سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (3)

 

صفحو :5

بيت-5

پرين وساري رُتُ روئـِن، ڪَٻُڌِي ري ڪارَڻِ،

ڪَنچَن راسِ وڃاءِ ڪي، ٻُڪَئن ڌوُڙِپَونِ.

(سنتون ڪي واڻي، بيت: 93، ص 240)

”سنتون ڪي واڻي“ کان علاوه هي بيت جيپور گرنٿ-6 /93) ۽ ورهد /92) ۾ ڏنل آهي. هي بيت به شيخ فريد جي بيت جو سنڌي ترجمو لڳي ٿو. قاضي قادن جو ڪيل آهي يا ٻئي ڪنهن جو، جنهن لاءِ تحقيق جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر صاحب هن بيت کي قاضي قادن جي متن ۾ نه رکيو آهي. مٿيون بيت شيخ فريد جو آهي، جيڪو ”آدگرنٿ“ کان ٻاهر ڏنل شيخ فريد جي دوهن ۾ شامل آهي. شيخ فريد جي اصل بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:

پـِرين وسارڻ بسيارُون، ڪ ٻُڌ چوين،

ڪَنچن راس وسار ڪر، مُٺي ڌوڙ ڀرين.

(آدگرنٿ کان ٻاهر ڏنل بيت)

بيت-6

سُتا اُٿي جاڳُ، راتـِڙين سَڀئي وِهاڻـِيان،

مَئَن ٿيو اَڀاڳُ، پرين وِساريُئي مُڪـِري.

(قاضي قادن جو رسالو، 161)

هي بيت ”سنتون ڪي واڻي“ کان علاوه جيپور گرنٿ-6 /92) ۽ ورهد /91) ۾ پڻ ڏنل آهي. مٿيون بيت شيخ فريد جي بيت جو تمام سهڻو ترجمو ڪيل آهي. قاضي قادن ڪيو آهي يا ٻئي ڪنهن، جنهن لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. هي بيت ڊاڪٽر صاحب قاضي قادن ڏانهن منسوب ڪيو آهي ۽ رسالي جي اصل متن ۾ رکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب هن بيت ۾ فقرو ”پرين وساريئي مڪري“ ڏنو آهي، پر اصل ۾ صحيح فقرو ”پرين وسارڻ مَ ڪر“ آهي، جيڪو ٻين ماخذن ۾ پڻ موجود آهي. شيخ فريد جي بيت ۾ اُن فقري جو سنڌي ترجمو ٿيندو. ”پرين وسارڻ م ڪر.“  ”آدگرنٿ“ کان ٻاهر ڏنل بيتن مان شيخ فريد جي اصل بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:

جاگڻا اي تان جاگ فريدا راتڙي سڀ وِهاڻيان،

جي مون مٿي ڀاڳ، پرين وسارڻ م ڪر.

(آدگرنٿ کان ٻاهر ڏنل بيت)

نوٽ: مٿئين بيت ۾ شيخ فريد جو نالو ”فريدا“ پوءِ ٻين داخل ڪيو آهي.

بيت-7

دلِ اندر درياءُ، پڇين ڪـِيان سَمُونڊر ڪَلَ،

ماڻـِڪ ايئن سرياءِ، چُڳي چوکا نه کڻين.

(سنتون ڪي واڻي، بيت: 12، ص 225)

”سنتون ڪي واڻي“ کان علاوه هي بيت جيپور گرنٿ-6 /12)، جيپور گرنٿ-4 /14) ۽ ورهد /12) ۾ پڻ ڏنل آهي. هن بيت جي قافين ۾ نقص آهي، يعني ”درياءُ“ جي مٿان ”پيش“ آهي ته ”سرياءِ“ جي هيٺيان ”زير“ آهي. بيت ۾ اها وڏي اوڻائي آهي. دادو ديال وارن ماخذن ۾ قافيا درست ڏنل آهن، يعني قافين جي مٿان ”زبر“ ڏنل آهي. بيت جي صحيح ۽ صاف پڙهڻي هيٺئين بيهندي:

دل اندر درياءَ، پڇين ڪيا سمونڊر ڪَلَ،

ماڻـِڪ ايئن سرياءِ، چُڳي چوکا نه کڻين.

(راقم طرفان سڌاريل پڙهڻي)

قاضي قادن هي بيت شيخ فريد جي هيٺئين بيت کان متاثر ٿي چيو. ائين لڳي ٿو ته هي بيت جهڙوڪر ترجمو ٿيل آهي:

دل اندر درياو فريدا، ڪنڍي لگا ڪي ڦري،

ٽڀي مار منجهاهين، منجهون ئي ماڻڪ لڀين.

(آدگرنٿ کان ٻاهر ڏنل بيت)

ٻنهي بيتن ۾ فقرو ”دل اندر دريا“ آيل آهي. قاضي قادن ۽ شيخ فريد جي بيتن کان متاثر ٿي دادوديال پڻ ساڳي معنيٰ ۾ بيت چيو، جنهن ۾ ٻنهي سنتن جو عڪس نظر اچي ٿو:

دادو من درياو، ماڻڪ منجهيئي،

ٽٻي ڏئي پاڻ ۾، ڏٺو هنجهيئي.

(سنڌي نظم جي تاريخ/رچنداڻي، ص 266)

(4) شاهه لطف الله قادري

آپيري ۾ پيرُ، ڪـِنهـِين لَڌو پيرئين،

تـِنہ ڀُون سندو ڀيرُ، ڪوڙين مَنجهِه ڪولَهي.

(قاضي قادن جو رسالو، ص 105)

هي بيت دادو ديال وارن چئني ماخذن جيپورگرنٿ-6 /37) سنتون ڪي واڻي /37)، ۽ ورهد سڪل / 36) جيپورگرنٿ-4 (51) ۾ ڏنل آهي. مٿين ماخذن کان علاوه هي بيت شاهه جي رسالي جي تقريباً سڀني نسخن ۾ ٽن سٽن سان ڏنل آهي. اصل ۾ هي بيت شاهه لطف الله قادريءَ جو آهي، جيڪو چئن سٽن سان سندس ”رسالي“ ۾ موجود آهي. هن بيت کي ڊاڪٽر صاحب قاضي قادن ڏانهن منسوب ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب 1968ع ۾ شاهه لطف الله قادري جو سنڌي رسالو ايڊٽ ڪري سنڌالاجيءَ مان شايع ڪيو مقدمي واري حصي ۾ شاهه لطف الله قادريءَ ۽ شاهه لطيف جي بيتن جي ڀيٽ ڪندي حاشئي تي لکيو ته ”صاف ظاهر آهي ته ڀٽائي صاحب اهي بيت شاهه لطف الله قادريءَ جي بيت کان متاثر ٿي چيا.“ (ص 33).

اهو بيت شاهه جي رسالي جي سڀني نسخن جي ”سر رامڪلي“ ۾ آيل آهي، جنهن جو حوالو ڊاڪٽر صاحب ”سنڌي رسالي“ جي حاشئي تي ڏنو آهي. شاهه جي رسالي مان بيت هيٺ ڏجي ٿو:

ڪپيري ۾ پير، ڪنين لڌو پيريين،

جئان منجهڻ ماڻهيين، تئائين سڄڻ سير،

ان ڀون  سندو ڀير، ڪوڙين منجهان ڪولهي.

(گنج، سر رامڪلي،ص-)

 

شاهه عبداللطيف جڏهن اهو بيت پڙهيو ته ائين ڪونه ڪيو هوندو جو ٻه سٽون شاهه لطف الله قادريءَ جي بيت جون کنيون هونديون ۽ وچين سٽ ملائي پوءِ بيت چيو هوندو! ائين هرگز ناهي. شاهه  عبداللطيف اهو بيت فقيرن آڏو شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪري پڙهيو ۽ پوءِ ٿوريءَ رد بدل سان فقيرن اهو بيت شاهه لطيف جو سمجهي رسالي ۾ شامل ڪري ڇڏيو. شاهه لطف الله قادريءَ جو چئن سٽن وارو اصل بيت هيٺ ڏجي ٿو، جنهن ۾ ”سنتون ڪي واڻي“ واري بيت جون ٻئي سٽون شامل آهن.

ڪنين پاتو پيريان، اَپيري ۾ پير،

اي اونهو تر اگهور گهڻو، ڪن ات ابتو ڀير،

سر مٿي سونٺو سهي، تنين ڪو پائي پير،

ان ڀون سندو ڀير، ڪوڙين منجهان ڪولهي.

(سنڌي رسالو/ڊاڪٽر بلوچ، ص 29)

شاهه عبداللطيف پنهنجن ڪچهرين ۾ هندستان مان آيل فقيرن آڏو سنڌ جي سالڪن جا بيت پڙهيا، جيڪي پوءِ دادو ديال جي ٻالڪن ٻڌا ۽ اُنهن کي گرنٿن ۾ داخل ڪيو. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي سالڪن جا بيت دادو ديال وارن ماخذن ۾ آهن. ان ڳالهه جي تصديق ان مان به ٿئي ٿي جو شاهه جي رسالي به سنتون ڪي واڻيءَ واري بيت جي پهرين سٽ جي پڙهڻي ساڳي آهي. دادو ديال جي ماخذن ۾ شاهه لطف الله قادريءَ جي بيت هئڻ سان اهو نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو ته اُنهن ماخذن ۾ سنڌ جي ٻين سالڪن جا بيت پڻ موجود آهن. اميد آهي ته ان غلطيءَ ڏانهن ڌيان ڏنو ويندو ۽ ايندڙ محقق ان بيت کي قاضي قادن ڏانهن منسوب نه ڪندا.

قاضي قادن جا بيت-سنتون ڪي واڻي

هيري ٺڪر ”سنتون ڪي واڻي“ ۾ قاضي قادن جا 112 بيت ڄاڻايا آهن. اُن جي ابتڙ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي چوڻ موجب سنتون ڪي واڻيءَ ۾ 78 بيت قاضي قادن جا آهن ۽ باقي 40 بيت ٻين سالڪن جا آهن. مون جڏهن اُنهن چاليهن بيتن تي غور ڪيو ته اُنهن مان ڪي بيت قاضي قادن جي اسلوب مطابق نظر آيا، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

بيت-1

پَڙهندو پَئي وِيو، ڪوڙين لَکَ قُرآڻ،

لکي لوڪُ نه سَگهيو، پاڻي اندر پاڻَ.

(جيپورگرنٿ-6 ۽ سنتون ڪي واڻي/بيت4)

هي بيت دادو ديال وارن چئني ماخذن(جيپورگرنٿ-6/ 4، سنتون ڪي واڻي/4، ورهد سڪل /4 ۽ جيپورگرنٿ-4/4) ۾ ڏنل آهي. هيري ٺڪر ۽ ليلارام رچنداڻي صاحب هي بيت قاضي قادن ڏانهن منسوب ڪيو آهي. اُن جي برعڪس ڊاڪٽر صاحب جي خيال موجب هي بيت قاضي قادن جو ڪونهي. هن بيت جون ٻه مختلف پڙهڻيون آهن. مٿين پڙهڻي جيپورگرنٿ-6 ۽ سنتون ڪي واڻيءَ مطابق آهي، جڏهن ته ورهد ۽ جيپورگرنٿ-4 جي پڙهڻي هيٺين طرح آهي:

پڙهندا پئي ويا، ڪوڙي لک قراڻ،

لکي لوڪ نه سگهيو، پاڻ ئي اندر پاڻ.

(جيپور گرنٿ-4، ۽ ورهد/بيت4)

رچنداڻي صاحب هن بيت متعلق لکيو آهي ته ”جپ صاحب“ ۾ لڳ ڀڳ ساڳي معنيٰ وارو بيت ڏنل آهي، جنهن جي پڙهڻي هيٺينءَ طرح آهي:

ويل نه پائيا پنڊتي، جو هووي ليک پراڻ،

وقت نه پائيو قاديئا،جو لکن لک قراڻ.

(سنڌي نظم جي تاريخ، ص 264)

رچنداڻي صاحب اڳتي لکي ٿو:

”ڪتاب ’قادن جو ڪلام‘ ۾ ’ڪوڙين لک‘ جو مطلب ڏنو ويو آهي ڪروڙين لکين، پر ديوان ڏيارام گدومل، جپ صاحب ۾ اُن جي معنيٰ ڄاڻائي آهي ’ڪروڙين لک‘ ۽ اهائي معنيٰ وڌيڪ برابر ٿي لڳي ڇو ته لک جو انگ ڪروڙ جي انگ کان اڳ اچڻ گهرجي. ڪروڙين لک جي  معنيٰ ’بيشمار لک‘.“ (سنڌي نظم جي تاريخ، ص 264)

رچنداڻي صاحب جي ڳالهه صحيح آهي ته لک جو انگ ڪروڙ جي انگ کان پهرين اچڻ گهرجي. پر هتي ’ڪروڙين لک‘ واري اها معنيٰ صحيح نٿي بيهي. هتي ’ڪوڙي‘ يا ’ڪوڙين‘ جي معنيٰ بيشمار يا گهڻيئي لک ٿيندي. يا ٿي سگهي ٿو ته اصل لفظ ’ڪوڙي‘ نه بلڪ ’توڻين‘ هجي، جنهن اسان جملو وڌيڪ وزنائتو ۽ معنيٰ به صحيح نڪرندي. قاضي قادن جي مٿئين بيت ۾ صنعت موشحات جو سهڻو استعمال ٿيل آهي، جنهن ۾ بيت جي وچ ۽ آخر ۾ قافيا آيل آهن. قاضي قادن جي بيتن جي هڪ خصوصيت صنعت موشحات آهي، جنهن جو استعمال سندس ڪيترن ئي بيتن ۾ ٿيل آهي. بيت جي وڌيڪ صحيح ۽ صاف پڙهڻي هيٺين بيهندي:

پڙهندا پئي ويا، ڪوڙين لک قرآن،

لکي لوڪ نه سگهيا، پاڻ ئي اندر پاڻ.

(راقم طرفان سڌاريل پڙهڻي)

قاضي قادن جي هن بيت ۾ فقرو ”لکي لوڪ نه سگهيو“ آيل آهي. قاضي قادن جي بيت جي انهيءَ فقري کي سنڌ جي ٻين سالڪن به پنهنجن بيتن ۾ ورجايو آهي. شاهه لطف الله قادريءَ جي رسالي ۾ اهڙا ڪافي بيت آهن، جن ۾ اهو ساڳيو ئي فقرو ڏنل آهي:

(1)

سي منجهه منجهائي ماڻ، لکي لوڪ نه سگهيا.

(ص71)

(2)

منجهه منجهائي ماڻ، لکي لوڪ نه سگهيو.

(ص71)

(3)

تن کان ڳجهي سي الله آه، اوءِ لکي لوڪ نه سگهيا.

(ص84)

انهن سٽن کان علاوه آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي ڪتاب ”هرگنيي“ ۾ هڪ بيت ڏنل آهي، جنهن ۾ به ساڳيو ئي فقرو آيل آهي ”هرگنيو“ مان بيت هيٺ ڏجي ٿو:

ڪي ٿا ڪَڇَ وڃنِ، پر ڪَڇُ مڙيوئي ڪَڇَ ۾،

راند مچائي روحَ ۾، اندرِ آديسنِ،

ڳوڙهو ڳجهه پرينِ، لَکي لوڪ نه سگهيو.

(هرگنيو، سرپورب رامڪلي، بيت/5، ص 122)

سنڌ جي هڪ ٻئي سالڪ مخدوم عبدالرحيم گروهڙيءَ جي بيت ۾ پڻ ساڳيوئي فقرو آهي. سندس رسالي مان بيت هيٺ ڏجي ٿو:

رند رحمت رسيا، عجب اُهڃاڻان،

اڱڻ آهيڙين جا، ونهيا وٿاڻان،

خاڪي خوءِ سنديان، لَکي لوڪ نه سگهيا.

(ڪلام گرهوڙي، سر رامڪلي، ب/16، ص266)

دَرِپُورا گُرسـِي گهران، حَقيقتا هَنجههَ،

ڪوڙين هَنڌان ڪَڻَ چُڳنِ، سَر پاڻيءَ جي مَنجهه.

(سنتون ڪي واڻي/ بيت14)

هي بيت ”سنتون ڪي واڻي“ 14 کان علاوه جيپور گرنٿ-6/14، ورهد ۽ سڪل /14۽ جيپور گرنٿ-4/17 ۾ به ڏنل آهي. هيري ٺڪر ۽ رچنداڻي صاحب هي بيت قاضي قادن ڏانهن منسوب ڪيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب جي خيال موجب هي بيت قاضي قادن جو ڪونهي. هن بيت جون پڙهڻيون چئني ماخذن ۾ مختلف آهن. اُنهن سڀني پڙهڻين جي ڀيٽ ۾ هيٺئين پڙهڻي صاف بيهي ٿي:

درپورا، گر سگرا، حقيقتان هنجهه،

ڪوڙين هندان ڪڻ چڳن، سرپاڻي جي منجهه.

(راقم طرفان سنواريل پڙهڻي)

هن بيت ۾ لفظ ’حقيقتا‘ لکيل آهي، جڏهن ته قاضي قادن جي ٻولي مطابق ’حقيقتان‘ ٿيندو. رچنداڻي صاحب لکيو آهي ته گرٻاڻيءَ جي هڪ بيت ۾ لفظ ’گرپورا‘ ڏنل آهي، جنهن کي قاضي قادن ’پوراگر‘ ڪري ڄاڻايو آهي، جيتوڻيڪ ’گر پورا‘ وڌيڪ صحيح آهي، جيئن پوءِ هندي ڀڄن ۾ هن طرح چيو آهي:

غلام علي گرپورا پايا، برهم ڀيد ڪا ڀيد بتايا.

(سنڌي نظم جي تاريخ/ رچنداڻي، ص 263)

رچنداڻي صاحب قاضي قادن جي بيت کي پوريءَ طرح سمجهي نه سگهيو آهي. قاضي قادن جي بيت ۾ ”در پورا“، ”گر سگرا“ ٻه ٻٽا لفظ ڏنل آهن. بيت کي ائين ڪونه پڙهبو جو ”در“ لفظ الڳ ڪري پڙهبو، پوءِ لفظ ”پوراگر“ ڪري پڙهبو ۽ آخر ۾ ”سگرا“ پڙهبو. قاضي قادن جي بيت ۾ ”پوراگر“ لفظ آهي ئي ڪونه. رچنداڻي صاحب اُن کي خبر ناهي ته ڪيئن ڪري پڙهيو آهي ۽ لفظن متعلق صحيح حقيقت پيش نه ڪئي آهي. نه ته اصل لفظ ”درپورا، گر سگرا“ آهن. پڙهڻ وارا هن بيت ۾ آيل لفظ ”گر“ کي صحيح طرح پڙهي نه سگهيا آهن. اصل لفظ آهي ”گهر“. صوفي غلام عليءَ جي بيت ۾ به ”گر“، ”گهر“ جي معنيٰ ۾ ورتل آهي.

لڳي ٿو ته قاضي قادن اهو فرق شيخ فريد جي هيٺئين بيت تان ورتو آهي ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شيخ فريد جي بيت مان سٽ هيٺ ڏجي ٿي:

درڀيڙا، گهر سنڪڙا، گورنوان هو نت.

(آدگرنٿ کان ٻاهر ڏنل بيت)

شيخ فريد جي بيت ۾ ڏنل لفظ ”درڀيڙا“ جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ ٿي ”در پوريو“، ”دربند ٿيو“. ٻيو لفظ ڏنل آهي ”گهڙ سنڪڙا“ جنهن جي معنيٰ ٿي ”گهر سوڙهو ٿيو.“ شيخ فريد جي بيت ۾ آيل سڄي فقري ”درڀيڙا“، ”گهڙ سنڪڙا“ جو سنڌي ۾ ترجمو ”درپورا“، ”گر سگرا“ ڪيو ويو آهي. مٿيون بيت قاضي قادن جي اسلوب بيان مطابق آهي ۽ اُن ۾ آيل ”هنجن“ وارو موضوع بقول ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ته قاضي قادن جوئي آهي. هن بيت ۾ شايد هنجن جي ڪنهن عادت ڏانهن اشارو آهي، جيڪو مان پوريءَ طرح سمجهي نه سگهيو آهيان.

بيت-5

جنهين جان جُدا ڪي، تُون مُنہَ تنهين پَسُ،

لَتاڙينِ لتن سي، اَٺئي پَهرَ عَرسُ.

(سنتون ڪي واڻي/24، ص 227)

هي بيت جيپور گرنٿ-6/ 24)، جيپور گرنٿ-4 / 26)، ورهد سڪل / 24) ۽ سنتون ڪي واڻي / 24) ۾ ڏنل آهي. ڊاڪٽر صاحب خبر ناهي ته ڪهڙي خيال کان هن بيت کي قاضي قادن جي بيتن ۾ شامل ڪيو آهي. هن بيت جي ٻي سٽ جو قافيو ”عرس“ بيان ۾ مبهم آهي ۽ اُن سان ڪا معنيٰ نٿي نڪري. جيپور گرنٿ-6/ 24) ۾ ’ارس‘ لکيل آهي. ڊاڪٽر صاحب سنواريل پڙهڻيءَ ۾ ’عرش‘ لکيو آهي. قافيو ’عرش‘ لکڻ سان بيت جي قافين ۾ نقص پيدا ٿيندو ۽ بيت جي سهڻائي به ختم ٿي ويندي. ٻيو ته معنيٰ وڃي اها بيهندي ته ”عرش کي لتن سان لتاڙجي.“ قافيو ’ارس‘ ’عس‘ يا ’عرش‘ جي بجاءِ جيڪڏهن ’آرسُ‘ لکيو وڃي ته بهتر ٿيندو.

سنڌ جي هڪ ٻئي عارف شاعر ميين عيسي پنهنجي هڪ بيت ۾ لفظ ”آرس“ ڪم آندو آهي.

اي عيسيٰ ڇڏ آرسُ، ته هوندي رات هت رسين.

(ميين عيسي جا سنڌي بيت/33، ص 39)

ميين عيسي جي بيت ۾ لفظ ”آرسُ“ تڪڙ، تحمل، شڪ، وهم، سستي ۽ گمان جي معنيٰ ۾ ورتل آهي  [*]. انهيءَ لحاظ کان لفظ ”آرسُ“ ئي قاضي قادن جي بيت جو صحيح مفهوم ادا ڪري ٿو. اُن کان علاوه مٿئين بيت کان پوءِ ”سنتون ڪي واڻيءَ“ ۾ ايندڙ بيت نمبر 25 ۾ پڻ ساڳيو فقرو ”جنهين جان جدا ڪي“ آيل آهي،  جنهن کي ڊاڪٽر صاحب قاضي قادن جي بيتن ۾ رکيو آهي. انهيءَ لحاظ کان به هي بيت قاضي قادن جو آهي. بيت جي صحيح ۽ صاف پڙهڻي هيٺينءَ طرح بيهندي:

جَنهين جان جداڪي، تو مُنہ تنهين پَسُ،

لتاڙين لتن سين، اٺئي پهر آرِسُ.

(راقم طرفان سنواريل پڙهڻي)

معنيٰ: خداوند تعاليٰ ئي آهي جيڪو جان ۽ ساهه جو مالڪ آهي. اُن کي ئي اختيار آهي زندگي ۽ موت تي. اي بندا، جنهن مالڪ ۽ خالق جان جدا ڪئي آهي، توکي اُن ڏانهن ئي هلڻو آهي. پوءِ انهيءَ شڪ ۽ گمان کي دل مان ڪڍي ڇڏ. اٺئي پهر (سڄو وقت) من ۾ اهائي تات رک ته مون  کي پنهنجي خالق کي منهن ڏيکارڻو آهي. هن دنيا اندر وقت وڃائڻ بدران پنهنجي خالق جي عبادت ڪر ۽ ڪي چڱا ڪم ڪري وٺ ته جيئن اُن جي اڳيان سر خرو ٿي سگهين.

هن بيت جي معنيٰ تمام ڳُوڙهي آهي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب هن بيت کي قاضي قادن جي بيتن ۾ شمار نه ڪيو آهي، پر اصل ۾ هي بيت قاضي قادن جي فهم فڪر، اسلوب بيان ۽ ٻوليءَ مطابق آهي ۽ قاضي قادن جوئي سمجهڻ گهرجي.

بيت-6

وَڃي آيو ڪيرُ، ڪَنهن ڏِٺو مُههُ لاهوتين،

اچي ڪندو ڪيرُ، ڳالهيون رَبَ پرتيان.

(سنتون ڪي واڻي/15، ص 226)

ڊاڪٽر صاحب هن بيت کي قاضي قادن جي بيتن ۾ شامل نه ڪيو آهي. هن بيت ۾ آيل فقرو ”ڳالهيون رب پرتيان“ هن بيت کان پوءِ ايندڙ بيت ۾ موجود آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب قاضي قادن جو ڪري ڄاڻايو آهي. اصل ۾ اهي ٻيئي بيت قاضي قادن جا آهن. هن بيت ۾ پهرين سـِٽ جو جواب ٻيءَ سـِٽ ۾ ڏنل آهي، جا قاضي قادن جي بيتن جي خصوصيت آهي. ان خيال کان چئي سگهجي ٿو ته هي بيت به قاضي قادن جو آهي:

بيت-7

شهبازُ بازُ ٿيو، پَکي نه ماري،

اک کوڙي عرش ۾، لُڏ مناري.

(سنتون ڪي واڻي/23، ص 227)

هي بيت قاضي قادن جي اسلوب بيان مطابق آهي، جنهن ۾ پهرين سـِٽ جو جواز ٻيءَ سٽ ۾ ڏنل آهي. بيتن جي اها خصوصيت قاضي قادن جي آهي. هن بيت ۾ باز جي هڪ خاص عادت ڏانهن اشارو آهي جنهن ۾ باز جڏهن آسمان جي اوچاين تي هوندو آهي ۽ اوچتو شڪار تي نظر پوندي اٿس ته شڪار کي پڪڙڻ لاءِ ٻه سو ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هيٺ  ٽٻي هڻندو آهي ۽ شڪار کي قابو ڪندو آهي.

بيت-8

قاضي ڪَٿ مَ، ايترو، مَت ڪيرِوئي ڦير،

پَلاڻيندو پوٽـِلي، مٿي ڪـِيندو ڪيرُ.

(سنتون ڪي واڻي/61، ص 234)

هي بيت قاضي قادن جي اسلوب بيان مطابق آهي، جنهن ۾ پهاڪي وارو خيال شامل آهي.

بيت-9

مَکڻ مَکي اُن کي، مُلان ڪُٽي کينِ،

پُڇُ ڪَڏِهين ڀي تـِن کي، هُو جي رَٻَ گهُرنِ.

(سنتون ڪي واڻي 621، ص 234)

هن بيت متعلق رچنداڻي صاحب لکيو آهي ته ڏهين ۽ يارهين صديءَ ڌاري راجسٿان ۾ ڪي گاٿائون رچيون ويون، جن ۾ ”سنديش راسو“ به هڪ گاٿا آهي، جنهن جو هڪ بيت آهي:

مئه بهو نوڌ سميليا، يه اللئي تندو لاکيري،

تا ڪڻڪس سنئا، ربڙيا دد بيڊئه.

(سنڌي نظم جي تاريخ، ص 261)

هن جي معنيٰ رچنداڻي صاحب لکي آهي ته وڏن گهرن ۾ کير ملائي ٺاهيو وڃي ٿو ته ڇا غريب ماڻهو ڪڻ ڀوسو ملائي رٻ نه کائن ڇا؟ (ص 261) اُن کان پوءِ هن هڪ ٻي گاٿا ”پرٿويراج راسو“ مان هڪ بيت ڏنو آهي:

پيه سڪري سڀتو، ايڪتو ڪينه رايه ڀونيسي،

ڪر ڪسئي گجريبه، ربريئه نئه جيونت.

(سنڌي نظم جي تاريخ، ص 261)

هن بيت جو مطلب رچنداڻي صاحب لکيو آهي ته وڏن گهرن ۾ کير کنڊ ۽ چانور ملائي راج ڀوج بڻايو وڃي ٿو ته غريب گجري ڪڻ ڀوسي واري رٻ سان به جيون نه گذاري ڇا؟ (ص262)

بيت-10

سچي سائين ساڻُ تُون، مَ ڪَر ڪُوڙي ڪُوڙيان،

جي تو مَجهه هـِنيان، هو سڀ کي پرکڻو.

(سنتون ڪي واڻي/67، ص 235)

ڊاڪٽر صاحب هن بيت کي قاضي قادن جي بيتن ۾ شامل نه ڪيو آهي. قاضي قادن جو هي بيت تمام سهڻو چيل آهي ۽ معيٰ به اعليٰ معيار جي آهي، يعني الله جي اڳيان اهو ڪوڙ ۽ مڪر نه ڪر. جيڪڏهن تون اها ڳالهه سمجهين ٿو ته هو سڀني کي پرکي ٿو. (يا هو پرکي ٿو ته ڪنهن ۾ ڪيتري سمجهه ۽ ڄاڻ آهي، اُن جي اڳيان اهي حيلا ۽ ڪوڙ بيڪار آهن، اُنڪري تون انهن ڳالهين کي ڇڏ،  ۽ پنهنجي رب سان سچو رهه). هي بيت قاضي قادن جي فهم فڪر مطابق آهي.

بيت-11

سَچُ پيارا سائينيان، سائينءَ سَچُ سُهاءِ،

سَچي مَنگلُ نَه دَهَئه، سَچي سَرپُ نَه کاءِ،

سَچُ سَمنڊان سـِرِ چَڙهَئه، ڪُوڙُ ڪَکائين باهِه،

جَڏِهُون ڪَڏِهُون ڪوڙ کي، ڏيندو سَچُ سزاءِ.

(سنتون ڪي واڻي/70، ص 236)

هن بيت کي ڊاڪٽر صاحب متن ۾ نه رکيو آهي، پر بيت قاضي قادن جي اسلوب مطابق آهي. هن بيت ۾ آيل لفظ ”سائينيان“ ۽ ”سمنڊان“ قاضي قادن جي جمع واري خاصيت مطابق آهن. ان کان علاوه لفظ ”جڏهون“ ۽ ”ڪڏهون“ قاضي قادن جي بکر واري پاسي جي ٻوليءَ جا لفظ آهن. بيت ۾ آيل ٻوليءَ جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته مٿيون بيت قاضي قادن جو آهي. هن بيت کي ”ٻٽو دوهو“ به چئي سگهجي ٿو، تنهن کان سواءِ هن بيت ۾ حرف تجنيس جو به سٺو استعمال ٿيل آهي.

بيت-12

پيڙان سَڀي ڏُهيليان، ايهـِي پيڙَ نَه ڪا،

جيئن وَڄنِ واڄو ٿَئي، ڄاڻـِئه هـِڪُ خدا.

هي بيت به قاضي قادن جي اسلوب بيان مطابق آهي. بيت جي پهرين سٽ جو جواز ٻيءَ سٽ ۾ ڏنل آهي. جيڪا قاضي قادن جي بيتن جي خصوصيت آهي.

بيت-13

جي سائـِين سون سَچُ، تو ڀَو ڪهڙا سُٿڙي،

اُڀا ٿي ڪَر نَچُ ، توڙي اڱرڙا ٻَرِن.

(سنتون ڪي واڻي/105، ص 242)

هي بيت ڊاڪٽر صاحب متن ۾ نه رکيو آهي، پر اصل ۾ هي بيت به قاضي قادن جي اسلوب بيان مطابق آهي. مثلاً قاضي قادن جي بيت جي هيٺينءَ سـِٽ ۾ به ساڳيوئي مفهوم موجود آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب قاضي قادن جي بيتن ۾ شامل ڪيو آهي:

جتي سَچُ سَنسارَ سان، سي جي سائين ساڻُ هوءِ.

(سنتون ڪي واڻي/69، ص 235)

هن بيت متعلق رچنداڻي صاحب لکي ٿو ته:

”هن بيت ۾ ’اڀا ٿي ڪر نچ‘ جي نحوي بناوت ئي صحيح ڪونهي. ٿيڻ گهرجي، اُڀو ٿي نچ‘، جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ’سچ ته بيٺو نچ‘. هتي نچڻ جو سچ سان تعلق آهي. اڱرڙا لفظ جي معنيٰ ڏني ويئي آهي ٽانڊا، پر هتي معنيٰ انگ يا بدني عضوا ٿيڻ گهرجي. ڪورا معنيٰ ڪهڙو ۽ سٿڙي معنيٰ ضرور. اهي لفظ ۽ اُنهن جي اهڙي معنيٰ سنڌي لغتن ۾ نٿي ملي:

(سنڌي نظم جي تاريخ، ص 276)

رچنداڻي صاحب پنهنجيءَ جڳهه تي صحيح آهي پر قاضي قادن ڪن لفظن ۾ الف جي ٽيڪ ڏني آهي، يعني ”اُڀو“ جي بجاءِ ”اُڀا“. شاهه جي رسالي ۾ به ڪيترائي اهڙا بيت آهن، جن ۾ ”اُڀا“ جو لفظ آيل آهي. هن بيت ۾ واقعي ”اڱرڙا“ جي معنيٰ ”انگ“ (اڱ) هئڻ کپي. ”ڪوڙا“ جي اصل پڙهڻي ڊاڪٽر صاحب جي چوڻي موجب ”ڪهڙا“ آهي ۽ جيڪائي صحيح پڙهڻي آهي. هت منهنجي خيال ۾ ”سٿڙي“ جي معنيٰ هئڻ گهرجي. سڙڻ، جلڻ، يا باهه“، قاضي قادن جو هي بيت تمام سهڻو چيل آهي ۽ معنيٰ به تمام سهڻي آهي. يعني اگر تون الله سان سچو آهين ته باهه جو ڊپ نه ڪر. هميشه سچ تي ثابت قدم رهه، توڻي تنهنجي انگ يا بدن جا سڀ عضوا سڙي يا ٻري وڃن. بيت جي اهائي معنيٰ وڌيڪ سهڻي نڪري ٿي. شايد هن بيت ۾ حضرت موسيٰ جي باهه ڏانهن اشارو آهي، جنهن ۾ فرعون حضرت موسيٰ کي چيو ته ”تون هن باهه يا آڙاهه ۾ داخل ٿي. جيڪڏهن باهه توکي نه ساڙيو ته تون سچو آهين ۽ تنهنجو خدا به سچو آهي.“ انصاري صاحب، شاهه جي رسالي جي معنيٰ واري حصي ۾ لفظ ”ستوهه“ لکيو آهي، جنهن جي معنيٰ واري حصي ۾ ”انڌير يا ظلم“ لکي آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو لفظ ”سٿڙي“ نه پر ”ستوهه“ يا ”ستوهڙي“ هجي، جنهن سان به معنيٰ پوري بيهي ٿي، يعني ته تون جيڪڏهن الله سان سچو آهين ته پوءِ ظلم يا انڌير جو ڊپ نه ڪر، هميشه سچ جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان جهل، پوءِ ڀلي تنهنجي سڄي انگ کي باهه ڏني وڃي يا سچ جي رستي کي نه ڇڏ، ڀلي تنهنجي سڄي بدن جا عضوا سڙي وڃن. پوءِ جيڪڏهن تون الله سان سچو آهين ته توکي اهو ظلم يا باهه ساڙي نه سگهندي.

(2) جيپور گرنٿ-6

هي گرنٿ دادو انسٽيٽيوٽ جيپور ۾ رکيل آهي. هن گرنٿ ۾ ساڳيائي 118 ”سنتون ڪي واڻي“ وارا بيت آهن ۽ ساڳئي نمبر تي رکيل آهن. البته پڙهڻين ۾ ڪجهه فرق آهي.

(3) ورهد سڪل

هن گرنٿ ۾ ڏنل قاضي قادن جي بيتن وارو باب ڊاڪٽر صاحب کي سخي قبول محمد جي معرفت هندوستان مان هٿ آيو، جيڪو جهوني ديوناگري لپيءَ ۾ رکيل آهي. قاضي قادن واري باب هيٺ 113 سنڌي بيت ڏنل آهن، جيڪي مٺيءَ جي اڳوڻي پرنسيپل شيام داس جوشي سنڌي صورتخطيءَ ۾ اُتاري ڊاڪٽر صاحب ڏانهن موڪليا.

ڊاڪٽر صاحب جي لکت موجب ورهد ۾ ڏنل 113 بيتن مان ڏهه بيت اهڙا آهن، جيڪي ”سنتون ڪي واڻي“ ۽ جيپور گرنٿ 6 ۾ ڏنل ڪونهن. ڊاڪٽر صاحب اُنهن ڏهن بيتن مان بيت نمبر 39 ۽ 86 کي قاضي قادن جي بيتن ۾ شامل ڪيو آهي ۽ باقي اٺن بيتن کي ٻين سالڪن جو ڄاڻايو آهي. مون جڏهن اُنهن اٺن بيتن تي ويچار ڪيو ته اُنهن مان بيت نمبر 79 اهڙو نظر آيو، جنهن کي قاضي قادن جو چئي سگهجي ٿو، جنهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

بيت-1

مَنجهيئي ڪُوچي، منجهيئي دَر، منجهيئي ديوان،

مَنجهيئي ميلا ٿيوي، جي تون پلين پاڻ.

(قاضي قادن جو رسالو، ص252)

ورهد ۾ ڏنل هن بيت تي هلڪو سرائڪيءَ جو اثر آهي. ”ٿيوي“ قاضي قادن جي ٻوليءَ جو لفظ آهي. بيت جو اسلوب بيان قاضي قادن جي بيتن سان ملي ٿو ۽ چئي سگهجي ٿو ته هي بيت قاضي قادن جوئي آهي.

بيت-2

وِڙندي وِجُلندڙي ڪل جـِندڙي نه ويڙ،

تجهي پَرائي ڪيا پَڙي، تون اَپڻي نـِويڙ.

(قاضي قادن جو رسالو، ص 260)

هي بيت صرف ورهد ۾ ڏنل آهي ۽ بيت تي بکر واري سرائڪي ٻوليءَ جو اثر نظر اچي ٿو. بيت جو اسلوب بيان قاضي قادن جي بيتن سان ملي ٿو، انڪري چئي سگهجي ٿو ته هي بيت قاضي قادن جوئي آهي. اُن کان علاوه هن بيت ۾ آيل خيال سنڌ ۾ رائج مشهور پهاڪي وارو آهي ۽ اڄ تائين به اسان جا وڏا اهو پهاڪو سنڌ ۾ ڏيندا آهن.

(4)جيپور گرنٿ-4

هن گرنٿ ۾ ڪل 51 بيت ڏنل آهن، جن مان 9 بيت اهڙا آهن، جيڪي جيپور گرنٿ-6، ورهد ۽ سنتون ڪي واڻيءَ ۾ ناهن. باقي 42 بيت اُهي ساڳيائي آهن، جيڪي جيپور گرنٿ -6، ورهد ۽ سنتون ڪي واڻيءَ ۾ موجود آهن. اُنهن بيتن ۾ بيت نمبر 5 ۽ 48 ڪنهن رحمان سالڪ جا آهن، باقي پنج بيت قاضي قادن جي فهم فڪر ۽ اسلوب بيان مطابق آهن. اُنهن سڀني بيتن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

(1) رحمان سالڪ

هيٺيان ٻه بيت شايد گجرات جي شهر احمدآباد جي ڪنهن رحمان نالي سالڪ جا آهن. بيتن ۾ شاعر جو نالو پڻ آيل آهي. ٻنهي بيتن تي گجراتي ٻوليءَ جو لهجو ڇانيل آهي. اُنهن مان بيت نمبر 5 جيپور گرنٿ-6، ورهد ۽ سنتون ڪي واڻيءَ ۾ موجود آهي، باقي بيت نمبر 48 نئون آهي ۽ ساڳئي اسلوب بيان ۾ چيل آهي. ٻيئي بيت هيٺ ڏجن ٿا:

بيت-1

تون اسين نهين پوڇُيو، تين پوڇي اَساڻ،

نهين رتو رحمان سون بي پڙهڻهار قرآڻ.

(جيپور گرنٿ-4، بيت 5، ص 269)

بيت-2

جوڳي جَڳ گهڻا، تـِنها مَ راچي مَنوا،

راچي رَتڙياه، جي رتي رحمان سُون.

(جيپور گرنٿ-4، بيت 48، ص 277)

(2) قاضي قادن

هن گرنٿ ۾ اُهي 9 بيت (جيڪي ٻي گرنٿن ۾ ناهن) تن سڀني کي ڊاڪٽر صاحب ٻين سالڪن ڏانهن منسوب ڪيو آهي. مون جڏهن اُنهن بيتن تي غور ڪيو ته اُنهن 9 بيتن مان 5 بيت (15، 33، 43، ۽ 44) اهڙا آهن، جيڪي قاضي قادن جي فهم فڪر، ٻولي ۽ اسلوب بيان پٽاندر آهن. باقي 4 بيت ڪن ٻين سالڪن جا آهن. اُنهن بيتن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

بيت-1

جنهن ڏٺا جيوئي مليا رهي پرج،

نال تـِنهين دي وَتيي، جتي ڪـِتي پُڄ.

(جيپور گرنٿ-4، بيت 35، ص 274)

هن بيت تي قاضي قادن جي بکر واري سرائڪي ٻوليءَ جو اثر آحي.بيت جي پڙهڻيءَ ۾ ڪجهه مونجهارو آهي، پر بيت جي ٻولي قاضي قادن جي بيتن سان ملي ٿي ۽ بيت قاضي قادن جي اسلوب بيان مطابق آهي.

بيت-2

پس ڪي سي برين کي ڪيها گهاء،

سـِر سونپون پيرن ڀر اندر بُت ڌراء.

(جيپور گرنٿ-4، بيت 33، ص 274)

هي بيت صرف جيپور گرنٿ-4 ۾ ڏنل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب قاضي قادن جي بيتن جي متن ۾ نه رکيو آهي. هن بيت ۾ لفظ ”ڪيها“ ۽ بيت جو اسلوب بيان قاضي قادن جي بيتن مطابق آهي. بيت تمام سهڻو چيل آهي ۽ چئي سگهجي ٿو ته هي بيت قاضي قادن جوئي آهي.

معنيٰ: پرينءَ کي ڪيئن پسي سگهندين، جي تنهنجي دل اندر اڃاڪي چهڪ يا گهاءَ يا چير لڳائي ڪونهن. يا تون پنهنجي رب سان ڪيئن ملي سگهندين، جيڪڏهن تنهنجي دل جي دنيا اڃا روشن ئي نه ٿي آهي. جيڪڏهن تنهنجي اندر ڪينو يا بغض موجود آهي ۽ تون کڻي ڪيترا به سجدا ڪرين ته به تون پنهنجي رب سان ملي نه سگهندين، جيستائين تون پنهنجي دل جي آئيني کي صاف سٿرو نه ڪرين. بيت ۾ ڳوڙهي معنيٰ سمايل آهي، جنهن کي اُهي ئي سمجهي سگهندا، جن سلوڪ ۽ تصوف جو گهرو مطالعو ڪيو هوندو. شاهه لطيف، قاضي قادن جي هن موضوع کي سر آسا جي ڪيترن ئي بيتن ۾ گهڻو کولي سمجهايو آهي. جيئن هڪ بيت ۾ چوي ٿو:

منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهيين.

قاضي قادن چيو ”اندر بت ڌراء“. شاهه صاحب اُن کي وڌيڪ آسان ڪري چيو ته ”اندر آذر آهيين“. قاضي قادن چيو ته ”سر سونپون پيرن ڀر“، شاهه صاحب بنهه کولي چيو ته ”منہ ۾ مسلمان“، يعني سجدن ڪرڻ وارو. بيت جو اسلوب بيان قاضي قادن جوئي آهي ۽ هي بيت قاضي قادن جي بيت ۾ شمار ڪرڻ گهرجي.

بيت-3

اسان سڄڻ تي مـِلَن، جو دل اندر پَڪ،

جيها لوڙ آپ ڪُون، تيها سَرَوَ سڀ خلق.

(جيپور گرنٿ-4، بيت 43، ص 276)

بيت-4

تون اَوگُڻ ڪَرمين سَهُون، جتا مَن ڀاوَن،

مئن هينئڙو سائو ڪيئو، منجهه ٻيڙيان تَرن.

(جيپور گرنٿ-4، بيت 44، ص 276)

مٿيان ٻيئي بيت صرف جيپور گرنٿ-4 ۾ ڏنل آهن. ٻنهي بيتن ۾ آيل لفظ ”جيها“، ”تيها“، ”ٻيڙيان“، ”مئن“، ”سائر“ ۽ ”آپ ڪون“ قاضي قادن جي ٻوليءَ جا آهن، جن ۾ لفظ ”ٻيڙيان“ قاضي قادن جي لفظن جي جمع واري خاصيت مطابق آهي. بيتن ۾ سرائڪي ٻوليءَ جو امتزاج شامل آهي. ٻيئي بيت قاضي قادن جي اسلوب بيان ۽ ٻوليءَ مطابق آهن ۽ قاضي قادن جائي سمجهڻ گهرجن.

(ت) قاضي قادن جا بيت ۽ شاهه جو رسالو

قاضي قادن جا ست بيت، جيڪي بيان العارفين ۾ ڏنل آهن، سي شاهه جي رسالي جي تقريباً سڀني نسخن ۾ موجود آهن. اُنهن بيتن کان سواءِ ڪي ٻيا بيت به آهن جن جو اسلوب بيان، ٻولي ۽ فهم فڪر قاضي قادن جي بيتن سان ملي ٿو. اُنهن سڀني بيتن جو تفصيل ڊاڪٽر صاحب قاضي قادن جي رسالي ۾ صفحي 185 کان 189 تي ڏنو آهي. اُنهن بيتن کان علاوه شاهه جي رسالي ۾ ڪجهه اهڙا ٻيا بيت به موجود آهن.، جيڪي به قاضي قادن جي اسلوب بيان، ٻولي ۽ فهم فڪر مطابق آهن. اهڙن بيتن جو تفصيل هيٺ پيش ڪجي ٿو.

(1)

ڪرئين جي ڪرنشون، ري سائين جي ساڃاه،

سيڪئو سيڪين هٿڙا، ڪر اجهاڻي باه.

(گنج، سر آسا، ص 756)

هي بيت گنج ۾ ”سر آسا“ هيٺ ڏنل آهي ۽ باقي رسالن ۾ ”سر بروو“ هيٺ رکيل آهي. هن بيت کي نمبر 33 ڪري رکيو آهي، پر هن کي قاضي قادن جي بيتن جي متن ۾ نه رکيو آهي. هن بيت جو اسلوب بيان ۽ فهم فڪر قاضي قادن جي بيتن سان ملي ٿو ۽ چئي سگهجي ٿو ته هي بيت قاضي قادن جوئي آهي. ڊاڪٽر صاحب هن بيت متعلق لکيو آهي ته هن بيت ۾ پهرين سـِٽ جي مفهوم جو جواب ٻيءَ سـِٽ ۾ ڏنل آهي، جيڪا قاضي قادن جي بيتن جي هڪ خصوصيت آهي. (قاضي قادن جو رسالو، بيت 33، ص 188).

هي بيت گنج جي آخر ۾ ضميمي طور ڏنل شاهه ڪريم جي بيتن ۾ پڻ شامل آهي، جنهنڪري اهو گمان ٿئي ٿو ته هي بيت شايد شاهه ڪريم جو آهي.

(2)

الله سڃاڻڻ سٿرو، جي هينئون ڇڏئي هورُ،

ته ڪرپا ٿيئين ڪکن ۾، ڪونه ڪوٺئي چور.

(گنج، سر آسا، ص 756)

هي بيت به گنج ۾ ”سر آسا“ هيٺ مٿئين بيت کان پوءِ لاڳيتو رکيل آهي. هن بيت جو موضوع ۽ مفهوم، اسلوب بيان ۽ فهم فڪر قاضي قادن جي بيتن مطابق آهي. هن بيت ۾ پهرين سـِٽ جي مفهوم جو جواب ٻيءَ سـِٽ ۾ ڏنل آهي. اُن کان علاوه هن بيت جا قافيا سـِٽن جي آخر ۾ آهن ۽ بيتن جي اها سٽاءَ شاهه کان اڳ واري دور جي آهي. مٿئين بيت جهڙو ساڳي معنيٰ وارو بيت ”ملفوظات خزانةالحڪمت“ ۾ ڏنل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب قاضي قادن جي بيتن جي متن ۾ رکيو آهي. ان لحاظ کان به چئي سگهجي ٿو ته هي بيت قاضي قادن جوئي آهي. ”ملفوظات خزانةالحڪمت“ وارو بيت هيٺ ڏجي ٿو:

رب سڃاڻڻ سٿرو، پاڻ سڃاڻڻ ڏک،

تان تان ڪج مَ سُک، جان جان پسين پاڻ کي.

(قاضي قادن جو رسالو، بيت-4، ص 197)

(3)

مون تون آئون اسين، چارئي چتان لاهه،

ته تو اوڏيائي نه اچي، دوزخ سندي باهه.

(راقم طرفان سنواريل پڙهڻي)

هي بيت بمبئي ڇاپي، گنج ۽ اوائلي دور جي رسالن ۾ موجود آهي. گنج ۽ اوائلي دور وارن رسالن ۾ بيت ۾ قافيا سٽن جي آخر ۾ ڏنل آهن، جيڪا شاهه کان اڳ وارن بيتن جي سٽاء آهي. اُن جي ابتڙ بمبئي ڇاپي ۾ هن بيت جي قافين کي اڳ پوءِ ڪيو ويو آهي، جنهنڪري گمان ٿئي ٿو ته هي بيت شايد پوءِ جي ڪنهن سالڪ جو آهي. هن بيت جي پڙهڻين ۾ ڪو گهڻو فرق ڪونهي. گنج ۾ لفظ ”چاڙهي“ لکيل آهي، جڏهن ته صحيح لفظ ”چارئي“ آهي. اُن کان علاوه گنج ۾ لفظ ”دوزخ“ جي بدران ”مگر“ ڏنو ويو آهي. ٽنهي ماخذن مان بيت جون پڙهڻيون هيٺ ڏجن ٿيون:

(1)

مون تون آئون اسين، چاڙهي چتان لاهه،

ته تون اوڏيائي نه وڃي، سندي مگر باهه.

(گنج، سر آسام ص 752)

(2)

مون تون آئون اسين، چارئي چتان لاهه،

سندي دوزخ باهه، ته تو اوڏيائي نه وڃي.

(بمبئي ڇاپو/واصف، سر آسا، ص 424)

(3)

مون تون آئون اسين، چاريئي چتان لاهه،

ته تو اوڏيائي نه وڃي، سندي دوزخ باهه.

(10-قلمي نسخا/ڊاڪٽر بلوچ، سر آسا، ص 460)

هي بيت اصل ۾ شيخ فريد جي بيت جو هوبهو سنڌي ترجمو آهي ۽ لڳي ٿو ته قاضي قادن جوئي ڪيل آهي. اُن جو سبب هڪ اهو به آهي جو قاضي قادن، شيخ فريد جي ٻين بيتن جو به سنڌي ترجمو ڪيو آهي، جيڪي ”سنتون ڪي واڻي“ ۾ قاضي قادن جي بيتن سان شامل آهن، جن جو تفصيل مٿي ڏيئي آيا آهيون. اُن کان علاوه بيت ۾ آيل لفظ ”چتان“ قاضي قادن جي ٻوليءَ جي جمع واري خصوصيت  مطابق آهي، جنهن مان پڻ گمان ٿئي ٿو ته هن بيت جو ترجمو قاضي قادن جوئي ڪيل آهي. ”آدگرنٿ“ مان شيخ فريد جو اصل بيت هيٺ ڏجي ٿو، جنهن مان سنڌي ٻوليءَ جو سواد پيو اچي:

فريدا من ميدان ڪر، ٽوٽي ٽڀي لاهه،

آگي مول نه آوسي، دوزخ سندي باهه.

(4)

سَرَ ۾ پَکي هيڪَڙو، پاڙِيهَرين پَنجاههَ،

سَندي آس الله، لڏي لَهرِينِ وِچَ ۾.

(بمبئي ڇاپو/واصف، سر ڪارايل، ص 492)

هي بيت بمبئي ڇاپي، گنج اوائلي دور جي رسالن ۽ لڳ ڀڳ سڀني نسخن جي ”سرڪارايل“ ۾ موجود آهي. بيت جي پڙهڻي سڀني رسالن ۾ تقريباً ساڳي آهي، سواءِ گنج جي، جنهن ۾ ٻي سـِٽ مختلف ڏنل آهي. گنج مان پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:

سَرَ ۾ پَکـِي هيڪَڙو، پاريرين پَنجاههُ،

رکي جن اللهُ، وار نه وِنگو تَنِ جو.

(گنج، سر ڪارايل، ص 837)

گنج واري پڙهڻيءَ ۾ ٻي سـِٽ ميين شاهه عنات جي بيت مان کنيل آهي. شاهه عنات جو اصل بيت هيٺ ڏجي ٿو:

دِل ۾ دَور مَ کاءُ، پيهـِي سَنجهه سوجهارَ سَرَ،

اُتان ئي عنات چئي، ’آباڇي‘ ۾ آءُ،

چـِلُڙِ چُنجَ مَ پاءِ تون، ڪَر ڪُوڻا سين چاءُ،

رکي جن اللهُ، وارُ نه وِنگو تَنِ جو.

(ميين شاهه عنات جو رسالو، سرڪارائيڙو، ص 215)

مٿيون بيت اصل ۾ شيخ فريد جي بيت جو هوبهو سنڌي ترجمو آهي. هي ترجمو ڪنهن ڪيو آهي؟ قاضي قادن يا شاهه لطيف يا ڪنهن ٻئي سالڪ، اُن باري ۾ ڪا حتمي ڳالهه چئي نٿي سگهجي. جيئن ته قاضي قادن، شيخ فريد جي ٻين بيتن جو  به سنڌي ترجمو ڪيو آهي، جيڪو ”سنتون ڪي واڻيءَ“ ۾ موجود آهي، ان خيال کان اها ڳالهه وڌيڪ وزندار آهي ته هي ترجمو به شايد قاضي قادن جو ئي ڪيل آهي. ”آدگرنٿ“ مان شيخ فريد جو اصل بيت هيٺ ڏجي ٿو:

سرور پنکي هيڪرو، ڦاهيوال پچاس،

ايهه تن لهرين گڊٿيا، سچي تيري آس.

(5)

کٽين ڳالهڙين، پرين پنهنجا نه ٿيا،

جان جان مالڙين، ٽٽي ٽڪا نه ڪيا.

(گنج، سر آسا، ص 751)

هي بيت بمبئي ڇاپي ۽ اوائلي دَور جي رسالن ۾ موجود ڪونهي، صرف ”گنج“ ۾ ڏنل آهي. هن بيت ۾ آيل لفظ- ”جان جان“، ”ڳالهڙين“ ۽ ”مالهڙين“ قاضي قادن جي ٻوليءَ جا آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته  هن بيت ۾ صنعت موشحات (يعني سٽن جي وچ ۽ آخر ۾ قافين) جو استعمال ٿيل آهي. اها صنعت قاضي قادن جي بيتن جي هڪ اهم خصوصيت آهي، جنهن سان قاضي قادن جي بيتن کي آسانيءَ سان سڃاڻي سگهجي ٿو. هي بيت سنڌ جي هڪ ٻئي سالڪ، فقير عبدالرحيم گرهوڙيءَ ڏانهن پڻ منسوب آهي. سندس رسالي مان بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:

ڳَٺين ڳالهڙيين، پرين پنهنجا نه ٿئا،

جا جان مال نيين، تُري تڪا نه ڪئو.

(ڪلام گرهوڙي، سر آسا، ص 271)

جيئن ته هن بيت جو اسلوب بيان ۽ ٻولي گرهوڙي صاحب جي بيتن کان وڌيڪ قاضي قادن جي بيتن جي ويجهو ٿي لڳي، ان خيال کان چئي سگهجي ٿو ته هي بيت قاضي قادن جي فهم فڪر مطابق آهي.

(6)

ڪاري رات اڇو ڏينہ، اي صفتان نور،

جتي پرين حضور، اُتي رنگ نه روپ ڪو.

(معياري متن، سرڪلياڻ، 1: 26، ص 13)

هي بيت اوائلي دَور جي رسالن جو آهي. ڪن رسالن ۾ هي ”سر آسا“ هيٺ رکيل آهي ته ڪن ۾ وري ”سر رامڪلي“۾ هيٺ. ڪن رسالن ۾ هي بيت ”سرآسا“ ۽ ”سر رامڪلي“ ۾ ٻه دفعا آيل آهي. هن بيت جي ٻولي شاهه جي بيتن سان ڀيچ نٿي کائي. هن بيت قاضي قادن جي ٻوليءَ جي جمع واري خاصيت مطابق آهي. شاهه لطيف ڪٿي به ”صفت“ جو جمع ”صفتان“ استعمال نه ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب هن بيت کي معياري متن ”سرڪلياڻ“ (جلد پهرين) ۾ رکيو آهي ۽ بيت کي شاهه صاحب ڏانهن منسوب ڪيو آهي.

مددي ڪتاب

(1) قاضي قادن جو رسالو/ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌالاجي، 1999ع.

(2) شاهه جو رسالو: معياري متن، جلد-1، سرڪلياڻ ويمن/ڊاڪٽر بلوچ، ڀٽ ساهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، 1989ع.

(3) شاهه جو رسالو: ڏهن آڳاٽن قلمي نسخن تي آڌاريل/ڊاڪٽر بلوچ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، 1977ع.

(4) هرگنيو/ڊاڪٽر بلوچ، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع.

(5) سنڌي رسالو (”شاهه لُطف الله قادريءَ جو ڪلام“)/ڊاڪٽر بلوچ، سنڌالاجي، 1968ع.

(6) ميين شاهه عنات جو ڪلام/ڊاڪٽربلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، 1963ع.

(7) شاهه جو رسالو/ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1979ع.

(8) ابيات سنڌي/ڊاڪٽر دائودپوٽو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1994ع.

(9) شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام/ڊاڪٽر دائود پوٽو. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد سنڌ، 1977ع.

(10) ڪلام گرهوڙي (ڇاپو ٻيو)/ڊاڪٽر دائود پوٽو، سنڌ ثقافت کاتو، 1995ع.

(11) شاهه جو رسالو: بمبئي ڇاپو/محمد بخش واصف، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، 1950ع.

(12) سنڌي نظم جي تاريخ/ ليلارام رچنداڻي، جگرات سنڌي اڪادمي گانڌي نگر، انڊيا، 1988ع.

(13) قاضي قادن جو  ڪلام/هيرو ٺڪر، پوڄا پبليڪيشن، دهلي، 1978ع.

(14) گنج /ممتاز مرزا، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1995ع.

(15) ميين عيسي جا سنڌي بيت/ممتاز مرزا، ڀٽ شاهه ثقافتي  مرڪز، 1993ع.

(16) حضرت بابا فريدالدين مسعودي گنج شڪر (انگريزي) /شيخ پرويز عالم نقشبندي، لاهور 1993ع.

(17) ادب ۽ تنقيد /ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“.

(18) اڻلڀ سنڌي بيتن جو ذخيرو /ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ ٽماهي ”مهراڻ“ 4/1991ع (لوڪ ادب نمبر)، سنڌي ادبي بورڊ، ص: 114-137.

(19) ٽماهي ”مهراڻ“ جا مختلف پرچا.

(20)WWW .apnaorg. com/poetry/farid. html

 

”…آءٌ تڏهن ٻارهن ڏينهن لاءِ سنڌ ويو هئس. اوهان جا ٻيئي خط منهنجي غير حاضريءَ ۾ هت پهتا ۽ رات واپس ورڻ تي اچي پڙهيا اٿم. اوهان دادو ديال جي باري ۾ جيڪو احوال موڪليو آهي، تنهن لاءِ مهرباني. حاشيي ۾ اوهان جيڪي اشارا ڪيا آهن، سي قيمتي آهن. ”نداف“ (ندف) جي معنيٰ ڪوري آهي. ”دبستان مذاهب“ وارو حوالو توڙي اهو ڪتاب مون وٽ موجود آهي. حيدرآباد ويس ته اوهان ڏي حوالو لکي موڪليندس. منهنجو خيال هميشه اهو رهيو آهي ته ڪبير ۽ درويش دادو جون حياتيون هڪ ٻئي سان ڪيترن ئي ڳالهين ۾ ملن ٿيون. ٻنهي بابت بحث مباحثو آهي ته مسلمان هئا يا هندو. اهي جهيڙا آڳاٽي وقت کان انگريزن جي دور ۾ ”مشنري“ خيال وارن شروع ڪيا. وڏي ڳالهه اها ته ٻنهي درويشن اسلام جي ۽ هندو ڌرم جي سهڻي اصولن کي ساراهيو  ۽ هندن مسلمانن کي پاڻ ۾ ويجهوڪيو. ڌڻيءَ جي هيڪڙائي، سچائي، نهٺائي ۽ انسان ذات جي ڀلائي سندن تعليم جا مکيه اصول رهيا. ايستائين مون ائين ئي پئي سمجهيو آهي ته دادو ڪنهن مسلمان جي گهر ڄائو. هن گهڻو گجرات ۽ راجستان وارن سنڌ سان ملندڙ علائقن ۾ گذاريو. هو يقيني طور سنڌ ۾ آيو ۽ شاهه ڪريم سان مليو. شاهه ڪريم پاڻ احمد آباد ويندو هو. انهيءَ ڪري دادو، سمن ۽ احمد نالي درويشن جا بيت سنڌ ۾ هلندڙ هئا، جيڪي اسان پندرهن ويهه سال اڳ ڪن وڏڙن ۽ سگهڙن کان ٻڌا. سمن جو هڪ بيت ۽ ٻه ٻيا هندي بيت خودشاهه ڪريم پاڻ پڙهيا. اهي ڏسو ته ڪنهن جا آهن. شايد اوهان کي اتي ڪن ڪتابن ۾ اهي ساڳيا بيت ملي وڃي.  سمن ۽ احمد بابت معلومات ملن ته اُهي به ڪارگر ٿيندا. بهرحال دادو درويش تي سنڌ جي درويشن جو وڏو اثر آهي ۽ انهيءَ تي روشني وجهڻ سان سنڌ جو منهن مٿي ٿيندو.

سرڳواسي جئرامداس مون ڏي لکيو هو ته ٻه پرچيون ٻيون به هٿ آيون آهن. قاضي قادن وارا 257 بيت بالڪل اصل موجب سنڌيءَ ۾ لکي موڪليو ته قاضي قادن وارو وڌيڪ ڪم آءٌ ڪري سگهندس. اوهان دادو ديال ۽ ان بعد پراڻناٿ بابت لکو ته جيئن اهي ٻه ڪتاب ”قاضي قادن جي ڪلام“ سان ملي ٽي پورا ٿين…“

_ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

[”هيري ٺڪر ڏانهن 22 مارچ 1779ع تي اسلام آباد مان لکيل خط مان ٽڪرو]

(حوالو: ”سڄڻ ساريندي،“ 2005ع، سنڌالاجي، ص 191)


[*] لفظ ”آرس“ جي معنيٰ ”ڪر موڙڻ“ به آهي، پر هن بيت ۾ اها معنيٰ نٿي نڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com