ڪري سگهندس، هن سوچيو دوست جي صلاح وٺان ها ۽ اٿي اچان ها ته اڄ ڪيڏي نه خوش ٿئي ها آئون هن کي ريڊيو، ٽي وي ۽ ڇا ڇا نه وٺي ڏيان ها اهڙو ڪورم وري ملي يا نه ننڍي راند ۾ سئو هيڏانهن پنجاهه هوڏانهن هت ته هزارن جا کيڏ هئا هو پڇتائڻ لڳو هاڻ وري نه کيڏندس جيڪي هارايم سو هرايم بس هاڻ پاڻ کي روڪيندس سڀ پئسا هن کي ڏيندس ته جئين وڻيس تئين خرچ ڪري اهو شام جو وقت ڪٿي پارٽ ٽائيم ڪم ڪندس پوءِ پئسا ميڙي هن کي ريڊيو وٺي ڏيندس_ ڪيڏي نه خوش ٿيندي بس هاڻ جوئا کان توبهه ڪڏهن به نه ڪبي، بس هن چپ ڀڪوڙي پنهجو پاڻ سان عهد ڪيو ۽ لڳس ڄڻ ته هانو تان بار لهي ويو هجيس.

        گهر جي ويجهو پهچي هن جا قدم ٿورا ٿڙڪڻ لڳا. ڇا چوندي؟ هيڏي مهل، هٿن ٺلهو،. ڇا چوندي، هڪ ته دير سان ٻيو پئسا غائب، مٿان ننڊ به ڦٽايائين. هاڻ جڏهن هن ٻيهر جوئا کيڏڻ کان توبهه ڪئي هئي تڏهن پنهنجي ڪئي تي ڦڪائي محسوس ڪرڻ لڳو هو پرائمري ماستر، غريب ماڻهو، هن کي جوئا کيڏڻ جو ڪهڙو حق هو، رڳو هڪ خراب عادت جي ڪري ڪيترن کي تڪليف ٿي ٿئي؟ هڪ غير اخلاقي ڪم ڪرڻ ڪا چڱي ڳالهه ته ڪانهي. هن سوچيو جوئارين کي ته اصل ٻڌي ڦٽڪا هڻڻ گهرجن. ڪيترن گهرن جو سڪون ۽ آرام هن جوئا جي عادت تباهه ڪيو هوندو هو اصل جوئا جو دشمن بنجي ويو.  کيس پنهنجن هٿن مان به ڪراهت ٿيڻ لڳي جن ۾ پتا جهليندو هو. ”توبهه، توبهه، ڪهڙو نه ڪڌو ڪم ڪري ويٺو آهيان.“ هو واقعي پڇتائي رهيو هو. جي هوءَ پڇندي ته سڀ سچ چئي ڏيندوسانس.“ هن جي دل تان بار اڃا به هلڪو ٿيڻ لڳو.

        گهر جي بند دروازي تي ڪي گهڙيون هو بيٺو رهيو. پوءِ ڪنبندڙ آڱرين سان آهستي در تي کڙڪو ڪيائين ۽ سمجهيائين ته ضرور ڪو جواب ايندو، پر در هڪدم کلي پيو.سامهون هن جي زال بيٺي هئي، ”شڪر آهي جو توهين اچي ويا. منهنجي دل ۾ ته الائي ڪهڙا ڪهڙا عجيب خيال پئي آيا.“ هن هٽي جاءِ ڏني.

        گهر ۾ پهچي هن جي دل کي آٿت اچي ويو. اندر جي آنڌ مانڌ به ڍري ٿي ويس. هن سڀ کان پهرين زال کي ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته پئسا هاڻ وٽس ڪونه هئا. پر هن انتظار پئي ڪيو ته ڀلي پهرين هوءَ کانئس پڇي. ريڊئي نه آڻڻ جو سبب پڇي. ليڪن هٿ منهن ڌوئڻ، ماني کائڻ ۽ کٽ تي ليٽڻ تائين هن ڪجهه به نه پڇيو. هو انتظار ۾ ئي رهيو. جڏهن به جوڻس ڪجهه چوڻ لاءِ وات ٿي پٽيو ته هن اهو ئي ٿي سمجهيو ته بس هاڻ ٿي پڇي. آهستي آهستي ان سوال جي ڊپ سندس دل جي رفتار وڌائي ڇڏي هئي. هن کي ائين ٿي لڳو ته جيسين سندس زال کانئس نه پڇندي، تيسين الائي ته دل جو ڪهڙو حال ٿيندس. نيٺ هن کان رهيو نه ٿيو.

        ”ٻڌ، تو وارا پئسا مون کان گم ٿي ويا،“ هن چئي ته ڏنو، پر ائين ٿي لڳس ڄڻ اهي لفظ ڪنهن ٻئي چيا هجن، اهو آواز سندس ڪنن تائين پهچي رهيو هو. سندس لوندڙيون ڄڻ ته ڦاٽي رهيون هيون. هوءَ ڇا چوندي؟ چوي ڇو نه ٿي؟ هن زال ڏانهن ڏٺو، جيڪا پڻ ڏانهس ڏسي رهي هئي.

        ”الله ڪيو توهين خير سان آيا، پئسا وڃي صدقو ٿيا.، هن جي لفظن سندس ٻرندڙ وجود تي ڄڻ ماڪ وجهي ڇڏي . هو حد درجي جو هلڪو ٿي ويو. هڪدم کڻي ڀاڪر وڌائينس. کيس خود ائين لڳو ڄڻ ڪو پهريون دفعو زال سان ملي رهيو هجي، جيڪا هن جي جذبي جي گرمجوشيءَ ۾ ميڻ وانگر وگهري رهي هئي.

        صبح جو جڏهن هو اسڪول ڏانهن پئي آيو، جتان ڪالهه گسايو هئائين ته سندس زال سندس آڏو اچي بيٺي. هن جي نظرن ۾ پيار ۽ احترام جا جذبا بکندا پئي نظر آيا. هن ڏانهس ڏسندي چيو، ”ڏسو، مون به توهان سان ڪوڙ ڳالهايو هو. ويسي پنڌرهن سئو هئي. مون سوچيو هو ته پنج سئو رپين مان عيد تي توهان ۽ پنهنجي لاءِ نوان وڳا ٺهرائيندس. پر هاڻ هي توهين کڻي وڃو. ڪو ننڍو رڊيوئي آڻي ڏيو. ڇا ڪريان سڄو ڏينهن اڪيلي ويهي ويهي چري ٿيو پوان.“

        هن جي اکين ۾ ڳوڙهن جي آلاڻ اچي وئي. هن هٿ وڌائي پئسا ورتا. ”اڄ آئون وٺي ايندس....“ هن کان وڌيڪ چيو نه ٿيو ۽ هڪدم پئسا کڻي کيسي ۾ وجهي ٻاهر نڪري آيو. خبر ناهي ڇو کيس زال سان اکيون ملائيندي به ڦڪائي پئي ٿي. هن کي ته خبر ئي ڪانه هئي ته ڪو اڃا جوڻس وٽ پئسا آهن. چڱو ٿيو، هن جي پسند جي شيءِ ته ايندي،“ هن سوچيو.

        هو تڪڙو تڪڙو اسڪول ڏانهن وڃڻ لڳو.هن پڪو پهه ڪيو ته اسڪول مان موٽندي ئي سڌو ريڊين جي دڪان تي ويندو، پوءِ جلدي گهر ويندو. هن جي زال کيس جلدي ايندو ڏسي ڪيڏو نه خوش ٿيندي. هن قميس جي کيسي تي هٿ هڻي پئسن جي پڪ ڪئي کيس افسوس ٿيڻ لڳو ته ڪالهه ڇو ايترا پئسا هٿ ۾ اچڻ کان پوءِ وڃائي ڇڏيائين. وري دوست جو خيال آيس جيڪو کيس ٽي سئو رپيا ضرورت وقت ڏئي ويٺو هو: ”هن کي به پئسا ڏبا، ته پوءِ بچندو ڇا؟ هن پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو: ڪاش ڪالهوڪا پئسا واپس اچي وڃن هن وري سوچيو: پر هارايل پئسا به ڪڏهن واپس ٿيا آهن.“ هن مايوسيءَ وچان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي سوچيو: اهي پئسا وري به اتان ئي اچي سگهن ٿا. هن کي خيال آيو، هڪ دفعو.. هڪ دفعو جي قسمت آزمائي ڪجي ته پوءِ هڪ ريڊيو ته ڇا.... ٽي وي ڇا ڇا نه ٿو اچي سگهي هڪ دفعي آزمائڻ ۾ آخر ڇا آهي هن وري هٿ کيسي تي هنيو ڄڻ کيسي جي بهاني پنهنجي وجود جو يقين ڪندو هجي، اهي پئسا اتان ئي ايندا.... نه ته ٻڏي ويندا......... آئون هنن کي پنهجا پئسا سولائيءَ سان هضم ڪرڻ نه ڏيندس بس هي آخري ڀيرو، وري ڪڏهن به نه، ڪڏهن به نه ڪندس جوئا. پر هن دفعي قسمت ضرور منهجو ساٿ ڏيندي ۽ پوءِ آئون هن لاءِ سڀ ڪجهه وٺي سگهندس...... بس هن دفعي، وري ڪڏهن به نه. هن جا قدم اسڪول بدران اوڏانهن وڌڻ لڳا، جت جوئاري هن جو انتظار ڪري رهيا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com