(يادگيرين جو سفر)
سليا مون نه سوال
(هڪ خط)
حميد سنڌي
پيارا ڀاءُ! توهان جا لک قرب جو توهان ماضيءَ جي
دز ڇنڊيندي ڪي سوال اهڙا پڇيا آهن جو ”سليا ڪنهن
نه سوال“ وانگر ڪنهن به سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ هٿ
چيو نه ٿا ڪن. ڪهڙا ويهي گپ ۾ ٿاڦوڙا هڻون؟ چوندا
آهن ته گهڻو پاڻي پُل هيٺان وَهي چڪو آهي، پر مون
کي ائين لڳندو آهي ته پُل هيٺان پئي پئي سڙي ٻري
ويا آهن. نه ڪنڌيءَ ڪناري گُل، گؤنچ يا سَلا ۽
گاهه، اُن اندرين سُڪي مٽيءَ مان ڇا نڪرندو. مون
لاءِ ته ائين هو، تنهنڪري چئبو ائين ته ”سليا مونه
سوال.“
مان ننڍو هيس ته پهريائين سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي ادبي
فڪر کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ لاءِ ڪئين خواب ڏٺا هئم.
گهر ۾ لولين سان گڏ شاهه سائينءَ جا دُائيه بيت،
اَمڙ، ڏاڏي ۽ ماسين کان ڪنن تائين پهتا. ٻاهر جهان
به اُهوئي هو. ماڻهو پنهنجن جي ئي اهڙن شڪنجن ۾ هو
جو دُعائيه بيت گهٽ، پُٺا اُگهاڙا ڪيو، وتندا هئا
گاهه پٺو ڪندا، ٻڪريون چاريندا، فصل اُپائيندا ۽
واندڪائيءَ ۾ همرچا ڳائيندا ۽ چنگ وڄائيندا. سنڌ
ورهاڱي کان اڳ ڇا هئي يا ڇا نه هئي، اڳتي هلي
ڪتابن، شاعرن جي وڇوڙي وارن گيتن ۽ ڌرتيءَ جي ڌار
ٿيڻ واري فراق جي ڪيئي ورلاپ ۽ آلاپ ٻڌم. ان وقت
سنڌ هڪ نئين انقلاب کان آگاهه رهي هئي، جڏهن اسان
ڪجهه سمجهه ڀريا ٿياسين، ته خبر پئي ته اُن انقلاب
سان اسان سنڌ وارن جو ته ٿالهيءَ وٽي تي به نالو
نه هو. هندن جون ملڪيتون، جايون، زمينون، جن تي
ڪيترن اسان جي وارثن ۽ وڏڙن جي نظر هئي، اُنهيءَ
مان کين ڇا پر هيٺين پورهيت طبقي وارن يا پاڙي
وارن دنگئي هجڻ جي ناتي ڦڪ به نه مليو. سنڌ اندر
تعليمي فضا هونئن ئي قائم هئي پر ادارن ۾ ماڻهو
نه هئا. علم جي روشني هنيانءُ جي روشني کان گهٽ
هئي، سماجي ناانصافي ۽ اڻبرابريءَ جو طوفان هو. هر
هنڌ بي چيني ۽ بي صبريءَ واري ڪيفيت هئي. اُن وقت
جيڪو نسل وڏو ٿي رهيو هو، اُهو ڏاڍو دٻاءُ هيٺ هو.
اوچتي ورهاڱي ڪري ڪيئي مونجهارا پيدا ٿيا هئا. نه
ويندڙ موڪلائي سگهيا نه وري ايندڙن موڪلائڻ يا پڇڻ
کان بنان سڀ شيءِ پنهنجي سمجهي هڪ نانءُ هڪ سٽ ۾
پنهنجي ڪئي. هن نئين معاهدي ۾ وَچن گهڻا هئا، پر
پاڙڻ ڏکيو هو. هڪ حصو شرق هو ته ٻيو مغرب. ڳالهه
مڙيو ڳنڍي هلڻ جي هئي.
سنڌ جو نوجوان پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي جهلڪ پسي
خوش پئي ٿيو. علم لاٽون روشن هيون. ٻوليءَ جي سڄاڻ
هئي ته ادب جي تخليق ٿي. اُن دَور ۾ سنڌي اسڪولن ۾
پڙهائي ويندي هئي. ادب نئين سرپئي سرجيو. نئين
سماج ”ڳاءِ انقلاب“ جا گيت پي ڳاتا. هيءُ هڪ سنڌ
جي نئين جوڙجڪ لاءِ هڪ سماجي انقلاب جي تياري هئي
اُن کي خبر نه هئي ته ٻئي پاسي نوان سٽاءَ هئا.
علمي ۽ ادبي دنيا جون نئين سربتيون ٻريون ۽ ڀٽائي
گهوٽ جا اڱڻ آباد ٿيا ته هن روشنيءَ ۾ گهڻو ڪجهه
نظر ايندو ويو. جي. ايم. سيد، ميران محمد شاهه،
علامه آءِ. آءِ. قاضي عثمان علي انصاري، عبدالله،
بيگم زينت چنا، آغا تاج محمد، محمد ابراهيم جويو،
شيخ اياز، اياز قادري، غلام رباني آگرو، محمد
عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جمال
ابڙو، غـلام محمد گرامي، رشيد ڀٽي، حفيظ محمد،
حفيظ قريشي، آهستي آهستي نڪرندا نروار ٿيندا ويا ۽
ٻيا ڪيترا. سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي
ادبي سنگت بنيادي ادارا هئا، جيڪي علم ادب لاءِ
ٻرانگهون ڀري رهيا هئا. سنڌ جي سڄي فضا پاسو ورايو
هو. نينگر شهزادا پيرين پنڌ نڪري پيا. هر هنڌ نئين
روشني نئين سماج جي جوڙجڪ جي ڳالهه هئي. ڪٿي
سوشلزم ڪميونزم جو ذڪر هو ته ڪٿي ترقي پسنديءَ جو
غوفاءَ هو. ڪٿي جديد ادب جو نانءُ هو، ته ڪٿي جدت
جي نانءُ تي فحش ادب پئي ڇپيو. اِهو سجاڳيءَ جو
سلسلو 1950کان 1960ع تائين هليو. پوءِ جڏهن
نوجوانن پوتا ميل ٺاهيو، وڏڙن ليکا چوکا ڪڍيا ته
سنڌ کي ڪجهه پلئه ڪونه پيو هو. سنڌ جو پڙهيل ڳڙهيل
طبقو ۽ نواجوان نسل، اشرق مغرب واري فلاسافي سمجهي
پئي. ون يونٽ جو پاور پلانٽ ڪيترائي يونٽ ساڙي
ٻاري چڪو هو. سنڌي ادب ۾ چوڌاري ڀڻڪو شروع ٿيو هو.
مارشل لا جا دَور، لفافي تي سنڌ نه لکڻ جو قانون،
سنڌي زبان جي زبان بندي، بيروزگاري، هر ماڻهوءَ ۾
عدم تحفظ جو احساس پيدا ڪيو هو. اِنهيءَ عالم ۾
سنڌ جي عالمن اديبن شاعرن، اهڙو لکڻ شروع ڪيو،
جيڪو سنڌ سجاڳيءَ جو سبب بڻجي اچي.
ٽماهي مهراڻ علم ۽ ادب سان گڏ ذهني سجاڳيءَ جي
مشعل هئي، جنهن جي سربراهي، ليکڪن، ادارت ۽ هلائڻ
۾ ڪيترن رهبرن ڪاريگرن جو هٿ هو. جي. ايم. سيد،
ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد
ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو، مولانا گرامي ۽
ٻيا ڪيترا جن انقلابي ادب جي ابتدا ڪندي ڪيترن
اديبن ۽ شاعرن کي اڳيان آندو، جيئن شيخ اياز،
تنوير عباسي، جمال ابڙو، حفيظ شيخ.
اِنهيءَ دَور ۾ ماڻهن جي ذهنن ۽ جذبن ۾ ايتري شدت
هئي، جو ماهوار ”نئين زندگي“، جيڪو سرڪاري پرچو هو
۽ اُهو مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي زير ادارت
نڪرندو هو ۽ مولانا صاحب سرڪاري ملازم هوندي به
سنڌ اندر سماجي سياسي ۽ اقتصادي بي چينيءَ جو کليل
اظهار ڪرايو. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ”انسان“ ان
وقت جي ڪيفيتن جي ترجماني پئي ڪئي. بيگم زينب چنا
جو ماهوار ”مارئي“ عورتن ۾ سجاڳي آڻڻ جو واحد
ذريعو هو، جنهن وسيلي ڪيتريون ئي نوجوان نينگريون
ثميره زرين، ڊاڪٽر دُرشهوار سيد، ايس تبسم، ذڪيه
دريشاڻي عورتن جي اُنهن مسئلن تي لکيو، جيڪي اڄ به
سماج ۾ ظاهر ظهور واقعن جي صورتن ۾ روز ٿين ٿا.
اِنهيءَ سوچ ته سنڌ کي پنهنجو هڪ اقتصادي نظام
هجي، ذهني ۽ فطري طور فڪر جي آزادي هجي، سنڌ جي
ماڻهوءَ کي حق ملن ۽ انصاف پلئه پوي. ڪيئي فورم
ٺهيا، ادبي ادارا وجود ۾ آيا، پر اُنهن سڀني ۾
جٽادار تحريڪ جو ادارو، ”زندگي پبليڪيشن“ قائم ڪيو
ويو، جنهن جي شروعات اهڙن ڪتابن ڇپائڻ سان ٿي، جن
جا ليکڪ اڳ ئي پنهنجن لکڻين وسيلي ماڻهن جو ڌيان
ڇڪائي چڪا هئا. جمال ابڙي جو ڪهاڻين جو مجموعو،
”پشو پاشا“ غلام ربانيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو، ”آب
حيات“، حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ”اُداس
واديون “ ناصر مورائيءَ جو ناول ”راتيون جاڳن جي“
جڏهن هٿون هٿ کپي ويا ته خبر پئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾
ڪهاڻين ناولن وسيلي ڪيتريقدر ماڻهن سان سندن مسئلن
تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي.
”زندگي پبليڪيشن“ راقم (حميد سنڌي) جي اڪيلي سر
ڪوششن سان قائم ٿي ۽ ڪتاب ڇپيا، جنهن لاءِ پيسا
ڏوڪڙ، پورهيو ۽ مزوري ڪري پورا ڪيا ويا. اُن وقت
ڪيترا دوست منهنجي ويجهو آيا، جن ماهوار رسالي
”روح رهاڻ“ ڪڍڻ تي اُتساهيو. تمام وڏو ڪم هو، هر
ڪنهن مدد جو واعدو ٿي ڪيو. پر 1960ع کان 1969ع
تائين ڪنهن به رُپئي جي مدد نه ڪئي. روح رهاڻ
1960ع ۾ نڪتو پر ٻه چار پرچا نڪرڻ کان پوءِ حالت
سقيم ٿي وئي. مون وليج ايڊ ۾ نوڪري ڪري پرچي کي
بچايو. جمال رند اُن وقت ڪجهه وقت لاءِ ڪم ڪار کي
سنڀاليو هو. سڄو سال هليو، پوءِ سرڪاري نئين پريس
آرڊيننس ڪري اسان جا ڊڪلئريشن رَد ڪيا ويا. چيو
ويو ته نئين سرڊڪليريشن فائيل ڪيو. هفتيوار
”انسان“، ماهوار ”مارئي“، ماهوار ”روح رهاڻ“، ڪي
ورهيه سندن ڊڪليريشن جون درخواستون بي دريافتيون
پيون هيون ٻن سالن بعد مارچ 1963ع ۾ ڊڪليريشن
مليو. روح رهاڻ لاءِ پيسا نه هئا. ايم. اي جو
امتحان مٿان هو. غياث جوڻيجو ۽ مان گڏ پڙهندا
هياسين. سندس ڏنل سَو رپيو مون کي ياد آهي. ”روح
رهاڻ“، لڏندي لمندي پئي هلي، منهنجون نوڪريون
پورهيا جاري هئا، پر 1965ع کان روح رهاڻ پنهنجي
مقصد سان ظاهر ٿي بيٺي. منهنجا ايڊيٽوريل نشتر جو
ڪم ڏيئي رهيا هئا ته اياز جي شاعري وطنيت جو پيغام
ڏئي رهي هئي. نوجوان شاگرد تعليمي ادارن ۾ سجاڳ ٿي
رهيو هو. ”روح رهاڻ“، نه صرف هڪ ادبي رسالو هو پر
هڪ تحريڪ جي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. ”جشن روح
رهاڻ“ رڳو هڪ سالانه ميڙيا روح رهاڻ جي سالگرهه
ملهائڻ جو موقعو نه هو، هيءُ سنڌ جي لاءِ نئين فڪر
کي جنم ڏيڻ جو موقعو هو.
سوين ليکڪ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان اچي مڙندا هئا. روح
رهاڻ رسالي جا ليکڪ هجن يا حفيظ قريشي، رسول بخش
پليجو، غلام محمد گرامي، عبدالله چنا، جهڙا مقرر
هجن، شيخ اياز جهڙا شاعر هجن، جنهن هيئن به چيو
هو:
ماروئڙن کان منهنڙو ڦيريان؟ ڏاهپ ٻي ڪا ڏس ميان
تون ڪانڌي ڪونه ٿجانءِ
بس ميان! او بس ميان‘ مان ويندس گوندر گس ميان
تون ڪانڌي ڪونه ٿجانءِ
تنوير تڏهن هيئن چيو هو:
ڪنهن پرهه اسان کي پاليو هو، رات اسان کي روليو آ
ته به اونداهين جي قيدن ۾ در آزادين جو کوليو آ.
سوين شاعر سنڌ جي فڪري آجپي لاءِ نڪري پيا. اياز
جا ٽي شعري مجموعا، ”جل جل مشعل جل“، ”هيءُ گيت
اُڃايل مورن جا“ ۽ ”رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“،
ماهوار روح رهاڻ ۾ ڪيترا مهينا بار بار ڇپجندا
رهيا ۽ الڳ ڪتابي صورت ۾ آندا ويا. ائين هزارن جي
تعداد ۾ انهن مجموعن کي ڇپيو ويو. (افسوس ته اياز
جي الڳ ڪتاٻن ۾ اِهو حوالو به ناهي ته اول اِهي
مجموعا ۽ اِهي گيت ڪٿي ڇپيا هئا).
اياز جا ٻيا گيت غزل ’روح رهاڻ‘ ۾ الڳ هر ماهه
ڇپجندا رهيا. پر ٻئي هنڌ ڇپڻ ۾ مهل ڪير به اُنهيءَ
جو حوالو نه ٿو ڏئي. محترم جناب سليم خواجه جيڪو
”روح رهاڻ“ جي سرواڻ ساٿين مان آهي بعد ۾ اُهو
صاحب سليم احمد بڻيو ۽ اڄڪلهه سليم نور حسين آهي
تنهن اياز جي ڪجهه شاعري-'Songs
of Free dom
نالي ڪتاب ۾ انگريزي ترجمو ڪري ڏني آهي، پر هُن
ڪٿي به روح رهاڻ جو حوالو نه ڏنو آهي.
روح رهاڻ جي شاعرن جو سٿ تمام وڏو آهي، جن جو سفر
ڇهن ستن سالن جي جلدن ۾ محفوظ آهي. سڀ نالا اچي نه
ٿا سگهن. ڪجهه ڏبا ضرور، نه ته گهڻا ناراض ٿي
ويندا. ڪيترا اديب ته روح رهاڻ جو دور ۽ اهميت کي
گهڻو وسارڻ جي ڪن پر ماضي سندن پيڇو ڪندو ايندو.
عبدالڪريم گدائي، تنوير عباسي نياز همايوني، محسن
ڪڪڙائي، استاد بخاري، (اڄ نه اوطاقن ۾)، فتح ملڪ،
قمر شهباز، امداد حسيني، شمشير، پروانو ڀٽي، وفا
ناٿن شاهي، رنگريز، تاج بلوچ، يوسف لغاري، عارف
الموليٰ ڊٺڙي وارو، ڄام ساقي، مجرم لغاري، ناشاد،
رجب علي ضيا. ’روح رهاڻ‘ کي صرف هڪ رسالو چوڻ يا
هڪ ماڻهوءَ جي ڪوشش چوڻ غلط آهي. هيءَ هڪ تحريڪ
هئي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي. ون يونٽ خلاف، شاگردن
جي حقن جي، سنڌ جي هاري ناري ۽ مظلوم طبقي جي.
توهان کي اِهو ٻڌائيندو هلان ته هن تحريڪ ۾ ننڍا
ته ننڍا پر وڏڙا به منهن موکي ويا، جيئن شيخ
عبدالمجيد سنڌي، حيدر بخش جتوئي، شيخ علي محمد،
عبدالله چنا، زينت عبدالله چنا (روح رهاڻ ۽ مون کي
سنڀارڻ سنوارڻ ۾ خاص طرح هنن محب وطن شخصيتن جو هٿ
هو جن کي قوم وساري ويٺي آهي.)
ادا، ائين ته ڪيترا خدمتگذار سپاهي هئا، جيڪي جشن
۾ پاڻي پياريندا هئا، ديڳيون رڌائي ماني وڌائيندا
هئا. انڊس پريس مان مطيع الرحمان (جنهن جو ڪردار
روح رهاڻ کي اوڌر تي ڇپرائي ڏيڻ، اسان فقيرن جي
منجهند جي ماني ٽڪر جو پنهنجو هڙان وڙان بندوبست
ڪرڻ، سرڪاري وٺ پڪڙ مهل سڃاڻڻ کان انڪار ڪرڻ وارو
ماڻهو اِهوئي هو). قادري، اڪبر ۽ ماجد پريس جا
ڪمپازيٽر هوندي پنهنجي روزيءَ جو هنڌ ڇڏي، اسان وٽ
ويٺا هوندا هئا.
’روح رهاڻ‘ جو داستان ڏکن جو داستان آهي، پر فخر
اٿم ته ڪي دوست ساٿي اهڙا هئا جن پڇاڙيءَ تائين
ساٿ نه ڇڏيو. وڏو ساٿ مرحوم اشفاق قاضي، سندس والد
سچيڏنو قاضي ۽ ڪٽنب جا ٻيا ڀاتي ۽ ڀينر، جيڪي روح
رهاڻ جا بنڊل ٻڌي پوسٽ ڪري ايندا هئا. شروع ۾ ته
ڪو دور هو ته مان ۽ غياث سائيڪل تي بنڊل ڍوئي پوسٽ
آفيس ۾ اندر فرش تي ويهي، بنڊل ۽ بڪ پوسٽ رسالن تي
ٽڪليون ۽ ٺپا هڻندا هئاسين. پوءِ قاضي سچيڏني
مرحوم جي حڪم تي هڪ اسڪواڊ تيار ڪيو ويو جيڪو
ڊسپيچ سنڀاليندو هو. پوءِ ڪوٽڙيءَ جو ليلارام
خانواڻي منهنجو ساٿي بڻجي آيو، جنهن روح رهاڻ جو
ڪاروباري ڪم ته سنڀاليو پر منهنجي وڪالت دوران
منشيگيري ڪئي. هو ايڏو ايماندار ۽ محنتي ماڻهو هو
جو اوڳڙ به زوريءَ ڪري ايندو هو. سندس موڪليل وي.
پي وري نه موٽندي هئي. هن ’روح رهاڻ‘ جي پائي پيسي
کي هٿ نه لاتو. وڪالت واري منشيگيريءَ مان پنهنجو
درويشاڻو گذر سفر ڪندو.
شروعاتي دور ۾ دوست روح رهاڻ جو رسيد بڪ کڻي،
سالياني خريداريءَ جي بهاني پيسا وٺي کائي ويا.
کين چيو ويو ته هنن ايڏي دشمني پاتي جو جيسين
جيئرا هئا ته پئي ڪنڊا وڇايائون ۽ مون کي لوئون.
اشفاق، سليم، امداد، ادارتي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊايندا
هئا. امداد هر مهيني ٽائيٽل لاءِ شعر لکندو هو. هڪ
ٻالي اڌ اگهاڙي نينگر تي سندس لکيل هي شعر ڪنهن
کان به نه وسرندو. ”هٿ لڪيرون ڊاٺل“.
مون کي سنڀالڻ وارا شمشير، گرامي صاحب غلام رباني
آگرو، بيگم زينت چنا، رشيد ڀٽي، ڏيپلائي، حفيظ شيخ
۽ ٻيا ڪيترائي هئا، جن کي وسارڻ ممڪن نه آهي.
ڇاڪاڻ ته ههڙي مهم جوئي هڪ ويهن ٻاويهن سالن واري
نينگر کان سفر ڪرڻ آسان ڳالهه نه هئي. هيءُ ۽
ڪيترا ٻيا منهنجا لڪل مددگار ۽ رهبر هئا. ادا،
زمانا به اهڙا هئا، واٽ ويندي پوڙهي سوڙهي جو بار
پنهنجي ڪلهن تي کڻي کيس گهر پڄائيندا هئاسين. مون
کي نينگر سمجهي، نيت نيڪ حق سچ جو علم ڏسي سڀ
ويجها آيا. اڄ نه وڏڙا رهيا نه جهانديده ۽ روشن
فڪر وارا ماڻهو. نوجوان سمجهن ٿا ته عقلِ ڪُل وٽن
آهي، ڊوڙي وٽن وڃون ٿا ته تـِڇُ سمجهي نظر انداز
ڪيو يا ڇڙٻون ڏيو هلي ٿا وڃن.
’روح رهاڻ‘ جي همٿائيندڙن ۾ منهنجو والد مرحوم سيٺ
محمد اسماعيل هو. هو منهنجا ايڊيٽوريل پڙهي حيران
ٿيندو هو ۽ پڇندو هو، ”بابا مـِٺا، (گهر جو نالو)
هيءُ ايڊيٽوريل ڪير ٿو لکي.“ اُن وقت گهڻن کي
اعتبار نه ايندو هو. پير حسام الدين هڪ هنڌ لکيو
هو، ”هي ايڊيٽوريل جيڪڏهن حميد سنڌيءَ جا لکيل آهن
ته ڪمال جا آهن.“ ڪيترا دوست، اشارن ۽ ڪناين سان
اُنهن ايڊيٽوريلن کي پنهنجو ظاهر ڪرڻ جي ڪندا هئا.
منهنجو پنهنجي اَبي، پير صاحب ۽ ٻين کي چوڻ هوندو
هو ته ڪير به مون وانگر مسلسل هڪ ئي ٻوليءَ ۽ هڪ
ئي فڪر يا طرز سان لکي وڃي ته پوءِ ايڊيٽوريل سڀ
سندس ٿيا.
منهنجو ڀاءُ شمس اسان جي سٿ ۾ ته شامل هو، پر جشن
۾ پاڻ، اعجاز قاضي، ارشاد قاضي، ابرار قاضي،
(اشفاق جا ڀائر) بندوبستن ۾ به رُڌل هوندا هئا.
شاگردن ۾ يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، اعجاز قريشي،
اقبال ترين، لالا قادر ۽ ٻيا ڪيترا جن جا نالا دل
تي نه ٿا اچن. دادوءَ مان شوڪت سنڌي مننهنجي ننڍپڻ
جو يار ۽ محمد مٺل وارا واڪار ڪندا پهچندا هئا،
منهنجو ماسات مرحوم غلام شبير ترابي نوشهري جو
وڪيل وارو ماڻهو، مون کي ننڍپڻ ۾ ئي پيو مهميزون
ڏيندو هو. سندس روح رهاڻ سان عشق هو.
ڪهاڻيڪاريءَ تي ڳالهه ياد آهي ته ’روح رهاڻ‘ واري
دَور ڪيترا ڪهاڻيڪار نه رُڳو پيدا ڪيا پر ڪن کي ته
کڻي اچي وچ سير ۾ وڌو. ڪيترا اڳ ئي مشهور هئا،
جيڪي اسان جي سٿ ۾ اچي شامل ٿيا. جيڪي به ياد اٿم،
اُهي لکان ٿو: جمال ابڙو، حفيظ شيخ، غلام رباني
آگرو، نسيم کرل، رشيد ڀٽي، آغا سليم، اَمر جليل،
شمس نورالدين، عبدالقادر جوڻيجو، غلام نبي مغل،
جمال رند، اختر جانوري، عبدالفتاح صديقي، عبدالحق
عالماڻي، شوڪت شورو، مشتاق شورو، منير ماڻڪ، ڇتر
ٺاڪرداس، ارباب سنڌي. چوٿين مارچ وارو واقعو جڏهن
ٿيو ته روح رهاڻ پمفليٽن وانگر ايڊيٽوريل ۽ ٽائيٽل
وڌيڪ ڇاپي ورهايا جو اخبارن ۾ ته خبر به نه ڇپي.
جڏهن روح رهاڻ تي 1968ع جي آخر ۾ بندش پئي ۽ ٽيهه
هزار ضمانت گهري وئي ته چارج شيٽ ۾ اِنهي
ايڊيٽوريل ۽ ٽائيٽل سان گڏ شيخ اياز جو روح رهاڻ ۾
ڇپيل جڳ مشهور نظم:
هيءُ سنگرام
سامهون آ نارائڻ شيام،
جو حوالو هو ۽ ٻيو ڪيترو مود اعتراض جوڳو ڄاڻايو
ويو هو. ٻين ڇپيل خطن سان جنهن ۾ هڪ خط يوسف
لغاريءَ جو به هو. اڄ شڪر آهي جو هند سنڌ جا اديب
هڪٻئي وٽ اچن وڃن پيا. اڳ ايندا هئا ته خبر هوندي
هئي رڳو خاوند ڏني کي. شروع ۾ هند جا سنڌي اديب
روح رهاڻ ۾ ئي لکندا هئا. پوءِ جڏهن ’روح رهاڻ‘ ۾
ڇپجندڙ ادب کي جن سنڌي ادب ۽ اديبن کي صرف پنهنجو
اثاثو سمجهيو ۽ ٻين کي پري رکڻ جي ڪئي. پر مان
سندريءَ ۽ اُتم جي سنڌياترا، هري ۽ جئوير، جو
ڪتابن جي واڌاري وارو ڪردار ڪٿي وساري سگهان ٿو.
ادا، مان سوالن ۽ حڪم موجب اُهي گهربل جوان نه ڏئي
سگهيو آهيان. هيءُ سڄي عمر جي ڪمائي ۽ اکين ڏٺي
احوال جو ماضيءَ جي خرار نما ڍڳـِن مان کنيل ڪي
داڻا سمجهڻ کپن. گهڻو ڪجهه ٻئي دفعي.
’روح رهاڻ‘ وري نڪري يا نه، پر بزم روح رهاڻ پنجن
سالن کان هلندڙ آهي. اُن جا به ايترا سڄڻ ۽ ويري
به اوترائي نڪري پيا آهن. جيترا ماهوار ’روح رهاڻ‘
جا.
تازو هڪ نواجون صحافي صاحب جيڪو جڏهن به لکندو
آهي، منهنجي خلاف ئي لکندو آهي. ڪيترائي خلاف
لکندا رهيا آهن، مون واتان ورائي ڪنهن کي به جواب
نه ڏنو آهي. پر هيءُ ڳالهه عجيب ۽ غريب آهي ته هُن
لکيو آهي: ”جي. ايم. سيد روح رهاڻ ڪڍندو هو ۽ جشن
روح رهاڻ منعقد ڪرائيندو هو ۽ سندس جشن وارو آواز
سندس ڪنن ۾ گونججي رهيو آهي.“ (هو ته شايد اُن وقت
ڄائو به هو يا نه) ادا اُن کي ڇا چئجي، وڌيڪ تون
ڄاڻي ٿو. تون ته ڪيترن بزرگن دوستن وٽ گڏ هليو
هئين، جن مدد ڪرڻ بجاءِ آسرا ڏنا هئا ته تـِرَ لهن
ته پوءِ پيسا جام. نه تر لٿا نه پيسا مليا.
بهرحال، جن به مالي حالتن مان گذري هيءُ ورهين جا
ورهيه اڄ تائين ڪم ڪيون ٿا ۽ پنهنجن ٻچن جو پيٽ
ڪٽي ٻين آڏو سڀڪجهه رکيوسين. راضي ڪير نه ٿيو.
هٿان الزام لڳا، پر منهنجي اندر واري مٿان ڪوبه
بار نه آهي، ڇاڪاڻ ته اسان گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي قرض
مان ڪجهه ڪڻا لاهڻ جي ته ڪئي آهي. ٻين وري قرضن کي
ٻيڻو ڪري پنهنجي مٿان قرض ته نه بيهاريو آهي، پر
ٻين مٿان وتن ٿا الزام هڻندا ۽ قرض چاڙهيندا. پر
آخر ڪيستائين؟ سنڌ ويچاري جي دانهن نيٺ ته
اگهائبي.
جيمس جايس
(جديد عالمي ادب جو اَبو)
انٽوني برجس/ولي رام ولڀ
انٽوني برجس برطانيا جو گهڻ لکڻو مصنف آهي، جنهن
ڪيترائي ناول ۽ ٻيا ڪتاب لکيا آهن ۽ هاڻي 45 هين
ڪتاب تي ڪم ڪري رهيو آهي. جايس سان سندس دلچسپي
گهڻي پراڻي آهي، انهيءَ ڪري سندس تخليقون جيمس
جايس (1941-1882ع) کان متاثر آهن. هن جايس جو هڪ
اڀياس لکيو آهي جيڪو امريڪا ۾ (نارٽن 1965)
"Rejoice"
جي عنوان سان ۽ برطانيا ۾ (فيبر 1945)-"Here
comes Every body"
جي عنوان سان شايع ٿيو. هو جايس جي ڪتاب
"Finnegans waks"
جي اختصار (فيبر 1965 ۽ وائڪنگ 1967ع) جو ايڊيٽر
به آهي. برجس سنگيتڪار به آهي. هن
"Ulysses"
جي باري ۾
"Blooms of Doubin"
جي عنوان سان موسيقي ترتيب ڏني، جيڪا جايس جي سَو
ساله جنم ڏينهن 2-فيبروري 1982ع تي پيش ڪئي ويئي
هئي. هيءُ مضمون انهيءَ موقعي تي لکيو ويو هو ۽
يونيسڪو جي ماهوار مخزن
"Courrier"
۾ شايع ٿيو هو.
سمجهو ته اوهان کي جيمس جايس (James
Joyce) جي باري ۾ ڪا به خبر ناهي. جيڪڏهن اوهان کي اڳيئي ڪا خبر آهي
ته پوءِ اوهان جي مرضي آهي ته هيءَ ڄاڻ ٻڌو يا نه
ٻڌو. جيمس جايس آئرلئنڊ جو ورهاڪو هو. هو2-فيبروري
1882ع تي ڊبلن ۾ ڄائو. آئرلئند جي گاديءَ واري
هنڌ ٻيا به ڪيترائي وڏا اديب پيدا ٿيا، جن ۾
آسڪرووائلڊ، برنارڊشا، سيموئل بيڪٽ شامل آهن. وليم
بٽلرييٽس (W.B.Yeats)
جهڙي عظيم شاعر به اُتي ئي جنم ورتو. هونئن ته
ڊبلن ۾ پيدا ٿيا هر عظيم اديب گهڻو ڪري پروٽيسٽنٽ
هوندو آهي، پر جيمس جايس ڪيٿولڪ هو. جيتوڻيڪ ڊبلن
هڪ ڪيٿولڪ ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ آهي، اُهي ڪافي
عرصي تائين برطانوي بيٺڪ جي گاديءَ جو هنڌ ٿي رهيو
آهي، انهيءَ ڪري انگلند جي چرچ جو مذهب هـِتان جي
تعليم يافتا ماڻهن، حڪمرانن، مٿئين طبقي ۽ مقامي
ادارن جو مذهب رهيو آهي. جايس جو تعلق مٿئين طبقي
سان نه هو. اهو به ڄڻ ائين چوڻ جو هڪ طريقو آهي ته
هو ڪيٿولڪ هو. سندس تعليم جيسوئٽ(Jesuit)
فرقي ۾ ٿي هئي. اهو فرقو ٻين سڀني ڪيٿولڪ ادارن
کان وڌيڪ ۽ سختيءَ سان تعليم پادري ڏيندو رهيو
آهي. اهڙيءَ طرح کيس هڪ ڪيٿولڪ بنائڻ جي ارادي کان
تعليم ڏني ويئي هئي، پر هن پنهنجي جوانيءَ جي آخر
۾ هر اُنهيءَ ڳالهه کان بغاوت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،
جنهن جي مقدس هئڻ جي کيس تعليم ڏني ويئي هئي. مثال
طور ڪيٿولڪ چرچ، آئرلئنڊ جي مقدس سرزمين، آئرش
ٻولي، برطانوي شهنشاهت سان آئرلئنڊ جي آزادي
جاکوڙ-ايتريقدر جو ويجهن خانداني رشتن کان به هن
بغاوت ڪئي. جڏهن سندس ماءُ آخري پساهن ۾ هئي ته
هن گوڏن ڀر جُهڪي سندس حق ۾ دعا گهرڻ کان به انڪار
ڪري ڇڏيو هو. ملڪ، خاندان ۽ مذهب مان ويساهه وڃائڻ
کان پوءِ، هُن هڪ نئون عقيدو-’فن جو عقيدو‘-اختيار
ڪيو. هاڻي هو انگريزي ٻوليءَ جي اُنهن اولين اديبن
۾ شامل ٿي ويو، جيڪي بيحد عقيدت سان ادب تخليق
ڪندا آهن. شاعر يا ناول نگار به هڪ طرح جو مذهبي
پيشوا هوندو هو. سندس ڪم اهو هوندو هو ته روزمرهه
جي مشاهدن کي فن جي تابناڪ مواد ۾ تبديل ڪري ڇڏي.
اها ڳالهه ڪافي حد تائين اهڙي ئي هئي جهڙي پادري
ماني کڻي اُن کي يسوع مسيح جي گوشت ۽ رت ۾ تبديل
ڪندو آهي-اهو ڪيٿولڪ آجياڻي جي تقريب جو مرڪزي عمل
هوندو آهي.
1904ع ۾ هن آئرلئنڊ کي ڇڏيو ۽ پاڻ سان گڏ هڪ
اڻپڙهيل ڇوڪريءَ کي به وٺي ويو، جيڪا ڊبلن جي هڪ
هوٽل ۾ نوڪرياڻي هوندي هئي. هو ايڊرياٽڪ جي بندر
گاهه ٽري ايسٽ ۾ انگريزي پڙهائڻ لڳو. اهو بندرگاهه
ڪنهن وقت آسٽريا- هنگري جي سلطنت جو حصو هو. اُتي
سندس گهر ۽ ٻارن جي بنيادي ٻولي اطالوي ٿي ويئي،
جو رجو ۽ لوشا سندس ناجائز اولاد هئا، ڇو جو جايس
شاديءَ جي ضرورت نٿي سمجهي. سندس خيال موجب شادي
هڪ ڪيٿولڪ مذهبي رسم هئي ۽ هڪ ڪيٿولڪ مذهب کي ڇڏي
چڪو هو. جڏهن 1914ع کان 1918ع تائين پهرين مهاڀاري
لڙائي جاري رهي ته هن پنهنجي خاندان کي غير
جانبدار ملڪ سئٽزرلئنڊ جي شهر زيورچ ڏانهن روانو
ڪري ڇڏيو. انهيءِ لڙائيءَ جي ختم ٿيڻ تي هُو کين
پيرس وٺي ويو. پنهنجي علمي زندگيءَ جا باقي پويان
ڏينهن هن اُتي ئي گذاريا.
1940ع ۾، جڏهن هو پنهنجا سمورا ڪتاب لکي چڪو هو ۽
هڪ ٻي نئين جنگ ڇڙي چڪي هئي، تڏهن هن ٻيهر زيورچ ۾
وڃي پناهه ورتي، پر اُن جي ٻئي سال ئي هو فوت ٿي
ويو. اُن وقت تائين هو دنيا ۾ هڪ انتهائي جرئتمند
۽ تجربيڪار اديب جي حيثيت سان پاڻ مڃائي چڪو هو.
ايڏي عرصي کان پوءِ جو کيس ڊانٽي، شيڪسپيئر ۽
گوئٽي جهڙن عظيم ڪلاسيڪي اديبن سان گڏ ڳڻيو وڃي ٿو
ته نيٺ ڪا ڳالهه ته هوندي! |