سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1968ع

مضمون:

صفحو :9

”اجهو هيءُ زمانو آهي نه، جيڪو هلي پيو ... هي مهل، هي مند، هي ڏينهن، هي رات، هي سج، هي تارا، هي اُس، هي ڇانو، هي ڏک، هي سک... اهو سڀ زمانو ئي ته آهي جو هري هري، پنهنجي مقرر چال سان پيو گذري“.

”پر ٻڌ... اهو زمانو ڪڏهن ڪڏهن گذرندي، پنهنجي مقرر چال، ڇڏي هڪدم ڦيرو کائيندو آهي... خبر اٿئي ڪيئن ڦرندو آهي؟“

چوڏيل وانگر، ڦرڻي جيئن!“

”ڦرڻي ڏٺي اٿئي ۽ چوڏيل؟“

”ها ... ته بس چوڏيل ۽ ڦرڻي وانگر زمانو به ڦرندو آهي ۽ ان تي سوار ٿيل آدمين جو دماغ به ڦرندو آهي. لونءَ ڪانڊاربي آهي. رت رڳن ۾ ابتو سبتو ڦرندو ۽ وٺبوسٺبو آهي!

”تو شايد نه ڏٺو آهي ... ڪڏهن ڪڏهن اها ڦرڻي، اهو چوڏيل، زوم مان ڦري ڦري ڀڄي پوندا آهن: سڀ زنجير، سڀ شهتير، پينگها ۽ پاکڙا، هڙئي ٽٽي پوندا آهن: پرزو نه ملندو آهي، پرزي سان. چوڏيل چڪنا چور ٿي ويندو آهي ۽ ڦرڻي ڦرهو ڦرهو –اصل هو بهوائين، جيئن کوهه جي ڍينگي مان ٺهڪڻ نڪري ويندو آهي، ۽ پوءِ ڍينگو ابتو ڦرڻ لڳندو آهي ۽ ان ابتي ڦيري ۾ هڙ لوٽيون چٽ، ۽ ڍينگو ڍيري ٿيو پوي. اهڙيءَ ريت چوڏيل ۽ ڦرڻيءَ جو ڍينگي ڍيري ٿي پوڻ ساڻ ڪي تماشائي مري ويندا آهن ته ڪي ڦٽجي پوندا آهن“.

”پر زماني جو ڦيرو اڃا ڪا ٻي شئي آهي، جنت!“

”زماني جي ڦيري کان شل ڍڪيندڙ پيو ڍڪي!“

”زماني جي ڦيري ۾ هيءَ ڌرتيءَ جي پکڙيل چوپڙ،  هڪدم ويڙهجي ويندي آهي، ڳوٽون ڳاهجي وينديون آهن، جئن تڏو ويڙهجي وڃي“”

هان! ڌرتي ويڙهجي ويندي آهي؟ .......پر ڇو ماسي؟“ جنت جي چهري تي خوف ڇانئجي وڃي ٿو.

”ڌيءُ، ان لاءِ ته هي ڪوسو ۽ ڪاڙهيندڙ سورن جو سج گم ٿي وڃي، ۽ ٿڌڙي ۽ مٺڙي سکن جي سهائي رات اچي، هڪ شاعر واري رات! جنهن جي چوليءَ ۾ هزارين چنڊ چمڪندا هجن: جنهن ۾ ڏکڻ ڏيهه جي ٿڌي هير، ٿڌڙا ڪڍي، ٿڪل روحن کي گيرٽ ورهائي ۽ ونڊي ڏئي، ۽ اهڙي سمي تون ۽ مان به هوند هي ٻسيون بانهون سيرانديءَ ڪري سمهي پئون. تان جو صبح جو ستارو اڀري، باکون ڦٽن، جن ۾ ڪار ڪڻڇي سبحان جي راهه جا مٺڙا، مدائتا ۽ مهلائتا ڳيت ڳائيندي هجي: ڪبوتر ۽ قمريون ”حق هو، حق هو“ تنوارين ۽ مٿان صبح ٿي وڃي. ڀني ڀني بوءِ وارو سدورو صبح، پربهار ۽ نوراني صبح، جنهن ۾ ماڪ آلا، اڌ ٽڙيل رابيل جا گل ٽهڪ ڏيندا هجن ۽ ان وقت ڪيئي ڀاڳ ڀريون اکيون مهڻي اٿن“.

”ماسي! اهڙو صبح ڪڏهن ايندو؟“

”جنت! اهڙو صبح دور نه آهي، ايندو، ضرور ايندو، پر ....تنهنجون ۽ منهنجون اکيون، اها سدوري صبح جي روشني شايد نه ڏسي سگهن. ٿي سگهي ٿو، ته تنهنجو هيءُ معصوم ۽ منهنجي جيتامڙي ”اميدان“، جي اڃا پير پير ۾ پائي ٿا هلن سي ......!“

ٻئي ڏينهن جنت مرڪندي مٿو ڌوئي، ڌڙيون ڳنڌايون. اتر اباڻي پار ڏي، وهانءَ تي وڃڻ جي تياري ڪيائين.

هوءَ بيل گاڏيءَ جي رينگٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو هڪڙو سُر ملائي هن ريت جهونگاريندي ٿي ويئي....!

”سهسين سيبا ڪنجري، لوئي سان ليڙن،

ههڙا حال وٺي ڪري، وڃان منجهه ٿرن،

مارو مان چون، هئي اسان جي آسري“ (شاهه)

قاضي خادم

مــوت ۽ فــاصـلـو

(ايڊگرايلن پو جي ڪهاڻي کان متاثر ٿي لکيل)

(گهوڙي گاڏيءَ جي هلڻ جو آواز)

فرانس برنارڊ- اوهو... خبر نه ٿي پوي ته گاڏيءَ جي رفتار ايڏي سست ڇو آهي؟

گاڏيءَ وارو- جناب! گاڏي ته تيز پئي هلي.

(گهوڙن کي ڌڪ هڻڻ ۽ هڪلڻ جو آواز)

فرانس – پر تو کي خبر نه آهي ته مون کي ڪيتري جلدي آهي؟ آءٌ چاهيان ٿو ته اڏامي وڃي نواب جي محل ۾ پهچان.

گاڏي وارو – معاف ڪندا جناب، ڇا مان اوهان کان پڇي سگهان ٿو ته اوهان کي اتي پهچڻ جي ايتري جلدي ڇو آهي؟

فرانس – مون کي اتي پهچڻ جي جلدي ڇو آهي؟ ها ... مون کي واقعي اتي پهچڻ جي جلدي آهي ... تمام گهڻي جلدي – تون گاڏي اڃا به تکي هلاءِ...

گاڏي وارو – جيڪڏهن اوهان نه ٿا ٻڌائڻ چاهيو ته ٺيڪ آهي...

فرانس – نه نه اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي. نواب محل ۾ منهنجي ڀيڻ پرڻيل هئي. ڪجهه ڏينهن ٿيا جو اوچتو مون کي هن جي موت جي خبر پئي هئي، انهيءَ خبر متعلق پڪ ڪرڻ پيو وڃان.

گاڏي  وارو – ته ڇا اها خبر توهان کي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ ٻڌائي هئي؟

فرانس – ها، اها خبر مون کي ٻئي هنڌان پيئي آهي. الائجي ڇو هنن مون کي ڄاڻ نه ڪيو.

آءٌ ته پنهنجي خاندان جو وڏو آهيان. پوءِ به الائي ڇو هنن مون کي نه ٻڌايو! ايتري رازداريءَ کان ڇو ڪم ورتائون؟ خير ... هاڻ چاهيان ٿو ته ان راز معلوم ڪرڻ لاءِ جلد از جلد اتي پهچان ...گاڏيءَ کي تيز هلاءِ ... اڃا به تيز!

گاڏي وارو- بس جناب انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. هاڻ پاڻ چند لمحن ۾ پهچڻ وارا آهيون...

بس هن ٽڪريءَ جي پوئينءَ ڀر، محل آهي (چهبڪ جو آواز) شاباس پٽ ...اڏام!

فرانس – (رڙ ڪري) خيال ڪر متان گاڏي اٿلي نه پوي. (گاڏيءَ کي هڪ وڏو لوڏو ٿو اچي).

گاڏي وارو – اوهين اطمينان رکو جناب – هي گهوڙو هنن رندن کان واقف آهي –(چهبڪ جو آواز) شاباس... پٽ ...اڏام!

فرانس – (پنهنجي منهن) الائجي ڇو هنن مون کي نه ٻڌايو...

گاڏيءَ وارو – اوهان مون کي ڪجهه چيو جناب؟

فارنس – جي ...جي... نه مون تو کي ڪجهه به ڪونه چيو. (گاڏي بيهڻ ٿي لڳي).

گاڏي وارو – جناب محل اچي ويو –(گاڏي بيهڻ جو آواز)

فرانس- شڪر آهي سفر پورو ٿيو- پر هي ڇا ؟ محل اڃا ڪافي پري آهي!

گاڏي وارو- بس سائين هن کان اڳتي آءٌ هلي ڪونه سگهندس. هن کان پوءِ شيطاني محل جون حدون شروع ٿيون ٿين.

فرانس- شيطاني محل! ڇا مطلب؟

گاڏي وارو- اوهين شايد پهريون ڀيرو هت آيا آهيو، ڪيئن؟

فرانس- ها،... پر...

گاڏي وارو- جناب سامان سنڀاليون ۽ ڀاڙو ڏيوم ته آءٌ وڃان. مون کي رات پئجي ويندي!

فرانس-ها... ها چڱو تون وڃي(گاڏيءَ وجي هلڻ جو آواز). عجيب ماڻهو آهي (گاڏيءَ وڃڻ جو آواز). خدا ڪري اديءَ جي موت جي خبر غلط هجي. آءٌ ڪيڏو نه ننڍو هوس جڏهن هوءَ اسان کي ڇڏي  هلي وئي هئي... دروازو ڪيڏو نه شاندار آهي (ڪڙي کڙڪائڻ جو آواز) شايد ڪير اچي پيو(قدمن جو آواز).

(دروازي جي چيڪڙاٽ سان در جي کلڻ جو آواز)

نوڪر – ڪير آهي؟

فرانس-  منهنجو نالو فرانس برنارڊ آهي، آءٌ نواب سان ملڻ آيو آهيان.

نوڪر- نواب ڪنهن سان به ڪونه ملندو آهي؟

فرانس-  پر مون سان ضرور ملندو –تون رڳو کيس اطلاع ڪر.

نوڪر-نه، هو ڪنهن سان به ڪونه ملندو.

(در بند ڪرڻ جو آواز)

فرانس – تون هن کي ٻڌاءِ ته سهي (در زور سان کلڻ جو آواز). آءٌ تمام پري کان آيو آهيان...

نوڪر – مون چيو ته نواب ڪنهن سان به ڪونه ملندو آهي. اڙي اڙي، در کان ٻاهر نڪر.

فرانس –ڪهڙي بيوقوف سان واسطو پيو آهي!

(زور آزمائي ڪرڻ جو آواز).

نوڪر- در کان ٻاهر نڪر نه ته ...

ڪيٿرئن-ڪير آهي؟ هي گوڙ ڇا جو آهي؟

مئڪسلمن، ڇا آهي؟

نوڪر- بي بي، هي شخص زبردستيءَ محل ۾ اندر پيو داخل ٿئي!

ڪيٿرئن –آخر اوهين آهيو ڪير، ڇا ٿا چاهيو؟

فرانس- آءٌ نواب صاحب سان ملڻ ٿو چاهيان.

ڪيٿرئن- نه، هو ڪنهن سان به ڪونه ملندو آهي، توهين وڃي سگهو ٿا. مئڪسملن، در بند ڪر.

فرانس- تڪڙ نه ڪريو، منهنجي ڳالهه ته ٻڌو... آءٌ ايلزبيٿ جو ڀاءُ آهيان.

ڪيٿرئن – ايلزبيٿ جو؟ او هو، معاف ڪجو ... اوهان اهو پهرين ڇو نه ٻڌايو!

فرانس- اوهان به ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو ها ته ٻڌايان ها.

ڪيٿرئن- معاف ڪجو، اسان کي خبر ڪانه هئي. مڪسملن، معزز مهمان جو سامان اندر کڻي اچ...

(موسيقي)

ڪيٿرئن – اوهان جي ڀيڻ جي موت، منهنجي ڀاءُ نواب صاحب جي دل ۽ دماغ تي وڏو خراب اثر ڇڏيو آهي. هو اڪثر ٿڙيل ڳالهيون پيو ڪندو آهي. ايلزبيٿ کي مئي ٽي مهينا ٿي چڪا آهن ۽ انهيءَ ساري عرصي ۾ منهنجي ڀاءُ کي پوري ننڊ به نصيب نه ٿي آهي...

فرانس – اوهه، ٽي مهينا (وقفه) ڇا آءٌ پنهنجي ڀيڻ جي قبر ڏسي سگهان ٿو!

ڪيٿرئن- قبر؟ ... اسان جي رواجن مطابق هن کي هيٺ مقبري ۾ رکيو ويو آهي...اسين پنهنجي مردن کي پوريندا ڪونه آهيون.

فرانس- ته پوءِ ڇا اتي هلي سگهجي ٿو؟

ڪيٿرئن- ها، ڇو نه... اچو، منهنجي پٺيان اچو!

(قدمن جو آواز)

فرانس- آخر ايلزبيٿ مئي ڪيئن؟ ڇا توهين ڪجهه...(گوڙ ۽ شور) هي آواز ڇا جو آهي؟

... منهنجا ته ڪن ٿا ڦاٽن... ٻڌائين ڇو نه ٿي ته  هي آواز ڇا جو آهي-تون اچ مون سان اچ.

ڪيٿرئن- منهنجي ٻانهن ته ڇڏيو –(ڊوڙڻ جو آواز) ايڏانهن نه وڃو ... مسٽر، مسٽر برنارڊ اهو رستو ڪونهي. (رڙيون) ايڏانهن نه وڃو، ترسو.

فرانس- آئون ويندس، آئون ضرور ويندس (ڊوڙڻ جا آواز).

فرانس- (سهڪندو) آءٌ هن گوڙ جو سبب معلوم ڪري رهندس. (اوچتو ٺڪاءُ سان در ٿو کلي ۽ خاموشي ڇانئجي ٿي وڃي).

نواب- ڪير آهي ... هي گوڙ ڇا جو آهي... ڪيٿرئن...هي شخص ڪير آهي؟

ڪيٿرئن- نڪولاس، هي ايلزبيٿ جو ڀاءُ آهي.

نواب- ايلزبيٿ ! ... ڪاش اڄ ايلزبيٿ زندهه هجي ها ته توکي ڏسي ڪيڏو نه خوش ٿئي ها، هوءَ هميشه تنهنجو ذڪر ڪندي هئي... اچو اچو، منهنجو ته دماغ ئي اهڙو ٿي ويو آهي جو... اچو...(در کلڻ جو آواز ۽ وري چاٻيءَ جو آواز).

فرانس- (پنهنجي منهن) هي در بند ڇو پيو ڪري.

(وقفو – آهستي)

نواب- اوهان ڪجهه چيو ... ايلزبيٿ ... ايلزبيٿ.

فرانس- نواب صاحب، ايلزبيٿ ڪيئن مئي، ڪڏهين مئي، کيس ڇا ٿيو؟

نواب- (پنهنجن خيالن ۾) ايلزبيٿ- ايلزبيٿ.

فرانس- او نواب صاحب، اوهان آخر مون کي اطلاع ڇو نه ڪيو!

نواب- ايلزبيٿ، منهنجي ايلزبيٿ مري ويئي. مون تو کي اطلاع به نه ڪيو...

فرانس- (رڙ ڪري) نواب صاحب! هاڻ مون کان برداشت ڪونه ٿو ٿئي. وڌيڪ تڪلف ۽ ناٽڪي انداز جي ضرورت ناهي...

نواب- مون سمجهيو ڪونه، اوهين ڇا پيا چئو... ڇا برداشت! ...تڪلف... ناٽڪ...ڪهڙو ناٽڪ؟

فرانس- نواب صاحب، ايلزبيٿ منهنجي ڀيڻ هئي... آخر هن جي موت کي مون کان ڇو لڪايو ويو؟ هن جي قبر مون کي ڇو نه ٿي ڏيکاري وڃي!

نواب- اوهه معاف ڪندا، مون کان واقعي غلطي ٿي. هلو ته توهان کي توهان جي ڀيڻ جي آخري آرامگاهه ڏيکاريان، ڪيٿرئن تون به اچ.

(وري در کلڻ ۽ بند ٿيڻ جو آواز ۽ هلڻ جو آواز)

فرانس- ڇا آءٌ پڇي سگهان ٿو ته منهنجي ڀيڻ ڪيئن وفات ڪئي؟

نواب-  هوءَ سخت بيمار ٿي پئي ... مون هن جو هر ممڪن علاج ڪرايو، پر ... پر... هوءَ مون کي هن محل ۾ اڪيلو ڇڏي هلي وئي! جتي هن جا ٽهڪڙا گونجندا رهندا هئا، ... هن محل جي هر ڪمري ۾ ان جي فرش جي هڪ هڪ انچ تي هن جي نازڪ نفيس قدمن جا نشان آهن... ايلزبيٿ! منهنجي من جي راڻي... منهنجو روح... منهنجي حياتي... منهنجي... هاءِ...منهنجي جان، منهنجو جگر ...سڀ ڪجهه!

فرانس- ها ها، پر هن جو علاج ڪنهن ڪيو؟

نواب-ڊاڪٽر ليون ....... اهو اسان جو ست پيڙهيائتو ۽ خانداني ڊاڪٽر آهي. وڏو ڊاڪٽر آهي!... او سنڀالي هلو... ها. هن کي رت ۾ خرابي ٿي پئي هئي... سنڀالجو... اجهو هي آهي الزبيٿ جو ننڍڙو مقبرو ...(خاموشي- رڙ ڪري) ايلزبيٿ!

فرانس- منهنجي ڀيڻ ...ڪاش آءٌ توکي پوريل ڏسڻ لاءِ جيئرو نه هجان ها...

ڪيٿرئن- اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو. ويل ۽ مئل ڪڏهن واپس وريا آهن ڇا ...

نواب- اوهه ايلز بيٿ...

ڪيٿرئن- هاڻ هلو... منهنجي ڀاءُ جي طبيعت خراب پيئي ٿئي.

(قدمن جا آواز)

ڪيٿرئن- اوهين هتي ڪيترو رهندئو؟

فرانس- جيستائين پنهنجي ڀيڻ جي موت جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿيو آهي، تيستائين هتي ئي هوندس.

نواب- اوهه! ته ڇا اوهان کي اڃا ڪا غلط فهمي آهي؟

فرانس- ها جناب! غلط فهميون تڏهن ئي دور ٿينديون آهن، جڏهن سچ سامهون ايندو آهي، پر هتي ته سچ کي پردي ۾ رکيو پيو وڃي!

نواب- آخر تنهنجو مطلب ڇاهي؟

ڪيٿرئن- اوهان ڳالهه سمجهو ڇو نه ٿا، خدا جي واسطي- منهنجو ڀاءُ بيمار آهي، هن جي اڳيان اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو- جناب! سچ کانسواءِ ٻيا به طريقا آهن، جن سان ڪا ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي...

فرانس- هان! ته مون کي پڪ آهي، ضرور مون کان ڪجهه لڪايو پيو وڃي.

ڪيٿرئن- مسٽر فرانس...منهنجي ڀاءُ جي حالت خراب پئي ٿئي... مهرباني ڪري مون کي سهاري ڏيڻ ۾ مدد ڪريو...

(موسيقي)

(ٿوري دير لاءِ خاموشي)

نوڪر- سرڪار، اوهان جي سمهڻ لاءِ هي ڪمرو آهي.

فرانس- چڱو تون ڀلي وڃ (وقفو). هن محل ۾ ڪهڙو نه عجيب ڪمرو آهي؟ دروازو به جهڙو اٿس تهڙو نه. نه ڪو  اٿس ڪڙو، نه ڪو ڪنڍو. هن ڀوت محل ۾ رات جو ننڊ ڪيئن ايندي؟ (اوٻاسي) آها...ڪيٿرئن به عجيب ڇوڪري آهي، يا شايد ايلزبيٿ جي موت جي باري ۾ هن کي واقعي ڪجهه به معلوم ناهي. مون کي ته ڊپ ٿو لڳي. مون کي هتان جلدي وڃڻ گهرجي ۽ جان ڇڏائڻ گهرجي. (وقفو) ... نه نه آءٌ پنهنجي ڀيڻ جي موت جو ڪارڻ ضرور معلوم ڪندس. ڪيٿرئن نوڪر کي چيو هو ته مون کي تصوير واري ڪمري ۾ وٺي وڃي. اجها هيءَ تصوير لڳي پئي آهي... ڪيڏي ته خوفائتي آهي ... شايد مئڪسملن جي آهي... خير ڪجهه وقت آرام ڪريان ته ڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچيم. (اوٻاسيءَ جو آواز).

(در تي ٺڪ ٺڪ جو آواز)

ڪير آهي ... ڪير آهي... هليو اچ.

نواب- آءٌ آهيان، معاف ڪجو، منهنجي طبيعت ڪجهه خراب ٿي پئي هئي، پر آءٌ چاهيان ٿو ته اوهان کي جيڪا غلط فهمي ٿي آهي، تنهن کي دور ڪريان.

فرانس- مون کي ڪا به غلط فهمي ڪانهي.

نواب- نه فرانس، توهان کي غلط فهمي آهي. توهين ايلزبيٿ جي موت جو ذمه دار مون کي ٿا سمجهو. اهو اوهان جو غلط خيال آهي... خدا جو قسم ته ايلزبيٿ سان مون کي ڏاڍو پيار هو. هن جو صدمو جيترو مون کي ٿيو آهي، اوترو اوهان کي به نه ٿيو هوندو. هوءَ ته منهنجي زندگي هئي، منهنجو روح هئي. آءٌ قسم سان ٿو چوان ته هن جو موت بلڪل هڪ عام رواجي موت وانگر ٿيو هو، ان ڳالهه ۾ ڪو به اسرار ڪانهي.

فرانس- اهو سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي نواب صاحب، پر آءٌ برنارڊ خاندان جو وڏو آهيان. سڀ کان وڏي ڳالهه ته آءٌ ايلزبيٿ جو وڏو ڀاءُ آهيان، مون کي صحيح صحيح خبر پوڻ گهرجي... آخر هن جي موت جي خبر مون کان ڇو لڪائي وئي ؟... مون کي اطلاع ڇو نه ڏنو ويو... هيترو عرصو گذر ٿي چڪو آهي!

نواب- توهان کي يقين نٿو اچي... توهين مون سان گڏ اچو.

    (قدمن جو آواز)

    (در کولڻ جو آواز)

    هي آهي، ايلزبيٿ جو ڪمرو.

    فرانس- خوب... سينگاريل ڪمرو آهي.

فرانس- پر هي اڃا تائين سينگاريل ڇو آهي، هاڻي هن ۾ ڪير ٿو رهي؟

نواب- هي منهنجي ايلزبيٿ جو ڪمرو آهي، هي ڪمرو هميشه سينگاريل رهندو ... هميشه

فرانس- آخر مون کي هن ڪمري جي ڏيکارڻ جو مقصد؟

نواب- مون هتي توهان کي ان ڪري آندو آهي ته جيئن مان اوهان جي آڏو پنهنجي ان بي پناهه محبت جو ڪو عملي ثبوت پيش ڪري سگهان، جيڪا محبت اڃا تائين منهنجي دل ۾ موجون هڻي رهي آهي... هُن جيڪي به ڪجهه چاهيو ٿي، سو هت مون حاضر ڪري ٿي ڏنو مانس!

فرانس- پر هتي جو گهٽيل ماحول ... ڇا اهڙي ماحول ۾ به خوشي ملي سگهي ٿي؟

نواب- توهان کي ڪا به خبر ڪانهي مسٽر فرانس. مون هن لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو جيڪو منهنجي هٿ ۾ هو. مون هن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڇا نه ڪيو؟ (هلڪي قدمن جو آواز- آهستي در جو چيڪڙاٽ).

فرانس- (ڊپ کان) ڪير آهي... ڪير آهي؟

نواب- اوهو... هي اسان جي نوڪرياڻي آهي، ماريا...

ماريا-آءُ  ڪمرو صاف ڪرڻ آئي آهيان.

نواب- نه هينئر وڃ...(دروازي بند ٿيڻ جو آواز) مسٽر فرانس، خدا شاهد آهي، آءُ هن کي پوڄيندو هوس. هن کانسواءِ منهنجي زندگي بي معنيٰ ٿي چڪي آهي... آءُ ته ڪجهه به نه رهيو آهيان... ڀلا توهان هيءَ تصوير ڏٺي! ايلزبيٿ جي !

فرانس- ڏسان پيو.

نواب- ڪيڏي نه خوبصورت تصوير آهي!

ائين پيو لڳي ڄڻ اجهو ٿي ٻاهر نڪري ۽ ڪر موڙي مون ڏي مشڪي نهاري، ڪيئن، هائو نه !

فرانس- (پنهنجي منهن) ڇا واقعي هن کي ايلزبيٿ سان پيار هو!

نواب- ڪاش هوءَ هڪ ڀيرو وري هن محل ۾ موٽي اچي ۽ هميشه وانگر بلبل جيان پنهنجا نغما پکيڙي ... هوءَ بهار جي هوا هئي، جنهن سان منهنجي دل جو چمن کڙيل هو. مسٽر فرانس، ڇا اوهين مون کي ٿوريءَ دير لاءِ اڪيلو ڇڏيندؤ...

صرف چند منٽ...آءُ  پنهنجي ايلزبيٿ جي تصوير سان ڪي ٻه ٽي ڳالهيون ڪري وٺان... اوهه ايلزبيٿ...تون ڪيڏانهن هلي وئينءَ!... منهنجا خدا! مون کي منهنجي ايلزبيٿ سان جلدي ملاءِ... (روئڻ جو آواز) او منهنجا خدا!

فرانس- نواب صاحب... نواب صاحب...

نواب- مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو. مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو!...

فرانس- اوهه، مون کي وڃڻ گهرجي. (در بند ٿيڻ جو آواز).

فرانس- ته ڊاڪٽر صاحب، اوهان منهنجي ڀيڻ جو علاج ڪيو هو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com