سيد فصيح اقبال (اڳوڻو سينيٽر) پنهنجي تقرير ۾
چيو ته اڄ جنهن پروگرام ۾ مون کي سڏيو ويو آهي، ان
جي ثقافت هزارين سال پراڻي آهي. براهوي ٻولي ملڪ
جي سڀني ٻولين کان قديم آهي. اُن جو گرامر پنهنجي
منفرد گهاڙيٽي جي ڪري ڪافي سگهارو آهي. جيڪڏهن
ٻوليءَ کي اڳتي آڻڻو آهي ته پوءِ هر هڪ ليکڪ جو
فرض آهي ته پنهنجي ٻوليءَ سان سچو رهي. پنهنجي
ٻوليءَ جي خدمت لاءِ حڪومتي سهارن جو هروڀرو
انتظار ڪرڻ نه گهرجي، پر پنهنجي طرفان قرباني ڏجي.
سنڌي ٻولي سنڌين جي خدمتن ۽ محبتن جي ڪري شاهوڪار
بڻيل آهي. روزانو لاتعداد اخبارون ۽ رسالا
پابنديءَ سان ڇپجن ٿا. مان سنڌ واسين ۽ خاص ڪري
سنڌي ليکڪن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد چوان ٿو.
هن موقعي جي مناسب سان گذارش ڪندس ته حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي ڪلام جو براهوي
ترجمو آندو وڃي.
ان موقعي تي ڊاڪٽر ادل سومري ڪجهه ٺهراءِ پيش ڪيا:
-سنڌي براهوي اديبن ۽ شاعرن جو هي نمائنده ميڙ گهر
ٿو ڪري ته حڪومت پاڪستان ٻولين کي برابريءَ وارا
حق ڏئي ۽ ٻولين جي ترقيءَ لاءِ ڀرپور مالي سهڪار
ڪري.
-سي.ايس.ايس. جي امتحانن ۾ براهوي زبان کي به شامل
ڪيو وڃي.
-براهوي اڪئڊميءَ جي سالياني گرانٽ وڌائي ڏهه لک
رپيا ڪئي وڃي.
-ٽي. ويءَ تان براهوي پروگرامن جو وقت وڌايو وڃي.
-بلوچستان جي سڀني ڪاليجن ۾ براهوي ليڪچرار مقرر
ڪيا وڃن.
-سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ براهوي ليڪچرار مقرر ڪيو وڃي ۽
بلوچستان يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبو کولي سنڌي
ليڪچرار مقرر ڪيا وڃن.
جناب غلام محمد تاج (وائيس چانسيلر، بلوچستان
يونيورسٽي) پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته صلاح
الدين خان مينگل جوان جذبن جو مالڪ آهي، جنهن هن
قسم جو يادگار ۽ بامقصد علمي ميڙ ڪوٺايو آهي.
براهوي ٻولي، ادب ۽ ڪلچر جي دل کولي خوب خدمت ڪئي
وڃي، ڇو ته براهوي بلوچستان جا حاڪم رهيا آهن.
اڄوڪو هي يادگار پروگرام، جنهن ۾ سنڌي ۽ براهوي
عالم گڏ آهن، هنن ٻنهي قومن کي هڪٻئي جي ويجهو اچڻ
گهرجي. ڊاڪٽر داد محمد خادم جو هيءُ ڪتاب ٻن ٻولين
کي ويجهي آڻڻ جي هڪ نيڪ ڪوشش آهي. ڪتاب پڙهن کان
پوءِ معلوم ٿيندو ته مصنف کي ٻنهي ٻولين تي عبور
حاصل آهي. بلوچستان يونيورسٽيءَ جي پاڪستاني زبانن
واري شعبي ۾ ”سنڌي“ ليڪچرار مقرر ڪرڻ جو اعلان ٿو
ڪريان. اهليت جي بنياد تي اسان کي سنڌيءَ جو استاد
ڏنو وڃي. مان جوهر براهويءَ جي ان ريسرچ مان ڪافي
خوشي محسوس ٿو ڪريان، جيڪا هو شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ جي ڪلام تي ڪري رهيو آهي. اهڙي تحقيق لاءِ
بلوچستان يونيورسٽي ساڻس سهڪار ڪندي.
ڏينهن جو اڍائي وڳي ڪانفرنس جي پهرين ويهڪ
پڄاڻيءَ تي پهتي، جنهن جي ڪارروائي علي احمد شاد
براهوي (حيدرآباد) سنڌي ۽ براهوي ۾ هلائي. مهمانن
لاءِ پي. آءِ. اي جي طرفان مانجهاندي جو انتظام
ڪيل هو.
ٻي ويهڪ ”آل پاڪستان سنڌي براهوي مشاعري“ جي هئي،
جنهن جي صدارت ادل سومري ڪئي. مهمان خاص سرور
جاويد ڊائريڪٽر تعلقات عامه بلوچستان ۽ اعزازي
مهمان انعام شيخ، راقم الحروف جوهر براهوئي ۽ خالد
آزاد وگهيو هئا. جن شاعرن سنڌي ۽ براهوي ڪلام پيش
ڪيا، اُنهن جا نالا هن ريت آهن: علي عباس (فريد
آباد)، جان محمد جانل (ميروخان)، آصف عيسيٰ زئي
(قبو سعيد خان)، عبيد مستان (ڪوئٽيا)، زرڪ سحر
(نوشڪي)، بابر براهوي (ڪوئٽيا)، تنوير ملڪ
(ڪوئٽيا)، جان محمد جروار (سنڌ)، گل محمد سيلاني
(قلات)، گل محمد کوسو (جعفر آباد)، رشيد جان
(سوراب)، ظهور عاقل (ڪوئٽيا)، رفيق امين (قلات)،
فدا گيلاني (سنڌ)، اسد زيب (قلات)، مير طاهر خان
مينگل (نوشڪي)، علي گل پندراني، سرور فاروق
(نوشڪي)، ماجد عقيل (قلات)، امير الملڪ مينگل
(نوشڪي)، نبي بخش انجم (قلات)، جاويد نسيم (قلات)،
انور نسيم مينگل (قلات)، محبوب صياد براهوي
(ڪوئٽيا)، سعد ڪرد (ڪوئٽيا)، شاهين باران زئي
(قلات)، الله بخش لهڙي (قلات)، انجم براهوي
(سوراب)، ڊاڪٽر محمد اعظم بنگلزئي (ڪوئٽيا)، ڊاڪٽر
سليم ڪرد (ڪوئٽيا)، ذاڪر زيب (سوراب)، عبدالحق
مجروح (قبه سعيد خان)، عبدالرشيد همدم (نوشڪي)،
ڊاڪٽر عالم عجيب (نوشڪي)، پروفيسر غلام دستگير
صابر (نوشڪي)، مرشد علي حسن آزاد (سوراب) ۽ مير
ڪاروان حاجي خير محمد ريڪي (سوراب). پنهنجي صارتي
تقرير ۾ ادل سومري چيو ته اڄ اسان هڪ نئين ادبي
روايت کي جنم ڏنو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان پنهنجي
شاهوڪار ثقافت ۽ ٻولين جا امين آهن. هن قسم جي
مشاعرن جي کلي دل سان حوصله افزائي ڪئي وڃي. هر
ٻولي احترام لائق آهي. اسان ان احترام ۾ پنهنجي
پنهنجي ٻوليءَ جا حرف چونڊيون ٿا. مشاعري جي
ڪاروائي سرمد بروهي (فريد آباد) هلائي. رات جو
ساڍي اٺين وڳي ڪانفرنس پنهنجي خوشگوار يادن سان
پڄاڻيءَ تي پهتي.
_جوهر بروهي
•
ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي ڇهين ورسي
سنڌي ادب، سماج، ٻولي، ثقافت ۽ تعليم جي ترقيءَ
لاءِ جن سُڄاڻ ماڻهن زندگيءَ جي هر هڪ لمحي کي
سجايو ڪندي اڻٿڪ محنت سان پنهنجين ذميوارين کي
پوري ايمانداريءَ سان نڀائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي،
اهڙن فردن ۾ ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو نالو نمايان
آهي. سنڌ جي هن نامياري سماج سڌارڪ جي ڇهين ورسي
”ڊاڪٽر خان محمد پنهور ٽرسٽ“ طرفان پريس ڪلب
حيدرآباد ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سندس قائم ڪيل شعبي
ماس ڪميونيڪيشن طرفان 27-جون 2005ع تي پريس ڪلب
آڊيٽوريم ۾ ملهائي وئي.
ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر
محترم مظهرالحق صديقي صدارت ڪئي، جڏهن ته سيد حاڪم
علي شاهه بخاري خاص مهمان ۽ امداد حسيني اعزازي
مهمان هئا. پنهنجي صدار تي تقرير ۾ جناب مظهرالحق
صديقي، ڊاڪٽر خان محمد جي خدمتن تي خراج پيش ڪندي
چيو ته هو هڪڙو هميشه بي چين، اڻٿڪ، ’تتي ٿڌي ڪاهه
ڪانهي ويل ويهڻ جي‘ وارو متحرڪ انسان هو. اٺ ئي
پهر مصروف عمل هوندو هو. هن چيو ته سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ ماس ڪميونيڪيشن جو شعبو خان محمد جي
مخلصانه محنتن جو هڪ واضح مثال آهي، جيڪو اڄ هڪ
گهاٽي وڻ وانگر نمايان آهي. اسين اڄ خان محمد جي
جدائيءَ تي ڏک محسوس ڪريون ٿا ۽ سندس خدمتن تي کيس
فخر سان ياد ڪريون ٿا. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ
۾ خان محمد پنهور جي ”ڳوٺ سڌار واري پروگرام“ جي
روشني ۾ هڪ ”رول ڊيوپلمينٽ ڪميونيڪيشن سينٽر“ قائم
ڪيو ويو آهي، جنهن مان بهتر نتيجن جي اُميد آهي.
اگر خان محمد پنهور زنده هجي ها ته اهو سينٽر وڏي
ترقي ڪري ها ۽ ڳوٺن جي ترقي لاءِ کانئس مدد ملي
سگهي ها. ڳوٺن جي ترقي لاءِ جيئن خان محمد پنهور
جاکوڙ ڪئي. سنڌ ۾ اهڙا 20 – 25 سرگرم عمل ماڻهو
هجن ته اُهي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ترقيءَ جا ويڇا گهٽائي
سگهن ٿا. اسان کي محنتي ماڻهن جي خدمتن جو قدر ڪرڻ
گهرجي. آءٌ خان محمد کي سندس خدمتن تي سلام ٿو
ڪريان. هن کي جس هجي جو هن بنا ڪجهه گُهرڻ جي سنڌ
جي ايڏي وڏي خدمت ڪئي.
سيد حاڪم علي شاهه بخاريءَ چيو ته خان محمد پنهور
جي جدوجهد جو مرڪز ”ڳوٺ“ هئا. هن ڳوٺن جي اهميت کي
انڪري به اهم سمجهيو جو هُو هڪ ڳوٺاڻو هو ۽ هن جي
خيال ۾ ڳوٺ شهرن جو دماغ هوندا آهن. ڳوٺن جي تاريخ
هزارين سال پراڻي آهي ۽ هن جديد دور جي ترقيءَ کان
به اڳ سنڌ ڳوٺ بهتر ترقي ٿيل هئا. اڄ سنڌ جي ڳوٺن
جي حالت انڪري به بگڙيل نظر ٿي اچي جو اُتان
هنرمند ۽ محنتي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. اسان
کي اگر ڳوٺن جي ترقي پياري آهي ته ڳوٺن جي روزگار،
ڳوٺن ۾ بنيادي سهولتن ۽ امن امان جي مسئلن تي
توجهه ڏيڻو پوندو.
امداد حسينيءَ چيو ته اسان کي ههڙين تقريبن ۾ سنڌ
جي مختلف مسئلن تي ضرور ڳالهائي هڪٻئي جي ويچارن
کان واقفيت حاصل ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه سمجهه کان
ٻاهر آهي ته آخر مختلف ماڻهو توڙي اديب ڪنهن به هڪ
نڪتي تي گڏ ويهڻ لاءِ تيار ڇو نه آهن ۽ اُنهن جا
ڪهڙا اختلاف آهن؟ خان محمد پنهور جي زندگيءَ جو هڪ
وڏو ڪم ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ هو، ته جيئن هو
پنهنجن مسئلن کي سمجهن ۽ اُنهن جو حل ڳولين. هن
چيو ته اسان کي کپي ته ننڍن ننڍن اختلافن تي ويهي
هڪٻئي جي دلين ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جي بجاءِ، هڪٻئي
سان مُرڪي ملڻ جي روايت وجهون.
سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي چيو ته
خان محمد جهڙا ماڻهو ادارن جي حيثيت رکن ٿا. هو
پنهنجي فرض سان آخر تائين سچو رهيو. ان کي نوجوانن
کي همٿائڻ جو هڪ وڏو ڏانءُ هو. خان محمد پنهور هڪ
وڏو انسان هو ۽ بنا عهدن جي به وڏي ماڻهپي ۽ مرتبي
وارو ماڻهو هو. خان محمد جنهن وقت ’ڳوٺ سڌار‘ جو
ڪم شروع ڪيو ۽ جنهن نموني اُن ڪم لاءِ جاکوڙيو،
اُها هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي.
ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي چيو ته ڪيترا ماڻهو مرڻ کان
پوءِ به ايترائي خوبصورت هوندا آهن، جيترا جيئري
هوندا آهن ۽ اُنهن مان خان محمد پنهور به نمايان
آهي. هن ڳوٺ سڌار پروگرامن جي سلسلي ۾ سنڌ جي هر
ڳوٺ جو دورو ڪيو. هن جي اڻٿڪ محنتن سبب چار سؤ
ڳوٺن ۾ ڳوٺ سڌار سنگتون قائم ٿيون. سندس خدمتون
”علمي“ هيون. اسان جي ڳوٺ ٽنڊو ڪولاچي ۾ جڏهن
پهريون دفعو پنهور صاحب دورو ڪيو ته اُن وقت صرف
هڪ ماڻهو پڙهيل هو، پر سندس ڪوشش سبب ساڳئي ڳوٺ ۾
اڄ هڪ هزار پڙهيل ماڻهو موجود آهن.
پريس ڪلب حيدرآباد جي سيڪريٽريءَ اقبال ملاح چيو
ته سنڌي سماج ۾ روين ۽ تعليمي تبديليءَ جي ضرورت
آهي. ڊاڪٽر خان محمد جي مختلف شعبن ۾ ترقيءَ لاءِ
ڪوبه ڊونر ڪونه هو، پر اها هُن جي مقصد جي حاصلات
لاءِ هڪ ڪمٽمينٽ هئي، جنهن هن کي ڪاميابيءَ سان
همڪنار ڪيو. ”سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت“ جي سينئر وائيس
چيئرمن رسول بخش گچيراڻي چيو ته خان محمد پنهور هڪ
غريب، دلير، دل جو صاف ۽ اُجرو ماڻهو هو. هن کي هر
ماڻهوءَ لاءِ عزت ۽ محبت هئي.
نصير مرزا چيو ته پنهور صاحب هڪ بهترين ۽ مثالي
سماجي ورڪر هو. هن کي نوجوانن جي اهليت کي سڃاڻڻ
لاءِ تيز اَک هئي. پنهور صاحب اسان جو ”استاد، به
هو ۽ اسان پنهنجي استاد سان تمام گهرا به هوندا
هئاسين ۽ منهنجي ميڊيا ۾ اچڻ جو وڏو سبب سندس
پرڪشش شخصيت کان متاثر ٿيڻ هو. هو اڄ سدائين زنده
رهندو.
ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي چيو ته ڊاڪٽر خان محمد
پنهور سماجي ڪم ڪندڙن جو وڏو قدردان هو. هن ”سگا“
حيدرآباد جي هائوسنگ سوسائٽيءَ جو بنياد رکيو.
سندس لکڻين ۾ سدائين مسئلن جي اُپٽار ۽ نشاندهي
هوندي هئي.
هن وڌيڪ چيو ته خان محمد پنهور جي زندگيءَ جون
يادگيريون هميشه اسان سان گڏ رهنديون.
ڊاڪٽر مهرالنساء لاڙڪ چيو ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور
سون سچو ۽ کرو انسان هو. هن جي خدمتن جو هر سنڌي
ماڻهوءَ تي ۽ خاص ڪري نوجوانن تي قرض آهي. خان
محمد پنهور جي مـِشن تحت سرنديءَ وارن ماڻهن کي هر
ڳوٺ مان ٻن غريب ٻارڙن جي تعليم ۽ ٻن نوجوانن لاءِ
روزگار جو بندوبست ڪرڻ گهرجي.
ڊاڪٽر محمد يار کهاوڙ چيو ته خان محمد پنهور
يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري دوران استادن ۽ شاگردن کي
پنهنجن پنهنجن ڳوٺن جي ترقيءَ لاءِ همٿائيندو هو.
هو هر پڙهي لکيي ماڻهوءَ کي پنهنجن ڳوٺن ۾ علم جي
روشني ڦهلائڻ لاءِ زور ڀريندو هو. ڊاڪٽر پنهور هڪ
”علمي انسان“ هو ۽ اهوئي وڏو سبب آهي جو هن تمام
گهٽ عمر ۾ ”وڏا يادگار ڪم“ ڪيا، جنهن لاءِ سنڌ جو
هر ماڻهو هن کي وڏي محبت ۽ عزت سان ياد ڪري ٿو.
عظيم سنڌي چيو ته جنهن وقت ڊاڪٽر خان محمد پنهور
ڳوٺن جي ترقيءَ جو ڪم شروع ڪيو اُن وقت حالتون
انتهائي خراب هيون، پر هن نيڪ جذبي ۽ مسلسل محنت
سان پنهنجي وڏي مقصد ۾ خاطر خواه ڪاميابي حاصل
ڪئي.
”ڊاڪٽر خان محمد پنهور ٽرسٽ“ جي چيئرمن سڪندر ميمڻ
چيو ته ڊاڪٽر پنهور پنهنجي جدوجهد ۽ محنت جي ڪري
سدائين زنده رهندو ۽ سندس مـِشن ٻين لاءِ مشعل
راهه رهندو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي مختلف رخن
کان ڪيل ڪمن تي ٽرسٽ طرفان ڪرايل مختلف پروگرامن
تي روشني وڌي.
ان موقعي تي حاجي عنايت الله زنگيجي قرآن شريف مان
تلاوت جي سعادت حاصل ڪئي. شاهنواز ”مسافر“ پنهنجي
خوبصورت شاعري ذريعي ڊاڪٽر پنهور جي زندگيءَ جو
احوال ”سوانح عمري“ پيش ڪئي، جڏهن ته نوجوان
ڪهاڻيڪار شعبان وسطڙي پروگرام جي ڪارروائي هلائي.
_مجيد پنهور
•
پڙهندڙن جا خَطَ
[1] مهراڻ موڪلڻ لاءِ ٿورائتو آهيان. ڪيڏو نه سٺو
ٿئي ها جو ”ديوان راشد“ تي مختصر تبصرو رسالي ۾
هلائي ڇڏيو ها. امداد حسينيءَ ڏانهن به ڪتاب
موڪليو هئم، پاڻ ئي تبصرو ڪري ها. خير، جيڪي ٿيو
سو خوب ٿيو. ايندڙ پرچي لاءِ ڪجهه ڪافيون موڪليان
پيو ۽ هڪڙي وضاحت ته منهنجي هڪ ڪافيءَ ۾ جيڪي لفظ
هئا: ”ڄڱر جي جَهت“، اُن جي معنيٰ صحيح نه لکي
ويئي آهي. جَهتِ ننڍين ڍينگهرين کي چئبو آهي. ڄڱر
(ٻٻر) جي ڍينگهرين ۾ ڪنڊا تمام گهڻا ٿيندا آهن،
تنهنڪري شعر ۾ چيو ويو آهي ته، ”پَئي راهَ تي آهِ
جي جَهتِ“، معنيٰ ته واٽ ۾ ڪنڊا وڇايا پيا آهن.
ٻيو ته ڄڱر (ٻٻر) رڳو جبل ۾ نه پر هيٺانهن پٽن ۾
به ٿيندي آهي. مُند موجب ڄڱر جا ٻٻرَ، سنڌ جي هر
شهر ۾ وڪامندا آهن.
راشد مورائي
[مورو، سنڌ]
* * * * *
[2] ٽه-ماهي مهراڻ بنيادي طور تي هڪ علمي، ادبي ۽
ثقافتي دستاويز آهي. توهان جي نگرانيءَ ۾ ڏسجي ٿو
ته مهراڻ جو اهو بنيادي مقصد ڀرپور نموني ۾ حاصل
ٿي رهيو آهي. مهراڻ (اونهارو2005ع) ۾ محترم مدد
علي سنڌيءَ جو تحقيقي مقالو: ”حيدر ڪلوچ-سنڌ جو
مشهور فارسي گوشاعر“ تي دل چيو ته کُلي داد ڏيڻ
گهرجي، جو مدد تحقيق جو حق خوب ادا ڪيو آهي. سندس
موضوع جديد سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ هڪ عرصي کان
وٺي بحث ۽ تحقيق جو موضوع بنيو رهيو آهي. مان به
انهيءَ ڳولا ۾ رهيو آهيان ته حيدر هرويءَ جي سنواح
حيات ۽ شاعريءَ بابت مڪمل ۽ مستند احوال هٿ ڪريان.
مدد جي هن مقالي منهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪيو آهي.
سال 1957ع ۾ حفيظ هوشيارپوريءَ خط ذريعي مون کان
حيدر هرويءَ بابت مقامي معلومات ۽ سندس قبر پڇي.
حال آهر جواب لکي موڪليم، پر اُن ۾ نه ته ڪا مقامي
معلومات ۽ نه وري ”هروي-پاٽائيءَ“ جي قبر جي
نشاندهي شامل هئي. منهنجي ڳولا جاري رهي. پاٽ جي
صديقي خاندان جي تاريخ مرتب ڪندي به مون حيدر ڪلوچ
هرويءَ جي احوال هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جيڪي به
ميسر ٿي سگهيو، سو ”تاريخ باب الاسلام سنڌ“ ۾ شامل
ڪيم، جنهن جو مدد حوال ڏنو آهي. سچ آهي ته هن صاحب
منهنجي تحقيق کي اڳتي وڌايو آهي. پنجاب يونيورسٽي
لاهور ۾ محفوظ ڪيل مسودا مطالع ڪرڻ ۽ ڪراچيءَ جي
ڪتبخانن ۾ ڦولهه ڦولهان ڪرڻ، سندس ذوق، ۽ اهليت جو
ثبوت آهي. منهنجي طرفان مدد علي سنڌيءَ کي هن
ڪامياب ڪاوش جون لک واڌايون هجن ۽ توهان کي اهڙي
معياري تحقيقي مواد شامل ڪرڻ جو جس هجي. البت
فارسي شعر صحيح طور تي نه ڏنا آهن، مثال طور،
”چنان طوطي…“ وارو شعر اصل هن طرح آهي:
”چنان طوطي صفت، حيرانِ آن آئينئه رويم
که ميگويم سُخن اما، نميدانم چہ ميگويم.“
جيڪڏهن سولي سنڌيءَ ۾ معنيٰ به لکجي ها ته لطف اچي
ها: ”طُوطـِيءَ وانگر حيران ٿي آئينو ڏٺو ته مون
هي شعر چيو، ليڪن مون کي خبر نه آهي ته ڇا چيم!“
هي شعر حيدر هرويءَ اُن وقت في البديهه چيو هو،
جڏهن مرزا شاهه حسن ارغون جي درٻاري شاعرن مان
ڪنهن حاسد سندس ناخواندگيءَ تي ٺٺول ڪندي کانئس
پڇيو هو ته جيڪي چوين ٿو سو سمجهين به ٿو ڇا ٿو
چوين؟ هُو سخن ۽ فن جو ماهر هو، رڳو لکي پڙهي نه
ڄاڻندو هو.
اهڙي تتبع تي حيدر ڪلوچ جو هڪ ٻيو شعر هن طرح آهي:
دِلا مجنون صفت خودرا خلاص از قيدِ عالم کن،
رهِ صحراي محنت گير ورُو درواديء غم کن.“
(تحفة سامي، مقالات الشعرا)
يعني: ”اي دل! پاڻ کي مجنون وانگر دنيا جي قيد مان
آزاد ڪر، بيابان ۾ محنت ڪم ۽ غم جي واديءَ ڏانهن
رُخ ڪر.“
ان ريت انهيءَ غزل جو هڪ ٻيو شعر به سندس ماهرانه
شاعريءَ جو مثال آهي، جنهن جي آخري سـِٽ هن طرح
آهي:
”اساسِ عقل برهم زَن-بـِناي عشق مُحڪم کُن.“
يعني: ”عقل جي دولت اُڏائي ڇڏ، عشق جي پاڙَ پُختي
ڪر.“
(تحفہ سامي)
بهرحال هن پارينه قصي کي حال ۾ اُجاگر ڪرڻ لاءِ
کيرون لهڻيون. کيس صلاح آهي ته حيدر هرويءَ تي
تحقيق کي جاري رکي ۽ اسان کي هڪ مڪمل مطالعو فراهم
ڪري. هن مقالي ۾ به صاحب موصوف بيحد اختصار کا ڪم
ورتو آهي. ٻيو عرض سنڌي ادبي بورڊ جي اشاعتي
ڪاميٽيءَ کي آهي ته هن نامڪمل تحقيقي رٿا کي مڪمل
ڪرائي شايع ڪري-شايد اهو ڪم محترم مدد ڪرڻ لاءِ
آماده ٿئي.
حبيب الله صديقي
[ڄام شورو، سنڌ]
* * * * *
[3] توڻي جو مون جوابي لفافو به نه اُماڻيو هو، پر
پوءِ به توهان منهنجي خط جو جواب اُماڻيو آهي (۽
توهان جي مصروفيتن جو اندازو اٿم)، اُن لاءِ
مهرباني. سچ ته اها ڳالهه مون کي ذهن ۾ ئي نه هئي
۽ نه توقع ئي هئي ته منهنجي خط جو توهين جواب
ڏيندا. اڄڪلهه ته عام رسالن جا ايڊيٽر جوابي لفافي
اُماڻڻ جي باوجود به جواب ناهن اُماڻيندا. توهان
جي جواب موڪلڻ مان جتي توهان جي علم، ادب ۽ سنڌ
دوستي ظاهر ٿي ٿئي، اتي اهو به محسوس ٿو ٿئي ته
اڄڪلهه جيڪو وڏو ماڻهپائي، پاڻ کي ئي سڀڪجهه
سمجهڻ، نون لکندڙن تي مُڇ به نه ڇنڊڻ وارو رحجان
هلي پيو، توهين اُن مان نه فقط آجا آهيو پر خلوص
سان نئين ٽهيءَ کي سنئين دڳ تي لائي رهيا آهيو.
(معاف ڪجو! توهان جي باري ۾ کوڙ غلط فهميون پيدا
ڪيون ويون آهن). توهان منهنجي شاعريءَ تي راءِ
ڏني، آءٌ دلي طور ٿورائتو آهيان.
سچ پڇو ته ’فاعلاتن ٻاعلاتن‘ سان منهنجي پئي ئي
ڪانه! اڳ جيئن ئي خيال ايندو هو ته لکي ڇڏيندو
هوس، پر پوءِ ڪنهن دوست چيو ته شاعريءَ ۾ وزن
بحر/ڇند لازمي آهي. ٿورو ان طرف ڌيان ويو پر پوءِ
ڏٺم ته بحر وزن جي پورائي ڪرڻ سان’خيال‘ مجروح پيو
ٿئي. پوءِ ڪوشش اها ڪيم ته بس سٽن ۾ لفظن جو آهنگ
۽ ردم هجي. (منهنجي ان خيال جي مڪمل پٺڀرائي ڪنهن
رسالي ۾ ڇپيل توهان جي نظم ”منهنجي سگريٽ پيڻ جو
نه وڻيئه اسٽائيل، آءٌ ٽي ويءَ تي به بيمار لڳو
هوس چيئه“ ڪئي. انڪري هاڻ خيال ۾ لفظن کي ٿورو
اڳتي پوئتي ڪري/تبديل ڪري ردم پيدا ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندو آهيان) ۽ هن کا اڳ موڪليل منهنجا ڇهه سٽا ۽
هڪ غزل به ان سلسلي جي ڪڙي آهن. مون کي حنيف عاطر
ٻڌايو ته ڇهه سٽن جو وزن اُهوئي (فاعلاتن فاعلن)
آهي. مون علم عروض کي مدنظر رکي نه پر جهونگاري
اهي ڇهه سٽا لکيا هئا. هن ڀيري ٽي وايون اماڻي
رهيو آهيان، جيڪي ڊسمبر 2004ع ۾ لکيل آهن، پر ڪجهه
به نه لکيو اٿم. توهان محسوس ڪندا ته مون خيال کي
ڳوڙهن جيان ڳڙڻ ڏنو آهي، ٽهڪن جيان ٽڙڻ ڏنو آهي.
ماترائن جي مقرر مقدار ۾ ڦاسڻ بدران خيال کي آزاد
ڇڏيو اٿم (ڇڙو اڳ نه). هونئن به منهنجي ڪوشش هوندي
آهي ته اسڪور وڌائڻ يا ٻوڙ هارڻ بدران گهڻي عرصي
کان پوءِ ئي ڀلي ڪجهه شيون لکجن، پر اُهي نارجي
لوٽي جيان ڦرندڙ روايتي سنڌي شاعريءَ جيان نه
هجن-پر اُنهن ۾ ڪا اهڙي شيءِ هجي جيڪا نئين لڳي.
توهان کي به محسوس ٿئي، يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته
اها منهنجي محض خوش فهمي هجي.
فراق هاليپوٽو
[ٽنڊوباگو، سنڌ]
* * * * *
[4] ٽـِه-ماهي مهراڻ جو اڄ عروج ڏسي اَرهو من وري
سَرهو ٿيو آهي. جيئن مهراڻ درياءُ کي سُڪل ڏسي من
ماندو ٿيندو آهي، ساڳي حالت مهراڻ رسالي کي معياري
۽ مندائتو نه ڏسي ٿيندي هئي. پر الله تعاليٰ جو
احسان آهي جو مهراڻ درياءُ ۽ مهراڻ رسالي تي وري
ڪرم جو ڪڪر وسيو آهي ۽ مهراڻ موجن ۾ مست آهي.
مهراڻ رسالو، مهراڻ درياءُ جو عڪس آهي. هن علم ادب
جي دَور ۾، مهراڻ ئي، مهراڻ واسين جي نمائندگي ڪري
رهيو آهي.
مهراڻ بهار 2005ع جو شمارو اکين آڏو آهي. مهراڻ
درياءُ تي مهراڻ رسالي جو ٻيڙو تري رهيو آهي.
رسالي جي خوبصورت ٽائيٽل من کي موهي وڌو ۽ انهيءَ
دعا لاءِ هٿ مٿي کنيم ته شل مهراڻ درياءُ ۽ مهراڻ
رسالو هميشه موج ۾ هجن. آمين.
اڪبر علي چانڊيو
[ڪراچي، سنڌ]
* * * * *
|