سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (3)

 

صفحو :18

جايس ٿورا ڪتاب لکيا آهن: غير اهم نظمن جا ٻه ننڍا ڪتاب، هڪ رواجي درجي جو اسٽيج ناٽڪ ۽ ٽي ناول سندس تصنيفون آهن. پهرئين ناول جو عنوان 'A Portrait of the Artist ad a Young Man', 1916(فنڪار جي صورت بحيثيت هڪ نوجوان) آهي. اهو ڪيٿولڪ ڊبلن ۾ ليکڪ جي پنهنجي تربيت جي باري ۾ آهي. لکڻ جي عمدگيءَ ۽ صاف گوئيءَ جي لحاظ کان اهو تمام اهم ناول آهي، جنهن ۾ جايس هڪ نوجوان ذهن ۽ جسم جي واڌ ويجهه بيان ڪئي آهي. هن ۾ اُهو سمورا جنسي ۽ اخلاقي مسئلا پيش ڪيا ويا آهن، جن جي هڪ حساس ڪيٿولڪ نوجوان کي درپيش اچڻ جي توقع ڪري سگهجي ٿي. پر جايس کي ڪنهن اهڙي پبلشر جي ڳولا ۾ ڏاڍي جاکوڙ ڪرڻي پيئي، جيڪو اهو ناول ڇپائڻ قبول ڪري. هن جديد لکڻيءَ جي نموني کي ڪو پبلشر سجهي ئي نٿي سگهيو. هُن حقيقت جي اظهار ۾ جنهن چٽائيءَ The Reader's Companion of Wold Literature, Second Edition, 1973. مطابق جيمس جايس ڪل ڇهه ڪتاب لکيا آهن. هڪ ننڍو شعري مجموعو، هڪ ناٽڪ، هڪ ڪهاڻين جو مجموعو (Dubliners 1914)، هڪ  ننڍو ناول (A Prortait of the Artist as a Young Man,) (1916)، ۽ ٻه تجرباتي وڏا ناول (1922 Ulysses,) ۽ (1936 finnegans Wake,)  کان ڪم ورتو هو، اُن کي ان دَور ۾ ليڪو لتاڙڻ سمجهيو ويندو هو ۽ اهڙين ڳالهين جي اشاعت جي اجازت نٿي ڏني ويئي. اهو پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جو زمانو هو. 1922ع ۾ جايس پنهنجي عظيم شاهڪار "Ulysses" (يوليسيس) پيش ڪيو، جنهن سندس حيثيت ويهين صديءَ جي عظيم ترين ناول نگار جي طور مڃائي ڇڏي.

اسان کي هڪ عجيب غريب حقيقت تي به غور ڪرڻو پوندو. 1904ع ۾ جڏهن جايس آئرلنڊ کان موڪلايو ته اُنهيءَ اٽل ارادي سان ته هاڻي هو ڪڏهن به واپس نه ايندو، ۽ هو سچ پچ ڪڏهن واپس به نه آيو، سواءِ اُن جي ته هو هڪ ڀيري تمام ٿورڙي وقت لاءِ ڊبلن ۾ آيو. هُن پنهنجي سموري زندگي پنهنجي اَباڻي شهر کان پري جلاوطنيءَ ۾ گذاري، پوءَ به هن پنهنجي شهر جي ماڻهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي باري ۾ ڪجهه نه لکيو. ”يوليسيس“ وڏو ڪتاب آهي، پر رڳو ڊبلن ۾ هڪ ڏينهن (16-جون 1904عـ جي سرگرمين تائين محدود آهي. اُن جي هيرو جو نالو ليوپولڊ بلوم آهي. هو هڪ نيم يهودي آهي، جيڪو هڪ اخبار لاءِ اشتهار هٿ ڪندڙ جي حيثيت سان ڪمڪري ٿو. اُها اخبار اڄ به موجود آهي ۽ اُن جو نالو "Free Masson's Journal' آهي. هُو دڪانن ۽ ٻين تجارتي ادارن کي اخبارن ۾ اشتهارن ڏيڻ ڏانهن راغب ڪري ٿو. اڳتي هلي هو هڪ آئرش عورت سان شادي ڪري ٿو، جنهن جي پالنا جبرالٽر ۾ ٿي هئي. سندس نالو مولي هو ۽ هوءَ ڊبلن جي هڪ مشهور ڳائڻي هئي، پر هوءَ پنهنجي مڙس سان وفادار نه هئي. ٽپهريءَ جو چئين وڳي هوءَ بليزيز بوائلن نالي هڪ شخص سان بدڪاريءَ ۾ ملوث ٿئي ٿي. هي اُهو شخص آهي جو ڳائڻ جي هڪ سلسلي ۾ آئرلئنڊ ۾ سندس آئيندي جي دوري جي ذميواري کڻي ٿو. هوءَ بلوم سان گڏئي رهندي آهي، پر سندس گهرو زندگيءَ ۾ خلل پئجي وڃي ٿو. سندن هڪ ٻار روڊي يارو  ڊلف آهي (سندس نالو بلوم جي پيءُ جي نالي جي پويان رکيو ويو آهي)، جيڪو پيدا ٿيڻ کان ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ مري وڃي ٿو، جنهن لاءِ اُهي ٻئي  پنهنجي پاڻ کي ڏوهي سمجهندا آهن، جڏهن ته قصور ڪنهن جو به نه هوندو آهي. هاڻي کين جنسي لاڳاپن برقرار رکڻ ۾ عار محسوس ٿيڻ لڳي ٿو، پر بلوم کي هڪ ٻار جي پيءُ بنجڻ جي زبردست خواهش ٿئي ٿي ۽ 16-جون 1904ع تي اُهوئي ٿئي ٿو جو کيس هڪ پُٽ ملي وڃي ٿو.

اُهو پُٽ جيمس جايس هو، جيڪو هڪ ٻاويهن سالن جي نوجوان شاعر اسٽيفن ڊيڊالس جي ويس ۾ هوندو آهي. اسٽيفن اُها شام ڊبلن جي هڪ ناچ گهر ۾ شراب پيئندي گذاري ٿو. بلوم کي سندس باري ۾ ڳڻتي ٿيڻ لڳندي آهي ۽ ڪوشش ڪندو آهي ته کيس اُنهن ٻن برطانوي سپاهين کان بچائي ڪڍي اچي، جن سان هو وڙهندو پيو  آهي. ٻين لفظن ۾ هو ساڻس هڪ پيءُ وارو رويو اختيار ڪندو آهي.هو کيس گهر وٺي ايندو آهي، ڪوڪو جو هڪ گلاس پيئڻ لاءِ ڏيندو آهي ۽ بلوم خاندان سان گڏئي رهڻ جي آڇ ڪندو آهي. اها خبر پئجي نه سگهندي آهي ته اسٽيفن ائين ڪري ٿو يا نه، ڇو جو ڪنهن ڳالهه جي فيصلي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ڪتاب پورو ٿي ويندو آهي. اسان کي جيڪا ڪجهه خبر پوندي آهي، اُها اِها ته ڊبلن جي هڪ معمولي ماڻهوءَ جو، جيڪو هڪ نيم يهودي هئڻ ڪري هڪ ڪيٿولڪ شهر ۾ پاڻ کي ڌاريو محسوس ڪري ٿو، هڪ نوجوان آئرش دانشور سان رابطو قائم ٿي وڃي ٿو. البت مولي بلوم هاڻي اسٽيفن سان عشق جو خواب ڏسڻ لڳندي آهي. اُنهن ٽنهي زندگين جي وچ ۾ هڪ نئين قسم جو رشتو جُڙڻ لڳندو آهي ۽ اهوئي انهيءَ ڪتاب جو موضوع آهي.

اوهان چوندؤ ته اها ڪا خاص ڪهاڻي ته نه آهي. انهيءَ ۾ گهڻو ڪجهه ته ٿئي ئي نٿو. اها ڪا هيجاني ڪهاڻي يا ڪو جاسوسي محبت جو داستان ناهي، پر يقيني طور تي جيڪي ڪجهه آهي، اُهو انساني زندگيءَ جي هڪ اهڙي پيشڪش آهي، جيڪا حقيقت ۾ ٿي گذري. جيمس هڪ ٽيڪنڪ ايجاد ڪئي آهي، جنهن کي ”داخلي خود ڪلامي“ (Introverted monologue) يا ”شعور جو وهڪرو“ (Steam of conciousness) چيو وڃي ٿو، جنهن جي ذريعي اسان جي پهچ اُن جي ڪردارن جي ذهن جي اندر تائين ٿئي ٿي ۽ اسين سندن اندروني خيال ۽ خواهشون به ٻڌي سگهون ٿا. جيئن ته اُنهن مان ڪي خواهشون جنسي آهن ۽ اُنهن جو ڌاڍي صفائيءَ سان اظهار ڪيو ويو آهي، انهيءَ ڪري ’يوليسيس‘ کي سرڪاري سينسر جي سلسلي ۾ مختلف ملڪن ۾ ڏکيائيون پيش آيون ۽ هاڻي به ڪجهه ملڪ اهڙا آهن جتي هي ڪتاب اوهان کي نه ملي سگهندو. هن ناول جا ڪردار پنهنجي سوچن ۽ احساسن ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪن ٿا، اُن ۾ احتياط نٿو ڪيو وڃي ۽ اهائي شيءِ پڙهندڙ جي ذهن کي ڌونڌاڙي ٿي ڇڏي، جيڪي حقيقي ادب کان وڌيڪ رومان ۽ هيجان جي اڀياس جا عادي آهن. بهرحال ادب جو فرض اهوئي آهي ته زندگيءَ جي باري ۾ سچ ڳالهائي ۽ اهو فرض جايس پوري سنجيدگيءَ سان ادا ڪيو آهي. پر ”يوليسيس“ رڳو ڊبلن جي ماڻهن جي هڪ گروهه جي اندروني خيالن ۽ خواهشن جي هڪ روئداد ئي نه بلڪ انهيءَ شاعر هومر جي هڪ رزميه نظم ’اوڊيسي‘ (Odyssey) جي هيرو سان لاڳاپيل آهي، جنهن کي يونانيءَ ۾’او ڊي سي‘ چئبو آهي ۽ ٻيا ماڻهو ’يُولي سيس‘ چوندا آهن. هن ۾ انهن مهمن جو ذڪر آحي، جيڪي کيس ٽراءِ جي جنگين کان پوءِ پنهنجي وطن اٿاڪا واپس اچڻ جي ڪوشش دوران پيش اچن ٿيون. ’يوليسيس‘ جو مقابلو ديون، پَرين، جادوگرن ۽ طوفانن سان ٿئي ٿو، پر هو پنهنجي ارادي جي مضبوط قوتِ ۽ چالاڪيءَ سان سڀني کان پاڻ بچائي صحيح سلامت نڪري اچي ٿو. جايس جي ڪتاب ۾ ليوپولڊ جديد يوليسيس آهي. ڊبلن ۾ اُنهيءَ ڏينهن کيس جو واقعن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اُهي سمورا دراصل اُن جي اصلي يوليسيس جي ڪارنامن جو هوبهو مزاح ڀريو جواب آهن.

جايس اسان کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته عام ماڻهو به بهادر ٿي سگهي ٿو ۽ اهو ته جديد زندگي به اهڙي ئي حيرت انگيز ۽ خطرناڪ آهي جهڙي عام قديم رزميه نظمن ۾ ٻُڌايل آهي، پر هو اسان کي اهو سڀڪجهه ڏاڍي مزاحيه انداز ۾ ٻڌائي ٿو. ’يوليسيس‘ هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو اسان کي کـِلائي ٿو. نئون ’يوليسيس‘ يعني بلوم جيڪڏهن مزاح ڀريون مهمون سرانجام ڏئي ٿو ته جنهن ٻوليءَ ۾ اهو ڪتاب لکيو ويو آهي، اُها به مهمن جي مزاح ڀري ٻولي ڪتابن جو نقل يا پيروڊي ڪئي ويئي آهي. هڪ تمام ڊگهو باب، هڪ عجيب غريب ناٽڪ جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هڪ ٻيو باب جيڪو خود ڪلاميءَ تي ٻڌل آهي، جدا ڪيل ڳالهين جي رمزن کان خالي آهي. پوءِ هڪ ٻئي باب ۾ موسيقيءَ جو نقل ڪيو ويو آهي. اهو ڏکيو ته لڳي ٿو، پر حقيقت ۾ سچو، مزيدار، تازو ۽ دلچسپ آهي. هڪ وڏي ادب وانگر جايس به خطرن سان کيڏيو آهي، پر هن ڪڏهن ڏاڍي ڪامياب شيءِ پيش ڪئي آهي-ويهين صديءَ جو انتهائي جديد قسم جو دلڪش ۽ منفرد ناول!

1939ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان ٿورو اڳ، جايس پنهنجو آخري ڪتاب پيش ڪيو، جنهن تي هن سترهن ورهين تائين ڏاڍي محنت ڪئي هئي، جيڪا سندس اکين جي تڪليف وڌي وڃڻ سبب اڳي کان به ڏُکي ٿي پئي هئي. اها بيماري گهڻو ڪري سندس ابتدائي ڏينهن جي مفلسيءَ جونتيجو هئي. اُنهيءَ ڪتاب جو نالو آهي: ”فينيگنز ويڪ“ (Finnegans wake) هر هڪ اهڙو نالو آهي، جنهن جو ترجمو ڪرڻ ڏکيو آهي. لفظ "Wake" جي معنى ننڊ مان جاڳڻ آهي، پر انهيءَ مان هڪ آئرش رسم جي مراد آهي، جنهن ۾ خاندان جي ڪنهن فرد جي تازي موت تي، اُن جي لاش جي ڀرسان شراب پيتو ويندو آهي. ’فينيگن‘ هڪ آئرش ديومالائي ديوَ جو نالو آهي، پر اُهو نيويارڪ جي آئرش نغمي ’ٽـِم فيني گن‘ جي هيرو جو به نالو آهي، جيڪو نشي جي حالت ۾ ڏاڪڻ تان ڪـِري پوي ٿو ۽ لڳندو آهي ته مري ويو. سندس جسم بي جان لڳندو آهي، پر جڏهن مٿس هڪ گيلن وِسڪي اوتي ويندي آهي ته منجهس ساهه پئجي ويندو آهي. هتي جايس اسان کي موت ۽ ٻيهر جيئڻ جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو، پر سڀڪجهه خواب جي صورت ۾. ’يوليسيس‘ ۾ جايس انساني ڏينهن جا معمول پيش ڪرڻ ۾ سمورا  ادبي امڪان ختم ڪري ڇڏيا آهن، پر ’فينيگنز ويڪ‘ ۾ سندس رُخ انساني رات ڏينهن آهي. اُن جي هيرو جو نالو ’ايئروڪر‘ آهي، جيڪو ڊبلن جي هڪ سراءِ جو مالڪ آهي. ڇنڇر جي مصروف رات جو جڏهن هو گراهڪن کي بيئر ۽ وسڪي ڏيڻ کان پوءِ سمهڻ لاءِ وٺي ويندو آهي ته خواب ۾ انساني تاريخ کي ورجائيندو آهي، جيڪا هميشه گناهه سان لاڳاپيل هوندي آهي. اهڙيءَ طرح دنيا جي شروعات کان وٺي ايڊولف هٽلر تائين سمورن وڏن وڏن گنهگارن جو واسطو نون نون انساني سماجن جي اڏاوت سان رهيو آهي. انسان ڪـِرندو آهي، پر انسان جي ڪـِرڻ جو سلسلو به هڪ چڪر وانگر آهي: هو اُنهيءَ دائري ۾ ڪـِرندو آهي، ٻيهر اُٿڻ لاءِ. انساني تاريخ گول آهي، جنهن ۾ هڪ ئي ڳالهه وري وري ٿيندي رهندي آهي. ’ايئروڪر‘ جي اُنهيءَ خواب جي، جنهن ۾ هو تاريخ ۽ڏندڪٿا سمورين وڏين وڏين هستين جو ڪردار ادا ڪندو آهي، جنهن جي نه شروعات هوندي آهي، نه پڇاڙي. ’فينيگنز ويڪ‘ کي جنهن ڳالهه غير معمولي طور ڏکيو بنايو آهي، اُها ’ٻولي‘، جنهن ۾ اُهو لکيو ويو آهي.

جايس جو خيال هو ته خواب جي ٻوليءَ کي هڪ آفاقي ٻولي هئڻ گهرجي، ڇو جو خواب ۾ ماڻهو قوميت ۽ قومي ٻوليءَ کان، جنهن ۾ هو ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سکي ٿو، ماورا ٿي ويندو آهي. انهيءَ ڪري جايس يورپ جي سڀني ٻولين کان ڪجهه وٺي هڪ اهڙي ٻولي جوڙي ورتي جيڪا سندس آفاقي خواب لاءِ موزون هجي، ڇو جو اوهين انهيءَ ۾ جرمن، فرينچ، اٽالين ۽ اسپينش ٻولين کي سلافي ۽ اسڪينڊينيويا جي ٻولين سان زور آزمائي ڪندي ڏسندا، پر اهي سموريون انگريزيءَ جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿين ٿيون. اها ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي ته هن ڪتاب جو پوريءَ طرح  ڪٿي به ترجمو نه ٿي سگهيو. اوهين ڪنهن آفاقي ٻوليءَ جو ترجمو ڪري به ڪيئن ٿا سگهو؟ ”اُنهيءَ جي اندر ته اڳ ۾ ئي اُن جا پنهنجا ترجما موجود آهن، جيڪا ڳالهه ناممڪن جي حد تائين ڏُکي لڳي ٿي. اصل ۾ اُهائي ڳالهه مزيدار ۽ ڏاڍي دلڪش به ٿيندي آهي، پر هيءُ ڪتاب پڙهڻ لاءِ اوهان کي پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو خرچ ڪرڻو پوندو. مان ان کي گذريل اڌ صديءَ کن کان پڙهي رهيو آهيان، پر هاڻي به ڪافي حد تائين انهيءَ ۾ وڇڙيو پيو آهيان. جيڪڏهن مون کي ڪافي ڊگهي زندگي ملي پوي ته پوءِ شايد اهو پوريءَ طرح سمجهي سگهندس. اسان هن ڪتاب جي شڪايت ڪري سگهون ٿا، پر انهيءَ کان انڪار نٿا ڪري سگهون…اهو هڪ ذهين اديب لکيو آهي، جنهن کي جيتري محبت زبان سان هئي، اوتري ئي محبت انسانيت سان به هئي.

1982ع ۾ سندس جنم جي سو ساله تقريب ملهائيندي اسان سندس تخليقي قوت ۽ حوصلي جو جشن ملهايو هو. هو خود عام ماڻهن جو، هڪ شهر جي دُکي ۽ مُرڪندڙ شهرين جو جشن ملهائيندو رهيو ۽ انهن تي تاريخ ۽ ٻوليءَ جي دولت لُٽائيندو رهيو. هو پنهنجي دَور جو عظيم ترين مزاح نگار ۽ واحد ناول نگار آهي، جنهن لفظن جي فن کي موسيقيءَ جي فن جي ويجهو آڻي ڇڏيو. جيتوڻيڪ سندس نظر ڪمزور هئي، پر سندس ٻڌڻ جي حـِس نهايت ئي تيز هئي ۽ اتفاق سان آواز به بلند هئس. ڪوبه اهڙو شخص، جنهن کي ڪتابن سان محبت هوندي، کيس نظر انداز نٿو ڪري سگهي ۽ اسان جهڙا ماڻهو به جيڪي ڪتاب لکندا آهن، کيس پنهنجو ”اُستاد“ سمجهندا آهن. هي اُهوئي آئرش ديوانو هو، جنهن اسان کي ٻڌايو ته فن سنجيدگيءَ سان توجهه گهري ٿو. هي اُهوئي سودائي آئرش هو، جنهن اسان کي ڏيکاريو ته انسان جي حقيقت ڇا آهي.

پروفيسر نذير احمد سومرو

”خبر ناهي ته ڇا ٿيندو خطي جو!“

(استاد بخاريءَ جي ياد ۾)

ويهين صدي پڄاڻيءَ ڏانهن وڌڻ لاءِ آخري ڏهاڪي جي ابتدائي سال ۾ قدم رکيو ته سنڌ سان تعلق رکندڙ بخاري ڀائرَ (اُستاد بخاري ۽ حاڪم علي شاهه بخاري) لنڊن جي اسپتال مان سنڌ ڏانهن اُسهڻ لاءِ آتا ويٺا هئا. ڪرامويل اسپتال جي ڊسچارج ٿيل مريضن جي ڪمري جي ڪُنڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو رنگين ڪلام شاعر اُستاد بخاري زندگيءَ جي پينگهه ۾ آس ۽ نراس جي وچ ۾ لڏي رهيو هو.

وسوسو اڄ به (ڀي!) ٽٽل اُميد تي،

دل جي مرضي، مون کي آهي اعتبار!

حاڪم علي شاهه ڪاڳرپٽ هٿ ۾ کنيو، اُستاد جي معالج سان آخري ملاقات ڪري پڇي ٿو، ”وري ڪڏهن اچئون؟ توهان ته ڊسچارج ليٽر ۾ ٻارهن مهينا لکيا آهن. ٻارهن مهينن کان پوءِ اچئون ته ڪو فرق ته ڪونه پوندو؟“ ڊاڪٽر پنهنجون اکيون کڻي نماڻيءَ سان وراڻي ٿو: ”ٻارهن مهينا؟…ٻارهن مهينن جي اندر يا پوءِ توهان کي لنڊن اچڻ جي ضرورت ئي ڪانه پوندي، ڇاڪاڻ ته هي مريض اسين توهان کي  مهمان طور ڏئي رهيا آهيون، پر مهرباني ڪري مريض کي ڪنهن به حالت ۾ نه ٻڌائجو…گُڊ باءِ!“ ڊاڪٽر جي زبان مان نڪتل لفظ حاڪم علي شاهه جو اندر چيري ويا. هو ٿڙندو ٿاٻڙندو ڳؤرن قدمن سان انتهائي صبر جو مظاهرو ڪري اُستاد جي ڀرسان اچي ڳوڙها پي چپن تي نقلي مُرڪ سجائي ٻڌائيس ٿو: ”فڪر ڪرڻ دي ڪائي ڳالهه ڪانهي. ڊاڪٽر آکدا پئي ته تُسان ڪون هڪڙا دفعا ٻيهر لنڊن ٽيسٽ واسطي آوڻا پوئسي. اُهو به ٻارهن مهيني ڪنون پڇـِي.“ اُستاد بخاري پنهنجوئي شعر جهونگاري ٿو:

بجنسي باهه بَٺي آهي، مان چوان ته چوان

حياتي پوءِ به مـِٺي، مان چوان نه چوان

ڪري پئي آڳ تي ”ماتم“ تڪي پئي ”عيد“ اڳيان،

”بخاري“ زندگي هي آهي، مان چوان نه چوان.

ٻارهن مهينا به نه ٿا گذرن، نئين ديري جي بازار ۾ ڪو ماڻهو ملي ٿو، ”ڳالهه ٻڌ! اُستاد بخاري سخت بيمار آهي، ڪالهه ڪجهه اديب دوست دادوءَ ويا هئا، پر اُستاد ڪونه ملين.“ سندس باقي لفظ ڪونه ٻڌم ۽ اُتان ئي پويان پير ڪندو، اچي دادوءَ جي غريب آباد محلي ۾ ٽانگي تان لٿس. سامهون اُهو ساڳيو در نظر آيو، جنهن جي مٿان ”اُستاد بخاريءَ جو گهر“ جي تختي لڳل آهي. هي اُهو ساڳيو در آهي، جيڪو گهنٽي وڄائڻ تي، چپن تي مُرڪ آڻي، اندران اُستاد بخاري نڪري چوندو هو ته: ”اڄ ڀلا دير ڪيئه اچڻ ۾؟ هاڻي ته تنهنجو اوسيئڙو ختم ڪري مان به ٻاهر نڪرڻ وارو هيم. چڳو ٻه ٽي منٽ بيهه ته اچان ٿو.“ ڪا دير خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي ۽ دل چوي ٿي ته ڄاڻ اُستاد ٻاهر نڪتو. ٻيهر ڌڙڪندڙ دل سان گهنٽيءَ جي بٽڻ تي آڱر رکان ٿو. ايتري ۾ پاڙي جي ڪا نينگري اُستاد جي گهر ۾ وڃي ٿي. چوانس ٿو ته اُستاد کي ٻڌاءِ ته نئين ديري مان نذير سومرو آيو آهي. ڇوڪري اندر وڃي گهر لڳ ڪمرو/اوطاق کولي ٿي ۽ چوي ٿي ته ٿوري دير لاءِ ويهو. جهٽ رکي ساڳي ڇوڪري مون کي ورانڊي مان وٺي، هڪ ڪمري جو در کولي ٿي. اندر وارو منظر ڏاڍو اُداس هو. هزارن ماڻهن کي مشاعرن ۾ پنهنجي شاعريءَ جي منڊ ۾ منڊيندڙ اُستاد هڏن جي مُٺ وڃي بچيو هو. هميشہ جيان پذيرائي ڪندڙ اُستاد جسماني طور آجيان ڪرڻ کان لاچار هو، انڪري آءٌ پاڻ ساڻس ڀاڪر پائي مليم ۽ جڏهن منهنجا ڳوڙها سندس هٿن تي ڪريان ته چيائين ته ”اُداساين کي ايڏي وسعت نه ڏي. پنهنجي ٽيپي کي ٽانڊو ته نه ڪر!“ سندس جسماني صحت کي ڏسي اعتبار ئي نه پئي آيو ته اُستاد منهنجي آڏو ڊبل بيڊ تي ليٽيل آهي پر سندس آواز ۽ اکين جي جوت ڏسي دل ۾ چوان ٿو ته اُستاد ئي ته آهي! ڳالهين ڳالهين ۾ هندي فلم جي هڪ گاني جي هيءَ سٽ پڙهيائين:

”دُنيا مين ڪتنا غم هي، ميرا غم ڪتنا ڪم هي“

۽ پوءِ چيائين ته، ”نذير‘ تون جلدي اُٿڻ جي نه ڪر، ڇاڪاڻ ته لڳي ٿو ته پنهنجي هيءَ آخري ملاقات آهي. وري ملڻ ٿئي الائي نه؟ اکين ۾ جوت به وڃي ٿي جهيڻي ٿيندي پر حيرت آهي ته بُتن (حسينن) سان ملاقاتن جو شوق ۽ اشتياق دم ٽوڙي نه سگهيو آهي.“ آلين اکين سان بي دليو ٿي کانئس موڪلائي ٻاهر نڪتم. رستي ۾ هر هر اهو خيال پئي آيو ته ڇا اُستاد بخاري هن دنيا ۾ فقط چئن گهڙين جو مهمان آهي! اها سوچ ايندي ئي دل کي جهٻو پئي آيو ۽ اکيون ڀرجي پئي آيون.

نائين ۽ ڏهين آڪٽوبر جي رات جو ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾ ٽريفڪ جي سنگل جيان اڳ ۾ ڳاڙهي بتي ٻري ۽ پوءِ سائي، جنهن جي چمڪي سان سندس زندگي روان ٿي الائي ڪهڙي گس مان موڙ کائي ڪنهن هجوم ۾ گم ٿي وئي. فارسيءَ جي شاعر ”عدم جي راهه به ڪيڏي نه هموار آهي. جنهن به اُن تي قدم رکيو ته وري پٺتي ڪونه نهاريو.“

اُستاد بخاريءَ جو شمار سنڌ جي اُنهن اهم ۽ سٺن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي فڪر ۽ فن جي اظهار لاءِ شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. هن جي سموري شاعريءَ ۾ هڪ پاسي رومانوي جذبن جي فراواني آهي ته ٻئي پاسي زندگيءَ جي وحشي ۽ قهر آلود لمحن جو داستان آهي. ”اُستاد“ جو گيت هجي يا غزل، نظم هجي يا ڪافي، اُنهن ۾ زندگيءَ جا الڳ الڳ تجربا آهن. هن سنڌي ٻوليءَ جي مانوس ۽ معروف لهجن کي نين معنائن ۽ نين رمزن سان خوبصورت ۽ معنيٰ خيز بڻائي ڇڏيو آهي، خاص طور تي هن جا نظم، بيت، دوها ۽ وايون الڳ ڪيفيتن، انفراديت ۽  خوبصورت شعريت جا شاهڪار نمونا آهن. پنهنجي تجرباتي شعور کي پر اثر انداز ۾ ظاهر ڪرڻ استاد بخاريءَ  جي هٿ-وس هو. هن جي شاعري جتي پنهنجي دلڪش ترنم جي ڪري دلين کي فرحت ڏيندي هئي، اُتي هڪ عام ٻڌندڙ محسوس ڪندو هو ته اُستاد ته سندس ئي دلي اُڌمن ۽ جذبن جي ترجماني ڪري رهيو آهي. سنڌ جو ڪوبه اهڙو ذڪر جوڳو مشاعرو ڪونه آهي جنهن ۾ اُستاد شرڪت نه ڪئي هجي ۽ پنهنجي دلنشين شاعريءَ ۽ پُرڪشش ۽ منفرد ترنم سان مشاعري کي مچايو نه هجي. اسٽيج تي سندس شعر پڙهن جو انداز ٻڌندڙن تي جادوءَ جو ڪم ڪندو هو. جڏهن کيس وڏن مشاعرن ۾ شعر پڙهڻ وقت بي پناهه داد ملندو هو، تڏهن سنس کوڙ همعصر شاعرن جي منهن جو پنو لهندي ڏٺم (!) ۽ اهڙن ريسارن شاعرن کي ريس ڪندو ڏسي دل ۾ دُعا گهرندو هيم ته اُستاد بخاريءَ کي (شل) زماني جي نظر نه لڳي!

سنڌ ۾ ابتر حالتون ڏسي پاڻ تڙپي پوندو هو ۽ چوندو هو ته اسان سنڌين کي ڇا ٿيو آهي جو اخلاقي ڏيوالپڻو اسان جو نشان ٿي ويو آهي. نئين نسل کي گمراهيءَ طرف وڌندو ڏسي چوندو هو ته اسان جي قوم ڪُڪڙ قوم آهي ۽ ڪُڪڙن جيان هڪٻئي سان وڙهڻ ۾ پوري آهي. مٿان وري غيرن جا ڪٽڪ ۽ منشيات جو وڪرو عام جام، سنڌي سماج کي ڊانوان ڊول ٿيندو ڏسي بي اختيار ٿي چيائين:

ڏسيو وڻ وڻ کي اوٿر ۾ وڃان ٿو،

ڇڏي منڇر، ننڍي ڇر ۾ وڃان ٿو؛

خبر ناهي ته ڇا ٿيندو خطي جو.

مُئو ”اُستاد“ ٻڏُتر ۾ وڃان ٿو.

اُستاد بخاريءَ جو وڇوڙو حقيقت ۾ هڪ سٺي سنڌي رومانوي شاعريءَ جو وڏو سانحو آهي. سندس جُدائيءَ کان پوءِ هتي ڪيترائي دلين کي ڏڪائيندڙ سانحا ٿيا. جي پاڻ زندهه هجي ها ته اُهي واقعا سندس دل کي ڌوڏي هن جي سيني ۾ زلزلا آڻين ها ۽ هو اُنهن کي شعرن جو روپ ڏئي ها. سندس موت جي ڪري اسين سندس اهڙي پُر اثر شاعري ٻڌڻ ۽ پڙهڻ کان محروم رهجي وياسين. پر مُئو ڪٿي آهي؟ هُو ته زندهه آهي-پنهنجن ڪتابن ۾ ۽ اسان جي دلين ۾، آءٌ هر روز اهو سوچيندو آهيان ته ڪنهن به موڪل واري ڏينهن دادوءَ ويندم، غريب آباد پاڙي جي هن شاهڪار شاعري ڪندڙ شاعر ”اُستاد“ جي گهر جو در کڙڪائيندم ته هو چپن تي مُرڪ آڻي ٻاهر اچي چوندو ته: ”ڇو ڀلا ايڏي دير ڪيئه اچڻ ۾؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com