سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (3)

 

صفحو :11

        ”هر پورهيت رئندو به آهي مٺو!“

        ”ڪڙمي، ڪاسبي، واڍا، ڪنڀر سڀ!“

        ”ها من! سڀ. جڏهن به ڪنهن کي جهوري لڳندي آهي ته جهري پوندو آهي ۽ تنهجي ڪلڪ وانگر ڀڄي پوندو آهي.“

        ”جهوري ڇا ٿيندي آهي.“

        استاد ڇاڱي مل جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، هو جواب ڏئي نه سگهيو. سندس گهر واري کيس ۽ مٺو کي ڪا گهڙي تڪيندي رهي.

        ”هي مٺو آهي نه، جنهن جي تو سوير ڳالهه ڪئي هئي.“

        ”ها.“ ڇاڱي مل واراڻيس.

        سندس گهر واريءَ کٽ تان اٿي اچي مٺوءَ کي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ مٺيو ڏنائينس، پوءِ کيس کٽ تي ويهاري، چيائينس.

        مٺو! مان ٻڌايانءِ ته جهوري ڇا ٿيندي آهي.“

        ”ها!“

        ”مٺو! توکي ماءُ ياد ايندي آهي.“

        ”ها.“

        ”ها.“ هاڻ مٺو روئڻهارڪو ٿي ويو.

        ”تون کانئس ڌار ٿيو آهين، هوءَ توکان ڌار ٿي آهي. انهيءَ جدائيءَ تي توکي ڪجهه ٿئي ٿو من!“

        مٺو روئي ويٺو. استاد ڇاڱومل ٻه ورانگهون تڪڙيون ڀري اچي مٺوءَ کي ڀاڪر ۾ ڀريو. اهو ڇا ٿي ڪرين. ٻچڙي کي رئاري وڌءَ. نه مٺو نه، ڌڻي توکي جهوري نه ڏئي. تنهنجي دادي چري ٿي آهي، آهي نه چري؟“

        مٺوءَ ڳوڙها جهلي ورتا هيا. هو ماٺ ۾ ويٺو رهيو.

        ”هاڻ اٿي ٻار کي ڪو ٽول ٻول ڏي. ڇڏ انهيءَ رودن کي.“

        داديءَ کي ڄڻ ته چاٻي اچي وئي. ٽپ ڏئي صندل جي ڪاٺ مان ٺهيل سهڻي ڪٻٽ کي وڃي کوليائين. چرڙاٽ جي آواز تي مٺو اوڏانهن ڏٺو. ڪاٺ تي اڇي  چٽسالي پسي، هو اٿي اوڏانهن ويو ۽ مٿس لس ئي لس هٿ ڦيرڻ لڳو. داديءَ کي ٽول ڪڍڻ وسري ويا. هوءَ ٻارڙي جو چاهه ڏسي موهجي وئي.

        ”مٺو، هيءُ ڪٻٽ توکي وڻي ٿو.“

        ”ها!“

        ”ڏس، هن ۾ آئينو به لڳل اٿئي.“

        ”ها!“

        مٺو هن سهڻي چٽيل وڏي ڪٻٽ کي ڏسندو رهيو ۽ هٿڙا ڦيرندو رهيو دادي ڪنڌ ورائي مڙس ڏانهن ڏٺو، جيڪو آرام ڪرسيءَ تي ويٺو کين تڪي رهيو هو.

        ”پڻس! هيءُ ڪٻٽ سرلا جو هو، هاڻ مٺوءَ جو ٿيو. هيءُ اڄ ئي کڻائي مٺو جي گهر پهچراءِ، هاڻ اسان جي ڪهڙي ڪم جو. هونئن به سرلا به ته منهجي پٽ ئي هئي.“ دادي وري روئڻهارڪي ٿي وئي.

        مٺوءَ داديءَ ڏي ڏٺو استاد کي ڏٺو ۽ پوءِ ڳيت ڏئي آهستي چيائين:

        ”سرلا ڪير آهي، دادي؟“

        چوڌاري چپ چپاٽ ٿي وئي.

        ”دادا! سرلا ڪير آهي؟“ مٺوءَ جو آواز وري گونجيو.

        داديءَ يڪدم ڇرڪ ڀري ڪٻٽ مان شيون ڪڍيون. هڪ نئين دٻڪي ڇنڊي ڪڍي. ان ۾ گانٺيا، ننڍڙا بسڪوٽ ۽ مٺا ڀڳڙا وڌائين. دٻڪي مٺوءَ آڏو جهليائين، ”مٺو، تون شيءِ کاءُ، جاني!“

        مٺوءَ هٿ هڻي سندس دٻڪي کي لوڏي وڌو ۽ هيٺ گانٺيا، بسڪوٽ ۽ کنڊ ڀڳڙا ڦهلجي ويا. مٺو اڳتي وڌي ڪٻٽ وٽ وڃي بيٺو. وچين تختي تي ڪيترا وڳا ويڙهيل رکيا هئا. هن آهستي هڪ وڳو ڇڪيو ۽ اهو وڳو وڏڙي چولي وانگر ڦهلجي ويو. هو حيران ان چولي کي نهاريندو رهيو، جنهن تي ٽڪ ۽ آر جو ڪم ٿيل هو.

        ”هيءُ سرلا جا آهن.“

        استاد کان هاڻ رهيو نه ٿيو.

        ”مٺو! ڏاهو ٿي. مون وٽ سڀني سوالن جا جواب آهن، پر هن سوال جو جواب توکي ڇا ڏيان_____ها، اهي ويس وڳا سرلا جا آهن_______ سرلا کي هاڻ ٻئي ملڪ موڪليو اٿئون“

        ”سرلا کي ڇو موڪليو اٿو؟“

        ”سرلا_______ وڏي ٿي وئي هئي مٺو. سرلا وڏي ٿي وئي هئي______ هت____هت سندس لاءِ جاءِ نه هئي.“

        مٺو انهيءَ ئي انداز سان سوال پڇيو، ”مان جي وڏو ٿي وڃان ته توهان مون کي به ٻاهر اماڻي ڇڏيندو_____ ٻئي ملڪ اماڻي ڇڏيندو؟“

        استاد وٽ ڪوبه جواب نه هو. داديءَ اوڇنگارون ڏئي پئي رنو.

        استاد ڇاڱي مل، مٺوءَ جو هٿ وٺي ٻاهر هليو. مٺو ويندو، داديءَ ڏي نهاريو.هن چٽو ٻڌو:

”الله ڪارڻ اوٺيا، ڪرهام ڪاهيو،

جانب جڏي جيءَ جو آڳانڍو آهيو،

لاڳاپو لاهيو، متان منهنجا سپرين.

مٺوءَ کي گهر ڇڏڻ وقت، استاد ڇاڱي مل نئڙي مٺي ڏني ۽ اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس. هو يڪدم ٻاهر هليو ويو.

        مٺو پيءُ وٽ آيو، پر پيءُ وٽ اڱڻ ۾ ماڻهن جا ميڙ ڏسي، هو ڪوٺي تي چڙهي ويو هن کي خير نه پئي ته صبح ڪيڏي مهل ٿيو. هو کٽ تي پاسا ورائيندو رهيو. نيٺ هو هيٺ لهي آيو. استاد اڃا نه آيو هو. اوچتو سندس نظر ورانڊي ۾ پيل ڪٻٽ تي پئي هو انهيءَ ڪٻٽ کي ڪا گهڙي تڪيندو رهيو. پوءِ هن ٻاهر ڊوڙ پاتي. نوڪر جو کيس ڊوڙندو ڏٺو هو، سو به ڪڍ آيس ۽ ٻنهي استاد ڇاڱي مل جي گهرتي وڃي توڙ ڪيو.

        مٺو ٽپڙي کڻي اندر هليو ويو. اندر ڪير به نه هو. مٺوءَ آهستي پڪاريو،

        ”دادا! دادا!“

        جواب نه آيو.

        ”دادي! دادي!“

        جواب نه آيو. هو پوءِ ڪوٺين ورانڊي ۽ اڱڻ ۾ ڦيريون پائيندو رهيو، پر اتي ڪير به نه هو. پوءِ هو رئڻ لڳو. لڙڪ لاڙي ڪجهه چوڻ جي ڪيائين پر کانئس ڪو به لفظ نه نڪتو. هو آهستي آهستي پوئتي موٽيو ۽ نوڪر جي هنج ۾ منهن وجهي رئڻ لڳو.

 

 

 

بلند بخت

عبدالجبار جوڻيجو

 

        نوڪرياڻي بيڊ ٽي کڻي، بيڊ روم ۾ داخل ٿي ۽ جيئن ئي دستور موجب ريشمي سوڙ جي ڪنڊ هٽائيائين ته وائڙي ٿي ويئي. ان هيٺ ته فقط نائيٽ ڊريس ۽ گائون پيل هئي. چمپل به پنهنجيءَ جاءِ تي پيو هو. باٿ روم جو در به کليل هو ۽ اندران ڪو آواز به ڪو نه ٿي آيو. هوءَ باٿ روم ۾ جهاتي پائي ڊوڙي ٻاهر نڪتي. لائونج به خالي هئي. سرونٽ ڪوارٽر ڏي مڙي. ڪوارٽر وارن کي صبح ساڻ چوڪيدار سجاڳ ڪندو هو. اڄ هت گيٽ به کليو پيو هو، سرونٽ ڪوارٽر وارو نوڪر اٿيو ۽ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويو. چوڪيدار موجود ڪونه هو. اهو وڌيڪ حيران ڪندڙ هو، گيراج به خالي هئي. نئين ماڊل جي ڪار به گم هئي.

        نوڪرياڻي واپس اچي هڪ ڀيرو وري بنگلي جي چڪاس ڪئي ۽ خاص طور بلند بخت جي بيڊ روم کي ڏٺائين. لباس، سئنڊل، ميڪ اپ جو سامان، ٽيپ رڪارڊر ۽ ٻي هر شيءِ پنهنجيءَ جاءِ تي موجود هئي، سواءِ بلند بخت جي. نوڪرياڻي گذريل پندرهن سالن کان هتي ڪيترن ئي ماڻهن کي ايندي ڏٺو هو، جن ۾ قسم قسم جا ماڻهو هئا. هر ڪو لک تي مٿو ڌوئي ويٺو هو. لک بلند بخت جي قدمن ۾ لٽائيندو ٿي رهيو وري ٻيو ٿي آيو ته پهريون هٽي ٿي ويو، ڄڻڪ ڪڏهن هوئي ڪو نه. نوڪرياڻيءَ بنلد بخت جو اصل نالو ته ڪو نه ٻڌو هو، پر کيس ايتري خبرهئي ته ننڍ پڻ ۾ نالو ڪو ٻيو هوس. بلند بخت جي ڦٽندڙ جواني ڏٺي هئائين. هوءَ حيران هئي ته جوانيءَ جي موٽڻ وقت هوءَ ڪار سميت ڪيڏانهن گم ٿي ويئي. سردار رڳو ٻه ڏينهن اڳ ۾ ڪاروباري ڪمن سان دبئي ويو هو.

        نوڪرياڻيءَ ۽ ٻين نوڪرن لاءِ ته مسئلو بنجي پيو. پوليس کي به اطلاع ڪو نه ٿي ڏيئي سگهيا. انهيءَ ڊپ ۾ ته متان سير لاءِ ويئي هجي. پر چوڪيدار ته رات ڊيوٽيءَ تي هو، اهو ڪيڏانهن ويو!

        هوءَ ننڍ پڻ ۾ هڪ شرميلي ڇوڪري هئي. پڻس به قدامت پسند ماڻهو هو. وڏي مشڪل سان ڀائرن ۽ ڀينرن کان هوءَ ڪجهه وڌيڪ پڙهي ويئي. سندس نوڪريءَ تي به ڏاڍو وادو واد ٿيو. بالا آفيسر به پنهنجو ملي ويو ۽ ڪنهن سندس پيءُ کي به راضي ڪري ورتو. هو مطمئن ٿي ويو ته آفيسر سٺو ماڻهو هو. اڃان هڪ هفتو مس گذريو ته آفيسر کيس ڪار ۾ گڏ کنيو ۽ رستي ۾ هوٽل ۾ لنچ تي وٺي ويس، پوءِ کيس گهر ڇڏيندو هليو ويو. هوءَ گهر اچي آفيس ۽ آفيسر بابت سوچيندي رهي. آفيسر جي نيت تي به غور ڪندي رهي.

        پوءِ ته چند موقعا ٻيا به آيا ۽ وچ وارو سفر به طي ٿي ويو. بلند بخت جي دنيا بدلجندي ويئي ۽ سندس گهر جو نقشو به بدلجڻ لڳو. گهر غاليچن کان وٺي خوبصورت شينڊليئر تائين چمڪڻ لڳو. راهه هڪڙي ڏيکاري ۽ ملاقاتي وڌندا ويا. گهر جا ڀاتي به هري مري ويا. جيڪو پئي آيو سو پيارو ٿيندو ويو ۽ جي هٽي ويو ته ياد به نه رهيو، تان جو بلند بخت جي ملاقات سردار سان ٿي. سردار پنهنجي قبيلي جو سردار ته هو، پر نالو به سردار هوس. بلند بخت جي ته ساهه جو به سردار بنجي پيو. هن ٽجوڙين جا منهن کولي ڇڏيا.

        زمين ۽ وڏي ڪاروبار جو اڪيلو مالڪ، پڙهيل، جتر زبان، ڪراچيءَ کان لنڊن، پئرس، واشنگٽن ۽ دنيا جي ڪنهن به پرانهين خوبصورت ٻيٽ وغيره ڏي ائين ٿي آيو ويو، ڄڻ چند ميلن جو مفاصلو هجي. بلند بخت به ساڻ هوندي هئي ۽ سامان جا جهاز ڀري کڻي ايندي هئي ۽ اڄ هن ان سامان مان ڪجهه به نه کنيو هو. ڇا ڪو هن کي اغوا ڪري ويو هو؟ چوڪيدار کيس کڻي ته نه ويو هو؟ يا هوءَ چوڪيدار کي کڻي هلي ويئي هئي!

        بلند بخت ڪنهن جي اچڻ تي خوش ٿيندي هئي ۽ وڃڻ جي پرواهه نه ڪندي هئي. ان ڪري جو وري نئون چهرو ايندو هو. هوءَ آهستي آهستي پنهنجي زندگيءَ کي اهڙي دڳ لائي چڪي هئي، جنهن جو نالو اوهين ڪهڙو به رکو، پر هوءَ هڪ سمارٽ ڇوڪري هئي، ڪا وئشيا نه هئي، جيڪو ڊاک نه پڄي سگهندو هو سو، ته عجيب ٻوليون ٻوليندو هو. پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ هوءَ نيڪ بخت نڪتي ۽ بلند بخت جو نالو مٿس پئجي ويو. اهو به ڏاڍو عجيب نموني ٿيو. هوءَ پنهجي ٻي نوڪريءَ واري آفيسر سان گڏ ڪوهه مريءَ ويئي، جتي خوب گهميا، شاپنگ ڪيائون، ڪيترئاي ڏينهن رهيا. هڪ ڏينهن گهمندي بنگلي جي ريلنگ وٽ هوءَ بيٺي هئي ۽ هيٺ سندس ساٿي انور جبل جي لاهيءَ تي هو. لاهي پندرهن ويهه فوٽ هيٺ هئي. انور هيٺان بيهي ڪا ڳالهه چئي، جيڪا مٿي ٻڌڻ ۾ نه آئي. وري چيائين: ”تون ايتري بلنديءَ تي آهين، جو منهجو آواز ڪو نه پيو پهچي.“ بلنديءَ مان ”بلند بخت“ نالو پئجي ويس ۽ اهو صحيح به هو. هن جو بخت بلند ٿيندو ويو. انور کيس ڪيتريون ئي سوکڙيون وٺي ڏنيون ۽ جڏهن انور جو بخت ڦٽو، ته ڪنهن گمنام ڪنڊ ۾ هليو ويو، پر بلند بخت جو گهر ڀري ويو.

        پوءِ آيو شهزادو، جنهن جا وڏا روايتن موجب سنڌ جا وڏا جاگيردار هئا بيٺي پير سزا ڏيئي ماڻهو مارائي ڇڏيندا هئا، سرڪار به کانئن پڇا نه ڪندي هئي شهزادو، بلند بخت کي هڪ ثقافتي نمائش ۾ ملي ويو. ملي ڇا ويو، ڄڻ جادوءَ ۽ منڊ ۾ منڊ جي ويو. جڏهن هوءَ شهزادي سان خاص بنگلي ۾ پهتي ته ڪار جي اڳيان ۽ پٺيان حفاظتي جيپون هيون. هوءَ اهڙي بنگلي ۾ پهتي، جنهن جو هن خواب ڏٺو هو. هن جو خواب پورو ٿي ويو. شهزادو به آسمان ۾ اڏامڻ لڳو. شهزادن جي محبت جو به هڪ مقرر مدو هوندو آهي. هيڏانهن بلند بخت به اشارن مان سمجهي ويئي. اڃان شهزادو ٿو کٽا ڪري، تنهن کان اڳ سندس هٿ سردار جي مضبوط هٿ ۾ اچي ويو. شهزادي جي شهر کي ڇڏي، سردار جي صاحبيءَ ۾ اچي پهتي. ٻنهي جو پيار هڪ مثالي پيار محسوس ٿيندو هو. هڪ نئون سينگار يل بنگلو، نوڪر چاڪر، ڪارون وغيره بلند بخت لاءِ موجود هيون سردار کيس هر طرح آرام آسائش ڏني ۽ هي پهريون ماڻهو هو، جنهن ساڻس ٻه ٻول به پڙهائي ڇڏيا.

        ڪهڙي فرمائش هئي، جيڪا پوري نه ڪيائين! هر هر کيس ولايت وٺي ويو.

سڀڪجهه ٿيو ۽ ٿوري وقت بجاءِ بلند بخت سردار سان چڱو عرصو به گذريو. پر ڪا ڳالهه هئي، جنهن هن کي بي چين ڪري رکيو هو. ڪهڙي بي چيني هئي؟ نوڪرياڻيءَ کي ته اهاسمجهه ۾ نه آئي، هوءَ مڃڻ لاءِ به تيار نه هئي ته بلند بخت سردار جهڙي ماڻهوءَ کي ڇڏي ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿي!

        چوڪيدار رات ڊيوٽيءَ تي هو. هو ڪيترو نه وقت جو پابند هو. هر وقت برجستو. هن کي پنهنجن مڇن کي وٽڻ ۽ نسوار کائڻ کان سواءِ ڪو ٽيون شوق ئي نه هو. نوڪرياڻي اڃان شش وپنج ۾ هئي ته ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. نوڪرياڻيءَ ڊوڙي رسيور کنيو. آواز آيو: ”آئون بلند بخت ٿي ڳالهايان مون کي ڳولهڻ جي ڪوشش نه ڪجو ۽ چوڪيدار کي به............“

        رسيور ڪنهن کٽاڪ جي آواز سان رکي ڇڏيو. نوڪرياڻيءَ جي هٿ مان رسيور ڍرو ٿي ڪرئڊل تي وڃي بيٺو ۽ زبان مان نڪري ويس: ”بدبخت“.

 

ويراني

انيس انصاري

 

خوشيون ۽ خرميون ڄڻ وٽائنس هميشه لاءِ هليون ويون هيون. هميشه گلاب جي گل وانگر ٽڙندڙ صائمه ائين ويران ويران نظرن سان پنهنجي ڀريي تريي گهر کي ڏسڻ لڳي، ڄڻ هوءَ ڪنهن اجاڙ ويراني ۾ ڀٽڪي رهي آهي. رفيق وڏا جتن ڪيا ته هو صائمه کي خوش رکي، پر سڀ وئرٿ وڃڻ لڳا.

        هڪ صبح جو:

        رفيق: صائمه! صائمه!

        صائمه (بي دلي سان): جي.

        رفيق: صائمه، اڄ گارڊن ۾ گلن جي نمائش آهي. جمع به آهي ، موڪل جو ڏينهن۔ شام جو ڏسڻ هلنداسين.

        صائمه: مان گهر ۾ هونديس، اوهان ٻارن سان وڃي ٿي اچجو.

        رفيق: مان سدائين توسان گڏ گلن جي نمائش ڏٺي آهي ۽ سا به تنهنجي چوڻ تي. نويمبر ۾ گل دائودي جي نمائش ڏسندا هئاسون، ۽ فيبروري ۾ ٻين گلن جي. جڏهين کان تو نمائش ڏسڻ ڇڏي آهي ته مان به نه ويو آهيان. هن دفعي هلڻو پوندءِ.

        صائمه: دل ئي نه ٿي ڪڍي رفيق. مون کي الائي ڇا ٿي ويو آهي،. زمانو بدلجي ويو آهي. چيزن ۾ نه اهو چس آهي ۽ نه مزو!

        رفيق: هن دفعي مسز موني ايراني دعوت نامو موڪليو آهي ۽ لکيو اٿئين ته وٽس گلن جون نيون ۽ ڪمياب جنسون آهن، جي نمائش ۾ رکندي. تنهنجي لاءِ خاص لکيو اٿئين اچڻ لاءِ هلندينءَ نه؟

        صائمه (ٿڌو ساه کڻي): ها.

        رفيق سوچڻ لڳو. صائمه کي گلن سان ڪيڏو نه پيار هو. گل دائودي جي هڪ نمائش ۾ جڏهين هو ٻئي ساسر جيڏن وڏن گلن وٽ اچي بيٺا هئا، جن تي پهرين نمبر انعام جي چٽڪي لڳل هئي ته هو سندن شيڊ ڏسي ڪيڏو نه خوش ٿيا هئا. ڪاسني رنگ جا اهي دائودي گل ٻين سڀني گلن جا سردار پئي لڳا، ۽ جڏهين انهن جي مالڪ جو پڇائيندي هو ٻئي مسز موني ايرانيءَ سان وڃي مليا هئا، ۽ ساڻس گلن بابت ڳالهيون ڪيائون ته ڪيڏي نه ڄاڻ پرائي اٿيا هئا ٻئي! ان ئي نمائش جي ڳالهه هئي نه؟ صائمه گلن جي هڪ اسٽال تي شيشي جي ننڍي پيالي ۾ هڪ ڪيڪٽس جو گنبذ نما ننڍڙو ٻوٽو ڏٺو هو ۽ ان جي خريد ڪرڻ لاءِ کيس چيو هئائين ۽ هو ان جي پنجاه رپيا قيمت ٻڌي ويچار ۾ پئجي ويو هو ۽ صائمه جي اکين ۾ هڪ خاص چمڪ ڏسي کيس ڪيڪٽس خريد ڪرڻو پيو ته گهر اچڻ بعد صائمه ڪيڏو نه خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو. رفيق کي پنهنجي شاديءَ جي پندرهين سالگره ياد اچڻ لڳي. صائمه تازو ٻاهران آئي هئي. دستور جي خلاف هوءَ پهريائين سندس ڪمري ۾ اچڻ جي بجاءِ پنهنجي ڪمري ۾ هلي ويئ هئي ۽ پندرهن منٽن بعد کيس هٿ کان وٺي ڊرائنگ روم ۾ هڪ پينٽنگ جي اڳيان وڃي بيهاريو هئائين ته هو ڪيڏو نه حيران ٿي ويو هو. ڀت تي سندس اڳيان مشهور آر ٽسٽ گل محمد کتريءَ جي تصوير، ”جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس“ ٽنگيل هئي، جنهن جي قيمت آرٽ ايگزيبيشن ۾ ڏهه هزار ڏٺي هئائون ۽ هن صائمه کي چيو هو ته هيءَ تصوير اسان جي ڊرائنگ روم ۾ ڪيڏي نه جيڪر سٺي لڳي؟ ڏهه هزار! صائمه پيڪن مان شاديءَ تي مليل سمورا پيسا تصوير خريد ڪرڻ ۾ صرف ڪيا هئا. هو لڄي ٿيڻ لڳو. ڪيڪٽس جي خريديءَ ۾، جنهن جي قيمت رڳو پنجاه رپيا هئي، سندس پس وپيش ڪرڻ ۽ چترڪار کتريءَ جي تصوير خريد ڪرڻ ۾ صائمه جي دريا دلي! ڪيڏو نه تفاوت هو ٻنهي ۾؟

        ڇا نه ڪيو هو صائمه سندس لاءِ؟ هو آفيسرس هاسٽل ۾ پنهنجي مختصر مڏيءَ سان پيو هوندو هو ته کيس لٽي ڪپڙي پائڻ جي تميز هئي ۽ نه مجلس ۾ اٿڻ ويهڻ مان واقفيت ۽ هڪ ڏينهن ڪلفٽن جو سير ڪندي هن جي ننڍ پڻ جي دوست ڪمال سان ملاقات ٿي وئي سالن کان هڪ ٻئي سان ملي ڪو نه سگهيا هئا. ڪمال سان گڏ سندس ڀيڻ هئي صائمه. صائمه، جا هاڻي سندس حق ٻڌي زال هئي. ڪيڏي شوخ ۽ چنچل هئي هوءَ. انهن ڏينهن ۾ گويا باه جي ڄڀي هئي ڀڙڪندڙ ۽ بي قرار. ۽ هاڻي؟ هوءَ هڪ پراسرار ۽ خاموش ڍنڍ وانگر ماٺي هئي، جنهن ۾ نه گهرئي ۾ ۽ نه سطح تي ڪا لهر هئي يا ڇولي، جنهن ۾ پٿر ڦٽي ڪرڻ سان به ڪا لهر پيدا ڪانه پي ٿي سگهي. پنجٽيهه سال ٿيا هئا سندن شاديءَ کي. ٽيهن سالن تائين صائمه جي چنچلتا قائم رهي. جيئن بتيءَ مان تيل ختم ٿي ويندو آهي، پنجن سالن کان وٺي صائمه اجهاميل هئي، بتي وانگر.

        رفيق سوچيو. آخر ائين ڇو ٿيو؟ عمر جي تقاضا هئي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ هن صائمه جي حساس دل کي ڪا ٺيس ته نه پهچائي هئي؟ ڪا اندر جي لوري، ڪا جيءَ جي جهوري ته نه لڳل هئي کيس، جنهن جو ذڪر زبان تي آڻي نه ٿي سگهي. وسان هن به نه گهٽايو هو. هر طرح جو علاج هن ڪرايو هو سندس. ايتريقدر جو ملن موراڻن کان به پڇا ڪرائي هئائين، جن ۾ سندس اعتبار هوئي ڪونه . صائمه گهڻو ڪري پنهجي ڪمري ۾ پلنگ جي حوالي هوندي هئي. اکيون کوليو فضا ۾ ڪنهن چيز جي ڳولا ڪندي رهندي هئي، اها چيز جا کيس پهريائين حاصل هئي ۽ هاڻي ڪانه.

        صائمه ڪک مان لک ڪيوهو. سندس ترغيب سان ئي رفيق مقابلي جي امتحانن ۾ ويهي مٿاهين درجي کي وڃي پهتو هو کين پنهنجي بنگلو هو، جنهن ۾ قيمتي فرنيچر، قالين ۽ ڪراڪري موجود هئي. بنگلي ۾ خوبصورت لان ۽ گلن جا ٻارا هئا. ايئر ڪنڊيشنڊ ڪار وٽن موجود هئي. سندن اٺ پٽ ۽ ڌيئرون فرمانبردار ۽ محبت ڪندڙ هئا. آخر اها ڪهڙي چيز هئي جنهن جي وٽن ڪمي هئي. رفيق جو دماغ سوچي شل ٿي چڪو هو. سندس لوندڙيون ڌنئي رهيون هيون. هن وڌيڪ سوچڻ ڇڏي اکيون پوري ڇڏيون.

        صائمه ڪٽنب سان گڏجي گلن جي نمائش ۾ ويئي، محسوس ائين پئي ٿيو ڄڻ هوءَ اتي حاضر هوندي به موجود ڪانه هئي ٻه دفعا البت هن ۾ زندگيءَ جي لهر موٽي آئي. هڪ مسز مونيءَ جي گلن وٽ، جتي ڪارنيشن جي نئين شيڊ کي ڏسي حيران ٿي وئي. مونيءَ کيس ٻڌايو ته ان شيڊ حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڪيڏي نه محنت ڪرڻي پئي هئي ۽ ٻيو دفعو جڏهن هڪ ننڍڙي ٻار ماءُ جي دوکي ۾، جا قطار ۾ اڳيان هلي رهي هئي، صائمه جي ساڙهيءَ ۾ اچي هٿ وڌو. هن کيس کنيو ۽ سندس گلابي ڳلن کي چمي سندس ماءُ جي حوالي ڪيو. صائمه هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو.

        سارو گهر ٻهڪي اٿيو، جنهن وقت ڀاڳان اچي خوشخبري ٻڌائي ته توفيق کي الله نوازيو آهي، ٻچڙو پيدا ٿيو اٿس. پوٽي جي پيدا ٿيڻ اڪسير جو ڪم ڪيو. مامتا جا سالن کان وٺي صائمه جي من ۾ ستل هئي سا ڪر موڙي اٿي کڙي ٿي. صائمه اڳي جهڙي صائمه ٿي ويئي. ٻٽونءَ مان سئو جو نوٽ ڪڍي ڀاڳان جي هٿ تي ”مبارڪيءَ“ رکيائين. رڙ ڪري چيائين ته گاڏي لڳايو، مان اسپتال وينديس. ساڳي وقت ٻه ٽوڪرا مٺائيءَ جا ٻه گهرايائين هڪ بيٽي بيٽي گهر ۾ ورهايائين ۽ ٻيو کنيائين پاڻ سان اسپتال ۾ وهرائڻ لاءِ.

        شفيق گهر ۾ ڇا آيو، صائمه جي اجڙيل من ۾ بهار آيو هوءَ شفيق کي ساڳيءَ طرح گود ۾ کيڏائڻ لڳي، جيئن پنهجن ٻچن کي کيڏائيندي هئي. شفيق ماءُ کي ساريندو به رڳو ان وقت هو، جنهن وقت کيس بک ستائيندي هئي، نه ته پيو ڏاڏايءَ سان کيڏيندو هو. صائمه جي طبيعت ۾ ڦيرو اچي ويو هو. هاڻي هوءَ پنهجي دلپسند مشغلي موسيقي ۾ به دلچسپي وٺڻ لڳي. هاءِ فاءِ ۽ اسٽريو تي نوان گيت ۽ ڌنون سندس ڪمري ۾ وڄڻ لڳوين. ٽيليويزن لائونج ۾ به پنهنجن پسنديده پروگرامن ۾ صائمه پنهنجي مخصوص جڳهه تي ويٺل نظر ايندي هئي. شادي مرادي، مجلس ميلادن ۾ به اچڻ وڃڻ لڳي. هڪ دفعي ته سندس تقاضا تي پورو گهراڻو ڪينجهر جي ڪناري تي سير ۽ تفريح لاءِ پڻ ويو هو.

        شفيق هاڻي پير پير کڻ لڳو هو. پنهنجي ٻاراڻين بولين ۽ حرڪتن ڪري ساري گهر کي پيو وڻندو هو. سندس پڦيون ۽ چاچا مٿس گهور گهور ويندا هئا. پنهنجي ننڍڙي وجود سان شفيق هن وڏي گهر ۾ خوشين ۽ محبتن جا درياهه وهائي ڇڏيا هئا.   

        ان سال ٿڌيون به زوردار پيون. صائمه پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي هئي ته ٻاهران دٻڪو ۽ شفيق جي رڙ ٻڌائين. شفيق ڪرسيءَ تان ڪري پيو هو. مٿي ۽ پيرين اگهاڙي صائمه  ”مان صدقو، مان قربان“ چوندي ٻاهر ڊوڙي. شفيق کي ته کنيائين، پر اچي سيءُ چڙهيس. بستري داخل ٿي وئي. پهريائين زڪام ۽ بخار ٿيس ۽ پوءِ پاسي ۾ سور. پاسو به ورائي نه سگهندي هئي. بلغم به ٽشو پني ۾ وٺندا هئس. سارو مهينو بستري ڀيڙي هئي. باوجود اگهائي جي شفيق به ڏاڏيءَ جي حالت ڏسي، جڏهن وٽس ايندو هو ته ارڏائي ڇڏي سندس پاسي ۾ چپ ڪري اچي سمهي رهندو هو ۽ پنهنجي ننڍي ٻانهن صائمه جي مٿان رکندو هو.

        اڄ وري گهر ۾ چهل پهل ٿيڻ لڳي. صائمه مٿي پاڻي وڌو هو. گهر جا ڀاتي سڀ خوش هئا ۽ هوءَ پاڻ به پنهجي پوٽي جون حرڪتون ڏسي پئي خوش ٿيندي هئي، جي سندس ننڍي چاچي کيس سيکاريون هيون. هڪ ڏينهن چور ۽ پوليس کيڏندي، جڏهن شفيق پنهنجي پلاسٽڪ جي پستول سان ”ٺا“ڪيو ۽ کل ڦل جي گولي سندس ننڍي چاچي کي وڃي لڳي، ۽ هو ڪرڻ جي ايڪٽنگ ڪندي وڃي پلنگ تي ڪريو ۽ سندس مٿو پلنگ جي پئي سان سچ پچ ۾ ”ٺا“ ڪري وڃي لڳو ته گهر جا سڀ ڀاتي بي تحاشا کلڻ لڳا، ان ۾ صائمه جو به ساٿ هو. کلندي کلندي صائمه جي کل کنگهه ۾ تبديل ٿي ويئ ۽ کنگهندي کنگهندي هوءَ ٻٽجي ويئي ته گهر ۾ هائيدوس مچي ويو. اتفاقا رفيق به گهر ۾ موجود هو، پنجن منٽن ۾ ڊاڪٽر کي وٺي گهر واپس وريو. ان وچ ۾ صائمه کي آرام اچي ويو هو. ڊاڪٽر چڪاس بعد ڪجهه وٽامن ۽ ڪجهه گوليون صائمه لاءِ تجويز ڪيون. صائمه اٿي ته سهي پر کيس وقفي وقفي سان کنگهه ستائڻ لڳي. ڊاڪٽر تبديل ٿيڻ لڳا ۽ دوائون به. طبيعت سڌرڻ لڳي، پر کنگهه جو ٽونڪارو ڪونه ويو. هڪ ڏينهن ماني کائيندي صائمه جي نڙي سري ويئ کنگهڻ سان گرهه اچي اگالدان ۾ پيو، پر ان سان گڏ رت جو چڪو پڻ رفيق تي ڄڻ. بجلي ڪري. پهريائين ته سن ٿي ويو ۽ پوءِ اوچتو ٽپو ڏيئي ٻاهر نڪري ويو ۽ وڃي شهر جي بهترين فزيشن آصف کي وٺي آيو.

        اڌ ڪلاڪ کن چڪاس هلي. ٽيمپريچر ڏٺو ويو، نبض چڪاسي ويئي، دل جا آواز ٻڌا ويا، ڦڦڙن کي اسٽيٿوسڪوپ سان چڪاسيو ويو، ڇاتي ۽ پٺيءَ کي آڱرين سان وڄائي ڏٺو ويو. سمهي، ويٺي ۽ بيٺي بلڊ پريشر ڏٺو ويو، اکين جي ڇپرن کي هيٺ ڪري اکين جو معانئو ڪيو ويو، پيرن ۽ مرن کي زور ڏئي سوج لاءِ چڪاس ڪئي ويئي، مطلب ته سئو جو نوٽ کرو ڪرڻ بعد فزيشن صاحب بلغم، رت ۽ پيشاب جي چڪاس سان گڏ اڪيسري ڪرائڻ جو مشورو ڏيندي في الحال کنگهه جو شربت ۽ ٽرئنڪلائيزر وغيره نسخي ۾ لکي روانو ٿي ويو.

        فزيشن، لئباريٽري رپورٽون ۽ ايڪسري رپورٽ ڏسي رفيق کي ٻڌايو، ”مسٽر! مون پهريائين ئي سمجهيو هو، وڌيڪ تصديق رپورٽن ۽ ايڪسري مان ٿي آهي. اوهان جي گهرواري کي سلهه آهي.“

        ”سلهه!“ رفيق کان رڙ نڪري ويئي.

        ”پريشان ٿيڻ جي ڳالهه ڪانه آهي رفيق صاحب! اڄ جون دوائون ڪافي اثرائتيون آهن ۽ بيماري ڪا اهڙي وڌيل به ڪانه آهي.“

        ”اوهان سئنيٽوريم ۾ وڃڻ جي صلاح ڏيندو ڇا ڊاڪٽر؟“

        ”بالڪل نه،“ ڊاڪٽر وراڻيو، ”گهر ۾ مريض جي ديک ڀال سٺي ٿي سگهندي. البت ڪن ڳالهين جو اوهان کي خيال رکڻو پوندو. دوا وقت تي ڏني ويندي، کاڌو برداشت مطابق طاقتور ڏبو، مريضه کي وڌ ۾ وڌ آرام ڪرايو ويندو، مريضه جا بسترٽوال ۽ کاڌي جا برتن ٻيو ڪو به ماڻهو استعمال نه ڪندو، ٿڪون ۽ بلغم ڊٽال ۾ ورتاويندا، ڪمزور هاٺي وارن خاص طرح ٻارن کي مريضه کان دور رکيو ويندو.“

        دستور موجب اڄ به صائمه چانهه ۽ بسڪوٽ رکي شفيق جي اچڻ جي منتظر هئي. هر صبح اڌ بسڪوٽ ۽ ساسر ۾ کيس چانهه پياري پوءِ پاڻ باقي اڌ بسڪوٽ ۽ چانهه پيئندي هئي. ڪجهه وقت گذرڻ بعد به جڏهن شفيق وٽس نه آيو ته هن ننهن کي سڏ ڪري چيو، ”ڪنوار! شفيق کي وٺي آءُ چانهه ٿي ٿڌي ٿئي.“

        ”امان.“ننهڻس چيو، ”چانهه اوهان پيو، شفيق جي اڄ طبيعت خراب آهي سمهيو پيو آهي.“

        هٿ مان بسڪوٽ ڪري پيس. رڙ ڪري صائمه چيو، ڇو، ڇا ٿيو آهي شفيق کي؟ مان ته سندس آواز ٻڌو هو. تون ٿي چئين ته سمهيو پيو آهي.“

        ”امان، جاڳيو ته آهي، پر پيٽ ۾ سور اٿس، انڪري مان مناسب نه سمجهيو.............“

        ”پيٽ ۾ سور!“ ننهن جي ڳالهه ڪٽيندي صائمه پڇيو.

        ”ها امان!“

        صائمه اٿي کڙي ٿي ۽ شفيق جي ڪمري ڏانهن وڌڻ لڳي. شفيق جو آواز سندس ڪن تي پهچي رهيو هو. هو چئي پيو. ”امان بسڪٽ، امان سانهه.“ امان هو ڏاڏيءَ کي سڏيندو هو ۽ ماءُ کي ”مومي“. چانهه کي ”سانهه“ سڏيندو هو.

        صائمه شام جو مڙس کي چيو، ”رفيق، ڏس ننهن جا حال! شفيق کي مون ڏانهن اچڻ کاڻ روڪيو اٿائين. پان ته اهڙي نه آهي، شايد توفيق جهليو هوندس.“

        رفيق سوچ ۾ اچي ويو. جي سچ ٿو ٻڌائي، ته به خراب ۽ جي نٿو ٻڌائي، ته به برو. آخر کيس چوڻو پيو، ”صامون! تنهنجي بيماري ئي اهڙي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر شفيق لاءِ چيو آهي ته احتياط طور تو وٽ ڪجهه ڏينهن نه اچي. کيس به نه ته بيماري لڳي سگهي ٿي.“

        صائمه جي چهري جي شگفتگي گم ٿي وئي. اداسيءَ ان ۾ واسو ڪيو هوءَ پاڻ کي ڪنهن اجاڙ بيابان ۾ محسوس ڪرڻ لڳي، جتي سندس ذات کان سواءِ نه ڪو اوهي هو ۽ نه واهي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com