[تحقيقي سلسلو-2]
شڪارپور ضلعي جي انتطامي رپورٽ
(1900ع)
سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر بدر اُڄڻ
انگريز بادشاهه پنهنجي حڪومت جي دَور ۾ ڪجهه اهڙا
ڪاغذي ڪم ڪندو هو، جن جي اهميت هلندڙ دَور ۾ محسوس
ٿئي ٿي. اُنهن ڏينهن ۾ ”گزيٽيئر“ هر ضلعي ۽ پوءِ
پوري صوبي بابت جوڙيو ويندو هو. اُن کان سواءِ
انتظامي رپورٽون پڻ وقت ۽ حالتن جي مناسبت سان
تحرير ڪيون وينديون هيون. شڪارپور بابت اهڙي ئي هڪ
رپورٽ 1899-1900ع 14- نومبر 1900ع تي لکي ويئي ۽
پراڻن ورقن مان هٿ آئي آهي. اُن جو ترجمو پيش ڪجي
ٿو.
[رپورٽ نمبر 4066 بابت 1899-1900ع]
روينيو ڊپارٽمينٽ، ڪمشنر آفيس ڪراچي:
مورخہ: 4 نومبر 1900ع
1. مسٽر ميولس (Mr.
Mules)
26 اپريل 1900ع تائين ضلعي جو قائم مقام سربراهه
هو، مگر صحت سندس ساٿ نه ڏنو ۽ هُو پنهنجي ڏيهه
هليو ويو. هن جي عهدي تي 6 مئي کان مسٽر سلاڊن (Mr.
Sladen)
مقرر ٿي آيو، جنهن هيءَ رپورٽ تيار ڪئي. (وچئين
عرصي دوران مسٽر بيڪر انچارج رهيو) سلاڊن جي چوڻ
موجب ته هيءَ رپورٽ ميولس جي انتظامي اُموربابت
آهي، جيڪا هن سندس نوٽيس پڙهي تيار ڪئي آهي.
2. موسم ڏاڍي خراب رهي. مينهن جي سخت ضرورت پئي
محسوس ٿي ۽ 1899ع واري ٻوڏ ته ويتر تباهي مچائي
ڇڏي هئي، جيئن 1898ع وارو رڪارڊ ٻڌائي رهيو هو.
نئين سال جي شروع ۾ موسم ڪجهه سٺي ٿي هلي ۽ ڪجهه
عرصو ٺيڪ هلڻ کان پوءِ ويتر خراب ٿي ويئي ۽ ڏاڍا
اُگرا نتيجا سامهون آيا.
جنوريءَ ۾ تمام سخت پارو پيو، جيڪو گذريل ڳچ سالن
۾ ڪڏهن به نه پيو هو، جنهن ربيع جي فصل کي ڪاپاري
ڌڪ هنيو. اُن کان علاوه انبن جي فصل جي تباهي ٿي
وئي ۽ رستن جي پاسن تي لڳل وڻن کي پڻ ساڙي ناس
ڪيائين.
اهڙين حالتن پٽاندر اها هڪ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته
ضلعي جي روينيو جي اُڳاڙيءَ ۾ فقط 63000 رپين جي
کوٽ ٿي، جيڪا 153، 41، 27 مان گهٽجي 118، 78، 26
تائين به پهتي.
انگريزن جي حڪومت جي ٻين حصن ۾ ڏڪار جي صورتحال
هجڻ جي باوجود ڪجهه صوبن ۾ ڪمائي به ٿي، جنهن جي
ڪري مجموعي طور تي تفصيل گهٽ پيو. ڏڪار جي ڪري
آبادگارن کي ڏنل ڇوٽ (Remissions)
938، 15، 2 رپين کان به وڌي وڃي ها، جيڪا هر سال
لاءِ 335، 52، 1 رپيا هوندي هئي.
3. سنڌ واهه کان سواءِ ضلعي جا ٻيا واهه موسم جي
لحاظ کان سٺو وهڪرو ڏيندا رهيا. سنڌ واهه، جنهن جي
کاٽيءَ جو ڪم دير سان شروع ٿيو هو ۽ مٿس رقم به
خاصي لڳي هئي، سٺا نتيجا نه ڏئي سگهيو، ڇاڪاڻ ته
اُن جي مهڙ ۾ مٽي ڀرجي چڪي هئي، جنهن جي ڪري
آمدنيءَ ۾ کوٽ پئجي ويئي، جيڪا 368، 56، 1 رپيا
هئي، جڏهن ته لاڳت 500، 85، 2 رپيا هئي. سرڪار کي
اطمينان تڏهن ٿيو جڏهن پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي
ڪوشش سان کاٽي ڪرائي وئي ۽ هن سال اُن جا سٺا
نتيجا حاصل ٿيا. سنڌونديءَ جي اڍنگي وَهڪ جي ڪري
اهڙا اتفاقي نقصان نظرانداز نه ٿا ڪري سگهجن.
گهاڙ واهه، جيڪو ماضيءَ ۾ ڳڻتيءَ جو باعث بڻيو هو،
هاڻي ٺيڪ وهي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌو پوئتي هٽي
رهيو آهي. حالانڪ نديءَ جي کاڌ وارو خطرو فورڊ
واهه جي ريگيوليٽر تائين اڃا موجود آهي. هاڻي وري
ويسٽرن نارا جي وهڪري منجهان به خطرو وڌڻ لڳو آهي،
ڇو ته عاقل ڍنڍ ۾ لَٽُ وڌي ويو آهي ۽ درياهه
بادشاهه جو رخ به اوڏانهن مُڙي چڪو آهي. نارا جو
ڪيترن هنڌن وٽ لَٽجڻ هاڻي ڪافي ڌيان طلب آهي،
پرچيف انجنيئر اڳ ۾ ئي اُن تي ڪم ڪري رهيو آهي.
(مسٽر ديشمُک جي رپورٽ، جنهن ۾ هڪ ٻيو ريگيوليٽر
کڙ جو ڪمارو جي ويجهو ٺاهڻ لاءِ سفارش لکيل آهي،
اُها مسٽر پئليسر ڏانهن جلد موڪلي ويندي).
سکر واهه، شڪر جو فائيف هيڊ ٺهيل هو، جنهن مان
خريف لاءِ ڪافي پاڻي پڄايو ويو، حالانڪ هي سنڌ ۾
پهريون مندوار پاڻي پهچائڻ وارو واهه هو. اُن کان
اڳ سياري ۾ ربيع لاءِ پاڻي ڪونه هوندوهو.
4. هي سال تمام خوشحال رهيو، ان ڪري ڪمشنر ضلعي جي
رهاڪن کي هڪ دفعو ٻيهر موسمي بيمارين کان بچڻ جي
ڪري مبارڪون ڏنيون. حالانڪ مارواڙين جي لڏپلاڻ جو
حملو به ٿيو هو.
ڳوٺ سڌار سنگت ۽ ضلعي آفيسرن جيڪا سروي ڪري انگ
اکر گڏ ڪيا آهن، اُن لاءِ هنن جي همت افزائيءَ جي
ضرورت آهي. وظيفن هيٺ ڪم ڪندڙ تپيدار ته ٿورا هئا،
باقي ڪم وڏيرن ۽ مُکين پاران ڏنل مفت وارن محنت
ڪشن جوئي هو. ڪمشنر اهو معلوم ڪرڻ پئي گهريو ته
ڪرنل ميهيو جي سفارش تحت ڪيترو عمل ڪيو ويو، جنهن
۾ هن سٺو ڪم ڪرڻ وارن کي انعام طور ۽ آفرين ناما
ڏيڻ لاءِ چيو هو.
ڪمشتر کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته ڪليڪٽر مسٽر
ٽيوپر، رجسٽريشن جو ڪم ۽ اُهي رجسٽر خود ڏٺا، پر
هن جو ورڪرن سان ورتاءُ چڱو ۽ همت افزا نه پئي
لڳو. اُن کان علاوه ڪمشنر اهي ريمارڪس، جيڪي
ڪليڪٽر انهن ورڪرن لاءِ ڏنا، جنهن هن کي
"Local Magnate" ڪوٺيو، هن کي پسند نه آيا.
ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ مريضن جو وڌيل انگ داخل ٿيڻ ۽
چئن داين جو سرٽيفڪيٽ ڪورس مڪمل ڪرڻ- اميد افزا
عمل آهي. اُن لاءِ ليڊي ڊاڪٽر ناش (Nash)
کي جس هجي، جنهن هي ڪٺن مرحلو خوش اسلوبيءَ سان
پورو ڪيو آهي.
ٽُڪن هڻڻ جو لازمي قانون لاڙڪاڻي تائين قابل عمل
بڻائڻ تي ميجر آرمن ۽ مسٽر ٽيوپر کيرون لهڻيون.
ڪمشنر سَر جيمس کي يقين آهي ته سنڌ جا رهواسي ٽُڪن
جي عمل کي سٺو سمجهن ٿا، پر سمورين رپورٽن ۾
سينيٽري انسپيڪشن بوڪس بابت ڪوبه ذڪر نه ٿو ملي.
مسٽر ديشمُک، سينيٽيشن لاءِ استعمال ٿيندڙ رقم ۽
عملي پاران ڪامياب عمل بابت ذڪر ته ڪيو آهي، پر
اها ڳالهه قابل عمل نه ٿي لڳي ته ٻهراڙين جا
رهاڪو پنهنجي پاڻ تي ٽيڪس لڳائي سينيٽيشن جو ڪم
جاري رکندا، جيستائين اها ڄاڻ عوام تائين مڪمل طور
تي نه ٿي پهچائي وڃي. اُن کان پوءِ ئي اُن عمل جي
ڪاميابيءَ جي اُميد ڪري سگهجي ٿي.
پيداواري فصلن جا اگهه ايترا نه وڌي سگهيا. اهڙيءَ
طرح اُجرتن ۾ به واڌارو نه ٿيو ۽ ماٺار رهي. اُن
جو سبب ٻوڏ به ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ٻوڏ جي ڪري
ڪيترائي مزدور بي روزگار ٿي پيا ۽ اُنهن کي اُجرت
اَنَ جي صورت ۾ به ملڻ لڳي.
5. هارين کي ڏنل تقاوي قرض، جنهن جي رقم 800، 36،
1 رپيا هئي، اُن جو استعمال تمام سٺي نموني ڪيل ٿو
ڏسجي. روهڙيءَ ۾، جتي امدادي قرضن جي سخت ضرورت
محسوس ٿي، اُتي ڪل رقم جو اڌ حصو يعني 260، 64
رپيا استعمال ۾ آيو. (روهڙيءَ ۾ تقاوي قرضن جو
سلسلو 1888ع تائين جاري هيو، جتي راقم پاڻ اسسٽنٽ
ڪمشنر جي طور تي قرض ڏنا هئا).
تقاوي قرض جو اڌ حصو روهڙي سب ڊويزن ۾ کوهن کوٽڻ
تي استعمال ٿيو، جيڪو روهڙيءَ لاءِ تمام ضروري هو
۽ اُن جو لاڀ سڀني کي حاصل ٿيو. هڪ ٻيو سٺو ڪم اهو
ٿيو ته ماهي واهه جي کاٽي ڪرائي وئي. اُن کان
علاوه هڪ راڄوڻي واهه ڄام محمد نواز جي محنت سان ۽
خانبهادر پير بخش جي نگرانيءَ هيٺ کوٽايو ويو،
جنهن تي ڪل 12000 رپيا خرچ لڳو. اهو ڪم زميندارن ۽
سرڪار ٻنهي لاءِ فائديمند رهيو. هن سال انڪري ڏڪار
جي صورتحال کان ٻيئي، يعني خود کيڙائو ۽ مارواڙي
محنت ڪش، بچي ويا.
تقاوي قرضن جي ڏنل انگن اکرن ۾ غلطي نظر اچي ٿي،
ڇاڪاڻ ته ڏنل قرضن جي رقم ۽ واپس وٺڻ جي رقم ۾ ربط
ناهي.
6. مسٽر سلاڊن جي راءِ مطابق زرعي پيداوار جي وڌيل
اگهن جي ڪري زرعي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جي معاشي
حالت سٺي ۽ خوشحال رهندي، مگر شرط اهو آهي ته
سالانه ايتري زمين آباد ڪئي وڃي. ان راءِ جي نفي
اُن وقت پڌري ٿئي ٿي، جڏهن واڻڪي وهيءَ تي نظر پوي
ٿي، جتي قرضن جي قطار ٺهي پيئي آهي. خاص طور تي
وڏن زميندارن جو حال اهو آهي جو سندن زمينون واڻين
وٽ گروي ٿيو وڃن يا سول ڪورٽن ۾ نيلام ٿيو وڃن. ان
۾ ڪو شڪ ناهي ته زرعي پيداوار سٺي نموني استعمال
ڪرڻ سان قرض لاهي سگهجن ٿا؛ خاص طور تي شڪارپور
ضلعي جا زميندار دنيا ۾ خوشحال ۽ خوش پوشاڪ ٿي
سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته اُهي تعليم يافته ۽ سياڻا
واپاري آهن ۽ پنهنجا معاشي مسئلا خود سلجهائڻ جي
پوري سمجهه رکن ٿا. پر زراعت جي ڪاروبار کي سموري
دنيا ۾ ڪاميابيءَ سان هلائڻ جو دارومدار قرض ڏيڻ
واري تي آهي، جيڪو هن نظام کي تباهه ڪرڻ جو اصل
سبب آهي. ڪورٽن ۾ ڪيسن جي طوالت ۽ اُڪلاءُ جون
اُميدون يا سنڌ جي هارين لاءِ دکن جي هارين جي
ڀلائيءَ واري قانون نافذ ڪرڻ (جنهن جي ڪيترا دفعا
سفارش ڪئي وئي) سان وڏين جاگيرن جا مالڪ جان بچائي
سگهندا. انهيءَ صورتحال مان جان بچائڻ لاءِ
’پنهنجي مدد پاڻ ڪريو‘ جي اصول هيٺ لاڙڪاڻي ۾ جيڪو
تعليمي مدرسي جو قيام عمل ۾ آيو آهي، اها هڪ وڏي
پراُميد ڳالهه آهي. شڪارپور ضلعي جو هڪ حصو جيڪو
روهڙيءَ وارو علائقو آهي، اُهو ڪافي پٺتي پيل آهي،
ڇاڪاڻ ته اُتي جي خوشحاليءَ جو دارومدار ٻوڏ جي
پاڻيءَ تي آهي، جيڪي بي وقتي اچي ڪڙڪن ٿيون. ٻن
سالن کان وٺي لڳاتار ٻوڏ نه اچڻ ڪري ۽ وري برسات
نه پوڻ ڪري زرعي پيشي وارن ماڻهن جي حالت ابتر ٿي
چڪي آهي ۽ مٿان وري مسٽر بيڪر چواڻي، واڻڪي وهيءَ
جا ڪلورَ! موجود حالتن کي ڏسندي خوشحاليءَ جي اچڻ
جي ڪجهه اُميد ڪري سگهجي ٿي. ماهه واهه جي کوٽڻ جي
سرڪار پاران اجازت، جنهن جي کوٽائي جلد شروع ڪئي
ويندي، مستقبل جي خوشحاليءَ لاءِ نيڪ پيغام آهي.
مسٽر ديشمُک جي راءِ سچي آهي ته هتان جا ماڻهو
وفادار ۽ صبر وارا آهن. مزدورن کي هميشه روزگار
پٽاندر حالتن سان منهن ڏئي مشڪلاتن سان مقابلو ڪرڻ
ڄاڻن ٿا. عام ماڻهو ڪفايت جا قائل آهن. زمين وڌيڪ
آباد ڪرڻ ۽ پاڻيءَ جي مند جو مطالعو نه ڪرڻ مسٽر
ديشمُک جي غلطي آهي، جنهن جي ڪري گهربل فصل حاصل
نه ٿي سگهيو، حالانڪ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ واهن جي
مرمت لاءِ پڻ سفارش ڪئي هئي. زمين جي پيداوار
گهٽجڻ جا ٻه سبب ٻيا به آهن: ڪورٽن ۾ ڪيس ۽ قرضن
جي ڪرتوت. مسٽر ٽيوپر کي هوشياريءَ سان ڪم ڪرڻ
کپندو هو. ڪليڪٽر کي آئنده پنهنجي رپورٽ جي جائزي
وٺڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪليڪٽر کي واپس ڪرڻ کپي ته جيئن
هو حالتن جو تازو جائز وٺي اُنهن جو مطالعو ڪري
نيون ۽ مثبت تجويزون پيش ڪري ته جيئن سرڪار جي
ناموس ٿئي ۽ آفيسرن جي ديانتداريءَ تي ڪو شڪ شبهو
پيدا نه ٿئي. مسٽر ٽيوپر جيئن ته انصاف پسند ۽
سٺي ڪردار جو مالڪ هو، انڪري هن کي سڀني ڳالهين کي
ڌيان ۾ رکڻ گهرجي. قرض ڏيڻ وارو واڻيو وياج خور،
مقروض مسلمان ۽ هن جا افعال ۽ پيداوار کي برقرار
رکڻ، جنهن ۾ ملڪ ۽ ماڻهن جو مفاد هجي. ڪمشنر کي
لاڙڪاڻي ۾ انڪم ٽيڪس جي اپيلن کي به ڌيان ۾ رکڻ
کپي، جيڪي تمام گهڻي تعداد ۾ داخل آهن ۽ جن کي
مسٽر ٽيوپر ڪليڪٽر جي سوچ کي سامهون رکندي اُڪلايو
وڃي.
7. عام زميندار ڪلاس جي خوشحاليءَ جي هڪ نشاني،
اها به آهي ته ڍل وغيره بنا دير جي پياري وڃي ٿي.
تقريباً سموري ڊيمانڊ يعني 118، 78، 26 رپيا جمع
ٿي چڪا آهن، فقط 231، 24 رپيا يعني هڪ سيڪڙو پوئتي
رهيو آهي. ٽوٽل 738، 55 رپيا ڍل ڏيندڙ کاتيدار مان
فقط هڪ اسم هو جيڪو باقيدار بڻيو. سنڌ ۾ نوٽيس به
فقط پنجاهه سيڪڙو کاتيدارن کي ڏنا ويندا آهن، سي
به يادگيري لاءِ. ضلعي آفيسرن کي اُن لاءِ
مبارڪباد ٿي ڏني وڃي. ساڳئي وقت فقط پنج سيڪڙو
اهڙا زميندار آهن، جيڪي لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ خريف ڍل
جي پهرين قسط پاڻ پياريندا آهن. باقي رسيدون ۽ بل
وغيره ڀلاوڻي وٽ ڦٽي ڪري ويندا آهن، جيڪو هنن جي
ڍل به پياريندو آهي ته بٽئي به ڪري ايندو آهي ۽
کوٽ واڌ جو حساب به رکندو آهي. هو ڀلجي ڪري به
ڪڏهن هن جو کاتو چيڪ ڪونه ڪندا آهن. اها هنن جي
فقط خوشحالي جي نشاني ناهي، بلڪ پيداوار جي گهڻائي
به آهي، ڇو ته اُن جي اُپت ايتري ته ٿئي ٿي، جنهن
مان هنن جو قرض به لهي ٿو ۽ وري پنهنجي لاءِ خرچ ۽
خوراڪ به بچت ٿئي ٿي. جيڪڏهن زميندار اڃا به ڪجهه
وڌيڪ هوشياري وٺن ته هنن جي معيشت اڃا به سڌري
سگهي ٿي ۽ قرض کڻڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪن.
8. آبڪاري مان اُپت پڻ وڌي آهي (285، 11 رپيا).
اها لوڪل شراب ۽ ٻين نشيدار شين مان ٿي آهي. هن
قسم جي مد ۾ خرچ به خوشحاليءَ جي نشاني آهي.
9. انڪم ٽيڪس مان آمدني ۾ به ٿوري واڌ ٿي آهي.
ڪمشنر ڏانهن خط ۾ مسٽر ميولس اهو ڄاڻايو آهي ته هن
طرف گذريل سال ڌيان ڏنو ويو هو، جنهن جو ضلعي اندر
ڪجهه چڱو نتيجو حاصل ٿيو آهي. مگر مسٽر جيمس جو
خيال آهي ته هن طرف گهڻو توجهه نه ٿو ڏئي سگهجي،
ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪاروبار هتي اوڌر تي هلي ٿو ۽ اوڌر
جي اُڳاڙي گهٽ ٿي ٿئي. جڏهن اوڌر جي اڳاڙي رڪارڊ
تي آئي ته اُن مان انڪم ٽيڪس خود بخود حاصل ٿيندو
۽ ان طرح سان هن مد ۾ محنت ڪرڻ اجائي آهي. وري
جيڪڏهن انڪم ٽيڪس وڌيڪ وصول ڪبو ته ماڻهو اپيلون
ڪندا. پر جيڪڏهن آفيسر سياڻو ۽ انصاف وارو آهي ته
هو بنا ڦڏي ڪرڻ جي ٽيڪس ۾ واڌارو آڻي سگهي ٿو.
ڪمشنر ان ڳالهه تي فيصلي ڏيڻ کان لاچار آهي ته
لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ٻن ماڻهن کي انڪم ٽيڪس بابت نوٽيس
ڏيڻ چڱو عمل هو يا نه، پر هو ان راءِ جو آهي ته
جيڪي انڪم ٽيڪس ڏيڻ کان لنوائين ٿا اُنهن کي پڪڙڻ
لاءِ اهو سٺو ٿيندو ته انڪم ٽيڪس ائڪٽ جي سيڪشن 35
جو وافر استعمال ڪيو وڃي. جيڪڏهن اپيلون داخل به
ٿيون ۽ فيصلو ڪرڻ مشڪل به ٿيو، تڏهن به اُن جو
نتيجو خراب ڪونه نڪرندو.
10. ضلعي جي روينيو رڪارڊ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ۽ اُن
جي تاريخ جوڙڻ لاءِ ضروري هو ته آفيم مان ٿيل
آمدني به دفتر داخل ڪئي وڃي ها ۽ اُن جو اندراج شق
نمبر 18 ۾ شامل ڪيو وڃي ها.
11. هن سال نابالغ ٻارن جي ملڪيت جو اندراج ڪجهه
وڌيل ٿو ڏسجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شڪارپور ضلعي جي
روينيو عملي جو ڪم ضرور وڌيو هوندو، جو هنن تي اڳ
۾ ئي ڪم جو بار وڌيل آهي. ڊويزن جي روينيو آفيسرن
سرڪار جي حڪم نمبر 3453 تاريخ 17-مئي 1999ع جي
روشنيءَ ۾ ضلعي واري عملي جو هٿ ونڊايو نه ٿو
ڏسجي، جيڪا ڳالهه رپورٽ مان ظاهر آهي. ڪليڪٽر صاحب
پنهنجي ضلعي آفيسرن کان اهو ڪم ورتو ٿو ڏسجي.
ڇاڪاڻ ته اهي ڪافي تجربيڪار آهن. اسيمبليءَ ۾ ڪورٽ
آف وارڊس جو بل تيار آهي، اُن جي پاس ٿيڻ سان ٻارن
جي ملڪيت جو جوڳو تحفظ ٿي ويندو.
12. ڪل 296 تپيدارن مان 49 تپيدارن ۽ 8 سپروائيزرن
تي سروي جي ڪم ۾ ڪوتاهيءَ سبب ڏنڊ وڌو ويو هو.
ڪليڪٽر صاحب جي رپورٽ سان شامل هڪ ڄاڻ مطابق 6178
سروي نمبر (رپورٽ جي ٻئي حصي ۾ 6764نمبر ڄاڻايل
آهن) جي ماپ تپيدارن ڪئي هئي. پر اها حقيقت آهي ته
ويهه سيڪڙو ڪم اڃا رهيل آهي. اها تصديق وليج اسٽاف
۽ تعلقي واري اسٽاف پاران درج ٿيل انگن اکرن جي
فرق مان به ظاهر ٿئي ٿي. مسٽر سلاڊن جي رپورٽ
پٽاندر ڪم تمام گهڻو آهي. تپيدارن لاءِ سروي کان
علاوه ٻيو ڪم به تمام وڌيڪ آهي. سروي پارٽين جي
نئين سر جوڙجڪ کان پوءِ هن ڪم ۾ ڪوتاهيءَ جي تدارڪ
جو پڻ جوڳو بندوبست ٿي ويندو. ڪمشنر صاحب ان ڳالهه
تي اطمينان ڏيکاريو آهي ته ڊويزن جي تپيدار جي
مقرري کان پوءِ هن ڪم جو چڱو اُڪلاءُ ٿيو آهي، خاص
طور تي هاڻي ميهڙ ڊويزن ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي رپورٽ
مطابق، جنهن ۾ نئين کڻت ڪيل زمين جي ماپ جي ڪم جي
ڪابه بقايا رهيل ناهي.
13. مسٽر ميولس جي انسپيڪشن واري ڪم جي جيتري به
تعريف ڪجي اوتري گهٽ آهي. اهڙو ڏکيو ڪم فقط مسٽر
ميولس ئي ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو وڏي همت وارو ۽
جفاڪش آفيسر هو. رپورٽ سان شامل ٽيبل مان ظاهر ٿئي
ٿو ته بگوٽي (Bigoti)
زمين جي ماپ ڪانه ڪئي وئي آهي.
14. ڍلن جي نرخ جو اندازو هن سال لاءِ تعلقي سکر ۽
نوشهري ابڙي ۽ گذريل سال شڪارپور تعلقي جي انگن
اکرن مان معلوم ٿئي ٿو اهو واڌارو سنڌ واهه جي وهڻ
جي ڪري آهي. واڌاري بابت ڪَٿ ڪرڻ هن وقت ٺيڪ ناهي،
ڇاڪاڻ ته واهه جو منڍ ٺيڪ نه ٺهي سگهيو ۽ ڪمشنر کي
جيئن ٻڌايو ويو آهي ته ٻئي سال اُتان پاڻي ججهي
انداز ۾ وهندو ۽ سٺا نتيجا ظاهر ٿيندا.
غيرآباد زمين جا انگ اکر ڏنل تفصيل مطابق ڪجهه
اڻپورا لڳن ٿا. آباد زمين جو هن سال جو انگ 056،
31، 29 رپيا ۽ گذريل سال جو 726، 73، 27 رپيا
ڏيکاريو ويو آهي. واڌاري بابت ڪو سبب نه ڏنو ويو
آهي. شڪارپور ضلعي ۾ هڪ اندازي مطابق چار کان پنج
هزار چورس ميل غيرآباد زمين موجود آهي. زمين تان
ورتل مالڪاڻو سراسري طور تي گذريل سال کان پنجاهه
في سيڪڙو وڌيل آهي، جيڪو 0-2-6 رپيا 0-0-4 رپيا
سالوار آهي.
نون کوٽيل واهن جي پاڻيءَ بابت ٽيڪس کي به مناسب
حد تائين وڌايو وڃي. مالڪاڻوبه هرهڪ ايڪڙ تي ٻن
سالن ڍل برابر وڌائي سگهجي ٿو. ماڻهن کي گهٽ اگهه
تي مليل زمين جو قدر به گهٽ ٿئي ٿو، مگر ڪمشنر
صاحب ڪليڪٽر جي ان راءِ سان متفق ناهي ته نئين
زمين ٺاهڻ لاءِ هاريءَ تي خاصي رقم رکي وڃي. ان
عمل سان قرض ڏيڻ وارن ڀلاوڻن جو ڀلو ٿي ويندو ۽
هاري پيداوار حاصل ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي قرض ۾ ڪاهي
پوندو.
15. گڏهن جو نسل وڌائڻ (جيڪي هن سال 368 کان وڌي
479 ٿيا آهن) سٺي ڳالهه آهي. ڪمشنر ان ڳالهه کي
پسند ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ڍوئي جو ڪم ڏين ٿا.
زميندارن وٽ نسل وڌائڻ لاءِ هڪ نر گڏهه رکڻ ڪا
نئين ڳالهه ناهي. شايد مسٽر سلاڊن کي اها ڄاڻ ناهي
ته سندس ئي ضلعي جي هڪ زميندار نالي شاهه محمد
لغاري، جيڪو تعلقي ڪڪڙ جو رهاڪو آهي، اُن وٽ سٺي
نسل وارو نر گڏهه اڳ ۾ ئي موجود آهي. ڪمشنر صاحب
ان راءِ جو آهي ته مسٽر ميولس جي راءِ مطابق
شڪارپور ۾ اُنهن اعليٰ نسل جي گڏهن جو نماءُ ڪيو
ويندو، جيڪو اعليٰ نسل جي گڏهن جي پالنا لاءِ سٺو
عمل ٿيندو.
16. رجب ڪئنال جي ڪپرن تي پوکيل وڻن بابت فيصلو
ڇاڪاڻ ته سرڪار جي خلاف ٿيو هو، اُن لاءِ روينيو
بورڊ اپيل ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اُن
سان روينيو ۽ اريگيشن جي کاتن جو فائدو آهي.
17. مسٽر ديشمُک ان راءِ جو آهي ته هاري طبقي جا
ماڻهو قانون کان واقف نه هجڻ ڪري ڪيترا ڏوهه ڪن
ٿا، جي ڪورٽ ۾ چالان ٿي سزاوار ٿين ٿا. ڊسٽرڪٽ
مئجسٽريٽ جي رپورٽ مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته
ڪيترا ڪيس ڪوڙا ۽ شرارت تي ٻڌل هوندا آهن. سنڌ جا
ماڻهو اميد ته قانون جي ڄاڻ جلد حاصل ڪندا، پر
مشرقي وڌاءُ وارن رجحانن (هڪ ٻئي سان دشمني ۽ ساڙ)
جي ڪري ڪيتريون شڪايتون اجايون ٿيون لڳن.
ڏوهن جي انگن اکرن بابت هڪ الڳ رپورٽ ڪڍي وئي آهي.
ڪمشنر صاحب جي رپورٽ ۾ فقط اها وضاحت ڪئي وئي آهي
ته غربت جي واڌاري جي باوجود ملڪيت جي چورين وارين
وارداتن ۾ ڪافي ڪمي آئي آهي. مسٽر سلاڊن پڻ ان
راءِ جو آهي ته چورين جي ڏوهن کي دفتر داخل نه ٿو
ڪيو وڃي.
18. ڏوهارين جي نشاندهي ڪندڙ ڀاڳي/پيري ڏانهن
ڊويزنل آفيسرن جو ڌيان نه ٿو وڃي، حالانڪ اُنهن جي
اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، اُنهن ڏانهن
ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.
19. ڪمشنر ان ڳالهه تي خوشي ۽ اطمينان جو اظهار
ڪيو آهي ته مسٽر ٽيوپر گهوگهاري وٽ لڳل ڌاڙي بابت
جيڪا تفصيل سان جاچ ڪئي آهي، ان قسم جي عمل سان
شريف شهرين کي اطمينان ۽ ذهني سڪون ملي ٿو. ان
بابت ڪمشنر کي جڊيشل کاتي مان جڏهن ڄاڻ ملي ته
مسٽر ٽيوپر تفتيش لاءِ جيڪي طريقا استعمال ڪيا
آهن، اُهي غير معمولي هئا، ۽ اُن تي هن رنجش جو
اظهار ڪيو.
سنڌ ۾ آفيسرن، خاص طور تي نوجوان مئجسٽريٽن لاءِ
اها روايت ٿي وئي آهي ته کين اهم ۽ ذميوار عهدن تي
رکيو وڃي ٿو. وقت کان اڳ هنن کي گهٽ تجربي هجڻ جي
باوجود وڏيون ذميواريون ڏنيون وڃن ٿيون. اُنهن تي
اها ڳري ذميواري عائد ٿئي ٿي ۽ اميد ٿي ڪجي ته هو
قانون جي بالادستي، سمجهداري ۽ اخلاقيات جي ڪوڊن
تي سختيءَ سان عمل ڪندا.
20. جنگلات جي کاتي وارن وڻن کي نقصان پهچائڻ خلاف
ڪل 622، 3، 1 جانور چالان ڪري ڍڪن ۾ وڌا. اهو انگ
گذريل سال کان هڪ هزار مٿي آهي. ڇاڪاڻ ته حالتون
ڪجهه اهڙيون هيون، تنهنڪري اهو واڌارو لازمي عمل
هو.
21. ڪمشنر صاحب کي ان ڳالهه تي خوشي ٿي آهي ته
آرمس ايڪٽ هيٺ چالان گهٽيا آهن ۽ عام شهرين کي
پنهنجي ملڪيت جي حفاظت ڪرڻ لاءِ لائسنس جو انگ
وڌيو آهي.
22. لوڪلبورڊن جي ڪارگذاريءَ بابت ڪليڪٽر صاحب
ڪجهه به نه چيو آهي، ڇاڪاڻ ته رڪارڊ تي اُنهن
بورڊن جي ڪم ڪار بابت ڪجهه به لکيل ناهي، ڪمشنر
صاحب 94-1993ع جي حوالي سان ڪليڪٽر صاحب پاران
لکيل رپورٽ بابت اها خواهش ظاهر ڪئي آهي ته
لوڪلبورڊن جي ڪارگذاريءَ جي مڪمل رپورٽ انگن اکرن
کان علاوه به هجڻ کپي. ڊويزنل آفيسر، جيڪي تعلقه
بورڊن جا صدر پڻ هوندا آهن، تن کي تعليمي بورڊن جي
سڀني ميٽنگن ۾ وڃڻ گهرجي. ڪيترن ئي آفيسرن هڪ
ميٽنگ کان وڌيڪ حاضري نه ڏني آهي. روهڙي سب ڊويزن
جي گڏجاڻين ۾، جيڪي ميرپور ۽ گهوٽڪي ۾ سڏايون ويون
هيون، تن ۾ نه اسسٽنٽ ڪليڪٽر ۽ نه ڊپٽي ڪليڪٽر
حاضر رهيو. ڪمشنر کي اهو به معلوم آهي ته ضلعي جا
آفيسر تمام مصروف آهن ۽ وٽن گهڻو ڪم آهي، پر هن کي
اها ڳالهه به سٺي نه ٿي لڳي ته هو لوڪلبورڊن جي
ميمبرن ۽ زميندارن کي بورڊ جي ڪاروبار هلائڻ ۾
رهنمائي نه ڪن. بورڊن جا ميمبر ڪافي اهل آهن،
اُنهن جي فقط همت افزائي ۽ فنڊن جي درست استعمال
جي ڄاڻ ڏيڻ سان هو بهتر طريقي سان ڪاروبار هلائي
سگهن ٿا ۽ اها سرڪار جي پاليسي پڻ آهي ته اُنهن کي
انتظامي اُمور هلائڻ ۾ شامل ڪيو وڃي.
23. سکر جا ميونسپل ڪائونسلر گهڻي شوق سان پنهنجي
ڪم ڪار کي هلائڻ لاءِ مشهور رهيا آهن. مسٽر جيمس
کي ڄاڻ آهي ته شهر جي ڪائونسل جي ڪاروهنوار هلائڻ
لاءِ ڪليڪٽر کي جيڪو ڪائونسل جو صدر هوندو آهي،
گهڻو تنگ نه ڪندا آهن. اصولي طور تي ٽائون ڪائونسل
وارن جي همت افزائي ڪئي وڃي. ته جيئن هو پنهنجي
ڪائونسل جو ڪاروهنوار پاڻ هلائن. ڪمشنر کي هڪ دفعو
ٻيهر ڪليڪٽر کي هدايت ڪرڻ کپي ته ڪائونسل جو صدر
پنهنجي بجاءِ ڪنهن شهر واري کي نامزد ڪري.
24.بمبئي سرڪار کي ملاوت کان منع ڪرڻ واري قانون
کي سکر ۽ شڪارپور جي شهري سرڪار پاران نافذ ڪرڻ
وارو قدم ساراهه جوڳو آهي. اُن مان صاف ظاهر آهي
ته شهري ادارا پنهنجن فرضن، خاص طور تي شهرين جي
صحت جي سنڀال بابت، سجاڳ آهن. اُهي عوام جي صحت
سان هٿچراند ڪندڙن کي سبق سيکارڻ لاءِ تيار آهن،
ڀلي پوءِ اُهي ڪيترا اثر وارا ۽ دولت وارا ڇو نه
هجن.
25. سکر ضلعي جي تعليمي تاريخ ۾ اها ڳالهه اهم
حيثيت رکي ٿي، جنهن موجب اعليٰ تعليمي ادارن ۾
عالمن جو تعداد 291 منجهان 325 ٿيڻ ۽ پرائمري
تعليم ۾ 539، 21 مان 155، 22 جو واڌارو ٿيڻ ۽ ان
سان گڏو گڏ لاڙڪاڻي ۾ مدرسي اسڪول برانچ قائم ڪرڻ،
ساراهه لائق قدم آهن. ڪمشنر کي اميد آهي ته مدرسي
اسڪول واري برانچ ڪراچي ۾ قائم ڪيل مدرسي ۾ شاگردن
موڪلڻ جي به ڪوشش ڪندي ته جيئن مسلمانن جا ٻار،
جيڪي ترقيءَ جي راهه تي پوئتي پيل آهن، اُهي تعليم
حاصل ڪري پاڻ کي اڳتي آڻيندا. ڪمشنر صاحب کي روهڙي
ميونسپالٽي پاران سنسڪرت اسڪول قائم ڪرڻ وارو قدم
پسند ڪونه آيو، ڇاڪاڻ ته هن دور ۾ هڪ قديم ٻولي
پڙهڻ مان ڪو فائدو ناهي. سنڌ کي قدامت پرست پنڊتن
جي نه پر ترقي پسند ۽ قابل ماڻهن جي ضرورت آهي،
جيڪي پنهنجي ڌرتي ۽ اُن جي وسيلن کي ترقيءَ لاءِ
استعمال ڪري سگهن.
26. شڪارپور ضلعو خوشقسمت آهي جو اُن جا ضلعي
آفيسر تبديل ڪونه ٿيا آهن، جنهن جو اثر انتظامي
امور تي سٺو پيو ٿو ڏسجي.
مسٽر بيڪر سواءِ ٽن مهينن جي، سمورو سال ئي روهڙي
ڊويزن جو انچارج رهيو جيڪوعرصو هو عارضي طور تي
اپر سنڌ فرنٽيئر جو ڊپٽي ڪمشنر ٿي ويو هو. تازو هن
جي ڪراچي ضلعي ڏانهن بدلي به عارضي هئي. هن وري
موٽي اچي روهڙي ڊويزن جي چارج سنڀالي آهي، جتي
سيٽلمينٽ وارو اهم ڪم هن لاءِ کليو پيو آهي. هن جي
رپورٽ، جيڪا خانبهادر پير بخش محنت ۽ ديانتداريءَ
سان انگ اکر گڏ ڪري هن جي مدد لاءِ ٺاهي آهي، اُها
رپورٽ: ذميواري نباهڻ جو هڪ اعليٰ مثال آهي.
روهڙيءَ جي بارڊر تي غريب ۽ ڌتڙيل ماڻهن جي رهائش
اختيار ڪرڻ ڪري روهڙي طرف اُنهن جي لڏپلاڻ جو ڪافي
برو اثر پيو آهي. موسم جي ناخوشگوار هجڻ، خاص طور
تي اُتر وارن تعلقن ۾ ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي جوڳي مدد
ڪرڻ تي جيڪا روهڙي ۾ شامل آهي، ڪمشنر صاحب اطمينان
جو اظهار ڪيو آهي. اها ڳالهه خاص طور تي سٺي ڏسڻ ۾
آئي ته شروع ۾ اُنهن ماڻهن کي فقط پيٽ گذر جيتري
رقم پئي ملي پر بعد ۾ ماهي واهه جي کاٽيءَ تي هر
روز مزدور کي ساڍا چار آنا مزدوري ملڻ لڳي. اُن جو
سٺو اثر سرڪار سان گڏ ماڻهن تي به ڏسڻ ۾ آيو.
زميندارن پنهنجو خرچو تقاوي امداد ذريعي وصول ڪري
پنهنجو پورائو ڪيو.
ڊپٽي ڪليڪٽر پاران واهن جي کوٽائي بابت ڏيتي ليتي
جي رپورٽ غير اطمينان بخش آهي، پر هن سال ماهي
واهه مان پاڻي ڏيڻ سان سرڪار پاران هڪ اهم ڪارنامو
اريگيشن جي شعبي جو مڪمل ٿيندو. ڪمشنر صاحب
اريگيشن کاتي مان پر اميد آهي ته اُهي پنهنجي کاتي
جي ڪارڪردگيءَ سان ڊويزن ۾ پاڻيءَ جي پورائي جي
ڪوشش جاري رکندا ۽ واهن ۽ بندن جي ڪڙن کي پڻ مضبوط
ڪندا ايندا ته جيئن ڪٿي ٻوڏ جي صورت نه اُڀري.
27. لاڙڪاڻي ڊويزن جو انتظام مسٽر ٽيوپر جي
ماتحت رهيو، سندس ٻانهه ٻيلي هئا، راءِ بهادر
حشمتراءِ ۽ خانبهادر ولي محمد، جن سال جو ڳچ حصو
گڏجي ڪم پئي هلايو. مسٽر سلاڊن جي راءِ مطابق مسٽر
ٽيوپر جي رپورٽ تمام تفصيل سان لکيل آهي، جنهن مان
هن جي صلاحيت ۽ شوق جو ڀرپور اظهار ٿئي ٿو. تعليمي
نظام بابت هن جي رپورٽ تعليمي انسپيڪٽر جي چوڻ
موجب تعريف جوڳي آهي. ڊويزن جي زميندار طبقي کيرون
لهڻيون، جو هنن گڏجي مسٽر ٽيوپر جي سربراهيءَ ۾
تعليمي مدرسو برپا ڪيو.
ڪمشنر بهادر کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي جو ڪئليفورنين
انگور جو ٻج ڦٽي ڦل ڪري چڪو آهي. اها اميد ٿي ڪجي
ته اُن صنعت جي واڌاري مان هتان جا زميندار چڱو
لاڀ حاصل ڪندا. مسٽر جيمس جو تجربو ڪاميابي ماڻي
نه سگهيو، ڇاڪاڻ جو اسسٽنٽ ڪمشنرن جي جلدي بدلين
ٿيڻ ڪري اُن جي سنڀال نه ٿي سگهي. هن جي خواهش آهي
ته اُنهن تجربن جي مسٽر ٽيوپر سنڀال ڪندو رهندو،
ڇاڪاڻ جو هن سنڌ کي مستقل طور تي الوداع ڪيو آهي.
مسٽر جيمس کي پڪ آهي ته جيڪڏهن انگور جي فصل جي
چڱي طرح سنڀال ڪئي وئي ۽ گرميءَ جو پورو عمل چکايو
ويو ته اُن پوک مان هڪ هزار في ايڪڙ پيداوار حاصل
ڪري سگهجي ٿي.
مسٽر ٽيوپر ڊويزن ۾ واهن جي ڪامياب نظام جو ڀرپور
تجربو حاصل ڪيو ٿو ڏسجي. گهاڙ واهه مان شاخن ڪڍڻ
جي رٿا سرڪار آڏو آهي. پاڻيءَ واري کاتي آڏو ڪور
ڏاتو، ڪور شاهه ۽ نور واهه جا منصوبا گذريل ٻارهن
کان پندرهن سالن کان وٺي زير بحث رهيا آهن. اُنهن
کي وهائڻ جوعمل گهاڙ واهه بدران اُتر کان وڌيڪ سٺو
ٿي سگهندو. ڪمشنر کي اُنهن رٿائن کي هلائڻ تي خوشي
حاصل ٿيندي. اها حقيقت آهي ته گهاڙ واهه سياري ۾
به وهندو رهندو هو، پر موسم جي ڦيري جي ڪري هاڻي
اُهو آڪٽوبر ۾ ئي سُڪي ويو آهي. موسم جي اها ڦير
گهير ڪا نئين ڳالهه ناهي.
28. مسٽر مئڪ من (Mr.
Mac Mann)
جي سکر ڊويزن بابت رپورٽ هڪ قابل آفيسر جي ڪامياب
ڪاوش آهي. هن جي محنت ۽ جفاڪشي قابل تعريف آهي،
جيڪا هن سنڌ واهه جي ناڪام تجربي ۽ کاتيدارن تي
اُن جي اُگرن اثرن جي تفصيل سان ڄاڻ حاصل ڪئي.
معافي نامه (Remissions)
جي قانون تي صحيح عمل ۽ مزدورن تي ان جي اثرن کي
گراف ڪڍي سمجهايو. کاتيدارن کي مسٽر مئڪ من چواڻي
ته تقاوي قرض ائگريڪلچرسٽ لون ائڪٽ بجاءِ لئنڊ
امپرومينٽ ائڪٽ هيٺ ڏيڻ واري عمل کي همٿايو
کاتيدارن جي قسمت واڻيي ڀلاوڻي جي هٿ هيٺ آهي. هو
قرض کڻي پنهنجي کاتيدار واري ذاتي حيثيت وڃائي
واڻيي ڀلاوڻي جو هاري ٿي گذاري ٿو. اها هن جي گهٽ
علمي ۽ سادگي آهي جيڪا کيس مقروض ڪريو ڇڏي ٿي. اهو
هڪ الميو آهي ته هڪ آباد علائقي ۾، جتي پيداوار
ججهي هجي ۽ پاڻي به جام هجي، اُتي آبادي ڪرڻ لاءِ
کاتيدارن کي پئسي جي ضرورت پوي ٿي، جيڪو هن وٽ
ڪونه هجي ٿو ۽ مٿان وري فصل ٻڏڻ جو خطرو الڳ، ته
اُتي فقط وڏو کاتيدارن ئي ڪامياب ٿي جالي سگهي ٿي.
وقت گذرڻ سان ۽ محنت سان ننڍو کاتيدار به اُڀري
سگهي ٿو. هندو ڀلاوڻو هن جي ضرورت آهر مدد ڪري ٿو.
اهڙيءَ طرح کاتيدار ۽ ڀلاوڻو ٻئي گڏجي ملڪي معيشت
۾ واڌارو آڻي سگهن ٿا. تقاوي قرض جي ضرورت گهٽ
محسوس ٿئي ٿي ۽ اُن تي گهٽ ڀاڙڻ کپي. پر جيڪڏهن ڪو
هاري يا کاتيدار کوهن ۽ واهن کي سڌارڻ لاءِ تقاوي
قرض گهري ٿو ته ڪمشنر صاحب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار
آهي، جيڪو لئنڊ امپرومينٽ ائڪٽ هيٺ ڏنو وڃي ٿو.
مسٽر مئڪ من پنهنجي ڊويزن ۾ پاڻيءَ جي وڌندڙ ضرورت
طرف اشارو ڪري ٿو. شڪارپور ڪئنال جي نه وهڻ جي
ڪري، اريگيشن کاتي گهڻي افسوس کان پوءِ اُن اسڪيم
کي سرد خاني ۾ رکيو آهي، پر بيگاري ۽ سکر واهه جي
واڌاري واري ڪم کي سياسي پنڊتن به اهميت ڏيڻ شروع
ڪئي آهي. جڏهن سکر بئراج جي کاٻي ڪپ وارا ڪم مڪمل
ٿيندا ته پوءِ ساڄي ڪپ وارن واهن کي به وقت سان
شروع ڪيو ويندو. اسسٽنٽ ڪليڪٽر کي تعلقي جي پڇڙيءَ
وارن علائقن جو باقاعدگيءَ سان معائنو ڪري صحيح
رپورٽ ڏيڻ کپي، ڇاڪاڻ ته سالانه منصوبه بندي اُنهن
رپورٽن جي روشنيءَ ۾ ئي تيار ڪئي ويندي. اُن ڪم ۾
ڪوتاهي ٻين ڊويزن ۾ به ڏسڻ ۾ آئي آهي.
29. ميهڙ ڊويزن سموري سال لاءِ مسٽر ديشمُک جي
انتظام هيٺ رهي. هن جي رپورٽ مختصر پر جامع آهي،
جيڪا تعريف لائق آهي. ڪمشنر کي مسٽر ميولس رپورٽ
ڏني ته راڄداريءَ جي معاملن کي هلائڻ جي مسٽر
ديشمُک سٺي مهارت رکي ٿو. هن جي واهن بابت ڄاڻ
مزيدار آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻوڏ تمام خراب
هئي، پر ڪمشنر کي ان ڳالهه تي افسوس ٿيو ته هن
نارا واهه کي وڌائڻ ۽ پريچرڊ واهه ڪڍڻ لاءِ جيڪو
حڪم ڪيو هو اُن تي عمل ٿي نه سگهيو ۽ کاتيدارن کي
پورو پاڻي ملي نه سگهيو، جنهن جي نتيجي ۾ کاتيدارن
جا فصل سُڪي ويا ۽ کين نقصان سهڻو پيو. اُن مان
شاهي واهه ڪڍڻو پيو جيڪو پڇڙيءَ ۾ پاڻي ڏيڻ لاءِ
ڪڍيو ويو. اُن جا سبب مسٽر ٽيوپر جي چوڻ موجب لڪل
ناهن، بلڪ ٻوڏ ۾ پاڻي گهٽ ۽ لٽ وڌيڪ هجڻ ۽ عاقل
ڍنڍ جو لٽجڻ ئي آهن. ڪمشنر چيف انجنيئر کان اها
تقاضا ٿو ڪري ته هو اهڙي رٿا جوڙي اُن واهه کي به
وهائيندو ۽ اُتان جي کاتيدارن جي نقصان جي به
تلافي ڪندو. مسٽر ديشمُک جي رپورٽ جي ڪاپي به هن
ڏانهن موڪلي ويندي. ڪمشنر کي ان ڳالهه جو به ڏک
آهي ته چيلي واهه جي کوٽائي، جنهن مان نصير آباد
تعلقي کي فائدو ٿيڻو هو، دير سان شروع ڪئي ويئي
آهي ۽ هو اُن کي ڏسڻ کان اڳ سنڌ کي الوداع چئي
رهيو آهي؛ پر درياهه جو وهڪرو اُن جي خلاف پيو
وڃي، جنهن لاءِ ڪجهه انتظار ڪرڻو پوندو. اميد ته
اريگيشن کاتو اُن کي مڪمل ڪندو. ايگزيڪيوٽو
انجنيئر جي اها حڪمت عملي قابل تعريف آهي، جنهن
موجب گهٽ پاڻيءَ کي وارابندي ڪري سڄي ڊويزن ۾
پهچايو ويندو ۽ فصلن کي سُڪڻ کان بچايو ويندو.
30. ڪمشنر صاحب کي ان ڳالهه جو افسوس آهي ته هو
سنڌ کي الواع چئي رهيو آهي. ضلعي کي ٻن حصن ۾
ورهائڻ وارو اهو منصوبو جيڪو ٻارهن سال اڳ سرچارلس
پريچرڊ شروع ڪيو هو- جنهن ان کي وڏي جفاڪشيءَ سان
جاري رکيو آهي ۽ ان جي باقاعده اجازت هزمئجسٽي
سيڪريٽري آف اسٽيٽ کان هاڻي موصول ٿي آهي. مان
اميد ٿو ڪريان ته هن سخت موسم هوندي به اُهي نالي
وارا ڪليڪٽر- سلاڊن، ميولس ۽ جائيلس- محنت ۽ شوق
سان اُن ڪم کي جاري رکندا. مسٽر ميولس جي صحت جواب
ڏئي چڪي آهي. ايڏي محنت جيڪو به ڪندو، اُهو آخر
ڊهي پوندو. ڪمشنر اُميد ٿو ڪري ته ان ڪم کي پوئتي
نه ڪيو ويندو. هن کي ڄاڻ آهي ته ڏڪار ۽ پليگ جي
ڪري خزاني ۾ کوٽ اچي وئي آهي، جنهن جي ڪري سڌارن
جي ڪمن ۾ اهڙين حالتن هيٺ رڪاوٽ ضرور پئجي سگهي
ٿي.
خط، خطاطي ۽ ڪتبخانا
مخدوم سليم الله صديقي
انسان جڏهن به ڳالهائي ٿو ته پنهنجن لفظن جي وضاحت
لاءِ جسم جي مختلف عضون سان اشارا به ڪري ٿو، ڄڻ
هو هوا ۾ نه ڏسڻ ۾ ايندڙ خطاطي ڪري رهيو هجي. اهو
سڀ ڪجهه مخاطب آڏو ٿئي ٿو، جيڪو اوهان جي سامهون
موجود آهي، پر جيڪو غائب هجي. ان جي آڏو هوا ۾ ڪيل
خطاطي ڪنهن ڪم جي نه آهي. جتي ٻيا سبب موجود آهن،
اُتي غير موجود سان مخاطب ٿيڻ جي احساس پڻ ڀتين تي
ليڪن پائڻ ۽ قلم ڪاغذ جي ضرورت کي محسوس ڪيو. ٻين
لفظن ۾ ائين به چئي سگهجي ٿو ته انسان پنهنجي
تهذيب ۽ تمدن جي واڌاري ۽ ان کي ايندڙ نسل لاءِ
محفوظ ڪرڻ لاءِ ”تحرير“ جو سهارو ورتو. غارن ۾
ٺهيل قديم اُبتيون تصويرون تحرير جي ابتدا جا واضح
اهڃاڻ سمجهيا وڃن ٿا. تقريبن ڇهه هزار سال اڳ عراق
۾ سميرين جو ميخي خط، مصر وارن جو هيرو گيلفي خط ۽
سنڌو ماٿريءَ مان ملندڙ خط، پنهنجي انهيءَ حالت
تائين پهچڻ ۾ طويل زمانا ۽ لاها چاڙها ڏٺا. جنهن
کان پوءِ مصر وارن هڪ وک اڳتي وڌي جيڪا طرز تحرير
ٺاهي، تنهن کي ’هيريٽڪ‘ ۽ ’ڊيموٽڪ جو نالو ڏنو وڃي
ٿو، جن مان اڳتي هلي الف-ب جي ابتدائي صورت پيدا
ٿي. چيو وڃي ٿو ته فنيقي قوم، جيڪا جهازرانيءَ
لاءِ انهن فنيقين کان يونانين ۽ رومين گهڻوڪجهه
پرايو. هاڻي اهو دؤر شروع ٿئي ٿو، جڏهن انسان
ننڍڙن جملن ۽ مضمونن ٺاهڻ جي ابتدا ڪري رهيو هو،
جيڪي ڪنهن ڪتاب لاءِ ڄڻ اوائلي شڪل فراهم ڪري رهيا
هئا، جنهن لاءِ ابتدا ۾ مٽيءَ مان ٺهيل ننڍيون ۽
پوءِ وڏيون تختيون ايجاد ٿيون. محققن جي راءِ آهي
ته نينوا شهر ۾ آشور بانيپال جي مٽيءَ جي تختين
وارو ڪتبخانو پهريون ترتيب ڏنل ڪتبخانو آهي، جنهن
کان پوءِ هڏا، کلون، ڪاٺيءَ جا ٽڪر ۽ آخر ۾ ڪاغذ
ڪتابي دنيا لاءِ انقلابي صورت ۾ ظاهر ٿيو. هاڻي
انسان ڪمپيوٽر ۽
C.D
طرف وڃي چڪو آهي، مگر انساني
فطرت جيترو ”ڪتاب“ مان لطف اندوز ٿئي ٿي، اوتري ڪا
ٻي شيءِ اُن جي پورائي ۽ تسلي لاءِ ناڪافي آهي.
اُنهن ڪتابن ئي ڪتبخانن ۽ ڇاپخانن جي ضرورت محسوس
ڪرائي. ڇاپيل ڪتاب پنهنجيءَ جاءِ تي، پر قلمي ڪتاب
پڻ پنهنجي خوبصورتي ۽ فني ڪاريگريءَ سبب ذوق وارن
لاءِ هڪ خاص ڌيان جو باعث رهيا آهن.
اسلام کان اڳ پڻ ڪيترن ئي قلمي ڪتابن جي ڪتبخانن
جو ذڪر تاريخ ۾ ملي ٿو. مگر الله رب العزت جي ڪلام
قرآن حڪيم، انساني تمدن ۾ جيڪو انقلاب آندو، ان جو
هڪ وڏو سبب اهو هو جو الحمدلله اُن کي سڀ کان وڌيڪ
پڙهيو ۽ لکيو ويو. حتاڪه آيات قرآني کي بنياد
بنائي، تفسير حديث، فقه ۽ ٻين ڪيترن ئي علمن تي
قلم آزمائيءَ جو سلسلو جاري ٿيو، جو اڃا تائين
آهي. اسين ڪنهن به قوم کي متمدن قوم انڪري چئون
ٿا، جو وٽس ڪتاب ۽ ڪتبخانا رهيا. اسلامي دنيا ۾
ڪتبخانن جي قيام جي تاريخي شاهدي ٽين صدي هجريءَ
کان ملي ٿي. هارون الرشيد ۽ مامون الرشيد يوناني ۽
هندستاني ڪتابن جي ترجمن ڪرڻ لاءِ ”بيت الحڪمت“
قائم ڪئي ۽ هڪ عاليشان ڪتبخانو قائم ڪيو، جنهن کان
پوءِ ٻين به ڪيترن ئي ڪتبخانن جو ذڪر ملي ٿو، جيئن
381هه ۾ شاپور ابن اَرد شير جو قائم ڪيل ڪتبخانو،
وزير ابوالفتح ابن خاقان، علي ابن يحيٰ 275هه جو
خزانةالحڪمت ڪتبخانو، مدرسه نظاميه جو ڪتبخانو،
مستنصر باالله جو مستنصريه ڪتبخانو، پنهنجي دور جا
وڏا ڪتبخانا سمجهيا وڃن ٿا. اُنهن کان علاوه ننڍي
پيماني تي پڻ بغداد ۾ ڪيترائي ڪتبخانا موجود هئا.
اُنهن کان علاوه شيراز ۾ عضد الدولہ جو وسيع
ڪتبخانو، طرابلس ۾ بنو عباس جو ڪتبخانو، جيڪو 5
صدي هجريءَ جو مشهور ڪتبخانو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي
لک ڪتاب موجود هئا. اهڙيءَ طرح خراسان، بخارام
قرطبه ۽ قاهره پڻ ڪتبخانن جي لحاظ کان معروف پئي
رهيا آهن.
قلمي ۽ ڇاپي ڪتابن لاءِ ڪاغذ:
ڇپائيءَ کان اڳ واري دور ۾ لکيل قلمي ڪتاب پنهنجي
منفرد حيثيت ۽ خوبصورتيءَ سبب هڪ الڳ حيثيت رکن
ٿا. انهن جو پنو محدود مقدار ۾ گهرن ۾ ئي تيار ڪيو
ويندو هو، ۽ ان جي پائيداري اطمينان بخش هوندي
هئي. اڄڪلهه تجارتي بنيادن تي ٺهندڙ پني کان اهو
ڪيترن ئي ڳالهين ۾ بهتر هو. اهو پنو
Fibre
يا
Linen جو هوندو هو، جڏهن ته اڄڪلهه مختلف ڪيميڪلز مان گذاريل
Wood Pulp جو ٺهيل اهو پنو آهي، جيڪو ڪجهه وقت گذرڻ
سان ئي پنهنجو اصلي رنگ وڃائي ويهي ٿو. ڪاغذ سان
ملندر جلندڙ پنو سڀ کان پهريائين مصر جي ماڻهن
استعمال هيٺ آندو. اهو حقيقت ۾ هڪ ٻوٽيءَ جو نالو
ٿئي ٿو، جيڪو نيل نديءَ جي ڪناري عام جام ٿيندو
هو. ان ٻوٽيءَ کي انگريزي ۾ ”پيپر“ جو نالو ڏنو
ويو. سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ”پني“ جو بنياد
پڻ اُهوئي آهي. ننڍي کنڊ ۾ وري ”ڀوڄ“ نالي پن لکڻ
جي ڪم آڻڻ سکيا، پر بادشاهن ۽ راجائن جا فرمان
گهڻو ڪري ٽامي ۽ پٿرن تي اڪريل مليا آهن. جديد
ڪاغذ جي ٺهڻ جي تاريخ تقريبا 1900 سال اڳ چين ۾
ٿي، جڏهن ”سائلون“ پراڻن ڪپڙن جي اڳڙين کي آلو ڪري
ان مان ڪاغذ ٺاهڻ جي ابتدا ڪئي. اٺين صديءَ ۾
جڏهن عربن سمرقند تي فتح حاصل ڪئي ته اُنهن چينين
جي ان فن مان پرايو. يورپ ٻارهين صدي عيسويءَ ۾
ڪاغذ ٺاهڻ جي ابتدا ڪئي، پر اهو سڀ محدود پيماني
تي پئي ٿيو. انساني آباديءَ جي وڌڻ ۽ اسلامي
انقلاب کان پوءِ تعليم جي ڦهلاءَ سبب ڪاغذ جي گهرج
۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيڻ لڳو، جيڪو گهڻو ڪري
مقامي طرح ٺهندڙ ڪاغذ مان پورو ڪيو ٿي ويو. اهو به
سرنديءَ وارا ماڻهو ئي ٺاهي ۽ خريد ڪري ٿي سگهيا.
پر ان جي پائداري ۾ ڪو شڪ ڪيئن ڪجي، جو سوين سال
گذرڻ کان پوءِ به اهي ڪاغذ پنهنجن سينن تي لکيل
اکرن کي سانڍيو اچن ٿا.
ڪاغذ کي وڏي پيماني تي تيار ڪرڻ لاءِ ڪاٺ مان
جرمني جي فريڊرڪ ڪيلر 1845ع ڌاري اهڙي مشين ٺاهي،
جيڪا تجارتي بنيادن تي ڪاغذ ٺاهي سگهي پئي. پوءِ
ان ۾ طرحين طرحين اضافا ٿيندا ويا، تان جو اڄ
خودڪار مشينون ۽ وڏا ڪارخانا ٺهي ويا آهن.
ڪاغذ ٺاهڻ:
ڪاغذ هٿ سان ٺاهجي يا مشين ذريعي، طريقو ساڳيو ئي
ٿئي ٿو، مگر مشين ذريعي وڏي پيماني تي گهٽ وقت ۾
پيدوار ٿئي ٿي. ڪاغذ گهڻو ڪري ڪاٺ، سُڪل گاهه،
ڪپڙي جي ٽڪرن ۽ ڪپهه وغيره مان ٺاهيو وڃي ٿو. جنهن
مال مان ڪاغذ ٺاهن مقصود هوندو آهي، ان جا ننڍا
ٽڪر ڪري گند صاف ڪيو ويندو آهي، جنهن بعد بوائلر ۾
ڪاسٽڪ سوڍا ۾ ڪاڙهيو ويندو آهي، تان جو نرم ٿي
وڃن. جنهن بعد ان کي ڌوئي وري بليچنگ پائوڊر ۾
ٽهڪائبو آهي، جيئن اُن جو رنگ ختم ٿي وڃي. ان کان
پوءِ ان جي ڳر ڪڍي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪاغذ کي
رنگين ٺاهڻ مقصود هوندو آهي ته اهو اُنهيءَ وقت
اُن ۾ ملائبو آهي. ان بعد ان کي مستطيل قسم جي
فريم ۾ وجهي مٿئين سطح کي هموار ڪبو آهي. انهن
فريمن کي هائڊرولڪ پريس ۾ منتقل ڪري مٿان داٻ وجهي
پاڻي الڳ ڪري سُڪڻ لاءِ رکيو ويندو آهي. همواريت
لاءِ ٽامي جي چادرن جي رولرن جي وچ ۾ رکي داٻ هيٺ
آندو ويندو آهي ۽
gelatin
پالش ذريعي اُن ۾finishing
آڻبي آهي.
قلم جي ڪاريگري:
جڏهن ڪاغذ جي ٺهڻ ۽ استعمال ڪرڻ جو ذڪر اچي ٿو ته
قلم ۽ ان جي ڪاريگري اکرن جي صورت ۾ ظاهر ٿي هڪ
الڳ فن جو احساس ڏياريندي پنهنجي وجود جي روشني
سان هر پڙهندڙ جي اندر کي روشن ڪندي رهي ٿي. اکر،
جيڪي اوائلي انساني تاريخ ۾ تصويرن جي انداز ۾
لکيا ويندا هئا، ”تصويري خط“ جي نالي سان ياد ڪيا
وڃن ٿا. تصويرن وارو خط ڪنهن هڪ مخصوص ماڳ يا ملڪ
سان تعلق نه ٿو رکي، بلڪه آثار قديمه جي کوٽاين ان
ڳالهه جا ڪافي ثبوت مهيا ڪيا آهن ته اُهو ڪيترن ئي
ملڪن ۾ رائج هو، مثال طور مصر ۾ هيرو غليظي ۽
هراطيقي، دجله ۽ فرات جي علائقي ۾ سوميري، بابلين
جو اڪادي خط، ۽ ايشيا ڪوچڪ ۾ خط حطي. مگر انهن
سڀني ۾ بهترين مصرين جو خط آهي. حروف تهجي جي
ايجاد جا اوائلي اهڃاڻ قديم فينقين سان تعلق رکن
ٿا، جيڪي سامي النسل هئا. انهن مان ئي مختلف خطن
جو تسلسل (يعني آرامي، ڪروشي، پهلوي، براهمي ۽
عربي) ملي ٿو.
سنڌ وارن جو موجوده خط ۽ خطاطي ”عربي خط“ سان
منسلڪ آهي، ان ڪري اسين ان تي ئي بحث ڪنداسون. هڪ
روايت موجب عربي رسم الخط نبطين جي ايجاد آهي،
جڏهن ته ڪجهه ان راءِ جا آهن ته سرزمين حيره ۽
انبار ۾ اُها ٺهي ۽ وڌي. انهن علائقن ۾ ٺهندڙ ان
خط کي ”خط ڪوفي“ انڪري چيو ويندو آهي، جو جڏهن اهو
خط عام ٿيو ته ڪوفو ان وقت علمي مرڪز بڻجي چڪو هو،
جڏهن ته انبار ۽ حيره غير معروف ۽ ننڍڙا شهر هئا.
پر اهو به واضح هجي ته اسلام جي ابتدائي دور ۾
جيڪو خط استعمال ۾ هو، اهو خط انبار هو يا حيره،
پر اهو ان خط کان ٿورو مختلف ضرور هو، جيڪو ٻي صدي
هجريءَ ۾ خط ڪوفي جي نالي سان مشهور هو. ڇو جو
جنهن خط کي ’خط ڪوفي قديم‘ سڏيو وڃي ٿو، ان جو الف
ٽيڏو ۽ اُن ۾ نقطا به ڪونه هئا. اسلام جي اوائلي
ڏينهن جون لکڻيون ان خط ۾ ئي نظر اچن ٿيون. ابن
ندين جي چواڻي ته حيره ۽ انبار کي جنهن پهرئين شخص
حجاز ۾ متعارف ڪرايو، اهو ابو قيس بن عبد مناف بن
زهره هو.
”بلوغ ادب“ ۾ ڄاڻايل آهي ته اڪيدر بن عبدالملڪ
(جنهن کي دومةالجندل به چوندا آهن) جو ڀاءُ بشير
بن عبدالملڪ عراق ۾ تجارت جي سانگي ايندو ويندو
هو. جنهن هتي فن خطاطي سکي ۽ حرب بن اميه سان گڏجي
ان کي مڪه مڪرمه ۾ عام ڪيائين. ان بشير بن
عبدالملڪ حرب جي ڌيءَ ۽ ابو سفيان جي ڀيڻ سان شادي
ڪئي. بشير بن عبدالملڪ ابوسفيان کان جن تحرير جو
فن سکيو، ان ۾ حضرت عمر فاروق رضي الله عنہ، حضرت
عثمان غني رضي الله عنہ، حضرت علي ڪرم الله وجهہ،
طلحه بن عبدالله، ابو عبيده بن الجراه ۽ معاويه
رضي الله عنہ جا نالا ملن ٿا.
فينشين يا فيفشين کان شروع ٿيندڙ تحرير جو اهو فن
زماني جي مختلف لاهن چاڙهن کان ٿيندو ان ماڳ تي
اچي ديرو ڄمايو، جتان اُن کي نه صرف لازوال شهرت
ملڻي هئي، پر الله رب العزت جي ڪلام مبارڪ لاءِ
پنهنجو پاڻ کي پيش ڪرڻو هو. اهڙيءَ طرح ان ”خط
ڪافي“ اڳتي هلي هڪ الڳ خطاطي جي تاريخ تحرير ڪئي.
حضرت عمر بن عبدالعزيز رح کان روايت آهي ته حضرت
محمد مصطفيٰﷺ جن فرمايو ته “حضرت اسماعيل عربي
زبان جو پهريون خطاط آهي.“ تاريخي حوالا ان ڳالهه
۾ ڪافي ثابتيون ڏين ٿا ته عربي خط نبطي خط مان ئي
نڪتل آهن ۽ نبطي قوم حضرت اسماعيل عليہ السلام جو
ئي اولاد معلوم ٿئي ٿي.
عربي رسم الخط ۽ خطاطي جي تاريخ، جيڪا صدين تي
ڦهليل آهي، سوميرين ۽ مصرين کان فنيقين، نبطين ۽
حيره انبار کان حجاز جي سفر دوران عربي خط هڪ ڊگهو
سفر طئه ڪيو آهي. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته عربي
رسم الخط گهڻو پوءِ جي پيداوار نه آهي، بلڪ انهن
صدين تي مشتمل ڪيتريون ئي ارتقائي منزلون طئه ڪيون
آهن، جنهن ڪري ان کي مختلف دؤرن ۾ مختلف نالن سان
سڏيو ويو آهي.
خطاطيءَ جي فن جي جديد دور جو آغاز رسول خدا ﷺ جي
متبرڪ حياتيءَ ۾ ئي ٿي چڪو هو. ان دور جي چاليهن
ڪتابن جو ذڪر تاريخ ۾ موجود آهي. جن ۾ حضرت عمر،
حضرت عثمان، حضرت علي، طلحه، خالد بن سعيد،
عبدالله بن سعد، زيبر بن عوام جا نالا سر فهرست
آهن. عورتن ۾ حضرت بيبي خديجہ رضي الله عنها ۽ ام
المؤمنين حضرت حفصہ رضي الله عنها ڪتابت جي فن کان
واقف هيون. نبوت جي وقت خط ڪوفي قديم رائج هو،
جنهن کي’خط حيري‘ به چون ٿا. پاڻ سڳورن ﷺجڏهن 6
هجري (628ع) ۾ مختلف حاڪمن ۽ سردارن جي نالي
تبليغي خط موڪليا ته اهي به ان ڪوفي خط ۾ هئا،
جيڪو غير منقوط ۽ غير اعرابي هو. انهن خطن لاءِ
مشهور آهي ته سن 7 هجري ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهہ
جا لکيل آهن.
پاڻ ڪريم ﷺجن سان اصحابن سڳورن جي عشق ۽ قرآن حڪيم
سان عقيدت وحي جي ڪاتبن لاءِ اهڙا مضبوط بنياد
فراهم ڪيا، جو فن خطاطي چشمي وانگر سندن دلين جي
گهرائيءَ مان ڦٽي نڪتو. حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي
زماني تائين قرآن حڪيم جي ڪتابت اعرابن ۽ نقطن کان
سواءِ ٿيندي رهي. حضرت علي ڪرم الله وجهہ پنهنجي
هڪ شاگرد ۽ ان زماني جي ماهر لسانيات ۽ خطاط
ابوالاسود کي ان ڪم لاءِ مقرر ڪيو. ابوالاسود
المتوفي 69هه اعرابن ڏيڻ ۾ انهيءَ اصول کي سامهون
رکيو ته جن حرفن جي ادا ڪرڻ سان وات کُلي وڃي،
انهن جي مٿان هڪ نقطو لڳايو وڃي. اهڙيءَ طرح وات
جي ادائگيءَ جي حساب سان نقطا لڳايا ويا ۽ انهن
نقطن کي اعراب طور استعمال ڪيو ويو. سندس ٺاهيل
مول متا ۽ اصول ورندڙ اڌ صديءَ تائين رهنمائي ڪندا
رهيا. هيءُ اهو شخص آهي، جنهن پهريون دفعو عربي
ٻوليءَ جي صرف ۽ نحو جا قاعدا ۽ قانون پڻ وضع ڪيا.
اموين جي خلافت جي دور ۾ اسلامي دنيا جون حدون
جيئن جيئن ڦهلجنديون ويون، تيئن عربي تلفظ جي صحيح
ادائگي ۾ عجمين لاءِ مسئلو پيدا ٿيو، جيئن ج، ح،خ
۽ ان زماني تائين انهن جي لکڻ ۾ ڪوبه فرق نه هو.
عربي ڄاڻندڙ ته ان جي فرق کان واقف هئا، پر عجمين
لاءِ اهو اوکو ڪم هو. خليفي عبدالملڪ، حجاج بن
يوسف کي اهو ڪم سونپيو، جنهن لسانيات جي ٻن ماهرن
نصر ۽ يحيٰ کي ان ڪم تي مقرر ڪيو، جن حرفن تي نقطا
ڏئي هڪ ٻئي کان الڳ ڪيو. الاسود جي ڏنل اعرابن ۾
فرق ان طرح واضح ڪيو ويو، جو اعراب جي نقطن کي
مختلف رنگ ڏنا ويا. اهو طريقو پڻ ورندڙ پنجاهه
سالن تائين ڪاميابيءَ سان هلندو رهيو.
عباسين جي خطاطي:
اموين جي زوال کان پوءِ مسلم دنيا جي مرڪزيت بغداد
کي حاصل ٿي. انهيءَ زماني ۾ خطاطيءَ جو فن پنهنجي
آب و تاب سان مسلمانن جي مڪمل ۽ مکيه سڃاڻپ بڻجي
چڪو هو. عباسين جي اوائلي زماني ۾ هن فن جو پهريون
استاد ضحاڪ بن عجلان نظراچي ٿو، جنهن ان فن ۾ نواڻ
آندي ۽ نيون راهون متعين ڪيون. خيلفي هارون الرشيد
کان ٿورو اڳ خليل بن احمد نحوي نه صرف ڪوفي خط ۾
اصلاحات جي وسيلي ان کي وڌيڪ خوبصورت بڻايو، بلڪ
رسم الخط، اعراب ۽ منقوط حرفن کي صوتي اثرن جي
روشنيءَ ۾ لفظن ۽ آوازن ۾ هم آهنگي پيدا ڪئي. ان ۾
پوءِ مصورانه نقشا چٽڻ جي فن کي علي بن حمزه ڪسائي
نحوي ڪمال تائين پهچايو. هن جي اڻٿڪ ڪوششن سان ئي
خط ڪوفي قديم کي خط ڪوفي جديد جو نالو مليو. ڪسائي
هارون الرشيد جو استاد هو ۽ 182هه ۾ وفات کان اڳ
آيتن جي ڪتابت جا ڪيترائي شهپارا ڇڏيائين. چوٿين
صدي هجريءَ جي اوائلي ۾ خط ڪوفي ڇانيل رهيو، پر
واضح رهي ته ان وقت تائين نامور خطاطن جي هڪ ڊگهي
لسٽ موجود آهي. چوٿين صديءَ جي اوائل ۾ ڇهن نون
خطن ڪوفي خط جي اثر کي گهڻو زڪ پهچايو. 272هه ۾
ابن مقله پيدا ٿيو، جنهن خطاطيءَ جي نظام ۾ ايتري
ته نواڻ آندي جو ان جو اثر ايندڙ ڪيترين ئي صدين
تائين قائم رهيو. ابن مقاله پهريون شخص آهي، جهن
خطاطيءَ جا قاعدا ۽ قانون وضع ڪيا. هن گرامر کي
ٻيهر ترتيب ڏنو. ثلاثہ، جزم، تشديد ۽ تنوين کي
درست مقام ڏنو. ابجد جي حرفن جي نئين ترتيب متعين
ڪئي، جيڪا: ا، ب، ت، ث، ج، ح، خ وغيره جي موجوده
طرز آهي.
خطاطي ۾ سندس سڀ کان وڏو ڪارنامو ڇهن نون خطن جي
ايجاد آهي: ثلث، نسخ، توقيع، رقاع، محقق ۽ ريحان،
خط نسخ تمام جلد غير معمولي مقبوليت حاصل ڪئي ۽
قرآن حڪيم جي خطاطيءَ ۾ نسخ ڪوفي جي جڳهه وٺڻ لڳو
۽ موجوده زماني تائين خط نسخ قرآن حڪيم لاءِ مخصوص
ٿي ويو آهي. عربي ٻوليءَ ۾ بيشتر قلمي نسخا ان خط
۾ ئي نظر اچن ٿا. پر جڏهن خطاطيءَ ۾ آرائش ڏيڻ جي
ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته خط ثلث کي استعمال ڪيو وڃي
ٿو. عباسين جي زوال واري دور ۾ به اسان کي وڏن
ڪاتبن جا نالا ملن ٿا، جيئن الموصلي ۽ المستعصمي.
جمال الدين يعقوب المستعصمي آخري عباسي خليفي
مستعصم بالله (1258-1242) جي درٻار سان لاڳاپيل
هو. هن نسخ خط ۾ واڌارا آندا ۽ ان ۾ خوبصورتي پيدا
ڪئي، بلڪ ائين کڻي چئجي ته هن خط نسخ کي ان جي
تڪميلي حد تائين پهچايو، جنهن ۾ بعد جي دور ۾ ڪوبه
اضافو نه ٿي سگهيو آهي. سندس ڪتابت ٿيل قرآن حڪيم
جو نسخو نئشنل ميوزم ڪراچي ۾ محفوظ آهي. سندس
شاگردن ۾ شيخ احمد عماد الدين السهروردي، ارغون
ڪابلي، يوسف مشهدي، مبارڪ شاهه، سيد حيدر ۽ مير
يحيٰ شهرت ورتي. شيخ احمد عماد الدين سهروردي نسخ
۽ محقق ۾ چڱو نالو ڪڍيو. هن جو والد شيخ الشيوخ
عمر بن محمد شهاب الدين السهروردي (1234- المتوفي)
يعقوب المستعصمي جو مرشد هو. شيخ احمد عماد الدين
السهروردي جو ڪتابت ٿيل قرآن حڪيم جو نسخو ۽ ”آداب
المريدين“ نئشنل ميوزم ڪراچي ۾ محفوظ آهن، جيڪي
ڪتابت جي لحاظ کان شاهڪار سمجهيا وڃن ٿا.
خط نستعليق:
خليفي مامون الرشيد جي ايامڪاريءَ ۾ خراسان علم و
فن جو مرڪز بڻجي ويو هو ۽ آهستي آهستي عالمن ۽
ماهرن اوڏانهن جو رخ رکيو، جنهن سان نه رڳو ايران
جو مذهب متاثر ٿيو، بلڪ زبان، رسم الخط، ادب ۽
ثقافت هڪ نئين رنگ ۾ اڀريا. فارسي جو شعري نظام
(علم عروض) سڄو عربي تان ورتل آهي.
چوٿين صديءَ ۾ جڏهن عرب ۾ ڇهه خط منظر عام تي آيا
ته ايران رقاع ۽ توقيع کي ملائي هڪ نئون خط ايجاد
ڪيو، جنهن جو نالو تعليق رکيائون. تعليق ۽ نسخ جي
خوبين کي گڏ ڪري پهريون دفعو باقاعدگيءَ سان خواجه
مير علي تبريزي ”نستعليق“ ايجاد ڪيو.
خط شڪسته ۽ شفيعه:
يارهين صدي هجريءَ ۾ خط شڪسته مرتضيٰ قلي شاملو
ايجاد ڪيو. اها لکڻي عام طرح دفترن ۾ استعمال
ٿيندي هئي، انڪري ان کي روزمره جي استعمال جو خط
چيو ويندو هو. مير مرتضيٰ قلي شاملو جي مير منشي
شفعيه خط شڪسته ۾ ڪجهه خوبصورتي جا اضافا ڪيا،
جنهن سان ان هڪ الڳ خط جي صورت اختيار ڪئي. مير
منشيءَ جي نالي جي پٺيان ان کي خط شفعيه جو نالو
ڏنو ويو.
سنڌ ۾ خط ۽ خطاطي:
موهن جي دڙي جي تهذيب کي قديم تهذيبن ۾ اهم حيثيت
حاصل آهي. کوٽاين مان مليل مُهرن مان ثابت ٿيو ته
هتان جي باشندن کي پنهنجي رسم الخط ۽ زبان هئي،
ليڪن افسوس جو اُنهن کي پڙهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪانه
ٿي آهي.
پهرئين صدي هجريءَ جي اوائلي سالن ۾ مسلمان تاجرن
جي ننڍي کنڊ سان واپاري رابطو تاريخ جو ثابت شده
باب آهي. ڪجهه محقق ان راءِ جا آهن ته سنڌ ۾
خطاطيءَ جي شروعات 259هه ۽ 394هه جي وچ ڌاري ٿي
آهي. ان ڏس ۾ هو ڀنڀور مان مليل پراڻي مسجد مان
حاصل ڪيل هڪ ڪتبي جو مثال ڏين ٿا، مگر ان ۾ اڃا
تحقيق جي ضرورت آهي. ڪنهن هڪ شهر مان لڌل هڪ آثار
جي بنياد تي تاريخ کي مڪمل نه ٿو ڪري سگهجي. بنده
اڄ کان پندرهن سال اڳ سيوهڻ شهر جي پسگردائيءَ ۾
ڇٽي امراڻي ۽ قبرستان ”مخدومان سيوهڻ“ جي وچ واري
ٽڪر تي هڪ اهڙي قبر ڏٺي، جيڪا ٺٽي ۽ چوڪنڊي جي
قبرن سان مشابهه هئي. ان تي ڪلمه شهادت ۽ سن
105هه اڪريل هو. ان سان گڏ انهيءَ ئي دور جو
اهڙيون ٻيون به پٿر جون ڪجهه قبرون موجود هيون، جن
تي پڻ ڪلمه طيبه اڪريل هو، جنهن مان اهو اهڃاڻ ملي
ٿو ته سنڌ ۾ خطاطيءَ جو زمانو قريبي آهي. افسوس
آهي جو هن وقت ان زمين تي ماڻهو قبضو ڪري گهر
ٺاهيندا پيا وڃن. انهن پٿرن جو ڇا حال آهي، والله
اعلم. تازو انهيءَ جي آسپاس ٽي ٻيا پٿر پڻ ڏسڻ ۾
آيا، جن مان هڪ تي 125 ۽ هڪ تي 135 لکيل آهي.
بهرحال ان کي صاف ڪري وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
ممڪن آهي ڪجهه اڳ ڏٺل هجن. تحقيق دوران اسان کي
تاريخ جي هيٺين حقيقتن کي نظر ۾ رکڻو پوندو ته
حضرت عمر رضي الله عنہ جي دور (23هه) ۾ حڪم بن عمر
التغلبيءَ جي سالاريءَ ۾ مسلمان سپاهي سنڌوءَ جي
ڪناري اچي پهتا. دين جي سربلنديءَ لاءِ جن اصحاب
رسولﷺ سنڌ جي مهم ۾ حصو ورتو، انهن ۾ انصارين جي
قبيلي بنو جلد جو عبدالله بن عبدالله بن عتيق آيل
هو (جيڪو بصره ۽ ڪوفي جو عامل به رهيو هو) ۽
پنهنجي زماني جو وڏو عالم ۽ خطاط هو. اهڙيءَ طرح
عاصم بن عمرو التميمي پڻ سنڌ تي حملي ۾ شامل هو.
هو شاعر هجڻ سان گڏو گڏ ڪاتب پڻ هو. هڪ ٻيو خطاط
حمار بن العبدي، جيڪو سنڌ جي جاگرافيائي حالتن کان
چڱي ريت واقف هو، سو پڻ سنڌ تي حملي ۾ شريڪ هو.
هتي ڄاڻايل چند نالن مان ثابت ٿئي ٿو ته پهرئين
صدي هجريءَ جي پڇاڙيءَ تائين سنڌ ۾ نه رڳو مسلمانن
جي حڪومت قائم ٿي وئي هئي. بلڪ سندن تهذيب ۽ تمدن
هتان جي رهواسين کي مڪمل طرح متاثر ڪري چڪو هو.
واضح رهي ته مٿي ڄاڻايل شخصن مان اڪثر اصحاب رسول
ﷺ هئا. انهيءَ دور ۾ ئي عربي رسم الخط سنڌ جي علمي
دنيا جو حصو بڻجندو ويو.
حضرت عمر بن عبدالعزيز جي دور ۾ تدوين حديث جو وڏي
پيماني تي ذڪر ملي ٿو. ان دور ۾ سنڌ جي ڪجهه عالمن
جو ذڪر پڻ اچي ٿو، جن پنهنجي هٿ سان ڪتابت پڻ ڪئي.
جيئن الاوزاعي (م 157هه) نحع السنڌي (م 170هه)
رجاءَ السنڌي (222هه) محمد السنڌي (م 276هه) ۽ خلف
السنڌي (م 213هه) وغيره. اهي نه رڳو محدث هئا، پر
ان سان گڏ خطاطيءَ ۾ پڻ نالو رکندڙ هئا.
ٻي صديءَ کان وٺي چوٿين صديءَ جي شروعات تائين سنڌ
۽ بلوچستان جي وسيع علائقن تي مسلمانن جي اقتدار
هڪ طرف اسلام جي پيغام کي عام ڪيو ته ٻئي طرف هتان
جي ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي، ٻولي ۽ ادب تي پنهنجا اڻ
مٽ اثر ڇڏيا. چوٿين صدي هجريءَ جي آخر ۾ سنڌي
لکڻيءَ تي عربي صورتخطي پنهنجا اثر واضح ڪرڻ شروع
ڪيا ۽ سنڌي اچارن لاءِ عربي الف- بي استعمال ٿي.
اوائلي وقت ۾ ڏسجي ٿو ته سنڌ ۾ ڪو رسم الخط رائج
هو. ان ڏس ۾ ڀنڀور جي مسجد جو ڪتبو شاهدي ڏئي ٿو.
جڏهن چوٿين صدي هجريءَ ۾ نسخ خط رائج ٿيو ته بعد ۾
سنڌي ٻولي به ان خط ۾ لکي وئي، جا اڄ تائين لکي
وڃي ٿي.
سنڌ ۾ خطاطي:
سنڌ جي اوائلي خطاطي ڪوفي رسم الخط ۾ آهي، جنهن جو
اهڃاڻ ڀنڀور جي مسجد مان مليل ڪتبو آهي. ان بعد
چوٿين صدي هجريءَ کان نسخ خط بنجي ويو. رچرڊ برٽن
پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته سنڌ جا ڪتاب، نسخ،
نستعيق ۽ شڪسته ۾ لکن ٿا.
سنڌ ۾ خط ڪوفي، نسخ ۽ نستعليق کان سواءِ ڪجهه بيا
به خط ڏسڻ لاءِ ملن ٿا، جيئن خط طغرا. ترڪي ٻوليءَ
۾ طغرا ڪنهن اهڃاڻ کي چئبو آهي. هي خط گهڻو ڪري
نالي يا دستخط کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو
آهي. اهڙيءَ طرح خط گلزار پڻ سنڌ ۾ مروج رهيو.
جيئن ته نالي مان ئي ظاهر آهي، هن خط ۾ گلڪاريءَ
تي گهڻو زور ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي ڪتبخانن ۾
خط ريحان ۽ خط بهار کان علاوه شڪسته يا خط ديواني
جا پڻ نمونا نظر اچن ٿا. ڪتابن کان سواءِ مسجدن ۽
مزارن تي سَنهن باريڪ نقطن سان ٺهيل حرفن جي خطاطي
پڻ ٿيل آهي، جنهن کي خط غبار جو نالو ڏنو ويو آهي.
سنڌ جي اوائلي لکڻين متعلق حوالا اسان کي عرب
سياحن جي احوال ۾ ملن ٿا. ابو عطا، ابو معتر، ابو
عبدالملڪ، محمد بن ابو معشر سنڌي، امام اوزاعي،
عبدالرحمان، حافظ ابو محمد، ابو نصر، فتح بن
عبدالله وغيره عرب دنيا ۾ نالو ڪڍيو.
سمن جو دور (752-925هه):
سومرن ۽ ان کان پوءِ سمن جي دور ۾ سنڌي عالمن گهڻو
نالو ڪڍيو. مدرسن ۽ خانقاهن، ظاهري علوم ۽ تصوف
سان گڏجي ميدان کي پڻ وسيع ڪيو. ٺٽي، سيوهڻ، پاٽ ۽
بکر جي عالمن جي ايڏي ته هاڪ هئي، جو پرڏيهه جي
فاضلن پڻ سنڌ جو رخ ڪيو. فارسي شاعر حيدر ڪلوچ
پنهنجو اصل وطن هرات ڇڏي اچي پاٽ ۾ رهيو. ڪليجي
پچائي وڪڻندو هو ۽ پنهنجو گذر ڪيائين ٿي. ان سان
گڏ شاعريءَ جي شوق کيس ممتاز شاعرن جي صف ۾ آڻي
بيهاريو هو. سندس ديوان خدا بخش لائبريري پٽنا ۾
محفوظ آهي. هن دور ۾ حافظ محمد رشيد صديقي نالو
ڪڍيو.
اهڙيءَ طرح ورندڙ مختلف دورن ۾ سنڌ جي عالمن
پنهنجا قلمي شهپارا اکين جي نور ۽ جگر جي خون سان
لکي پنهنجي حياتيءَ کي ابدي بنايو. اڄ به انهن
قلمي شاهڪارن مان سنڌ جي شاندار علمي ماضيءَ ۾
جهاتي پائڻ جو موقعو ملي ٿو. انهن قلمي ڪاوشن تي
باقاعدگيءَ سان ڪم ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي. ڪيترائي
پاسا اڃان اکين کان اوجهل آهن.
ارغونن ۽ ترخانن جو دور (926هه- 1000هه):
ارغونن ۽ ترخانن واري دور ۾ وچ ايشيا مان ڪيترائي
ڪاتب ٺٽي ۾ آيا. ان بعد مغلن جي ڏينهن ۾ ايران مان
ڪاتبن ٺٽي ڏانهن رخ رکيو. مغل بادشاهن ان فن جي
سرپرستي ڪئي. خود سندن شهزادا ان فن جا ڄاڻو هئا.
دارا شڪوه، اورنگزيب ۽ بهادر شاهه ظفر سٺا خطاط
هئا. هن دور ۾ پهريون دفعو ڪيترن ئي معروف خطاطن
جا نالا ملن ٿا. مرزا شاهه حسن ارغون پاڻ خطاطي
ڪندو هو. ان کان علاوه سيد حسن هن دور ۾ نالو
ڪڍيو.مرزا عيسيٰ ترخان اول جي مزار ۽ بادشاهي مسجد
ٺٽي ۾ سندس ٿيل خطاطي جا نمونا موجود آهن. ان کان
علاوه مير محمد المعروف شيخ ميرڪ بن ابو سعيد
پوراني (المتوفي 962هه) مشهور خطاط هو. هي شيخ
الاسلام جي عهدي تي پڻ رهيو. هڪ ٻيو نالو سيد محمد
طاهر بن سيد حسن بن سيد ڪبير الدين ۽ سندس ڀاءُ
سيد ڀمڀو پڻ نالو ڪڍيو ٺٽي جي بادشاهي مسجد جي
خطاطن ۾ به سندس نالو آهي. هن دور جي سيد رحمت
الله جي خطاطي قاسم بيگلار جي قبر (تورڪي قبرستان)
۾ پٿر تي نستعليق خط ۾ موجود آهي.
مغل دور (1000هه/1592-1112هه/1700ع):
سيد محمد طاهر ۽ ڀمڀو، جن مغلن جو دوربه ڏٺو، ان
دور ۾ سيد عبدالله حسيني پڻ هو، جنهن کي پڻ
بادشاهي مسجد ٺٽي ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. مخدوم
الياس بن مخدوم يوسف پڻ هن دور ۾ خط نسخ ۽ نستعليق
۾ نالو ڪڍيو. سندس مشهور شاگرد سيد علي بن
عبدالقدوس مازنداني هو، تنهن پڻ نسخ ۽ نستعليق ۾
نالو ڪڍيو. ان کان سواءِ هن دور ۾ شيخ محمد فاضل،
شيخ محمد علي ۽ شجاع ٺٽويءَ نا جا نالا ملن ٿا.
ڪلهوڙن جو دور
عوام کان سواءِ عباسي حاڪم ۽ شهزادا پڻ هن فن جو
شوق رکندڙ هئا. هن دور ۾ سرڪاري ڪتبخانا به قائم
ٿيا. نادر شاهه 1739ع ۾ سنڌ تي حملي دوران شاهي
ڪتبخاني کي لٽيو ۽ ڪيترا قميتي ڪتاب به پاڻ سان
کڻي ويو، جنهن ۾ سهروردي خاندان جو رسالو ۽
معلومات پڻ شامل هئي. ميان نور محمد ڪلهوڙو
(1131هه/1788ع-1167هه-1753ع) پڻ به سٺو خطاط هو.
”بياض طب فارسي“ ۽ قرآن حڪيم ڪتابت ڪيائين.
ميان يار محمد ڪلهوڙي ڪلهوڙن جي حڪومت کي وڌيڪ
مستحڪم ڪيو ۽ خداآباد جو شهر اڏائي ان کي پنهنجو
تخت گاهه بڻايائين. هتان جي جامع مسجد تي خط نسخ ۽
ثلث ۾ قرآن حڪيم جون آيتون ڪاشيءَ جي سرن تي لکيل
آهن. هن دور ۾ جن مشهور خطاطن جا نالا ملن ٿا،
انهن ۾ (1) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (وفات:
1130هه/1719ع)، مخدوم عبدالواحد ۽ سندس والد مخدوم
دين محمد صديقي سيوهاڻي، شيخ عبدالڪريم
(1140هه/1727ع)، محمد بچل ٺٽوي، نواب سيف الله
خان، غوث محمد بن شير محمد عباسي (وفات:
1148هه/1735ع)، محمد شريف ولد ملاطالب ٺٽوي (وفات:
1153هه/1740ع)، سيد جعفر ولد سيد محمد باقر
الحسيني (وفات: 1164هه/1750ع) ۽ آخوند شيخ نٿو ولد
شيخ فتح محمد (1186هه). ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي
ڏينهن ۾ حيدرآباد شهر سندس تخت گاهه بڻيو، جنهن جي
نتيجي ۾ هتي عالم فاضل ۽ مختلف علمن جا ماهر پڻ
اچي رهيا.
سنڌ ۾ ڪيترائي علمي گهراڻا ان فن جا ڄاڻو ۽ سرپرست
هئا. ٺٽي کان سواءِ پاٽ ۽ سيوهڻ علمي مرڪز هئا.
سنڌ جي سرڪاري ۽ نجي ڪتبخانن ۾ موجود قلمي نسخا
انهن ڪاتبن جي تصديق لاءِ اڄ به پاڻ پيش ڪري رهيا
آهن.
ڪلهوڙن کان وٺي انگريزن جي دؤر تائين مخدوم دين
محمد صديقي سيوهاڻي، مخدوم و قاضي عبدالواحد صغير،
مخدوم محمد عارف، مخدوم محمد مجذوب، مخدوم
بصرالدين، مخدوم عبدالواسع، مخدوم وهب الله صديقي
سيوهاڻي، مخدوم محمد شفيع پاٽائي، مخدوم علي گوهر
پاٽائي، مخدوم حاجي حسن الله صديقي جا نالا ملن
ٿا، جيڪي نه صرف عالم باعمل هئا، پر بهترين خطاط
به هئا. هنن جو تعلق مخدومان و قاضيان پاٽ ۽ سيوهڻ
سان هو.
ٽالپر حڪمرانن مان ڪيترن ئي اميرن پنهنجا ذاتي
ڪتبخانا قائم ڪيا هئا، جن ۾ هو مستقل طور ڪاتب
رکندا هئا، جيڪي ڪاتب جي ڪم تي مامور هئا. ٺٽي جي
علمي ۽ ادبي ماحول ڪيترن ئي خطاطن جي پيدا ٿيڻ جو
موقعو مهيا ڪيو. اها الڳ ڳالهه آهي ته اسان وٽ
انهن جي سوانح يا زماني جي ترتيب سان ڪا مستند
تاريخ موجود نه آهي، سواءِ چند نالن جي، جن ۾ پڻ
زماني جون وڏيون وٿيون موجود آهن. |