بيت-1
جو گهڙِي سوني، ڪو جو قَهَرُ ڪلاچَ ۾،
خبر ڪو نه ڏي، ته رَڇُ ڪُڄاڙي رَنڊِيو.
(قاضي قادن جو رسالو، ص 106)
هن بيت جا ماخذ تذڪره قطبيه ۽ شاهه جو رسالو آهن.
ڊاڪٽر صاحب جي لکت موجب تذڪره قطبيه شيخ عبدالجليل
جي مريد جمال الدين ابوبڪر الله آبادي 1540-1545
واري دَور ۾ لکيو. هن تذڪري ۾ ڪن سنڌي سالڪن جا
بيت چيل آهن، پر اهو ڄاڻايل ڪونهي ته اُهي ڪنهن جا
آهن. ڊاڪٽر صاحب تذڪري ۾ آيل مٿئين بيت متعلق لکيو
آهي ته هي بيت موضوع ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان
قاضي قادن جو آهي، جيتوڻيڪ نالو ڏنل ڪونهي. (قاضي
قادن جو رسالو، ص34)
جنهن وقت ابوبڪرالله آبادي تذڪره قطبيه لکيو، اُن
وقت قاضي قادن حال حيات هو ۽ وقت جو وڏو صوفي ۽
عالم هو. يقيناً ابوبڪر الله آباديءَ کي قاضي قادن
متعلق خبر هوندي. اگر مٿيون بيت قاضي قادن جو هجي
ها ته هو ضرور اُن باري ۾ لکي ها ته هي بيت قاضي
قادن جو آهي. هن بيت جي ٻولي به قاضي قادن جي بيتن
سان ڀيٽ نٿي کائي. هي بيت يقيناً شاهه عبداللطيف
جو ڪونهي پر رسالي جي سڀني نسخن ۾ موجود آهي. هن
بيت ۾ آيل لفظ ”ڪڄاڙي“ لاڙ جي ٻولي جو لفظ آهي ۽
شايد لاڙجي پاسي ڪنهن گمنام شاعر جو چيل لڳي ٿو.
جيستائين ٻئي ڪنهن ماخذ مان ڪا خبر پوي، تيستائين
هي بيت قاضي قادن ڏانهن منسوب ڪرڻ نه گهرجي.
بيت-2
جتي گهورِيو گهاتُوئين، تتي واريءَ بُٺِ،
سَرُ سُڪو سُونگي ڳيا، سَهسين ساٽـِيءَ مُٺِ.
(قاضي قادن جو رسالو، ص107)
ڊاڪٽر صاحب هي بيت فقري ”سرسڪو سونگي ڳيا“ جي
بنياد تي قاضي قادن جو ڄاڻايو آهي. شاهه جي مختلف
رسالن ۾ هن بيت جون پڙهڻيون قدري مختلف آهن. بمبئي
ڇاپي واري رسالي ۾ هي بيت ٻن سٽن سان قلمبند ٿيل
آهي، جتي اُن جي پڙهڻي هيٺينءَ طرح آهي:
جتي گهوريو گهاتوئين، تتي واري بُٺِ،
سهسين ساٽي مُٺِ، سر سڪو سونگي گيا.
(بمبئي ڇاپو/واصف، سرگهاتو، ص 408)
آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي ترتيب ڏنل ڪتاب
”هرگُنيي“ ۾ هي بيت سر گهاتو هيٺ چئن سٽن سان ڏنل
آهي، جنهن جي پڙهڻي هيٺينءَ طرح آهي:
جتي گهوريو گهاتئين، تتي رائي بُٺُ،
سَرَ سُڪا ساقي گيا، سهسين ساٽي مَٽُ،
جتي ڏنڀرن جي، هئي اڳ اُگهٽَ،
سي پڙنهاري پٽ، وڃن ماڙهو موٽيا.
(هرگنيو، سر گهاتو/ب: 4، ص 158)
آخوند صاحب واري بيت جي قافين ۾ نقص آهي. ٻيو ته
آخوند صاحب ٻي سٽ جي پڙهڻي برٽش موزيم واري نسخي
واري اختيار ڪئي آهي. گنج ۾ هي بيت وري ٽن سٽن سان
ڏنل آهي، جنهن جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:
جتي گهوريو گهاتوئين، تتي واري بُٺِ،
سر سڪا ساقي گيا، سهسين ساٽي مَٽِ،
سي پڙنهاري پٽ، ماڙهو وڃن موٽيا.
(گنج، سرگهاتو، ص 631)
گنج واري پڙهڻي ۾ به قافين جو نقص آهي. ڊاڪٽر صاحب
جي ترتيب ڏنل آڳاٽن ڏهن قلمي نسخن تي آڌاريل ”شاهه
جي رسالي“ ۾ هي بيت وري پنجن سٽن سان ڏنل آهي، جتي
اُن جي پڙهڻي هيٺينءَ طرح آهي:
جتي گهوريو گهاتوئين، تتي واري بُٺّ ِ،
سر سڪا سنگي گيا، سهسين ساٽين مَٽّ،
نڪا بوءِ بازار ۾، نڪا ڇلر ڇٽّ،
جتي ڏنڀرين جي، اڳي هئي اُگهٽّ،
سي پڙپسئو پٽ، وڃن مارو موٽئا.
(10-1 قلمي نسخا، سرگهاتو، ص 327)
آڳاٽن قلمي نسخن واري پڙهڻيءَ ۾ قافين جو نقص آهي.
لڳي ٿو ته پوين مولفن آڳاٽن قلمي نسخن واري بيت
جون پوريون ٽي سٽون الڳ سان بيت ڪري ڏنيون آهن.
اصل ۾ هي بيت ٻن سٽن جو آهي ۽ شاهه جي رسالي جي
سڀني نسخن ۾ سرگهاتو هيٺ قلمبند ٿيل آهي. ڊاڪٽر
صاحب هي بيت فقري ”سر سڪو سونگي ڳيا“ جي بنياد تي
قاضي قادن جو ڄاڻايو آهي. ساڳئي فقري هيٺ شاهه جي
رسالي جي سر ڏهر ۾ هڪ ٻيو بيت به ڏنل آهي، ته پوءِ
ڇا اُهو بيت به قاضي قادن جو آهي يا ڪنهن ٻئي سالڪ
جو يا ٻئي بيت قاضي قادن جا آهن، جنهن لاءِ وڌيڪ
تحقيق جي ضرورت آهي. سر ڏهر وارو بيت هيٺ ڏجي ٿو:
سچ ڪ سڪو ڍور، ڪنڌي اڪ ڦلاريا،
جنگن ڇڏيو زورِ، سر سڪو سونگي گيا.
(گنج، سر ڏهر، ص 634)
بيت – 3
ڪُنَ ڪلاچيءَ پار، سَڏ نه سُڄي ساٽِئين،
گهاتوئين سندا مَڪُرا، ڪَنہ تَڙ ٻِئي نِهارِ.
(قاضي قادن جو رسالو، ص 108)
هي بيت بيان العارفين ۽ شاهه جي رسالي جي سرگهاتو
هيٺ ڏنل آهي. ڊاڪٽر صاحب هن بيت متعلق ڄاڻايو آهي
ته هن بيت جو موضوع ”ڪلاچيءَ جي ڪُن“ قاضي قادن جو
آهي. اصل ۾ هي بيت شاهه ڪريم جو آهي. ڪلاچيءَ جي
ڪُن واري موضوع تي ٻين سالڪن به بيت چيا آهن ته
پوءِ ڇا اُهي سڀيئي بيت قاضي قادن جا ٿيا؟ اسان وٽ
بيت لاءِ ڪو ٺوس ثبوت ڪونهي، جنهن جي بنياد تي چئي
سگهجي ته هي بيت قاضي قادن جو آهي. جيستائين ٻئي
ڪنهن ماخذ مان ڪا خبر پوي، تيستائين هي بيت شاهه
ڪريم جو ڪري سمجهڻ گهرجي. آڳاٽن ڏهن قلمي نسخن
واري ايڊيشن ۾ هي بيت دوهي جي صورت ۾ ڏنل آهي،
جنهن جا قافيا سـِٽن جي آخر ۾ آهن. ان مان بيت جي
پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي، جيڪا وڌيڪ صحيح آهي:
سڏ نه سُڄي ساٿيين، ڪنُ ڪلاچي پارِ،
گهاتوئن سندس مڪرا، ڪنہ ٻئي تڙنهارِ.
(10-قلمي نسخا، ص 326)
بيت-4
ڪَلاچيءَ، ڪُناءَ، موٽي ڪونه آئيو،
ڪَنـِي رَڇ وڃائيا، ڪَنـِي توبهه تاءُ.
(قاضي قادن جو رسالو، ص 108)
هي بيت بيان العارفين ۽ شاهه جي رسالي جي سر گهاتو
هيٺ ڏنل آهي. ڊاڪٽر صاحب هن بيت متعلق ڄاڻايو آهي
ته هن بيت جو موضوع ”ڪلاچيءَ جو ڪُن“ قاضي قادن
جو آهي. اصل ۾ هي بيت شاهه ڪريم جو آهي. ڪلاچيءَ
جي ڪُن واري موضوع تي ٻين سالڪن به بيت چيا آهن.
اسان وٽ هن بيت لاءِ ڪو اهڙو ماخذ ڪونهي جنهن جي
آڌار تي چئي سگهجي ته هي بيت قاضي قادن جو آهي.
جيستائين ٻئي ڪنهن ماخذ مان ڪا خبر پوي، تيستائين
هي بيت شاهه ڪريم جو ڪري سمجهڻ گهرجي. آڳاٽن ڏهن
قلمي نسخن واري ايڊيشن ۾ هي بيت ڏنل ڪونهي. هن بيت
جي قافين ۾ پڻ قنص آهي، جو هڪ تي ’زبر‘ ڏنل آهي ته
ٻئي تي ’پيش‘، جيڪا بيت ۾ وڏي اوڻائي آهي.
(9) سڪ ۽ سچائي
سڪ ۽ سچائي عنوان هيٺ ڊاڪٽر صاحب ڇهه بيت رکيا
آهن. بيت نمبر 4 شاهه ڪريم جو آهي ۽ اُن جي رسالي
تان کنيو ويو آهي. بيت نمبر 5 حڪايات الصالحين تان
ورتل آهي. بيت 6 صرف ورهد ۾ ڏنل آهي ۽ شيخ فريد ۽
نانڪ جي بيتن کان متاثر ٿي چيل ٿو ڏسجي. باقي بيت
قاضي قادن جي اسلوب بيان مطابق ۽ سهڻي ترتيب سان
رکيل آهن.
بيت-1
ساڪـِئو سائـِي ڪَنِ، سُپيريان جي ڳالهڙي،
هيڪڙيائي سـِکيا، ٻي نه اُجَهي تَنِ،
(قاضي قادن جو رسالو، ص 113)
ڊاڪٽر صاحب هي بيت لفظ ”سپيريان“ جي آڌار تي قاضي
قادن ڏانهن منسوب ڪيو آهي. ’سپيريان‘ جولفظ سنڌ جي
ڪيترن ئي سالڪن جي بيتن ۾ موجود آهي، انڪري اهو
جواز صحيح نٿو لڳي. هي بيت شاهه عبدالڪريم جو آهي
۽ اُن جوئي سمجهڻ گهرجي. اگر ڪنهن ٻئي ماخذ مان
خبر پوي ته پوءِ ڀل اُن کي قاضي قادن ڏانهن منسوب
ڪجي. في الحال اسان وٽ پرک لاءِ ڪو ٻيو ماخذ
ڪونهي، جنهن جي آڌار تي چئجي ته هي بيت قاضي قادن
جو آهي.
بيت-2
اَڄُ هُئي پـِيئَر لوءِ، ڪالهه ئـِي ويندِي
ساهُرِين،
جي گُڻ گهڻيري هوءِ، تو در ساهُرِين مانُ ٿئي.
(قاضي قادن جو رسالو، ص 114)
هي بيت دادو ديال وارن چئني ماخذن مان صرف ورهد
سڪل/39 ۾ ڏنل آهي. ڊاڪٽر صاحب جي پڙهڻي ورهد ۾ ڏنل
پڙهڻيءَ کان وڌيڪ صحيح آهي. هي بيت لڳي ٿو ته قاضي
قادن، شيخ فريد ۽ نانڪ جي هيٺين بيتن کان متاثر ٿي
چيو:
سو هري ڍوئي نه لهي، پيي ناهين ٿاون،
پر واتڙي، نه پُڇ اي، ڌن سهاگن ناون.
(شيخ فريد/آدگنٿ)
سو هري پيي ڪنت ڪي، ڪنت اگم اٿاه،
نانڪ سو سوهاگني، جو ڀاوي بيپرواه.
(گرونانڪ/آدگرنٿ)
(10) ماڻڪ ۽ موتي
هن باب ۾ ڊاڪٽر صاحب پنج بيت ڏنا آهن. بيت نمبر 2
شاهه جي رسالي ۽ حڪايات الصالحين جي حاشئي تي پڻ
ڏنل آهي. قاضي قادن جي ان بيت کي شاهه صاحب وڌيڪ
تفصيل سان بيان ڪيو آهي. بيت نمبر 3 صنعت موشحات ۾
چيل آهي. بيت نمبر 4 ۽ 5 دادو ديال وارن ماخذن کان
علاوه شاهه جي رسالي ۾ پڻ ڏنل آهن. سڀيئي ترتيب
سان رکيل آهن.
بيت-1
ڪائو مُنہِ ڏيئي، پيٺا جي درياءَ ۾،
پَسندا سيئي، ماڻـِڪَ اَکڙين سين.
(قاضي قادن جو رسالو، ص 119)
هي بيت دادو ديال وارن چئني ماخذن (جيپور
گرنٿ-6/13، سنتو ڪي واڻي/13، ورهد سڪل /13 ۽ جيپور
گرنٿ 4/16) ۾ ڏنل آهي. ان کان علاوه هي بيت حڪايات
الصالحين جي حاشئي تي پڻ ڏنل آهي، جتي اُن جي
پڙهڻي هيٺينءَ طرح آهي:
مُنہِ ڪَائو ڏَيئي، پيٺا، جي سَمُونَڊ ۾،
ماڻـِڪَ اَکڙَينِ سين، پَسَندا سيئي.
(اڻلڀ سنڌي بيت/مهراڻ، ص 121)
شاهه جي رسالي ۾ هي بيت ٽن سٽن سان ڏنل آهي. شاهه
عبداللطيف، قاضي قادن جي ان بيت کي وڌيڪ تفصيل سان
سمجهايو آهي، يا ڪنهن پڙهيل فقير اُن ۾ هڪ سٽ سان
واڌارو ڪيو آهي، اُن متعلق ڪجهه چئي نٿو سگهجي.
شاهه جي رسالي وارو بيت هيٺ ڏجي ٿو:
ويا جي عميق ڏي، مُنہِ ڪائو ڏَيئي،
تن سپون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي،
پَسَنديون سيئي، اَمُلهه اَکڙينِ سين.
(گنج، سر سريراڳ، ص 281)
اصل ۾ هي بيت قاضي قادن، شيخ فريد جي بيت کان
متاثر ٿي چيو آهي ۽ تضمين جو سهڻو مثال آهي.
آدگرنٿ کان ٻاهر ڏنل شيخ فريد جي بيتن مان اصل بيت
جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:
ٽڀي مارن گاکهڙي، سڌران لک ڪرين،
جيهان دامن ڌارا پيا، سي مانڪ لڀين.
(آدگرنٿ کان ٻاهر ڏنل بيت)
بيت-3
اَمُلُ اَساري پَئي ڀورِي ڀَڳُوءِ جـِتِ،
ڪوهُ نه رُنو تـِتِ، ٻئي اڌ هٿ ڪري.
(قاضي قادن جو رسالو، 122)
بيت-4
ڀورِي ڀَڳُئي جان، اَمُلُ اَساري پَئي،
سُرِي صرافين وانءُ، ٻئي اَڌَ هَٿِ ڪري.
(قاضي قادن جو رسالو، ص 123)
مٿيان ٻيئي بيت شاهه جي رسالي جي سڀني نسخن ۽ دادو
ديال وارن ٽنهي ماخذن (سنتون ڪي واڻي /99، جيپور
گرنٿ 6/98 ۽ ورهد /98) ۾ ڏنل آهن. بيت پهرئين لاءِ
ڊاڪٽر صاحب صفحي 122 تي شاهه جي رسالي مان جنهن
بيت جي پڙهڻي ڏني آهي، سو دراصل قاضي قادن جو
علحده بيت آهي. شاهه جي رسالي جي آڳاٽن ڏهن قلمي
نسخن واري ايڊيشن مان مٿي ڏنل پهرئين بيت جي اصل
پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي، جيڪا شاهه جي رسالي ۽ دادو ديال
وارن ماخذن ۾ ساڳي ڏني آهي:
امل اساري پئي، ڀوري ڀڳوءِ، جتِ،
ڪُہ نه رنوءِ تـِتِ، ٻئي اڌ هٿ ڪري.
(10-قلمي نسخا، سر سريراڳ، ص 249)
دادو ديال وارن ماخذن ۾ ڏنل ٻيو بيت گنج ۽ بمبئي
ڇاپي ۾ ڏنل آهي، جنهن جي آخري سٽ وڌايل آهي. آيا
شاهه لطيف، قاضي قادن جي بيت کي وڌيڪ تفصيل سان
سمجهايو آهي يا ڪنهن فقير اُن بيت ۾ آخري سٽ جو
اضافو ڪيو آهي يا اهو بيت قاضي قادن ٽن سٽن سان
چيو آهي، جنهن لاءِ وڌيڪ غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڊاڪٽر صاحب صفحي 123 تي شاهه جي رسالي مان جنهن
بيت جي پڙهڻي ڏني آهي سو اصل ۾ قاضي قادن جو الڳ
سان بيت آهي. گنج مان اصل بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي
ٿي، جنهن جي پهرين ٻن سٽن جي پڙهڻي ساڳي دادو ديال
وارن ماخذن ۾ ڏنل بيت جهڙي آهي:
امل اساري پئي، ڀوري ڀڳئي جان،
ٻئي اڌ هٿ ڪري، سري سرافين وان،
تان تو تئان، سڄو ڪرائي سيگهه ۾.
(گنج، سر سريراڳ، ص 267)
مٿين ٻن بيتن کان علاوه شاهه جي رسالي ۾ ٻه ٻيا
بيت به ڏنل آهن، جن جون پڙهڻيون ڊاڪٽر صاحب ٻنهي
بيتن جي سمجهاڻيءَ واري حصي ۾ ڏنيون آهن. اهي ٻيئي
بيت به اصل ۾ قاضي قادن جا لڳن ٿا ۽ ساڳئي اسلوب
بيان ۾ چيل آهي. ٻولي به قاضي قادن جي بيتن جي لڳي
ٿي. بمبئي ڇاپي مان ٻنهي بيتن جي پڙهڻي هيٺ ڏجي
ٿي. لڳي ٿو ته قاضي قادن جا اهي چارئي بيت کنڌيءَ
وارا بيت آهن، جيڪي فقري ”امل اساري پئي“ سان شروع
ٿين ٿا:
(1)
امل اساري پئي، ڀوري جت ڀڳوءِ،
ڪوه نه تت رنوءِ، ٻئي اڌ هٿ ڪري.
(بمبئي ڇاپو، واصف، سر سريراڳ، ص 49)
(2)
امل اساري پئي، ڀوري ڀڳوءِ جيئن،
وانءُ صرافن سيئن، ٻئي اڌ هٿ ڪري.
(10-قلمي نسخا، سر سريراڳ، ص 250)
مٿين ٻنهي بيتن مان بيت نمبر ٻيو بمبئي ڇاپي، گنج
۽ آڳاٽن ڏهن قلمي نسخن تي آڌاريل شاهه جي رسالي ۾
ڏنل آهي، باقي بيت پهريون آڳاٽن ڏهن قلمي نسخن ۾
ڏنل ڪونهي ۽ لڳي ٿو ته صرف بمبئي ڇاپي واري رسالي
۾ ڏنل آهي. ٻيئي بيت قاضي قادن جا آهن ۽ ساڳئي
اسلوب بيان ۾ چيل آهن ۽ ٻولي به قاضي قادن جي بيتن
مطابق آهي. بمبئي ڇاپي ۾ ڏنل بيت مان ظاهر ٿئي ٿو
ته بمبئي ڇاپي واري رسالي ۾ ڪي بيت اهڙا ڏنل آهن،
جيڪي ٻين نسخن ۾ ڪونهن. انهي جو اهو مطلب ڪونهي ته
اهي بيت ڪن سگهڙن جا چيل آهن يا فقيرن تتبع ڪيا
آهن. مثلاً بمبئي ڇاپي وارا ڪي بيت حڪايات
الصالحين جي حاشئي تي پڻ ڏنل آهن، جنهن مان ظاهر
ٿئي ٿو ته بمبئي ڇاپي وارا بيت ڪن قديم نسخن جا
اُتارا آهن، جيڪي هاڻ دستياب ڪونهن. اميد ته ايندڙ
محقق جڏهن قاضي قادن جو رسالو نئين سر ترتيب ڏيندا
ته اِنهن ٻنهي بيتن کي به قاضي قادن جي بيتن سان
شامل ڪندا.
بيت-4
ڀَڳو سَڄو نه ٿئي، مَنُ موتا هَلُ ڳَچُ،
ڪَنين سُڻيو نه مَنيئي، اکـِين ڏٺو سَچُ.
(قاضي قادن جو رسالو، ص 121)
هي بيت دادو ديال وارن ٻن ماخذن (جيپور گرنٿ 6/115
۽ سنتون ڪي واڻي /115) ۾ ڏنل آهي. هي بيت صنعت
موشحات جو عمدو مثال آهي. هن بيت جي اصل ماخذن
مطابق پرهڻي هيٺين بيهي ٿي:
ڀڳا ساڄا نه ٿئي، من موتا هل ڪَچُ،
ڪنين سڻيا نه منيئي، اکين ڏٺا سَچُ.
اصل بيت ۾ لفظ ”ڀڳا ساڄا“ ۽ ”ڪَچُ“ لکيل آهي، جڏهن
ته ڊاڪٽر صاحب جي خيال موجب صحيح لفظ ”ڳَچُ“ هئڻ
کپي. ڊاڪٽر صاحب واري پڙهڻي به تمام سهڻي آهي ۽
معنيٰ به سهڻي ٿي نڪري، يعني من ۽ موتي ٻنهي جو
ڀڳل ڳچ وري سڄو نه ٿيندو. (قاضي قادن جو رسالو،ص
121).
رچنداڻي صاحب لکي ٿو ته:
”لفظ ’موتاهل‘ جي معنيٰ ڏني ويئي آهي: ’مڪتا ڦل‘،
’موتي‘، جا برابر نٿي لڳي ۽ نه وري ڪنهن به سنڌي
ڊڪشنريءَ ۾ اهو لفظ ملي ٿو. ’موتاهل‘ لفظ جي معنيٰ
ٿيڻ گهرجي ’منجهيل‘ يعني ’من منجهيل‘، ۽ ’ڪچ‘ ڪين
جهڙو آهي. ان کان سواءِ ’ساڄا‘ لفظ جي معنيٰ ڏني
ويئي آهي: ’سڄو‘، جيڪو صحيح ڪونهي. پرمانند جي
ڊڪشنريءَ ۾ ’ساڄا‘ جي معنيٰ ڏني ويئي آهي ’آسودو‘
يا ’خوش‘. اها معنيٰ هن بيت مان به ظاهر آهي.“
(سنڌي نظم جي تاريخ، ص 274)
رچنداڻي صاحب جي ڏنل لفظن جي معنيٰ مطابق هن سٽ جي
معنيٰ ٿيندي: ”من جو منجهيل ڪين جهڙو ڪڏهن به
آسودو يا خوش نه رهندو.“ اها معنيٰ به غلط ڪونهي ۽
پوري بيهي ٿي. لڳي ٿو ته قاضي قادن ڪن لفظن جي آخر
۾ ’الف‘ جي ٽيڪ ڏني آهي، مثلاً ’سڄو‘ کي ’ساڄا‘،
’سڻيو‘ کي ’سڻيا‘، جنهن سان لفظن ۾ ترنم پڻ پيدا
ٿيو آهي. ڪي لفظ پنهنجي طرفان به ٺاهيا آهن، جن ۾
لفظ ”موتاهل“ به هڪ آهي، جنهن جي معنيٰ هئڻ کپي
”موتين جو ٺيهل“ يا ”موتين وانگي“. اگر اها معنيٰ
ڪبي ته پوءِ ڊاڪٽر صاحب واري ڏنل معنيٰ وڌيڪ صحيح
لڳي ٿي. گنج ۾ ڪبير جي هن بيت جي سٽ آهي:
دوپڙان ڪي بيچ، ساڄا رهيا نه ڪوءِ.
(گنج، سر سريراڳ هندي، ص 440)
هت ’ساڄا‘ اصل ۾ هندي لفظ ’ساجا‘ آهي، جنهن جي
معنيٰ ٿيندي ’سڄو‘. هن سٽ ۾ ’ساڄا‘ جي معنيٰ
’آسودو‘ نٿي ڪري. قاضي قادن جي بيت ۾ لفظ ’ڪَچُ‘
جي معنيٰ لغات لطيفي ۾ ’ڪوڙُ‘ يا ’ڪَچو‘ ڏنل آهي.
ان لحاظ کان سـِٽ جي معنيٰ ٿيندي ”من جو منجهيل،
ڪَچو يا ڪوڙو ڪڏهن به آسودو يا خوش نه رهندو.“ اها
معنيٰ به صحيح آهي، جڏهن ته سَچُ جو ضد هميشه ڪَچُ
آهي، جو ٻـِيءَ سٽ ۾ قافيو سَچُ ڏنل آهي. شاهه جي
هڪ بيت ۾ پڻ ’ڪَچُ‘ ۽ ’سَچُ‘ قافيا آيل آهن:
اگهئو ڪائو ڪَچُ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئه پايو سَچُ، آڇيندي لڄ مران.
(گنج، سر سريراڳ، ص 263)
نوٽ: شاهه جي بيت ۾ ’ڪچ‘ جي معنيٰ ’ڪوڙُ‘ يا ’ڪچو‘
ورتل آهي.
(11) ڳرا ڳوڙها سپرين
هن باب ۾ ڊاڪٽر صاحب ست بيت رکيا آهن. بيت نمبر 3
دادو ديال وارن ماخذن کان علاوه ڪن ٻين ماخذن ۾
ٿوري تبديليءَ سان پڻ موجود آهي. بيت نمبر 5 صنعت
موشحات ۾ چيل آهي. بيت نمبر 6 شاهه عبدالڪريم جو
آهي ۽ اُن جي رسالي ۾ موجود آهي. باقي قاضي قادن
جا نظر اچن ٿا ۽ سهڻي ترتيب سان رکيل آهن.
بيت-1
ڪَڏهن ٻيرين ٻُورُ، ڪَڏهن ڦُلُ نه هـِڪَڙو،
ڪڏهن پـِريان پورُ، ڪَڏهن سـِڪان سَڏَ کي.
(قاضي قادن جو رسالو،ص 130)
هي بيت دادو ديال وارن چئني ماخذن (جيپور
گرنٿ-6/24)، سنتون ڪي واڻي /24)، ورهد سڪل /48) ۽
جيپور گرنٿ-4 /34) ۾ ڏنل آهي. دادو ديال وارن
ماخذن کان علاوه هي بيت گجراتي رسالي جي 1912ع
واري پرچي ۾ ڪاٺياواڙي ’دوها سنگره‘ ۾ پڻ ڏنل آهي.
هن بيت جي پڙهڻي، گجراتي رسالي جي 1912ع واري
’ديوالي انڪ‘ ۾ شايع ٿيل جورام اجراميري گوجرا جي
قصي (ڪارايل سمو ۽ ڪپوري سنگهار) مان، هيٺ ڏجي ٿي:
ڪنهن ٻيري ۾ ٻُورُ، ڪنهن پن هڪڙو،
ڪنهن کي پرين جو پُورُ، اڄ سڪان اُن جي سڏ کي،
(سنڌي نظم جي تاريخ، ص 267)
گجراتي رسالي کان علاوه هن بيت جي پڙهڻي ڪاٺياواڙي
’دوها سنگره‘ ۾ هيٺينءَ طرح ڏنل آهن:
ڪڏهن ٻيري ۾ ٻُورُ، ڪڏهن پن هڪڙو،
ڪڏهن پرين جو پورُ، اڄ سڪان اُن جي سڏ کي.
(سنڌي نظم جي تاريخ/ رچنداڻي، ص 267)
هن بيت جي وڌيڪ ۽ صاف صحيح پڙهڻي جيپور گرنٿ-4
واري آهي، جنهن ۾ ”پن“ آيل آهي. ڊاڪٽر صاحب ”پن“
جي بجاءِ ’ڦل‘ لکيو آهي، جڏهن ته رچنداڻي صاحب
لکيو آهي ته ’ڦل‘ پوءِ جي ٻولي جو لفظ آهي. ليلا
رام رچنداڻي ڪتاب ”سنڌي نظم جي تاريخ“ ۾ صفحي 70
تي ڇهه بيت ڏنا آهن، جن ۾ مٿيون بيت پڻ شامل آهي.
اُنهن بيتن متعلق رچنداڻي صاحب لکي ٿو:
”اُنهن مان هڪ اڌ شاهه لطيف جي بيتن سان ملي ٿو ۽
هڪ اڌ بيت وري ڪاٺياواڙي ’دوها سنگره‘ ۾ ڏنل آهي.
ڪهڙي سمي جا بيت آهن، اهو چوڻ ڏکيو آهي، جيتوڻيڪ
آهن تمام پراڻا ۽ ٿي سگهي ٿو ته شاهه عبداللطيف جي
زماني کان به اڳ جا هجن، ڇو جو خود شاهه عبداللطيف
جي بيتن ۾ اهڙا بيت ملن ٿا، جن جهڙا ڍولا مارو
گاٿا ۾ آهن.“ (سنڌي نظم جي تاريخ، ص 71)
ڪاٺياواري دوها سنگره ۽ گجراتي رسالي ۾ قاضي قادن
جي بيت هجڻ سان خبر پوي ٿي ته ڪڇ ۽ سوراشٽرا جي
شاعريءَ جي سنگرهن ۾ سنڌي بيتن جو چڱو ذخيرو موجود
آهي. اگر اڃا به ڳولا ڪجي ته قاضي قادن، شاهه لطيف
۽ ٻين سنڌي سالڪن جا ڪافي بيت هٿ اچي سگهن ٿا،
جيئن رچنداڻي صاحب لکيو آهي ته:
”ائين ته ڪيتروئي سنڌي شعر ڪڇ ۽ سوراشٽرا جي
شاعريءَ جي سنگهرن ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي، جن مان
ڪي شعر شاهه ۽ ٻين گمنام شاعرن جا آهن ته ڪن ۾ وري
ڪنهن شاعر جو نالو ڏنل آهي.“ (سنڌي نظم جي تاريخ،
ص 199)
شاهه جي رسالي جي ڏهن آڳاٽن قلمي نسخن ۽ گنج جي
سرسسئي ۾ ساڳئي طرز تي هڪ ٻيو بيت به ڏنل آهي،
جيڪو به اصل ۾ شايد قاضي قادن جو ئي بيت آهي. گنج
مان بيت هيٺ ڏجي ٿو:
ڪڏهن پئجي ڪَنُ ٿي، ڪڏهن ٿيجي واتُ،
ڪڏهن ٿيجي ٻڪرو، ڪڏهن ٿيجي ڪاتُ.
(گنج، سرسسئي، ص 31)
آڳاٽن قلمي نسخن ۾ هن بيت جا قافيا سٽن جي آخر ۾
آهن، جيڪو شاهه کان اڳ وارن بيتن جو سٽاءُ آهي. ان
خيال کان به چئي سگهجي ٿو ته هي بيت ڪنهن آڳاٽي
عارف شاعر جو آهي. اُن کان علاوه هن بيت ۾ پهاڪي
وارو خيال پڻ شامل آهي. پوين مولفن هن بيت جي ٻي
سٽ کي اڳ پوءِ ڪيو آهي، جنهنڪري اهو گمان ٿئي ٿو
ته هي بيت پوءِ جي ڪنهن شاعر جو چيل آهي.
بيت-1
ٿنڌُمَ ٿاءِ ڪُٿاءِ، ٻوڏ چَونَي جيءُ چَئهُ،
جي ڀانئين پرينءَ مـِڙان، ته ڏُوهَنئون ڳُڻُ
ڀانءِ.
(قاضي قادن جو رسالو، ص 132)
هي بيت بيان العارفين ۽ شاهه جي رسالي جي لڳ ڀڳ
سڀني نسخن ۾ موجود آهي. دادو ديال وارن چئني ماخذن
۾ هي بيت ڪونهي. اصل ۾ هي بيت شاهه عبدالڪريم جو
آهي، جيڪو سندس رسالي ۾ پڻ موجود آهي. اگر ڪنهن
ٻئي ماخذ مان خبر پوي ته پوءِ ان کي قاضي قادن جو
قرار ڏجي. اسان وٽ پرک لاءِ ٻيو ڪو ماخذ ڪونهي،
جنهن جي آڌار تي چئي سگهجي ته هي بيت قاضي قادن جو
آهي. اميد ته ايندڙ محقق هن بيت کي قاضي قادن
ڏانهن منسوب نه ڪندا.
(12) اکيون
ڊاڪٽر صاحب هن باب ۾ پنج بيت رکيا آهن. بيت نمبر 1
۽ 5 صنعت موشحات ۾ چيل آهن، يعني سٽن جي وچ ۾ ۽
آخر ۾ قافيا آهن. بيت نمبر 2 شاهه جي رسالي تان
ورتل آهي. سڀيئي بيت قاضي قادن جي اسلوب بيان
مطابق ۽ سهڻي ترتيب سان رکيل آهن.
بيت-1
اُڀَرندي سـِجان، پـِرين جي نه پَسَندِيُون،
ڪَڍي کي ڪانگان، نـِوالا نيڻ ڏيان.
(قاضي قادن جو رسالو، ص 136)
هي بيت ڊاڪٽر صاحب لفظ ”ڪانگان“ (قاضي قادن جي جمع
واري خاصيت مطابق) جي ڪري قاضي قادن ڏانهن منسوب
ڪيو آهي. هن بيت ۾ ”سجان“، ”ڪانگان“ ۽ ”ڏيان“ ٽي
قافيا ڏنل آهن. جيڪڏهن بيت جا قافيا ”سجان“ ۽
”ڏيان“ واري صورت ۾ رکبا، تڏهن به بيت صحيح ٿيندو
۽ اگر قافيا ”سجان“ ۽ ”ڪانگان“ ڪري پڙهبا، تڏهن به
بيت جي صورت صحيح ٿيندي. شاهه جي رسالي ۾ به ڪي
بيت ڏنل آهن، جيڪي ٽن قافين تي مشتمل آهن، جن
متعلق ڪنهن ٻئي مقالي ۾ گفتگو ڪبي. شاهه جي رسالي
جي ڏهن آڳاٽن قلمي نسخن واري ايڊيشن ۾ هي بيت ڏنل
ڪونهي. البت هي بيت گنج ۽ بمبئي رسالي ۾ موجود
آهي. هن بيت سان گڏ ٻه ٻيا به لاڳيتا ڏنل آهن،
جيڪي به شايد قاضي قادن جا ئي چيل ٿا ڏسجن. ٻنهي
جو پڙهڻيون هيٺ ڏجن ٿيون:
(1)
اُڀرندي سج، پرين جي نه پسنديون،
ڪڍي ٻئي ڏج، اَکڙيون ڪانگن کي.
(بمبئي ڇاپو/واصف، سر آسا، ص 413)
(2)
اَکڙيون پرين ري، جيڪي ٻيو پسن،
ڪڍي کي ڪانگن، نوالا نيڻ ڏيان.
(بمبئي ڇاپو/واصف، سر آسا، ص 413)
ڊاڪٽر صاحب بيت ۾ لفظ ”سجان“ لکيو آهي، جڏهن ته
رسالي جي ڪن نسخن ۾ ”سج مان“ لکيل آهي ته ڪن نسخن
۾ وري ”سڄ سان“ لکيل آهي. بمبئي ڇاپي ۾ لفظ
”ڪانگان“ لکيل آهي، جڏهن ته گنج ۾ ”ڪانگان“ لکيل
آهي. متن واري بيت جو فقرو ”پرين جي نه پسنديون“
بمبئي ڇاپي واري بيت جي ٻي سٽ ۽ بمبئي ڇاپي جي بيت
نمبر 2 جي آخري سٽ ٻنهي بيتن ۾ ساڳي رکيل آهي،
جنهن مان گمان ٿئي ٿو ته اِهي ٽئي بيت ڪنهن هڪ
سالڪ جا چيل آهن، جو اُنهن جو سرو سري سان مليل
آهي. اِهي ٽئي بيت قاضي قادن جا چيل آهن يا ڪنهن
ٻئي سالڪ جا يا اصل حقيقت ڇا آهي، اُن باري ۾ ڪجهه
چئي نٿو سگهجي.
(13) ڪُهي ڪيا شهيد
هن باب هيٺ ڊاڪٽر صاحب اٺ بيت رکيا آهن، جن مان
ڇهه بيت ”حڪايات الصالحين“ تان ورتا ويا آهن ۽ هڪ
بيت دادو ديال وارن ماخذن جو آهي. بيت نمبر 1
”حڪايات الصالحين“ تان کنيل آهي ۽ دادو ديال وارن
ماخذن ۾ ڪونهي. بيت نمبر 3 ۽ 4 شاهه لطيف جا آهن،
جيڪي سندس رسالي ۾ پڻ قلمبند ٿيل آهن. بيت نمبر 5
موشحات جو عمدو مثال آهي. باقي بيت قاضي قادن جي
اسلوب بيان مطابق ۽ سهڻي ترتيب سان رکيل آهن.
بيت-1
ڪُهي ڪَيا شَهيدَ، تو جي اَکڙينِ سان،
تَن تُنهنجي تاتـِڙي، نَه ڪو عيشُ (نَه عيدَ).
(قاضي قادن جو رسالو، ص 139)
هي بيت دادو ديال وارن چئني ماخذن ۾ ڪونهي. ڊاڪٽر
صاحب ”حڪايات الصالحين“ تان ورتو آهي. بيت تمام
سهڻو چيل آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته قاضي قادن جو هجي.
ڊاڪٽر صاحب هي بيت فقري ”تن تنهنجي تاتڙي“ جي
بنياد تي قاضي قادن جو ڄاڻايو آهي. ڊاڪٽر صاحب هن
بيت ۾ ”ڪهي ڪيا شهيدَ“ ۽ ”تاتڙي“ لکيو آهي، جڏهن
ته اصل ڪاتب ”ڪهي ڪيئي شهيد“ ۽ ”تات ري“ لکيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب اِهي پڙهڻيون پنهنجي طرفان ڏنيون آهن،
نه ته اصل پڙهڻيون ائين ڪونهن. ڊاڪٽر شوق فقرو ”نه
عيد“ لکيو آهي، جيڪو صحيح آهي.
بيت-1
ايءَ پَرِ سندِي سَڄڻان، جي ڪُهنِ ۽ ڪوٺينِ.
(قاضي قادن جو رسالو، ص139)
هن بيت جو ماخذ ”حڪايات الصالحين“ آهي. ڊاڪٽر بلوچ
هن بيت متعلق لکيو آهي ته حڪايات الصالحين جي
شروعاتي صفحن تي ڏنل ٽن اڻپورن بيتن مان آخري بيت
جي فقط هي هڪ سٽ سلامت رهي آهي، جيڪا بيت جي پهرين
يا آخري سٽ ٿي سگهي ٿي. (قاضي قادن جو رسالو، ص
192).
اصل ۾ هي بيت شاهه عبداللطيف جو آهي، جيڪو شاهه جي
رسالي جي سڀني قلمي توڙي ڇاپي نسخن جي سريمن ڪلياڻ
۾ ٽن سٽن سان قلمبند ٿيل آهي. جيتوڻيڪ هي بيت
اوائلي دَور جي رسالن ۾ ڪونهي، پر بمبئي ڇاپي ۽
گنج ۾ ڏنل آهي. مٿين سٽ بيت جي پهرين سٽ آهي.
ڊاڪٽر صاحب هڪ طرف هي بيت قاضي قادن ڏانهن منسوب
ڪيو آهي ته ٻئي طرف هي بيت شاهه جي رسالي (معياري
متن، جلد، 1، سريمن ڪلياڻ) ۾ به رکيو آهي، جتي اُن
جي پڙهڻي هيٺينءَ طرح آهي:
ڪهن ۽ ڪوٺين، اي پر سندي سڄڻين،
سوري چاڙهيو سپرين، ڏنڀ ڏيهاڻي ڏين،
ويٺا ورهه وٽين، آءُ واڍوڙيا وهاء تون.
(سريمن، 1: 13، ص 139)
بَندِي سَڀ قَرار، اسان لوچَڻ لوهَڙِيين،
مٿي تَنَ تَرار، سَدا سُپيرينِ جي.
(قاضي قادن جو رسالو، ص 140)
ڊاڪٽر صاحب هن بيت جو ماخذ حڪايات الصالحين ڄاڻايو
آهي، جڏهن ته هي بيت اوائلي دور جي رسالن ۽ لڳ ڀڳ
سڀني ڇاپي ۽ قلمي نسخن جي ”سر مارئي“ ۾ موجود آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي بيت فقري ”سپيرين“ جي بنياد تي قاضي
قادن جو ڄاڻايو آهي، جڏهن ته اهو فقرو سنڌ جي ٻين
سالڪن جي بيتن ۾ پڻ موجود آهي، ته پوءِ ڇا اُهي
سڀيئي بيت قاضي قادن جا ٿيا؟ اصل ۾ هي بيت شاهه
لطيف جو آهي ۽ اُن جي اسلوب بيان مطابق آهي. في
الحال اسان وٽ ٻيو ڪو اهڙو ماخذ ڪونهي، جنهن جي
آڌار تي چئجي ته هي بيت قاضي قادن جو آهي. ها اگر
ڪنهن ٻئي ماخذ مان خبر پوي ته پوءِ ڀل اُن کي قاضي
قادن جو قرار ڏجي. شاهه جي رسالي جي ڪن نسخن مان
بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:
(1)
بَندِي ٻيا قَرار، اسين لوچُون لوهَه ۾،
مَٿي تَنَ تَرار، سَندا سانڀيئڙن جي.
(گنج، سر مارئي، ص 665)
(2)
بَندِي ٻيا قَرار، اسين لوچُون لوهَه ۾،
مَٿي تَنَ تَرار، سَدا سانڀيئڙن جي.
(بمبئي ڇاپو، واصف، سر مارئي، ص441)
(3)
بَندِي ٻيا قَرار، اسين لوچُون لوهَه ۾،
مَٿي تَنَ تَرار، سَدا سانڀيئڙن جي.
(شاهه جو رسالو، قليچ، سرمارئي، ص 812)
(4)
بَندِي ٻئا قَرار، اسين لوچُئون لوهَه ۾،
مَٿي تَنَ تَرار، سَدا سانبيئڙن جي.
(10- قلمي نسخا، سرمارئي، ص 421)
(14) محبت کي ڍڪ
هن باب ۾ ڊاڪٽر صاحب ست بيت رکيا آهن. بيت نمبر 4
۽ 5 صنعت موشحات جا سٺا مثال آهن. بيت نمبر 7 دادو
ديال وارن ماخذن کان علاوه ”حڪايات الصالحين“ جي
حاشئي تي پڻ ڏنل آهي. قاضي قادن هي بيت شيخ فريد
جي بيت کان متاثر ٿي چيو. باقي بيت قاضي قادن جو
اسلوب بيان مطابق ۽ سهڻي ترتيب سان رکيل آهن.
بيت-1
روز محشرَ ڏِينهڙي، سَتَر سـِجَ تَپنِ،
سَڀوئي جهَڙ ڀانئيان، جي مون پـِرين مـِڙنِ.
(قاضي قادن جو رسالو، ص 153)
هي بيت دادو ديال وارن ٽنهي ماخذن (جيپور
گرنٿ-6/53، سنتون ڪي واڻي /53 ۽ ورهد سڪل/50) ۾
ڏنل آهي. اُن کان علاوه هي بيت ”حڪايات الصالحين“
جي حاشئي تي پڻ ڏنل آهي، جتي اُن جي پڙهڻي هيٺينءَ
طرح آهي:
روز محشَر جـِتهين، سَهسين سـِجَ تَپَن،
سڀيئي جهُڙ ڀانئيان، جي مون پرين مـڙَن.
(اڻلڀ سنڌي بيت/مهرڻ، ص 118)
دادو ديال وارن ماخذن ۽ حڪايات الصالحين واري
پڙهڻيءَ مان وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي هيٺين بيهندي:
روز محشرَ ڏينهڙي، سَهسين سـِجَ تَپَن،
سڀوئي جهڙ ڀانئيان، جي مون پرين مـِڙَنِ.
(راقم طرفان سنواريل)
دادو ديال وارن ماخذن ۾ ”ستر“ جو انگ ڏنل آهي. اُن
جي ڀيٽ ۾ حڪايات الصالحين واري پڙهڻيءَ ۾ ”سهسين“
جو لفط آندل آهي، جنهن جو تعداد ڄاڻايل ڪونهي،
يعني ڪيترا به سج هجن. اهو وڌيڪ موزون ٿو لڳي. بيت
قاضي قادن جي اسلوب بيان مطابق آهي ۽ شيخ فريد جي
هيٺئين بيت تي تضمين ڪيل آهي. آدگرنٿ کان ٻاهر
ڏنل بيتن مان شيخ فريد جي اصل بيت جي پڙهڻي هيٺ
ڏجي ٿي:
تن تپي تنور جيون، ٻالڻ هڏ جلن،
پيرين ٽڪان سرين جلان، جي مون پرين ملن.
ٻنهي بيتن ۾ فقرو ”جي مون پرن ملن“ آيل آهي، جنهن
مان لڳي ٿو ته قاضي قادن، شيخ فريد جي بيتن کان
گهڻو متاثر هو، جو اُن جي چڱن بيتن تي تضمين ڪئي
اٿس.
(15) هنجهه: اعليٰ ڪردار
هن موضوع هيٺ ڊاڪٽر صاحب چار بيت ڏنا آهن. بيت
نمبر 1 حڪايات الصالحين تان ورتل آهي. بيت نمبر 2
شاهه جي رسالي تان ورتل آهي. باقي ٻه بيت دادو
ديال وارن ماخذن ۾ آهن، جن مان بيت نمبر4 شيخ فريد
جي بيت جو سنڌي ترجمو لڳي ٿو. سڀني بيتن جي ترتيب
سهڻي رکيل آهي.
بيت-1
اڇا ٻَگهه مَ پَس، وَرُ ميرائي هنجڙا،
رتا جي خالق سين، تني لڳي م ڪَسُ.
(قاضي قادن جو رسالو، ص 158)
هي بيت دادو ديال وارن چئني ماخذن ۾ ڪونهي. ڊاڪٽر
صاحب ”حڪايات الصالحين“ تان ورتو آهي. ڊاڪٽر صاحب
هي بيت فقري ”رتا جي خالق سين“ جي بنياد تي قاضي
قادن جو ڄاڻايو آهي. بيت جو اسلوب بيان قاضي قادن
جي بيتن مطابق آهي ۽ ٻولي بيان العارفين ۾ ڏنل ستن
بيتن سان ملي ٿي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هن بيت جي
ٻولي ۽ اسلوب بيان شاهه جي بيتن سان پڻ ملي ٿو،
انڪري بيت جي مالڪيءَ جو سوال تمام ڏکيو آهي. گنج
۾ ”سرسسئي“ هيٺ هڪ بيت ساڳئي فقري ”تني لڳي م
ڪَسُ“ سان ڏنل آهي. گنج مان بيت هيٺ ڏجي ٿو:
تن جيسر ميرياڻين جسُ، جي لـِلہ ڪارڻ لنڊيون،
تني لڳي م ڪَسُ، جي ايندن ويندن سنديون.
(گنج، سر سسئي، ص 181)
گنج وارو بيت به تمام سهڻو چيل آهي ۽ ٿي سگهي ٿو
ته قاصي قادن جو هجي. جو اُن ۾ صنعت موشحات جو
سهڻو استعمال ٿيل آهي، جنهن جي وچ ۽ آخر ۾ قافيا
ڏنل آهن. جيئن ته قاضي قادن جا گهڻا بيت صنعت
موشحات ۾ چيل آهن، ان خيال کان به چئي سگهجي ٿو ته
شاهه جي رسالي وارو بيت متان قاضي قادن جو نه هجي:
بيت-2
سَرُ سُڪـِي کَڙيُون ٿيو، اُڏرڻ لڳي کيہِ،
ماناسَر جي هنجڙي، لَڏي ڇڏيو ڏيہِ.
(قاضي قادن جو رسالو، ص 158)
هي بيت ڊاڪٽر صاحب شاهه جي رسالي تان کنيو آهي ۽
”سَر ۽ هنجن واري موضوع“ جي بنيادن تي قاضي قادن
جو ڄاڻايو آهي. بيت جا قافيا سٽن جي آخر ۾ ڏنل
آهن. بيتن جي اها سٽاءَ شاهه کان اڳ وارن بيتن جي
آهي ۽ بيت دوهي جي صورت ۾ ڏنل آهي. هن بيت ۾ ڏنل
فقرو ”سَر سُڪي“ شاهه جي رسالي ۾ ڏنل هڪ ٻئي بيت ۾
پڻ موجود آهي. شاهه جي رسالي وارو بيت هيٺ ڏجي ٿو:
سَرُ سُڪي سال ٿئا، هنجهه ته هرئو پيرِ،
ڪنگ ويچارو ڪير، جو رسي اُن رمز کي.
(گنج، سر ڪارايل، ص 837)
ٻنهي بيتن جو اسلوب بيان ساڳيوئي لڳي ٿو. ڪن نسخن
۾ ’رمز‘ جي بجاءِ ’رموز‘ لکيل آهي.
(16) ستا اُٿي جاڳ
هن باب ۾ ڊاڪٽر صاحب ست بيت رکيا آهن. بيت نمبر 1
شيخ فريد جي بيت جو هوبهو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو
ذڪر شيخ فريد جي بيت ۾ ايندو. بيت نمبر 2 لفظن جي
ٿوري ڦير ڦار سان پير صدر الدين جي هڪ دوهي نما
ڪافيءَ ۾ ڏنل آهي. بيت نمبر 4 سرائڪي ٻوليءَ جو
آهي ۽ صنعت موشحات ۾ چيل آهي. بيت نمبر 6 ”حڪايات
الصالحين“ تان ورتل آهي ۽ شاهه لطف الله قادريءَ
جو آهي. بيت نمبر 7 تي سنڌ جي هڪ عالم جي تنقيد
ٿيل آهي. باقي بيت قاضي قادن جي اسلوب بيان مطابق
۽ سهڻي ترتيب سان رکيل آهن.
بيت-1
سُتُون سَڄي راتِ، مُنهن ڍَڪي مُئنِ جـِيئن،
نه تو سَمَرَ تاتِ، جهوري تو آهه ڪا.
(قاضي قادن جو رسالو، ص162)
هي بيت سنتون ڪي واڻي کان علاوه جيپور گرنٿ-6/83)
۽ ورهد /81) ۾ پڻ ڏنل آهي. مٿيون بيت لفظن جي ٿوري
ڦير ڦار سان پير صدر الدين جي هڪ گنان ۾ موجود
آهي. پير صدر الدين (1290-1409ع) جو گنان هيٺ ڏجي
ٿو:
اُٿي الله گهرين نه بندا، تون سُتين سڄي رات،
نڪا جهوري جي بندا، نڪو سمر ساٿ.
شاهه منجهيڙو تن، جي صبوحڙي جاڳن.
(سنڌي نظم جي تاريخ/ رچنداڻي، ص 91)
بيت-2
جان جان جو نه پَسن، جنهن ڪارڻ جوڳي ٿيا،
تان تان سَناسين، وَرَهِه وِهامي راتڙي.
(قاضي قادن جو رسالو،ص 164)
هن بيت جو ماخذ حڪايات الصالحين آهي. ڊاڪٽر صاحب
هي بيت قاضي قادن ڏانهن منسوب ڪيو آهي. ان جي جواز
۾ لکيو آهي ته هن بيت ۾ آيل لفظ ”جان جان“، ”تان
تان“ ۽ ”راتڙي“ قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهن. اصل
۾ اهي لفظ سنڌ جي ٻين سالڪن جي بيتن ۾ پڻ موجود
آهن، انڪري اهو جواز صحيح نٿو لڳي. هي بيت شاهه
لطف الله قادريءَ جو آهي، جنهن کي قاضي قادن جو
ڪري ڄاڻايو ويو آهي، ڊاڪٽر صاحب جي ترتيب ڏنل
”سنڌي رسالي“ مان شاهه لطف الله قادريءَ جو چيل
چئن سٽن وارو اصل بيت هيٺ ڏجي ٿو، جنهن ۾ حڪايات
الصالحين واري بيت جون ٻئي سٽون شامل آهن.
جنہ ڪارڻ جوڳي ٿئا، جان جان سو نه پسن،
ورهه وهامي راتڙي، تان تان سناسين،
اوءِالله لايو اکيين، سدا ٿا سڪن،
پر ۾ ٿا پچن، سي سناسي سبحان کي.
(سنڌي رسالو/ڊاڪٽر بلوچ، ص 66)
ڊاڪٽر صاحب 1968ع ۾ شاهه لطف الله قادريءَ جو
ڪلام، ”سنڌي رسالي“ جي صورت ۾ ايڊٽ ڪري،
سنڌالاجيءَ مان شايع ڪيو. مهاڳ واري حصي ۾ شاهه
لطف الله قادريءَ جي بيتن جي ڀيٽ ڪندي حاشئي ۾
مٿئين بيت متعلق لکيو ته، ”هي بيت اصل ۾ شاهه لطف
الله جا آهن. غالباً ڀٽائي صاحب ڪچهري ۾ پڙهيا،
فقيرن ٻڌا ۽ پوءِ رسالي ۾ داخل ٿيا.“ (سنڌي
رسالو/ڊاڪٽر بلوچ، مقدمو، ص 47)
اصل ۾ حقيقت به اها آهي ته شاهه لطيف فقيرن آڏو
سنڌ جي سالڪن جا بيت پڙهيا، جيڪي پوءِ فقيرن ٿوري
ڦير ڦارسان رسالي ۾ داخل ڪيا؛ پوءِ ائين سمجهيو
ويو ته اِهي بيت به شاهه لطيف جا آهن! جيئن مٿيون
شاهه لطف الله جو بيت به شاهه لطيف فقيرن آڏو
پڙهيو، جيڪو پوءِ رسالي ۾ داخل ٿيو ۽ ائين سمجهيو
ويو ته هي بيت به شاهه لطيف جو آهي. شاهه جي سالي
جي ”سررامڪلي“ مان شاهه لطف الله قادريءَ جو بيت
هيٺ ڏجي ٿو، جيڪو ٻن سٽن تي مشتمل آهي:
جان جان جو نه پسن، جنهن ڪارڻ جوڳي ٿيا،
تان تان سناسين، ورهه وهامي راتڙي.
(بمبئي ڇاپو/واصف، سر رامڪلي، ص 346)
لڳي ٿو ته شاهه لطف الله قادريءَ جو مٿيون بيت ڪو
اُن وقت گهڻو مشهور هو جو ”حڪايات الصالحين“ جي
ڪاتب اُن کي حاشئي تي لکيو ۽ شاهه صاحب پڻ اهو بيت
فقيرن آڏو پڙهيو. ’حڪايات الصالحين‘ جي حاشئي تي
هڪ ٻيو بيت به لکيل آهي، جيڪو به ٿي سگهي ٿو ته
شاهه لطف الله قادريءَ جو هجي، يا ٿي سگهي ٿو ته
شاهه صاحب اُن مٿئين بيت تي تضمين ڪيو هجي. بيت
هيٺ ڏجي ٿو:
جي سو ڏٺائون، جنهن ڪارڻ جوڳي ٿيا،
سرهايون سرير ۾، لکين لڌائون،
ڪو نه چوندن ڪڏهين، ته ڪي ماڻڪ ميڙيائون.
(اڻلڀ سنڌي بيت/مهراڻ، ص 125)
بيت-3
جوڳي جاڳايوسِ، سُتو هوسِ ننڊر ۾،
تِهان پوءِ ٿيوسِ، سَندي پـِريان پيچري.
(قاضي قادن جو رسالو، ص 165)
هي بيت دادو ديال وارن ماخذن کان علاوه شاهه جي
رسالي ۽ بيان العارفين ۾ پڻ ڏنل آهي. ڊاڪٽر صاحب
بيت جي پڙهڻي شاهه جي رسالي ۽ بيارن العارفين
مطابق رکي آهي، جيڪا دادو ديال وارن ماخن ۾ ڏنل
پڙهڻين کان معياري آهي. قاضي قادن جا ڪي بيت
مغالطي وارا آهن، جن مان ڪن جا جواب ڏنا آهن.
مولوي ابوالحسن ڏاهري (1116-1181هه) سنڌ جو جيد
عالم ٿي گذريو آهي. هن قاضي قادن جي مٿئين بيت تي
تنقيد ڪئي آهي، جيڪا سنڌي ادب ۾ ”پهرين ادبي
تنقيد“ چئي سگهجي ٿي. اُن جو ذڪر ڊاڪٽر شيخ محمد
ابراهيم خليل ”ادب ۽ تنقيد“ ۾ تفصيلي طور ڪيو آهي.
”سڀ کان اڳي سنڌي ادب ۾ تنقيدي اشارو اسان کي
مولوي ابوالحسين ڏاهريءَ جي ڪلام ۾ ملي ٿو، جنهن
قاضي قادن (متوفي 958هه) جي ڪلام تي ڪيو هو. قاضي
صاحب جي هڪ بيت جي مصرع آهي: ”جوڳي جاڳايوس، ستو
هوس ننڊ ۾“ مولوي صاحب اعتراض ورتو:
”نه جوڳي ست عارف نه سمني گهي-شده هرکي ملحد و
گمرهي.“
تنقيد ۾ هيءَ ڳالهه قابل غور آهي ته قاضي صاحب جو
ڪلام سنڌيءَ ۾ آهي ۽ اعتراض فارسيءَ ۾! هن مان
هيءُ نڪتو ٿو ثابت ٿئي ته ٻنهي جي ٻولي سنڌي هئي ۽
ٻيئي بزرگ فارسي زبان جا به ماهرهئا. جيڪڏهن قاضي
قادن فارسي نه ڄاڻندو هجي ها ته اعتراض بيڪار ٿئي
ها، پر مولوي صاحب جي ڄاڻ ۾ هو ته قاضي قادن فارسي
ٻولي جو ماهر هو. انهيءَ ڪري اعتراض فارسيءَ ۾ ڪيو
ويو، ڇاڪاڻ ته اُن وقت لکڻ پڙهڻ ۽ تصنيف و تاليف
جي اهائي خاص زبان هئي.
مولوي صاحب جي تنقيد جو هي تجزيو آهي ته هن جي علم
۾ ’جوڳي‘ ۽ ’عارف‘ مترادف لفظ نه هئا. ’جوڳي‘ لفظ
جو مفهوم ’عارف‘ جي لفظ مان ظاهر نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ
ته ’جوڳي‘ لفظ جي مفهوم ۾ ڪفر و شرڪ جو شبو موجود
آهي ۽ لفظ ’عارف‘ ۾ هن جي گنجائش نه آهي. تنهنڪري
فن بلاغت جي اعتبار کان قاضي قادن جو لفظ ’جوڳي‘
مولوي ابوالحسن وٽ قابل اعتراض آهي، ڇاڪاڻ ته هن
لفظ مان عرفان جي بجاءِالحاد جي تعليم جي استعانت
ٿي ٿئي.“
(”ادب ۽ تنقيد“، ص 173 ۽ 174)
ڊاڪٽر خليل جي مٿئين بيان ۾ گهڻو مونجهارو آهي.
سندس لکت مان ائين پيو ظاهر ٿئي، ڄڻ قاضي قادن ۽
ابوالحسن ڏاهري هڪ ئي وقت موجود هئا ۽ مولوي صاحب
اها تنقيد انڪري فارسيءَ ۾ لکي ته جيئن قاضي قادن
اها تنقيد ڏسي، جو هو به فارسي زبان جو ماهر هو.
قاضي قادن سنه 958هه ۾ وفات ڪئي، جڏهن مخدوم
ابوالحسن ڏاهريءَ جي وفات 1181هه ۾ ٿي آهي. سندس
اها تنقيد گهڻو پوءِ جي لکيل آهي، انڪري اهو ممڪن
ڪونهي ته ڪو هن اها تنقيد فارسيءَ ۾ انڪري لکي ته
جيئن قاضي قادن اها تنقيد ڏسي سگهي.
شاهه عبداللطيف جو به ساڳي معنيٰ ۾ بيت چيل آهي،
جنهن مان ظاهر آهي ته شاهه صاحب کي به ان بيت جي
ڄاڻ هئي. رسالي مان بيت هيٺ ڏجي ٿو:
لاڳاپا لاهه، لحظي ۾ لطيف چئي،
تـِهان پوءِ پڇاءِ، پريان سندو پيچرو.
(گنج، سر سسئي، ص 152)
(17) الست ارواحن کان
هن باب ۾ ڊاڪٽر صاحب چار بيت رکيا آهن. بيت نمبر 4
شاهه ڪريم جو آهي ۽ اُن جي رسالي تان ورتل آهي.
باقي ٽي بيت قاضي قادن جي اسلوب بيان مطابق لڳن ٿا
۽ سهڻي ترتيب سان رکيل آهن.
بيت-1
جـِنہ سَرِ سندو نُور، جيلاه سو سُونهون ٿئي،
تيلاه لَڀن سُپرين، ڳالهِه لَهجي مُورُ.
(قاضي قادن جو رسالو، ص 176)
هن بيت جا ماخذ بيان العارفين ۽ شاهه جو رسالو
آهن. ڊاڪٽر صاحب هي بيت قاضي قادن ڏانهن منسوب ڪيو
آهي ۽ جواز ۾ لکيو آهي ته هن بيت ۾ لفظ ”سپريان“
قاضي قادن جي ٻوليءَ جو خاص لفظ آهي. جيئن اسان
مٿي لکيو آهي ته ”سپريان“ لفظ سنڌ جي ٻين سالڪن به
بيتن ۾ استعمال ڪيو آهي، انڪري اهو جواز ڪو ايڏو
سگهارو ڪونهي، جنهن جي آڌار تي چئجي ته هي بيت
قاضي قادن جو آهي. ان کان علاوه هي بيت دادو ديال
وارن ماخذن ۾ به ڪونهي ۽ نه ئي ٻئي ڪنهن ماخذ ۾
اهو لکيو آهي ته هي بيت قاضي قادن جو آهي.
جيستائين ٻئي ڪنهن ماخذ مان خبر پوي تيستائين هي
بيت شاهه ڪريم جو ئي سمجهڻ گهرجي.
(ب) دادو ديال وارن ماخذن ۾ ڏنل بيتن جو جائزو
”سنتون ڪي واڻي“ مان قاضي قادن جي بيتن لڀجڻ کان
پوءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪوشش وٺي ٻين ٽن گرنٿن
(جيپور گرنٿ-6، جيپور گرنٿ-4 ۽ ورهد) جو پتو لڳايو
۽ اُنهن ۾ قاضي قادن جي ڏنل ’ساکين‘ مان بيتن کي
سوڌي۽ سنواري سال 1999ع ۾ ”قاضي قادن جو رسالو
”شايع ڪيو. دادو ديال وارن اُنهن چئني ماخذن ۾ ڏنل
بيتن جو جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو.
(1) سنتون ڪي واڻي
”سنتون ڪي واڻي“ وارو گرنٿ هندوستان جي صوبي
هرياڻا جي شهر ’راڻيلا‘ ۾ دادو پنٿي ڀڳتن جي مَٺ ۾
رکيل آهي، جنهن ۾ اوڻهتر سنتن ۽ سالڪن جو ڪلام ڏنل
آهي. هن مَٺ يا مڙهيءَ جو بنياد دادو پنٿي ڀڳت هري
داس 1778ع ۾ رکيو. رچنداڻي صاحب لکي ٿو ته ”راجا
رام نالي هڪ شخص کي هرياڻا جي راڻيلا مَٺ مان ڪجهه
بيت مليا، جي ’ديوناگري سنڌي‘ ۾ لکيل هئا. اُهو
راجا رام، دادا جيرامداس دولترام سان اُن باري ۾
گڏيو ۽ اُنهن کي سوڌي ڇپائڻ جون ڳالهيون ڪيائين.
بعد ۾ هيري ٺڪر راجا رام سان ڳالهيون ڪري اهو بار
پاڻ تي هموار ڪيو.“ (”سنڌي نظم جي تاريخ، ص 83،
84).
هيري ٺڪر جڏهن ”قاضي قادن جو ڪلام“ شايع ڪيو ته
اُن ۾ لکيائين ته قاضي قادن جي لڌل 118 بيتن ۾ 6
بيت ٻين سالڪن جا آهن، جن ۾ هڪ بيت هلو جو، هڪ بيت
دادو ديال جو، هڪ شيخ فريد جو ۽ ٽي بيت قاضي محمود
جا آهن. باقي 112 بيتن متعلق لکيائين ته اِهي قاضي
قادن جا آهن. سُتت ئي ڊاڪٽر بلوچ صاحب اُنهن بيتن
تي ”مهراڻ“ جي پرچن ۾ تفصيلي بحث ڪيو ۽ اٺهتر بيت
قاضي قادن جا ڄاڻايا ۽ باقي چاليهن بيتن متعلق
لکيائين ته ”اهي ٻين سالڪن جا آهن“. ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جن جو اهو تجزيو پنهنجيءَ جاءِ تي بلڪل صحيح
۽ درست هو. مون ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ترتيب ڏنل
”قاضي قادن جي رسالي“ جو غور سان مطالعو ڪيو. اُن
تجزيي هيٺ، ”سنتون ڪي واڻي“ ۾ هيري ٺڪر جي ڄاڻايل
ڇهن بيتن کان علاوه مون کي ڪن ٻين سالڪن جا بيت پڻ
نظر آيا، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
بيت نمبر 37 شاهه لطف الله قادريءَ جو آهي، جيڪو
سندس ”سنڌي رسالي“ ۾ پڻ ڏنل آهي. بيت نمبر 74 ۽
76 شيخ فريد جا آهن ۽ ”آدگرنٿ“ ۾ موجود آهن. بيت
نمبر 12، 92، 101 ۽ 111 ”آدگرنٿ“ کان ٻاهر ڏنل شيخ
فريد جي بيتن جو سنڌي ترجمو ٿيل آهي. بيت نمبر 64
رحمان سالڪ جو آهي، باقي جيڪي بيت ڊاڪٽر صاحب ٻين
سالڪن جا ڄاڻايا آهن، تن مان به ڪي بيت قاضي قادن
جي اسلوب بيان مطابق آهن، جن جو تفصيل اڳتي ايندو.
(2) بابا شيخ فريد گنج شڪر
دادو ديال وارن ماخذن ۾ ٻين سالڪن جي بيتن جو ذڪر
ڪندي هيري ٺڪر لکيو ته شيخ فريد جو هڪ بيت ”سنتون
ڪي واڻي“ ۾ موجود آهي، جنهن لاءِ لکيائين ته اُهو
ٿوري ڦير گهير سان ”آدگرنٿ“ ۾ پڻ ڏنل آهي. ڊاڪٽر
صاحب جڏهن ”قاضي قادن جو رسالو“ مرتب ڪيو ته اُن ۾
ٻين سالڪن جي ڪلام متعلق تفصيل ڏيندي لکيو ته هڪ
ٻيو بيت به شيخ فريد جو ”سنتون ڪي واڻي“ ۾ موجود
آهي، پر ڊاڪٽر صاحب اُن بيت جي نشاندهي نه ڪئي ته
اُهو ڪهڙو بيت آهي. هيري ٺڪر جڏهن ”سنتون ڪي واڻي“
مان قاضي قادن واري باب ۾ ڏنل بيت لکيا ته هن کي
گهربو هو ته اُن ڪتاب ۾ شيخ فريد جي ساکي به ڏسي
ها ته قاضي قادن جي بيتن متعلق وڌيڪ ڄاڻ حاصل ٿئي
ها، پر هن ائين نه ڪيو. مون جڏهن ”آدگرنٿ“ ۾ ڏنل
بابا فريد گنج شڪر (1175-1265) جي بيتن جو مطالعو
ڪيو ته خبر پيئي ته شيخ فريد جا 130 بيت ”آدگرنٿ“
۾ ڏنل آهن، جن مان ٻه بيت قاضي قادن واري باب ۾
ڏنل آهن جن جو تفصيل هيٺ پيش ڪجي ٿو:
(1)
ڏينهن لٿا سنجها پئي، اڳون آئي رات،
کڙا پڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪپر وات.
(سنتون ڪي واڻي، بيت: 76، ص 237)
”سنتون ڪي واڻي“ کان علاوه هي بيت جيپور گرنٿ-6
/76) ۽ ورهد /72) ۾ پڻ ڏنل آهي. هن بيت متعلق هيري
ٺڪر ۽ ڊاڪٽر صاحب لکيو ته هي بيت ”آدگرنٿ“ ۾
ٿوريءَ ڦير گهير سان شيخ فريد جي دوهن ۾ شامل آهي.
لڳي ٿو ته هي بيت قاضي قادن شيخ فريد جي بيت تي
تضمين ڪيو آهي، جو قاضي قادن جي بيت جي پهرين سٽ
شيخ فريد جي بيت جي پهرين سٽ کان بنهه مختلف آهي.
شيخ فريد جو اصل بيت آدگرنٿ مان هيٺ ڏجي ٿو:
دکان سيتي دن گيا، سُولان سيتي رات،
کڙا پڪاري پاتڻي، بيڙا ڪپر وات.
(آدگرنٿ کان ٻاهر ڏنل بيت)
بيت-2
گَهڙيين گَهڙيين گهاريان، پَهري لَهان سَجاءِ،
مون هـِيَڙو گهڙيال جيون، ڏُکئه ريڻ بهاءِ.
(سنتون ڪي واڻي، بيت: 74، ص 237)
”سنتون ڪي واڻي“ کان علاوه هي بيت جيپور گرنٿ-6
/74) ۽ ورهد /71) ۾ پڻ ڏنل آهي. هن بيت ۾ به سنڌي
لفظ موجود آهن ۽ لڳي ٿو ته بيت کي سنڌيءَ جو ويس
ڍڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. اها ڪوشش قاضي قادن
ڪئي آهي يا جن بيت پڙهيا آهن اُهي نه سمجهي سگهيا
آهن. خدا بهتر ٿو ڄاڻي ته اصل حقيقت ڇا آهي. هن
بيت کي ڊاڪٽر صاحب قاضي قادن جي متن ۾ نه رکيو آهي
۽ سندن رايو بلڪل صحيح آهي ته هي بيت قاضي قادن جو
ڪونهي. اصل ۾ هي بيت شيخ فريد جو آهي، جيڪو
”آدگرنٿ“ ۾ شيخ فريد جي دوهن ۾ موجود آهي. شيخ
فريد جي اصل بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:
گهڙيي گهڙيي ماري، پهرين لهي سزاءِ،
سو هيئڙا گهريال جيون، ڏکي رين بهاءِ.
(آدگرنٿ کان ٻاهر ڏنل بيت)
(3) آدگرنٿ کان ٻاهر ڏنل شيخ فرد جي ڪن بيتن جو
سنڌي ترجمو
”آدگرنٿ“ ۾ ڏنل 130 بيتن کان علاوه شيخ فريد جا 60
کان مٿي ٻيا بيت به آهن، جن متعلق اهو چيو وڃي ٿو
ته اُهي به شيخ فريد جا چيل آهن. انٽرنيٽ تي
”اپنا“ جي نالي سان هڪ سائيٽ آهي، جنهن ۾ پنجاب جي
سڀني صوفي شاعرن جو ڪلام ڏنل آهي، جنهن ۾ شيخ فريد
جو نالو به اچي ٿو. شيخ فرد جي ڏنل ڪلام ۾
”آدگرنٿ“ وارا 130 بيت ڏنل آهن ۽ اُن کان علاوه 60
کان مٿي ٻيا بيت به ڏنل آهن، جن متعلق اهو لکيل
آهي ته اِهي به شيخ فريد جا آهن. اُنهن بيتن لاءِ
مون کي ڪي ماخذ ملي نه سگهيا، جو خبر پوي ته اُهي
ڪٿان ورتا ويا آهن. اُهي اصل ماخذ پاڪستان ۾ پنجاب
جي ڪتبخانن ۾ شايد ملي سگهن. هڪ وڏي عرصي کان وٺي
ملڪ کان ٻاهر رهندي، اُنهن تائين منهنجي پهچ
آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿي! ”آدگرنٿ“ کان ٻاهر
ڏنل بيتن ۾ ڪي بيت اهڙا به آهن جن جو سنڌي ترجمو
قاضي قادن جو ڪيل آهي يا ڪنهن ٻئي سنڌي سالڪ جو،
جنهن لاءِ ڪجهه چئي نٿو سگهجي. شيخ فريد جي گهر
واري بيبي مجيب النساءِ، سنڌ جي جيد عالم شيخ
ذڪريا سنڌيءَ جي ڀيڻ هئي، جيڪو پنهنجي وقت جو
هاڪارو عالم هو. اهوئي سبب آهي جو شيخ فريد جي
بيتن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جهلڪ نظر اچي ٿي ۽ شيخ
ذڪريا سنڌي، شيخ فريد جي مجلسن ۾ ڪي سنڌي بيت
پڙهيا هجن يا اُهي بيت خود شيخ ذڪريا سنڌيءَ جا
هجن، جن جو پوءِ شيخ فريد پنجابيءَ ۾ ترجمو ڪيو
هجي. اگر اها ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ اُهي بيت
ٻارهين صديءَ جا آهن ۽ ڪنهن ٻئي سنڌي سالڪ جا آهن.
آدگرنٿ“ ۾ آيل شيخ فريد جي بيتن متعلق پنجابي ادب
جي ماهرن ۾ ٻه مڪتبئه فڪر آهن، جن ۾ هڪ ڌر جو خيال
آهي ته اُهي بيت شيخ ابراهيم جا آهن، جيڪو اُن وقت
شيخ فريد جي اولاد مان هو ۽ گاديءَ جو خليفو هو.
گرونانڪ جڏهن پاڪ پتن ويو ته اُتي شيخ ابراهيم سان
ملاقات ڪيائين، جنهن کي پنهنجا لکيل بيت شيخ فريد
جي نالي سان ڏنا. اُنهيءَ کان علاوه عالمن جو
اِهو به چوڻ آهي ته اُنهن بيتن جي ٻولي شيخ فريد
کان ڪافي پوءِ جي لڳي ٿي. ٻيءَ ڌر جو خيال آهي ته
اها سڄي ڳالهه غلط آهي ۽ اهي بيت شيخ فريد جا آهن
جو ڪن ماخذن ۾ اُنهن جو ترجمو فارسيءَ ۾ ڏنل آهي.
خدا بهتر ٿو ڄاڻي ته اصل حقيقت ڇا آهي؟ هيٺ شيخ
فريد جا اهڙا بيت ڏجن ٿا، جن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو
ٿيل آهي. اهو ترجمو قاضي قادن ڪيو آهي يا ٻئي
ڪنهن، ان لاءِ تحقيق جي ضرورت آهي.
بيت-1
آهر اَلاهان، ڪو م لاهيو ڪَڏهين،
ويا ڪاڄَ هَٿان، وَڌَ آڻيندو وڏو ڌڻي.
( قاضي قادن جو رسالو، ص73)
هي بيت جيپور گرنٿ-6 /111)، سنتون ڪي واڻي /111)
۽ورهد /110) ۾ ڏنل آهي. ٽنهي ماخذن جي پڙهڻين ۾
ڪجهه فرق آهي. مٿي ڊاڪٽر صاحب واري سنواريل پڙهڻي
ڏنل آهي. ڊاڪٽر صاحب هي بيت قاضي قادن ڏانهن منسوب
ڪيو آهي ۽ رسالي جي متن ۾ رکيو آهي. اصل ۾ مٿيون
بيت شيخ فريد جو هوبهو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو
”آدگرنٿ“ کان ٻاهر ڏنل شيخ فريد جي دوهن ۾ شامل
آهي. شيخ فريد جي اصل بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:
آسرا ڌڻي منجهان، ڪوءِ نه لاهه ڪڏهن تون،
دي ايون ڪاج هتان، ورياني سچا ڌڻي.
(آدگرنٿ کان ٻاهر ڏنل بيت)
ترجمو تمام سهڻو ٿيل آهي. قاضي قادن ڪيو آهي يا
سنڌ جي ڪنهن ٻئي سالڪ، اُن لاءِ تحقيق جي ضرورت
آهي. اصل بيت جي پڙهڻيءَ ۾ لفظ ”الاهر“ لکيل آهي،
جناب علامہ آءِ. آءِ. قاضي ۽ عثمان علي انصاري
صاحب ”شاهه جي رسالي“ ۾ آيل اُن لفظ جي معنيٰ
”الله جي مدد سان“ ڏني آهي. ڊاڪٽر بلوچ ”الاهر“
جي بجاءِ ”الاهان“ لکيو آهي، جنهن جي معنيٰ ٿيندي
”الله مان“ ۽ اِهائي معنيٰ وڌيڪ صحيح آهي. اُن کان
علاوه شيخ فريد جي بيت جي اصل فقري ”آسرا ڌڻي
منجهان“ جو به صحيح ترجمو ”آهر الاهان“
=”آسرو الله مان“ ٿيندو. ڊاڪٽر صاحب جو ڏنل لفظ ”الاهان“
وڌيڪ موزون ۽ صحيح آهي، جنهن سان قافيو به درست
بيهندو.
بيت-2
هَٽ ويا جَهئن لُوڻُ، ڪَستُوري جهُنگئن گهري،
سَچان دي صابُوڻ، اَندر اَڇا نَه ڪري.
(سنتون ڪي واڻي، بيت: 101، ص 241)
”سنتون ڪي واڻي“ کان علاوه هي بيت جيپور گرنٿ-6
/101) ۽ورهد /99) ۾ به ڏنل آهي. هي بيت به شيخ
فريد جي بيت جو سنڌي ترجمو آهي. قاضي قادن ڪيو آهي
يا ڪنهن ٻئي سنڌي سالڪ، اُن متعلق ڪا حتمي ڳالهه
چئي نٿي سگهجي. ڊاڪٽر صاحب هن بيت کي قاضي قادن جي
رسالي جي متن ۾ نه رکيو آهي. ”آدگرنٿ“ کان ٻاهر
شيخ فريد جي دوهن ۾ شامل اصل بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي
ٿي:
اک ڌاجين لوڻ فريدا، ٻيا ڪستوري جهنگ چوي،
ٻاهر لاءِ صبوڻ، اندر اڇا نه ٿيوي.
(آدگرنٿ کان ٻاهر ڏنل بيت)
قاضي قادن جو ترجمو ڪيل بيت ۽ شيخ فريد جو بيت
صنعت موشحات ۾ چيل آهي. |