وسيم سومرو
يادن جي رم
جهم
[ادل سومري جي شعري مجموعي ”وساري نه ڇڏجو“ تي
خيالن جي ڌارا]
ادل سومري جي تازي شعري مجموعي ”وساري نه ڇڏجو“ جي
مهاڳ ۾ جنهن ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي، اُها هيءَ
آهي ته ”نوڙت ۽ نهٺائي دراصل مشرقي شاعريءَ جو
اهڙو گڻ آهي، جنهن کي دنيا جا انقلاب ۽ سماجي
تبديليون پنهنجي ڦُوڪ سان اُجهائي نه سگهيا آهن“ ،
۽ منهنجيءَ نظر ۾ اُن نوڙت ۽ نهٺائيءَ جو دنيا جي
ڪنهن به ادبي تحريڪ (پوءِ اُها جديديت هجي يا
رومانيت) ۽ دنيا جي ڪنهن به انقلاب (پوءِ اوهو
’سائو انقلاب‘ هجي يا ’ڳاڙهو‘) سان وروڌ نه رهيو
آهي. اُن جي پنهنجي هڪ حيثيت ۽ اهميت به رهي آهي،
انڪري مان نوڙت ۽ نهٺائيءَ کي تحريڪن جي رد بدران
مشرقي شاعريءَ جو گُڻ ئي سمجهان ٿو. ڇو ته هي گُن
ڪو نظريو نه آهي، پوءِ به دنيا جا نظريا هن گُڻ جي
آرسيءَ ۾ پنهنجي چهرن کي ڏسي سگهن ٿا. ادل جي هن
مجموعي جو عنوان ”وساري نه ڇڏجو“ خود اُن نوڙت ۽
نهٺائيءَ جو آئينو آهي، جنهن هن جي شاعريءَ کي
اجائي خوديءَ کان پري رکيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي
اها شڪايت آهي ته ادل جي نئين شاعريءَ ۾ ڪجهه به
ڪونهي ته مون لاءِ هن اڌ جملي ”ڪجهه به ڪونهي، ۾
گهڻو ڪجهه آهي. اهو دراصل ڌيان جو معاملو آهي ۽
ڌيان (Concentrtion)
وري نفسيات جو. ٽٽل ڌيان سان شيون به ٽٽل نظر
اينديون آهن، جڏهن ته ادل سومري جي شاعريءَ ۾ ٽٽل
تصويرن، وَٿن ۽ خيالن کي هڪ وڏي فني مهارت سان
جوڙي سجوڙي خوبصورت روپ بخشيو ويو آهي ۽ وڏي ڳالهه
ته اهڙا سونا پل، جن جي هن هڻ وٺ واري زندگيءَ ۾
ڪـِري گم ٿي وڃڻ جو خطرو هميشه لاحق هوندو آهي،
اُنهن کي ادل جنهن سيبتي انداز ۽ سلوڻي ترتيب ۾
سهيڙيو آهي، اُن جي ڪهڙي ساراهه ڪجي! ۽ منهنجيءَ
نظر ۾ اِهائي اُها ’امر شاعري‘ آهي، جنهن کي ڪو به
ٽٽل ڌيان نه ته هنڍائي سگهي ٿو ۽ نه وري پاڻ تخليق
ڪري سگهي ٿو:
تنهنجي اُماڻيل ڪارڊ تي آهي چپن جو نيشان،
منهنجا چپ انهيءَ تي پهچي ڪيڏو ٿيا حيران.
هي چپن جي نيشان جو هڪڙو پَل، دوهي جي ٻن سٽن ۾
ملائي ادل دوهو نه لکيو آهي، ڄڻ ٻن چپن کي پاڻ ۾
ملائي ڇڏيو آهي. ادل جي هڪڙي امر دوهي تان مون کي
تازو ڏٺل هڪ انگريزي فيچر فلم جو آخري منظر ياد
اچي ويو. هيءَ فلم، انگريز فوج ۽ چيني عوام جي جنگ
تي مشتمل آهي. منظر ۾ گولين جي کاڄ بڻيل چيني نائڪ
۽ نائـِڪا جي ٻکن مان سُڏڪن جهڙا ٻه مڪالما اُڀرن
ٿا:
”مون جي وري جنم ورتو ته مان تولاءِ ساڳي ڇوڪري
ٿيندس يا هن ئي جاءِ تي ندي ٿينديس.“
”مون جي وري جنم ورتو ته مان تولاءِ ساڳيو ڳڀرو
ٿيندس يا هن ئي جاءِ تي جبل ٿيندس.“
۽ اُن اُڀار (Climax)
جهڙو ادل جو دوهو آهي:
جيسيتائين جيئرو رهندو تنهنجو منهنجو پيار،
تون ڪاڇي جي ڪونج ته رهندس مان تنهنجو هالار.
هن دوهي جي ڪلاسڪ احساس ۾ جا ڇڪ آهي، اُها جيترو
قديم آهي، اوتروئي جديد آهي. ادل جي شاعريءَ جو
ميچوئر سفر ”وليون وڻ ڦُلاريا“ ۽ ”سمنڊ جاڳي ٿو“
جي حدن مان نڪري ”وساري نه ڇڏجو“ جي حدن ۾ داخل ٿي
چڪو آهي.
ادل شاعريءَ ۾ جيئن پنهنجن سڀني سجاڳ احساسن،
رنگين خوابن ۽ فطري حُسناڪين سان نروار ٿئي ٿو،
تيئن هو پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ به اڇو اجرو، ڌوتل
پوتل ۽ سچو پچو نظر اچي ٿو. مون نه رڳو ادل سومري
سان گڏ پورهيت پيءُ جي رڱيل هٿن جو به اهڙوئي
اڀياس ڪيو آهي جو نيرولي هو ۽ جنهن اجرڪ جي پورن ۾
حياتيءَ جا جيڪي رنگ ڀريا هئا، ادل ۽ اُن جي شاعري
ڄڻ اُنهن پورن جي رنگن جو پرتوو آهن. اچو ته اُنهن
رنگن جو اڀياس ڪريون. اهڙا رنگ، جيڪي ڀٽائي پڙهندي
هن جي پنهنجي روح ۾ به جاڳي پون ٿا:
روح ۾ سَو رنگ ٿا جاڳي پون،
شاهه! توکي مون جڏهن آهي پڙهيو.
ادل جي هن ڪوتا-ڪتاب ۾ دوها، بيت غزل، گيت، وايون،
نثري نظم ۽ ترائيل شامل آهن. فني ۽ فڪري اعتبار
کان ادل جي سموري شاعريءَ ۾ هڪڙو توازن آهي، جو هن
کي ڪٿي به ٿاٻڙجڻ کان روڪيو بيٺو آهي. خاص طرح هن
جي غزل جي اظهار ۾ جيڪا شعريت(Poetocness)
پيدا ٿي پئي آهي، اُن جو رنگ ئي ڪجهه اور آهي.
هونءَ عام طور تي غزل وڌيڪ لکجڻ جي ڪري ڄڻ پنهنجي
جاذبيت وڃائي رهيو آهي، پر هيٺيان شعر پڙهي غزل جي
معيار ڪـِرڻ وارو احساس پاڻ سنڀالي ڄڻ ٻيهر اُڏامڻ
جي ڪوشش ۾ آهي.
سُونهن آهي زندگيءَ جو ساز ڪو،
۽ اُنهيءَ جي تار آهي شاعري.
دوستن جا در سڀئي خاموش ها،
پر کُليون مون لئه دريون سڀ اوپريون.
ريل جي کڙڪين منجهان هُن ڳوٺ جا،
سڀ نظارا دور ٿيندا پئي ويا!
منهنجي جذبن جا سدا ڏيئا اُجهيا،
تنهنجو لهجو ڇو هوا آ ٿي ويو.
مسافر کي رستي جي مٽيءَ ٻُڌايون،
پنهوارن، ڌنارن، ڌڻن جون ڪهاڻيون.
منهنجو هانءُ وڃي ٿو ٻُڏندو،
دريائن ۾ پاڻي ڪونهي
پاڻ ڪڪرن کي روئارڻ چاهيو،
موٽ ۾ پنهنجن اکين ۾ لڙڪ ها.
هي سڀ شعر احساس جي وهڪري ۾ رچيل شعر آهن، جن ۾ نه
ته ڪو واڌو/ڀرتي لفظ آهي نه وري اجائي اِينگهه. سڀ
تصويرون متوازن ۽ موهيندڙ آهن. عام طور تي بس ٻن
سٽن کي زوريءَ ملائي شعر لکجي رهيا آهن، جن ۾ نه
ته مقصد جي چٽائي آهي نه وري ڪيفيت جي سچائي؛ ٻيو
ته ٺهيو منجهن سٽن جو ڀـِچاءُ به ناهي. جڏهن ته
مٿين شعرن مان هر هڪ شعر جي جيتري ڪيفيت سچي آهي،
اهڙي ئي تصوير به چـِٽي آهي، جا شعر کي پڙهندي ذهن
۾ کپي بيهي ٿي. مور جي کنڀ کي اکين تي رکڻ سونهن
کي زندگيءَ جو ساز سڏڻ، لهجي جو هوا ٿيڻ،
چانڊوڪيءَ کي لهر چوڻ يا ڪڪرن کي روئارڻ سنڌي
شاعريءَ ۾ جديد ترڪيبون آهن، جيڪي اظهار جي حُسن
کي نکاري بيهارين ٿيون ۽ ادل جي نئين نگاهه کي
پڌرو ڪن ٿيون ته اُهي ڪيئن نظارن جي اندر ۾ پيهي
لڪل حُسناڪين کي دريافت ڪن ٿيون.
غزل کان پوءِ ادل جي وائيءَ تي ويچارن ڏيڻ کان
پهرين مان هڪ اڌ اضافي راءِ ڏيڻ چاهيندس ته برابر
وائي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ڪلاسڪ صنف هوندي به پنهنجي
اندر ۾ سوين عنوان سمائڻ جي گنجائش رکي ٿي، پر
منجهس نون موضوعن کي ڀيٽڻ وقت اهو ضرور خيال ڪرڻ
گهرجي ته وائيءَ جو گهاڙيٽي جي اعتبار کان جيڪو
فني حسن آهي، اُهو متاثر نه ٿئي-ٻيءَ صورت ۾ وائي
ڄڻ ته ’وائي‘ نه رهندي. انڪري منهنجي خيال ۾ جديد
وائي لکڻ جيتري سولي آهي، اوتروئي ڏکي به-ڇو ته
اُن جي نظم بنجڻ جو خطرو هميشه لاحق رهي ٿو. اِتي
ئي هڪ سٺي ۽ تجربيڪار شاعر جو امتحان شروع ٿئي ٿو
ته هن کي مهارت سان وائيءَ ۾ نون موضوعن کي ان طرح
ٺهڪائڻو آهي ته جيئن نه رڳو وائيءَ جو گهاڙيٽو
سلامت رهي پر اُن جي ٻوليءَ جي ترڪيب ۽ ترتيب به
نئين موضوع هوندي به وائيءَ جي خوشبوءَ کان پري نه
ٿئي. ائين ڪٿي ڪٿي ادل جي وائي به نظم بنجڻ کان
رهي نه سگهي آهي:
سڀ اَڱر ٺري ويا هن
اڄ منهنجي اندر جا
ڪجهه گرمي ڏي مون کي!
جڏهن ههڙي اظهار لاءِ نظم جي الڳ صنف موجود آهي ته
پوءِ وائيءَ کي پنهنجي حُسناڪين جي حدن ۾ ئي رکڻ
ٺيڪ ٿيندو. هيٺين واين جا ڪجهه مثال ٻڌائين ٿا ته
ادل وٽ وائيءَ کي محسوس ڪرڻ جو ڪلاسڪ حسن به موجود
آهي:
شهر سڄو شيشا،
پير اُگهاڙا پيار جا.
نفرتن جي لُڪ ۾،
ڏامر جا رستا،
پير اگهاڙا پيار جا.
-
مسجد ۾ سانجهيءَ جو،
ٽمڪي ٿو ڏيئو،
مٿان چنڊ ڏسي پيو.
-
ڄڻ ته پنهنجي خواب وانگر،
هوبهو مون کي لڳي،
رات مون روهڙي ڏٺي.
جيتوڻيڪ هيٺين وائي ’ڇند‘ بجاءِ ’علم عروض‘ تي
آهي، پر جو نڀاءُ وائيءَ جي ويجهڙو آهي، انڪري مان
وائيءَ جي اظهار لاءِ علم عروض جي به آجيان ڪريان
ٿو، پر منهنجي خواهش آهي ته اُن لاءِ به شاعر تي
جملي جي ترڪيب ۽ ترتيب جو بنياد ڪلاسيڪيت تي رکڻو
پوندو؛ بلڪل ائين جيئن اسان جي ڪلاسڪ شاعرن ڇند ۾
وائيءَ جي ڪلاسڪ حسن کي پيدا ڪيو آهي. هاڻ رڳو شعر
پڙهڻ جي دير آهي، ٻڌڻ وارو ٻڌائي وٺندو ته اهو
ڪنهن وائيءَ جو شعر آهي. ظاهر آهي ته اُن لاءِ
لفظن جي آزاد استعمال ڪرڻ بجاءِ وڏي محنت ۽ تلاش
جي ضرورت آهي، ۽ تجربي سان محنت ڪرڻ جو شرط منهنجي
خيال ۾ اجايو نه ٿيندو. ادل جي واين جي هنن سـِٽن
۾ اهڙو ڪلاسڪ حُسن موجود آهي:
سڳا منهنجي ساهه جا،
جُڙيا هن جنهن سان،
تون ئي سا آهين!
----
دور اڃا چيلهار!
جيپ وڃي ٿي ڊوڙندي.
ادل جي ٻي شاعريءَ جيان هن جي واين ۾ به موضوعن جي
نرالپ موجود آهي. هت اهو به عرض ڪندو هلان ته
منهنجي خيال موجب وائيءَ ۾ صرف هڪ موضوع جي ڦهلاءُ
جي گنجائش جي ڪوشش ڪريون ٿا ته ڄڻ وائيءَ ۾ غزل
لکڻ جو ئي جتن ڪريون ٿا، جيڪو ٺيڪ ناهي. ادل جا هي
دوها ايتروئي خوبصورت آهن، جهڙا هُن جا ڀرون. هر
دوهو هڪ الڳ ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ خيال جو ايترو ته
سهڻو
Contrast
آهي، جو اُن کي پڙهي اکين جو حيرت ۾ ٻڏي فطري ٿي
وڃي ٿو:
پاڻ هٽي وئي دريءَ وٽان ۽ رکي وئي گلدان،
هر گل ۾ هُن جوئي چهرو ڏسندي مان حيران.
--
ڌُنڌلا عڪس اکين ۾ تنهنجا ٽيڙن جي ٽم ٽم،
ذهن منهنجي تي سدا رهي ٿي يادن جي رم جهم.
۽ ان طرح ”درازن جا دوها“ ۽ ”ميرواهه جا وڻ پڇن
ٿا“ ۾ به ڪي اهڙا دوها شامل آهن، جن ۾ تمام گهڻي
گهرائي آهي. جيتوڻيڪ اِها گهرائي ڪنهن خيال جو
معراج ڪانهي، پر اهڙي خيال جو تصور ڪنهن سراب کان
وڌيڪ معنيٰ نٿو رکي، جنهنڪري سالڪن به رستي کي
وڌيڪ اهميت ڏني آهي. ادل جي هن شاعريءَ جي مجموعي
۾ ڪجهه ٻيون صنفون به آهن، پر مان آخر ۾ سندس بيت
تي ڪجهه ويچار ڏيندس. ادل جي شاعراڻي وڏائي اِها
به آهي ته هو سڀني صنفن ۾ اظهارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽
پنهنجي ساڳيءَ سادگيءَ جا منجهن رنگ ڀري ٿو. ادل
بيت ۾ ننڍڙن ننڍڙن موضوعن، واقعن ۽ منظرن کي بنهه
خوبصورتيءَ سان سمائي ڄڻ هر ڳالهه جي بيان کي مڪمل
ڪري وٺي ٿو، انڪري به هن جي ڳالهه ٺهيل بجاءِ فطري
لڳي ٿي:
ٿاريليءَ جو جنڊ، ’داڻو داڻو‘ ٿو چوي،
مايوسين جو منڊ، ڪيسين رهندو ديس تي.
--
اڄ به پوڙهي آ کنئي، پاڻيءَ آکاڻي،
اکين ۾ پاڻي، هر هر هن کي ٿو اچي.
---
وڻ وڍيندڙ ڪيترا، پوکيندڙ ٿورا،
ڀونءِ مٿان ڀورا، ڇانو وڃي ٿي کسڪندي.
--
مينهن پڄاڻا ٻارڙا، سـِڪا ٿا ڳولين،
پکي ٿا ٻولين، گيت ڪوئي اتهاس جو.
هر بيت ڄڻ هڪ مڪمل تصوير آهي يا هڪ ’مڪمل ڪهاڻي‘
آهي جنهن جي وڌيڪ بيان لاءِ وڌيڪ ڪنهن لفظ ۽ رنگ
جي ضرورت نه آحي. ادل جيئن سـِڪن ڳولڻ جي ڳالهه
ڪئي آهي، لڳي ٿو ته ٻار ٿي هن به شاعريءَ جي رستي
تان هي مختلف سـِڪن جهڙيون وٿون جمع ڪيون آهن،
جيڪي نه رڳو املهه آهن، پر خوبصورت به آهن. هر بيت
جي فني سونهن پنهنجي جاءِ تي، پر منجهن جيڪا
’مقصديت‘ آهي، اُها ادل کي وڌيڪ اهم بنائي ڇڏي ٿي،
جيئن مون چيو به ته ”هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو فن ۽
فڪر جو توازن آهي، اُهو هن کي مستقبل ۾ زندهه
رکندو.“
‑‑‑‑‑‑‑
الا اچن اُوءِ، آئي مَن سرهو ٿئي!
(هند جي سنڌي اديبن جي آجيان)
[I]
سنڌالاجي
20-جون 2005ع تي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان
هند کان آيل نامور سنڌي اديبن-هري موٽواڻي، هيري
ٺڪر ۽ نندڇڳاڻيءَ-جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾
سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن، دانشورن ۽ صحافين، معزز
استادن ۽ مهمانن جي عقيدتمندن وڏي تعداد ۾ شرڪت
ڪئي. سنڌالاجيءِ جي پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم
۾ ان تقريب جي صدارت ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪئي ۽
ڪارروائي نصير مرزا هلائي. اول مٺو مهيري شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جا چونڊ بيت ٻُڌايا.
سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر شوڪت حسين شوري مهمانن جو
آڌرڀاءُ ڪندي چيو ته سنڌ ۽ هند جا اديب سڪ ۽ اُڪير
۾ هڪجهڙا آهن ۽ اهڙي سڪ هري، هيري ۽ نند کي سنڌ ۾
ڇڪي آئي آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ هند جي اديبن ۾ ڪو
ويڇو ڪونهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچيءَ ۾ منعقد
”شاهه، سچل، سامي عالمي امن ڪانفرنس“
[ڊسمبر2004ع]جي موقعي تي هري، هيري ۽ نند جي ڪمي
محسوس ٿي هئي، جيڪا سندن هاڻي اچڻ جي ڪري اڄ پوري
ٿي آهي.
نامياري ۽ اديب ۽ ”ڪونج“ رسالي جي ايڊيٽر هري
موٽواڻيءَ چيو ته محبتون هڪٻئي لاءِ اديبن ۾
احترام ۽ ڇڪ پيدا ڪن ٿيون ۽ اهوئي سبب آهي جو سالن
پڄاڻان به سندس من ۾ هن جي جنم ڀوميءَ لاڙڪاڻي ۽
سموري سنڌ لاءِ ساڳي سڪ ۽ محبت قائم آهي. هن چيو
ته سنڌي اديبن ۾ هڪٻئي لاءِ محبت ۽ احترام موجود
آهي ۽ اسان سڀني جون دليون ڳنڍيل آهن. هن چيو ته
هر دفعي مون کي سنڌ مان گهڻو پيار ملي ٿو. جيسين
هتان جا ماڻهو پيار ڏيندا رهندا، آءٌ هتي ايندو
رهندس.
هاڪاري عالم ۽ محقق هيري ٺڪر چيو ته هن جو جنم
حيدرآباد ۾ ٿيو ۽ ان ساڳي شهر ۾ اچي جيڪا هن جي دل
جي ڪيفيت ٿي آهي اُها بيان نٿي ڪري سگهجي. هن چيو
ته اڄ دنيا ۾ گلوبلائيزيشن جو چرچو آهي ۽ دنيا کي
’هڪ ڳوٺ‘ جي مثال وانگر سمجهيو ٿو وڃي، پر اسين
سمجهون ٿا ته دنيا جا اديب هڪ ڪٽنب وانگر آهن. هن
وڌيڪ چيو ته هاڻ هڪ سڻائو واءُ وريو آهي ۽ نئين
فضا پيدا ٿي آهي، جنهن مان اسان کي ادب جي واڌاري
لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي
آهي ته گڏيل ڪوششن سان هڪ فائوڊيشن يا ٽرسٽ ٺاهيو
جنهن کي دائميت ملي ۽ ان هيٺ ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي
واڌاري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن ٻنهي ملڪن جي
حڪومتن طرفان اديبن لاءِ پيدا ڪيل سهوليتن کي
ساراهيو ۽ چيو ته اهڙن قدمن سان اديب امن ۽ محبت
جي فضا جي واڌاري ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري سگهن
ٿا.
نندڇڳاڻيءَ چيو ته سنڌ اچي مون کي زندگيءَ جو مقصد
پورو ٿيندي نظر آيو آهي ۽ هتان جي ادبين جيڪو مان
۽ محبت ڏني آهي، اها اسان جي زندگيءَ جي هڪ وڏي
اثاثي طور ياد رهندي. هن وڌيڪ چيو ته اديب ۽ شاعر
بنيادي طور تي ترقي، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جا
وڌائيندڙ ٿين ٿا.
ڊاڪٽر غلام علي الانا چيو ته قسمت سان آيل ليکڪ
ساٿين سان ملي هن کي هڪ دلي خوشي محسوس ٿي رهي آهي
۽ جيڪا محبت آيل مهمان محسوس ڪن ٿا، اُن جي ثابتي
هنن جي لکڻين مان ملي ٿي. هن چيو ته هتان لڏي ويل
سنڌي اديبن پنهنجي ڀرپور جاکوڙ ۽ سرڪار جي مدد سان
سنڌي ٻوليءَ کي هند ۾ قائم رکيو آهي. هن چيو ته
ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقي لاءِ پيدا ٿيل هاڻوڪي نئين
فضا مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. حميد سنڌيءَ چيو ته
اديبن جا ناتا لکڻ پڙهڻ سان وڌيڪ گهرا ٿيندا آهن ۽
اهو تسلسل نه سنڌ جي اديبن ڇڏيو آهي نه هند جي
اديبن.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي چيو ته لڏپلاڻ کان پوءِ
سنڌ جا اديب ائين زندهه آهن، اها ڳالهه اُهي پاڻ
ئي ڄاڻن ٿا، پر آءٌ لڏڻ واري اهڙي ڏک کي شايد ئي
برداشت ڪري سگهان!.
سيڪريٽري س.ا.ب انعام شيخ چيو ته هري موٽواڻي نه
صرف سنڌي ڳوٺائي پر پاڙيسري پڻ آهي، جنهن سان ملي
اُڪير پوري ٿي. سنڌ جي تاريخ ۾ جيڪي وڏا هاڃا ٿيا
آهن، اُنهن ۾ ’لڏپلاڻ‘ وڏو نقصان پهچايو آهي. سنڌ
۾ صدين کان پوءِ هڪ مڊل ڪلاس پيدا ٿيو هو، جنهن جي
قيام ۾ سون هندو عالم ۽ اديبن جو رت ۽ ست شامل هو.
اُها سنڌ اچانڪ ائين ڀاسڻ لڳي ڄڻ ارغونن جي دور ۾
هلي وئي هجي! اڄ سنڌي کي پنهنجي حقيقي ڪميٽيڊ مڊل
ڪلاس ڪونهي. هاڻي قدرت وڏي عرصي کان پوءِ جيڪو
موقعو ڏنو آهي ان کي ائين هٿن مان نه وڃائجي، پر
اهڙو وايو مندل اڏجي جنهن سان دائمي امن ۽ باهمي
پيار ڀرين لاڳاپن کي سگهه ملي.
امداد حسينيءَ چيو ته هري هڪ سٺو ايڊيٽر آهي. جڏهن
’ڪونج‘ جو هري نمبر پئي نڪتو، ته آءٌ ان لاءِ ڪجهه
به لکي نه سگهيو هوس. پر جڏهن ممبئيءَ ۾ مون
’ڪونج‘ جو پرچو ڏٺو ته اُن ۾ منهنجون هي سٽون ڇپيل
هيون:
گيت رچڻ ري
سُر سَرجڻ ري
پنهنجي ناهي سَري سَري
گيت چياسين وري وري
”هَرِي هَرِي!“
هريءَ تائين اهي سٽون ڪيئن پهتيون؟ اِهو راز هن نه
اُکوليو. ڊاڪٽر سحر امداد چيو ته آجياڻي ۾ خواتين
نه آهن، انڪري آءٌ سڀني خواتين پاران هري، هيري ۽
نند جي آجيان ٿي ڪريان.
نصير مرزا پنهنجا نوان لکيل ٽه-سٽا پڙهيا، جن ۾
مهمانن لاءِ من موهيندڙ آجيان بيان ڪيل هئي. اُن
موقعي تي ٻين اديبن پڻ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو
۽ آيل مهمانن جي آجيان ڪئي. _مجيد پنهور
[II]
سنڌي ادبي بورڊ
هري موٽواڻي، هيرو ٺڪر ۽ نند ڇڳاڻي 5-جولاءِ 2005ع
تي سنڌي ادبي بورڊ پهتا ته بورڊ جي سيڪريٽري انعام
شيخ ۽ اداري جي ملازمن معزز مهمانن جو آڌرڀاءُ
ڪيو، کين سوکڙي طور اجرڪ ۽ گلن جا هار پارايا.
مهمان بورڊ جي پريس، ڪتبخانو ۽ مختلف شعبا گهمي
ڏٺا، خاص طور لائبريريءَ ۾ رکيل قديم مسودن ۾
دلچسپي ورتائون. سندن مان ۾ هڪ تقريب جو بندوبست
ڪيو ويو هو. آجياڻي ۾ سيڪريٽري بورڊ انعام شيخ چيو
ته سنڌ ڄاون هند جي سنڌي اديبن جو بورڊ ۾ اچڻ
اسان لاءِ اعزاز کان گهٽ ناهي. سنڌ تي جيترو حق
هتي رهندڙ سنڌي اديبن جو آهي، اوترو حق سرحد جي
هُن پار رهندڙ سنڌي ليکڪن جو پڻ آهي، تنهنڪري هتي
کين بار بار اچڻ گهرجي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس
چانسيلر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي وائيس چيئرمن جناب
مظهر الحق صديقي چيو ته معزز مهمانن جي هتي اچڻ
سان ثابت ٿي ويو آهي ته سنڌ ڄايا سنڌي پنهنجي هتي
جي اصل ڌرتيءَ سان بي انتها محبت ڪن ٿا. پاڻ
پنهنجي دوري دوران جيڪي منظر ڏٺائون، اُنهن کي
قلمبند ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرائين ته جيئن هند ۾
رهندڙ سنڌين سان سنڌ جي موجوده حالتن جو تعارف
سهڻي نموني ٿي سگهي. نندڇڳاڻيءَ چيو ته سالن کان
وٺي چاهنا هئي ته سنڌ ۽ سنڌي ادبي بورڊ کي ڏسان،
اڄ پنهنجي اِها آس پوري ٿيندي گهڻي خوشي ٿي رهي
آهي. هيري ٺڪر چيو ته بورڊ، سنڌ ۽ هند ۾ سنڌي ادب
جي نمايان سڃاڻپ آهي، جنهن جو بنياد ورهاڱي کان اڳ
اسان جي نيڪنام بزرگن رکيو هو، جن سنڌي ادب ۽
ٻوليءَ جي ڦهلاءُ لاءِ وڏو ڪم ڪري اعليٰ روايتون
قائم ڪيون. اڄ ان هنڌ تي پهچي، ان جو معائنو ڪري
ججهي خوشي ٿي آهي. هري موٽواڻيءَ چيو ته سنڌ ۾ اچي
مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ آءٌ جوان ٿي
ويندو آهيان. اڄ به چاڪ ۽ تندرست ٿيو واپس وري
رهيو آهيان. هن چيو ته اسين سنڌ ڄاوا آهيون، هند
توڙي سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي علم ادب جي حوالي
سان گڏجي ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ گهرجي.
محترمہ ماهتاب محبوب، امداد حسيني، حميد سنڌي، تاج
جويي ۽ نفيس احمد ناشاد پڻ تاثرات بيان ڪيا، جڏهن
ته غلام نبي مغل، عنايت بلوچ، طارق عالم ابڙي، سيد
حاڪم علي شاهه بخاري، احمد سهاڳ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
_راز شاهاڻي
سنڌي براهوي ادبي ڪانفرنس (ڪوئٽيا)
[”سنڌي براهوي لغت“ جي پڌرائي]
سنڌ جي مشهور محقق ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهيءَ جو
تيار ڪيل ڪتاب ”سنڌي براهوي لُغت“ سنڌي لئنگويج
اٿارٽي حيدرآباد سهڻي انداز ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن
جي مهورت جي حوالي سان براهوي اڪئڊميءَ 12-جون
2005ع تي ڪوئٽيه ۾ ”سنڌي براهوي ادبي ڪانفرنس“ جو
انتظام ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جا ’سنڌي ليکڪ‘ ۽ بلوچستان
جا ’براهوي ليکڪ‘ ججهي انداز ۾ شريڪ هيا. ڪانفرنس
جي پهرين نشست صبح جو 11 وڳي بلوچستان يونيورسٽيءَ
جي وائيس چانسيلر غلام محمد تاج جي صدارت هيٺ
”بلوچي اڪئڊميءَ“ جي هال ۾ شروع ٿي. خاص مهمان برک
صحافي سيد فصيح اقبال هو. اعزازي مهمان رزاق بگٽي
(صلاحڪار حڪومت بلوچستان)، نظام الدين جتوئي
پاٽولي (اسٽيشن مئنيجر پي. آءِ. اي) هئا. براهوي
اڪئڊميءَ جي صدر مير محمد صلاح الدين خان
مينگل(ايڊوڪيٽ جنرل بلوچستان) اسٽيج تي مهمانن سان
ساٿ ڏنو. راقم الحروف تلاوت ڪلام پاڪ جي سعادت
حاصل ڪئي، مولانا عبدالرشيد همدم براهوي نعتيه
ڪلام پڙهيو ۽ علي احمد شاد ڪارروائي هلائي.
سڀ کان اول سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جناب انعام
شيخ ڪتاب ”سنڌي براهوي لغت“ جي رونمائي ڪئي.
ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سنڌي اديبن بلوچستان اچڻ تي
روزانه ”بلوچستان ٽائيمس“ ڪوئٽيا (انگريزي) پنهنجي
اشاعت ۾ ڀليڪار ڇاپي، جيڪا نور براهوي ايڊيٽر
ماهوار ”مهر“ (نوشڪي) پڙهي ٻڌائي. ڪانفرنس جي
حوالي سان بلوچستان جي گورنر جناب اويس غني جو
موڪليل پيغام بروهي اڪئڊميءَ جي سيڪريٽري پروفيسر
سوسن براهوي پڙهيو. ماهوار ”استار“ (سوراب) ۾
ڪانفرنس بابت ڇپيل ڀليڪار جناب عبدالقيوم بيدار
پڙهي.
اسٽيج تي ويٺل مهمانن کي مسٽر نظام الدين جتوئي
اجرڪون پارائي سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران شيلڊون
ڏنيون ۽ اٿارٽيءَ جي سيڪريٽري غلام نبي بليديءَ
ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ اين. ڊي. جتوئي، سيد فصيح
اقبال، مير صلاح الدين مينگل، پروفيسر سوسن
براهوي، ڊاڪٽر داد محمد خادم، سلام صابر، پروفيسر
عزيز مينگل، ڊاڪٽر عبدالرزاق صابر، منظور احمد
پاٽولي، جوهر براهوي، ڊاڪٽر امداد سومري، غلام
حسين سوهي، اختر حسين ڪاڪيپوٽي (سيڪريٽري سنڌي
ادبي سنگت شاخ ڪوئٽيا) ۽ ڊاڪٽر علي احمد شاد کي
ايوارڊ ڏنا.
اردو جي مشهور افسانه نگار آغا گل (جنرل پوسٽ آفيس
اسلام آباد) پوسٽ ٽڪلين جا يادگار پورٽريٽ مهمانن
کي پيش ڪيا. زمانه گروپ آف نيوز پيپرس جي ايڊيٽر
انچيف سيد فصيح اقبال سنڌي اديبن کي بلوچستان جا
ثقافتي تحفا ڏنا.
”سنڌي براهوي لغت جي اهميت“ جي عنوان سان اردو ۾
لکيل پنهنجي مقالي ۾ انور ساگر ڪانڌڙي چيو ته
تاريخ جي ڪتابن براهوي قوم کي بهادر سڏيو آهي.
براهوي قوم جي الڳ حيثيت ۽ سڃاڻپ آهي. سنڌي
لئنگئيج اٿارٽي پاران ڇپيل ”سنڌي براهوي لغت“ سنڌي
۽ براهوي ٻولين جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪندي. هن
ڪتاب ۾ اٺ هزار سنڌي لفظن جو براهوي متبادل ڏنل
آهي.
ڊاڪٽر عبدالرزاق صابر (ڊائريڪٽر بلوچستان اسٽڊي
سينٽر بلوچستان يونيورسٽي) پنهنجي تقرير ۾ چيو ته
ڪتاب ”سنڌي براهوي لغت“ سنڌي ۽ براهوي ٻولين جي
نسلي وحدت جو مظهر آهي. هي هڪ اهم ضرورت آهي ته
سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان جي سطح تائين سڃاڻپ ڏيڻ
لاءِ سنڌي ادبي ادارا ۽ ليکڪ اڃا به وڌيڪ ڪوشش
وٺن. سنڌ-بلوچستان جا لاڳاپا منفرد حيثيت رکن ٿا،
جن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي.
غلام حسين سوهي پنهنجي پيش ڪيل انگريزي مقالي ۾
چيو ته براهوي تمام پراڻي زبان آهي. ڀٽائيءَ به
پنهنجي آفاقي ڪلام ۾ براهوي لفظ آندا آهن.
اٿارٽيءَ پاران ”سنڌي براهوي لغت“ هڪ وڏو علمي
ڪارنامو آهي.
ڪتاب جي محقق ڊاڪٽر داد محمد ”خادم“ براهوي
اٿارٽيءَ جو ٿورو مڃيندي براهوي اڪئڊميءَ جي به
ساراهه ڪئي، جنهن پاران هن ڪتاب جي حوالي سان
سرزمين بلوچستان تي پهريون ڀيرو ”سنڌي براهوي ادبي
ڪانفرنس“ ٿي رهي آهي. هن چيو ته مون پنهنجي هن
ڪتاب جي تياريءَ ۾ محترم ڊاڪٽر بلوچ جي پنجن جلدن
واري لغت ۽ پروفيسر عزيز مينگل جي ”براهوي لغت“
مان فائدو ورتو آهي.
راقم الحروف چيو ته ملڪ اندر ڪا به ٻولي ’علاقائي‘
ناهي، سڀ ٻوليون ”قومي“ آهن. سنڌي ۽ براهوي جو
تعلق هن ڪتاب کان گهڻو آڳاٽو آهي. موهن جي دڙي جي
تهذيب کان به اڳ آمري تهذيب جا آثار ثابت ڪن ٿا ته
سنڌي ۽ براهوي جو هڪٻئي سان گهاٽو تعلق آهي. ڀٽائي
گهوٽ جي ڪلام ۾ ڪافي براهوي لفظ آهن (مثال لاءِ
ٽيهه بيت پڙهيا ويا).
سيڪريٽري س. ا. ب انعام شيخ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته
اسين سنڌ جا ليکڪ براهوي اڪئڊميءَ جا ٿورائتا
آهيون، جو بلوچستان جي ڌرتيءَ تي اسان کي گهرائي
عزت ڏني وئي آهي. اسين ڪمزور قوم ڪونه آهيون،
پنهنجي تاريخ، ثقافت ۽ ادب جي حوالي سان ڪافي
مضبوط آهيون، پر افسوس جو اسان پاڻ پنهنجي اهڃاڻ
کي گهٽ سڃاتو آهي. جيڪا ٻولي ڀٽائيءَ جي ڪلام جي
آهي، اُها اڄڪلهه اسين ڪونه ٿا ڳالهايون. هُن چيو
ته پاڪستان جي سڀني ٻولين کي هڪجهڙي ترقي ملڻ
گهرجي ۽ ساڻن ڀرپور سهڪار ڪيو وڃي، ڇو ته ٻوليون
”قومي سرمايو“ آهن. اسان براهوي ٻوليءَ سان بيرخي
رکي آهي، هن ٻوليءَ تي ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي.
ٻولين جي تعلق يا سڃاڻپ متعلق ڪنهن به ليکڪ جو ڪو
ڪتاب هوندو ته سنڌي ادبي بورڊ وڏي شوق سان
ڇپائيندو ۽ ٻولين جي وچ ۾ سڃاڻپ لاءِ بورڊ طرفان
هڪ جامع رٿا جوڙي ويندي.
منظور احمد پاٽوليءَ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته براهوي
اڪئڊمي مبارڪ جي لائق آهي، جنهن ”سنڌي براهوي
ڪانفرنس“ جو انتظام ڪيو آهي. هن ڪانفرنس ذريعي
اديبن کي هڪٻئي کي سمجهڻ ۽ ٻولين جي ويجهو اچڻ جا
موقعا مهيا ٿيندا.
نظام الدين جتوئي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته منهنجي
لاءِ هي خوشيءَ جو موقعو آهي ته اٿارٽي، براهوي
ٻوليءَ جي حوالي سان ”سنڌي براهوي لغت“ شايع ڪئي
آهي. هن ريت ٻه قومون/ٻه ٻوليون پاڻ ۾ وڌيڪ ويجهو
ٿينديون. اصولي طور هر ٻوليءَ جا ماڻهو پنهنجي
ٻوليءَ جي ترقي لاءِ ڪم ڪن. پاڪستاني ٻولين بابت
خدمت جو جذبو وڌيو آهي ۽ ڪافي ڪاميابي به ٿي آهي.
خاص طور قوم جي هر پڙهيل فرد جو فرض ٿئي ٿو ته
پنهنجي ٻوليءَ جو ڪتاب ضرور خريد ڪري پڙهي.
لئنگئيج اٿارٽي ايندڙ مرحلي ۾ ڀٽائي صاحب جو
براهوي ترجمو ڇاپڻ جو ڪم شروع ڪندي.
براهوي اڪئڊميءَ جي صدر مير صلاح الدين خان مينگل
چيو ته سنڌي ۽ براهوي جا لاڳاپا ڏهه هزار سال
پراڻا آهن. اديب ۽ شاعر قومن جو سرمايو ٿيندا آهن.
براهوي قديم ٻولي آهي، مگر اُن کي ڪابه سرپرستي
ڪانه آهي. براهوي ٻوليءَ کي به ٻين ٻولين برابر
گرانٽ ڏني وڃي ته گهڻو ڪم ٿي سگهي ٿو.
رزاق بگٽيءَ چيو ته قومي سڃاڻپ جي جدوجهد لاءِ ادب
بنيادي ذريعو آهي. هن ڪوشش کي ڪاميابيءَ تائين
پهچائڻ لاءِ تنگ نظري ۽ گروهه بندي ڇڏڻي پوندي.
ٻوليون هڪ ٻئي کي ادبي تجربا سيکارن ٿيون. اڄوڪي
ڪانفرنس براهوي اڪئڊميءَ جو شاندار ڪارنامو آهي. |