شاهه شجاع الملڪ سنڌ ۾:
سن 1234 هجريءَ ۾، مير ڪرم علي خان فوت ٿي چڪو هو
۽ سندس جاءِ تي سندس ننڍو ڀاءُ مير مراد علي خان
تخت نشين ٿيو. اُن زماني ۾ شاهه شجاع، لڌيانه ۾
انگريزن جي پناهه هيٺ هو ۽ آرام سان وقت گذاري
رهيو هو. اُن وقت افغانستان ۾ خاني جنگي پوري زور
تي هئي، جنهن کان شاهه وقت بوقت متاثر ٿيندو ٿي
رهيو ۽ سندس دل ۾ افغانستان جي حڪومت جو هوس بي
آرامي ڪندو ٿي رهيو. هو اوچتو لڌيانه کان سنڌ
روانو ٿي پيو، جنهن کان سندس مقصد هو ته سنڌ ۾
رهي، قنڌار جي حالتن کان واقف ٿيندو رهي ۽ جيڪڏهن
موقعو حاصل ٿي سگهي ته قنڌار تي حملو ڪري.
مگر ”تاريخ تازه نوائي معارڪ“ جو مصنف لکي ٿو ته
شاهه شجاع کي ڪنهن مصلحت جي باعث، مير مراد علي
خان حيدرآباد ۾ اچڻ جي دعوت ڏني هئي. مگر خبر نه
ٿي پئي ته اُها ڪهڙي مصلحت هئي، جنهن لاءِ مير
مراد علي خان، سنڌ ۾ شاهه شجاع جو هئڻ ضروري ٿي
سمجهيو ۽ هڪ خطري ۽ فتني کي پاڻ بيدار ٿي ڪيو.
بهرحال هو سن 1248 هجريءَ ۾، لڌيانه کان منزلون
هڻندو، سنڌ ڏانهن وڌندو ٿي آيو، جتي حيدرآباد جا
مير سندس آمد کان خوش هئا. اتي خيرپور جا مير سندس
آمد کان سخت ناراض هئا، مگر مير مراد علي خان جي
خيال کان انڪار جي جرات نه ٿي ڪري سگهيا. جڏهن
شاهه موجوده رياست بهاولپور جي اندر داخل ٿيو، ته
سنڌ جي ميرن سندس استقبال لاءِ پنهنجا عيوضي
ڏياري موڪليا. حيدرآباد جي طرفان سيد مير ڪاظم
شاهه، جو اُن وقت شڪارپور جو گورنر هو
–
هيءُ ٻئي شاهه جي پيشوائيءَ لاءِ اڳواٽ سبزل ڪوٽ ۾
وڃي مقيم ٿيا، جتان شاهه کي وڏيءَ عزت سان شڪارپور
وٺي آيا. شڪارپور وٺي آيا. شڪارپور ۾ حيدرآباد جي
ميرن جي طرفان مير جهان خان ۽ خيرپور جي ميرن جي
طرفان مير زنگي خان سندس مرحبا ڪئي.
”تاريخ تازه نوائي معارڪ“ جي مصنف، هن
موقعي تي هڪ مزيدار حقيقت لکي آهي، جنهن مان معلوم
ٿئي ٿو ته شڪارپور جا ماڻهو ان وقت به ڪيڏا نه
ڀرمي ۽ سنسي هئا. لکي ٿو ته (1):
”جنهن ڏينهن مٿيان مير شڪارپور ۾ داخل پئي
ٿيا ته لکيدر جي ٻاهران ماڻهو ميرن جي ڏسڻ لاءِ
اچي گڏ ٿيا. ميرن سان جي سوار همرڪاب هئا، اهي خلق
خدا کي ڏسي، پنهنجن گهوڙن کي تيز ڊوڙائڻ لڳا.
گهوڙن جي ڊورائيندي، ڪيترن سوارن جون ٽوپيون وڃي
پَٽ تي ڪريون ۽ ڪي پاڻ وڃي زمين تي ڪريا. تماشبين
ماڻهن، ٽوپين ۽ ماڻهن کي ڪرندو ڏسي بدشگون کي
ورتو.“
اگرچه هن شگون کي ڪو به عقلمند ماڻهو تسليم ڪرڻ
لاءِ تيار نه ٿيندو، مگر هيءُ حقيقت آهي ته اڳتي
هلي جڏهن شاهه شجاع ۽ ميرن جي وچ ۾ نااتفاقي پيدا
ٿي ته ميرن کي وڏو نقصان سهڻو پيو.
شاهه شجاع شڪارپور ۾:
بهرحال، شاهه شجاع، شڪارپور ۾ پراڻي
ڪليڪٽريءَ جي ميدان تي، جنهن کي ان وقت شهزادي جو
باغ ٿي سڏيائون، منزل انداز ٿيو (2). اتي رهي
سامان جنگ گڏ ڪندو رهيو. ميرن سندس خرچ لاءِ
هزارين رپيا ٿي خرچ ڪيا (1). جيئن گرميءَ جي مند
مٿان اچي وئي هئي، ان ڪري شاهه گرميءَ جي موسم اتي
ئي گذارڻ مناسب سمجهي. جيئن عطا محمد لکي ٿو ته
”ميرن ۽ شاهه جي وچ ۾ هي فيصلو ٿيل هو، ته مير
چاليهن ڏينهن ۾ چاليهه هزار شاهه کي ڏيندا ۽ شاهه
ايترائي ڏينهن شڪارپور ۾ رهي، پنهنجي منزل مقصود
ڏانهن هليو ويندو (2).“ مگر چاليهن ڏينهن جي
بجاءِ، شاهه کي شڪارپور ۾ چاليهه هزار رپيا ورتي
به ٽي مهينا گذري ويا. مير زنگي خان ۽ مير جهان
خان به خدمت ۾ موجود رهيا. هنن کي ڪا به خبر نه ٿي
پئجي سگهي ته شاهه ڪڏهن هو شڪارپور کي ڇڏي وڃي. هو
شاهه جي روش کان بيحد تنگ اچي ويا. هوڏانهن شاهه
شجاع، مير مراد علي کان اُٺن جي خرچ ۽ ريزڪي خرچ
جي تقاضا ڪئي، پر مير صاحب سندس طلب ڏي ڪو به ڌيان
نه ڏنو، جنهن تي شاهه شجاع کي غصو ايندو رهيو. هن
پر آشوب زماني ۾، جڏهن حالتون بدتر کان بدتر ٿي
رهيون هيون، سن 1248 هه ۾ مير مراد علي خان سيني ۽
گوڏي جي سور ۾ ٻه هفتا بيمار رهي وفات ڪري ويو
(3). جڏهن شاهه شجاع کي سندس وفات جي خبر پئي ته
مٿس بيحد اثر پيو. انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته مير
صاحب، ديرينه خيال، تجربيڪار ۽ زماني جي نشيب ۽
فراز کي چڱيءَ ريت ڄاڻندڙ هو. ڪن حالتن ۾ مهل سر
ڪم اچڻ جهڙو هو. مير صاحب جي وفات کان پوءِ، ميرن
جي ٻي چوياري ٺهي ۽ مير صاحب جو فرزند مير نور
محمد خان رئيس بڻيو. هن چوياريءَ ۾ هيٺيان مير
شامل هئا.
1. مير نور محمد خان( رئيس).
2. مير نصير خان.
3. مير صوبدار خان.
4. مير مير محمد خان.
مگر افسوس جو هن چوياريءَ جا ارڪان اڳتي هلي،
مخالفت تي لهي آيا، جنهنڪري حڪومت ۾ اها يڪجهتي ۽
پختگي نه رهي.
شاهه شجاع، مير صاحب جي وفات جي اطلاع ملڻ
تي، پنهنجي معتمد قاضي محمد حسين ۽ مير ڪاظم شاهه
شڪارپور جي نواب کي سندس تعزيت لاءِ ڏياري موڪليو:
شاهه موصوف خلعت سان گڏ هڪ خط به موڪليو، جنهن ۾
اُٺن جي موجود ڪرڻ جي تقاضا به هئي. مگر هن جو
نتيجو ڪو چڱو نه نڪتو. حالتون زياده پيچيده بڻجي
ويون. ”تازه نواي معارڪ“ جي مصنف جي تحرير موجب،
شاهه شجاع، جنگ تي صلح کي ترجيح ڏني ۽ وڏي تحمل ۽
بردباريءَ کان ڪم ورتو. مگر شمس العلماءَ مرزا
قليچ بيگ هن واقعي جي نوعيت ٻي ڏيکاري آهي. مرزا
صاحب لکي ٿو ته (1):
”اُن وقت شڪارپور جي ناظم ڪاظم شاهه (2) کان اطلاع
مليو ته شاهه شجاع الملڪ، جنهن کي مرحوم مير
شڪارپور ۾ رهايو هو، مير صاحب جي موت جي خبر ٻڌي
شڪارپور جو مالڪ بڻجي ويٺو آهي. هن خبر ٻڌڻ سان،
ميرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي۽ آخر هن نتيجي تي پهتا ته
افغانن جي سابق بادشاهه کي شڪارپور کان هڪاليو
وڃي.“
شاهه ڪيئن به هو، اڳرائي شاهه شجاع جي هئي يا ميرن
جي ناعاقبت انديشي
–
شاهه هنن خبرن کان بگڙجي ويو ۽ ميرن کي چوائي
موڪليائين ته ”ڪن ضروري حالتن جي باعث، مان
شڪارپور ۾ پنهنجو توقف ضروري سمجهان ٿو ۽ خراسان
وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪيو اٿم. جيئن ئي حالتن ۾ اصلاح
آئي ته خراسان هليو ويندس.“
بهرحال ڪاظم شاهه کي شاهه حڪومت کان برطرف ڪري
ڇڏيو ۽ سندس جاءِ تي بهادر خان کوکر کي شڪارپور جو
نواب بڻايو ويو (3). ڪاظم شاهه، شڪارپور ڇڏي، مير
رستم خان وٽ وڃي خيرپور ۾ رهيو. حيدرآباد جي ميرن
کي هن واقعي جو اطلاع ڏنائين، جيئن شمس العلماء
مرزا قليچ بيگ مٿي لکيو آهي. اهڙين حالتن ۾ هاڻي
جنگ لازمي هئي.
کرڙيءَ جي جنگ:
کرڙيءَ جي جنگ، جا ميرن ۽ شاهه شجاع جي وچ ۾ وڙهي
وئي هئي، ان کي مرزا عطا محمد پنهنجي تصنيف ”تاريخ
نواي معارڪ“ ۾ سکر سان منسوب ڪيو آهي ۽ ”کرڙيءَ“
جو نالو نه لکيو آهي، مگر خانبهادر خداداد خان
پنهنجي تصنيف ”تاريخ لب سنڌ“ ۾ اُن کي کرڙيءَ جي
نالي سان منسوب ڪيو آهي. هن جنگ جي واقعات کي
ڪئپٽن ايف.جي گولڊ سمڊ به تفصيل سان لکيو آهي، پر
سندس ماخذ ”تازه نواي معارڪ“ آهي. ان ڪري هتي
انگريز مورخ جي بجاءِ، پوئين ڪتاب جي روايتن کي
ترجيح ڏني وڃي ٿي.
شڪارپور جي ناظم مير ڪاظم شاهه جي معزولي،
حيدرآباد جي ميرن ۾ وڏو تاءُ پيدا ڪيو. شاهه ان
کان بيحد متاثر ٿيو. هن نه ٿي چاهيو ته ميرن سان
معاملو نزاع جي صورت اختيار ڪري، مگر مير نور محمد
پنهنجي ضد تي قائم رهيو ۽ معاملي کي صاف ڪرڻ جي
بجاءِ پيچيده بڻائيندو رهيو. مرڪزي حڪومت جي
مخالفت کي ڏسي، خيرپور جو حاڪم مير رستم خان به
شاهه جي خلاف اُٿي بيٺو. مير ڪاظم شاهه، جنهن جي
دل ۾ شاهه جي خلاف نفرت جو جذبو اُڀري چڪو هو،
پنهنجي ڀاءُ مير تقي شاهه کي، جو اُن وقت شڪارپور
۾ نائب ناظم هو، لکي موڪليو ته ”هو هڪدم خيرپور
هليو اچي“. ڀاءُ جي مخفي حڪم موجب، مير تقي شاهه،
رات جي اونداهيءَ ۾ نڪري پيو ۽ وڃي پنهنجي ڀاءُ
سان خيرپور ۾ مليو. مير تقي شاهه جي وڃڻ کان پوءِ،
شڪارپور ۾ ميرن جي ڪامورن هڪٻئي پٺيان ڀڄڻ شروع
ڪري ڏنو ۽ ظاهر هو ته ملڪ جي انتظام ۾ خرابي پيدا
ٿيڻ واري هئي. شاهه انهن حالتن کان متاثر ٿي، ملڪ
جو انتظام پنهنجي قبضي ۾ ورتو ۽ ميرن جي ڪامورن
بجاءِ، پنهنجي ماڻهن کي جدا جدا عهدن تي مقرر ڪيو.
هن افراتفريءَ جي زماني ۾، ميرن جي دربار
جو هڪ بلوچ سردار مير عالم خان مري، جو ڪنهن وقت
خيرپور جي ميرن جي طرفان شڪارپور ۾ نمائندو رهي
چڪو هو، شاهه جي مخالفت ۾ سڀ کان وڌيڪ بهرو وٺي
رهيو هو. هو ۽ سندس پٽ جهان خان پنهنجي ساٿين سان
گڏجي، گوسڙجيءَ جي حاڪم هدايت الله کي، جو شاهه
شجاع جو عيوضي هو، مير عالم جي روش تي بيحد غصو
آيو. هن کيس تنبيهه ڪئي ته هو پنهنجي ناشائسته
حرڪتن کان باز اچي، مگر هو آسانيءَ سان باز اچڻ
وارو نه هو. هن گوسڙجيءَ جي چوڌاري تباهي مچائي
ڏني، ايتريقدر جو غريب دهقانين جون دانهون آسمان
تائين ٿي پهتيون. جڏهن شاهه کي مير عالم مري جي
گستاخي جي خبر پئي، ته هن هدايت الله خان کي لکي
موڪليو ته ”هو اُن جي سرگرمين کي روڪي ۽ کيس
پنهنجي بي ادبيءَ جي سزا ڏئي.“ هدايت الله خان،
پنهنجي بادشاهه جي حڪم جي اطاعت ڪندي، مير عالم کي
روڪڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو. هن وچ ۾ مير عالم، آباد
۽ جعفر آباد جي ڳوٺن تي قبضو ڪري چڪو هو ۽ اڳتي
وڌڻ جي تيارين ۾ هو، جو هدايت الله خان سندس سر تي
وڃي پهتو. هڪ خونريز مقابلي کان پوءِ مير عالم
مريءَ جي فوج شڪست کاڌي، ۽ هو پاڻ ميدان جنگ ۾
مارجي ويو. ظاهر ۾ هيءُ هڪ معمولي مقابلو هو ۽ ان
کي ڪا به اهميت نه هئي، مگر حقيقت ۾، ميرن ۽ شاهه
جي جنگ جي هيءَ ابتدا هئي.
مير عالم جو پٽ جهان خان، جو هن مقابلي ۾
موجود نه هو، پيءُ جي موت جي خبر ٻڌي، غصي سان
ڀرجي ويو. ناعاقبت انديشيءَ کان ڪم وٺي، انتقام
وٺڻ لاءِ گوسڙجيءَ تي چڙهي ويو. هن اوچتي حملي کان
هدايت الله خان پريشان ٿي ويو. هن جهان خان کي
روڪڻ گهريو، مگر هن ڪشمڪش ۾ هو مارجي ويو. شاهه
شجاع کي جڏهن پنهنجي نمائندي جي قتل جي خبر ملي
ته هو غصي کان بي تاب ٿي ويو ۽ پنهنجي سپهه سالار
سمندر خان کي، جو هڪ بهادر، سنجيده ۽ تجربيڪار
سالار هو، حڪم ڏنو ته سڄي فوج کي تحرڪ ۾ آڻي ۽
جهان خان ۽ سندس پشت پناهه ميرن کي هن گستاخيءَ جي
سزا ڏي.
ميرن جون تياريون:
عالم خان مريءَ جي موت، خيرپور جي ميرن ۾ بيحد
پريشاني پيدا ڪئي ۽ هو شاهه شجاع جي مقابلي لاءِ
تيار ٿي ويا. خيرپور جا فوجي سردار، جن مان مرين
جو انداز گهڻو هو، جيئن ته محبت خان مري، ڌڱاڻو
مري، جلال خان مري ۽ سيد غلام مرتضيٰ شاهه، وڏي
فوج وٺي روهڙي پهچي ويا ۽ درياهه کي عبور ڪري، سکر
۾ وڃي منزل انداز ٿيا. سيد ڪاظم شاهه هن حال ۾ به
صلح لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو، مگر ڪجهه به نه وريو.
هُو خيرپور ۾ هو، جو حيدرآباد جي ميرن جو کيس حڪم
پهتو ته لاڙڪاڻي هليو وڃي. هن حڪم ملندي ئي، هُو
خيرپور مان نڪري ٽنڊي لقمان خان ۾ اچي رهيو. مگر
اتفاقاً خيرپور ۾ اُن رات عالم خان جي قتل جي خبر
پهتي. مير ڪاظم شاهه هي خبر ٻڌي، لاڙڪاڻي ڏانهن
پنهنجي سفر کي ملتوي ڪيو ۽ مير رستم خان سان
خيرپور ۾ وڃي مليو. ساڻس صلاح ڪيائين ته جڏهن ته
جنگ هاڻي درپيش آهي ته کيس لاڙڪاڻي جي بجاءِ جنگ
جي ميدان ڏانهن وڃڻ کپي. جيئن ته قضا مٿس سوارهئي،
رستم خان جي جواب ملڻ کان اڳي، کيس خدا حافظ چئي
ٻاهر نڪري آيو ۽ روهڙيءَ جي وڃڻ جون تياريون ڪرڻ
لڳو.
مرزا عطا محمد مصنف ”تاريخ تازه نواي
معارڪ“، پنهنجي تصنيف ۾ اُن موقعي بابت هڪ دلچسپ
حقيقت لکي آهي ته ”جڏهن ڪاظم شاهه، پنهنجي ڀاءُ
تقي شاهه ۽ ٻي عملي سان گڏ سکر وڃي رهيو هو، تڏهن
مون کي به پاڻ سان هلڻ لاءِ چيائين! مگر مان کيس
انڪار ڪري چيو ته منهنجو ڪم آهي قلم هڻڻ نه شمشير
زني. هر ڪنهن جو پنهنجو ڪم ٿيندو آهي، اُن ڪري مون
کي ميدان جنگ ۾ هلڻ کان معاف رکيو وڃي ... مطلب
هيءُ خاڪسار موڪلائي پنهنجي گهر، شڪارپور هليو
ويو. مير تقي شاهه به پنهنجي ڀاءُ کي گهڻو ئي سکر
وڃڻ کان روڪيو، مگر هُو پنهنجي فيصلي تي قائم
رهيو.“
مرزا عطا محمد هن حقيقت کي لکندي، سنڌي
فوج تي حد کان زياده طعنزني ڪئي آهي، ۽ مورخ جي
بجاءِ هڪ باوه گو بڻجي ويو آهي. بهرحال ميرن جون
فوجون، شجاع جي مقابلي لاءِ، سکر ۾موجوده سينٽرل
جيل واري ميدان ۾ اچي خيمه زن ٿيون. انهيءَ ميدان
کي اڄ به کرڙي وارو ميدان سڏيو ويندو آهي.
ٻئي طرف شاهه شجاع جي فوجن جو سالار سمندر
خان، ٽي هزار فوج ۽ ست توبون ساڻ ڪري، سکر کان دور
لال واهه جي ڀرسان اچي خيمه زن ٿيو ۽ نهايت
چالاڪيءَ سان فوجي جهنڊي کي، ميرن جي فوج کان ميل
کن پري، وڻن ۾ هنيائين ته جيئن مير فريب ۾ ڦاسي،
ان جهنڊي تي حملو ڪرڻ اچن. هُن پاڻ طرف ئي ٻيو
اختيار ڪيو. هو نهايت خاموشيءَ ۽ آهستي سان،
رهنمائن جي رهبري هيٺ ”آدم شاهه جي ٽڪري“ جي ڀرسان
پهتو. نهايت تڪليف سان ٻن توبن کي ٽڪريءَ جي مٿان
پهچايائين، توبن کي مٿي نصب ڪرڻ کان پوءِ، هن انهن
جو رخ ميرن جي ڇانوڻيءَ ڏانهن ڪيو. ان وقت ميرن جو
لشڪر ۽ سندس سالار آرام ۾ درياهه جي نظاري ۾ مشغول
هئا، جو سمندر خان جي توبن مان آگ وسڻ شروع ٿي
وئي. هن ناگهاني حملي کان ميرن جو لشڪر پريشان ٿي
ويو. ڪاظم شاهه کيس ميدان جنگ ڏانهن ويندو ڏسي
روڪي ته نه سگهيو، پر پاڻ به مجبور ٿي ان جي رفاقت
۾ هليو. ميرن جي فوج جي هيءَ انتهائي مردانگي هئي،
جو اهڙي خطري ۾ هو جان کان هٿ ڌوئي، ٽڪري ڏي وڌي
پيا. هنن مدافعت جي بجاءِ سر جي بازي لڳائي. غلام
مرتضيٰ شاهه ٿورا قدم اڳتي وي، دشمن جي ماڻهن سان
وڙهي رهيو هو ته اوچتو کيس بندوق جي گولي اچي لڳي
۽ گهوڙي تان ڪري پيو ۽ سندس ساهه پرواز ڪري ويو.
هاڻي جنگ جي ڍنگ خطرناڪ صورت اختيار ڪئي. جهان خان
مري، پنهنجي رفيقن جي پلؤ بلوچن جي رسم موجب هڪٻئي
سان ٻڌي اڳتي وڌيو ۽ ڪيترن دشمن جي ماڻهن کي هلاڪ
ڪرڻ کان پوءِ، پاڻ پنهنجي رفيقن سميت، جنگ جي
ميدان ۾ مارجي ويو. عطا محمد جهڙو مورخ، جو شاهه
شجاع جو طرفدار ٿو ڏسجي، جهان خان جي غير معمولي
شجاعت جو داد هيئن ٿو ڏئي ته :
”جهان خان جي بهادريءَ تي، جهان کي آفرين ڪرڻ
گهرجي.“
اهڙيءَ ريت سيد ڪاظم شاهه ۽ ٻيا دلاور به
ميدان جنگ ۾ هلاڪ ٿي ويا. ٻئي طرف مير رستم خان ۽
سندس وزير فتح خان غوري، لال واهه ۾ لڪيا ويٺا
رهيا ۽ ٻاهر نڪرڻ جي سگهه ساري نه سگهيا. اهڙيءَ
حالت ۾ فوج جي شڪست يقيني هئي. هن شڪست جي خبر
جڏهن روهڙي ۾ مير مبارڪ خان ۽ زنگي کي پئي ته
گهربو ائين هو ته تازه دم فوجن سان دشمن جي مقابلي
لاءِ تيار ٿي وڃن ها، پر هو هراس کان، خيرپور جي
طرف روانا ٿي ويا. ميرن جي فوج عجيب ڪشمڪش ۾ اچي
ڦاٿي. هڪ طرف سمندر خان جي توبن جي آتش بازي هئي
ته ٻئي طرف درياهه. ميرن جي فوج جا ڪيترائي سپاهي
درياهه ۾ ٻڏي مئا. نواب احمد خان لغاري، فتح محمد
خان غوري ۽ محبت خان مري،درياهه کي ٻيڙين ۾ عبور
ڪري بکر ۾ وڃي لٿا. اهڙيءَ ريت سمندر خان ميرن تي
فتح حاصل ڪئي ۽ جنگ جو ميدان دشمن کان خالي ٿي
ويو. واقعي هيءَ حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ”شاهه
شجاع“ ۽ سندس فوج خسته حال هئي۽ ان ۾ ڪو به دم نه
هو. اهڙي ڪمزور حريف کان ميرن جي مات کائڻ ظاهر ٿي
ڪري ته ميرن جو عسڪري نظام تعداد جي لحاظ کان ته
گهڻو هو، مگر کين ڪا به فوجي تربيت حاصل نه هئي.
چون ٿا ته سيد ڪاظم شاهه جي شهادت واري
رات، آسمان کان تارا ڪرندا نظر آيا هئا (1).
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته سيد موصوف وڏي اخلاق
جو صاحب هو. هو فارسي زبان جو بلند رتبه شاعر ۽
ديني علوم جو وڏو ماهر هو. سندس حڪومت جي ايام ۾
شڪارپور ۾ امن ۽ امان جو دور هو. سندس شهادت تي
شڪارپور جي مشهور شاعر، صاحبڏنه صاحب، هيٺين وفات
جي تاريخ لکي:
مـــــير ڪــــاظــم شاهه والا مرتبت
|
|
ڪو همه تخم نڪو نامي نوشت |
چون ندائي ارجعي راشد مجيب |
|
شد شهيد و دار فاني را گذشت |
از شهادت نام اش دوران بخواند
مير محمد ڪاظمي از جان گذشت
خليفو نبي بخش لغاري، جو ان دور جي ڪامل
شاعرن مان ٿي گذريو آهي، تنهن کرڙيءَ جي جنگ جو
ذڪر، پنهنجي رسالي ۾ ڪيڏاري جي عنوان ۾ هيٺ ڪيو
آهي. جنهن مان سنڌين جي مردانگي ۽ شجاعت جو تفصيل
حاصل ٿئي ٿو.
”پِره جهُلندا پَسِ، عَلم طوق امير جا،
ڌڙ ڌڙ تي گڏيا، لوٽون لُڇن لَس،
جويُون
پايو هَس، اچي ويٺيون اوڏڙو.“
کرڙي جي لڙائي کان پوءِ:
سنڌ جا مير، هن شڪست کان پوءِ، اگرچ ڪنهن
ٻئي مقابلي جي لائق نه رهيا هئا، ان هوندي به همت
ڪري لاڙڪاڻي ۾ اچي گڏ ٿيا. شاهه شجاع کي جڏهن ميرن
جي چرپر جي خبر پئي، تڏهن هو چار هزار فوج ۽ اٺن
توبن سان، پنهنجي سڪونتگاهه مان وڌي اچي شاهي باغ
۾ منزل انداز ٿيو. مير به هوريان هوريان لاڙڪاڻي
کان وڌي اچي مديجي جي ڳوٺ تائين پهتا. مديجي ۾ کين
خبر پئي ته شاهه به پنهنجي فوج سان انهن ڏي وڌي
رهيو آهي. هن خبر ٻڌڻ سان، ميرن صاحب هن ڳالهه ۾
مصلحت سمجهي ته مقابلي ۽ خونريزيءَ جي بجاءِ چڱو
ائين ٿئي ته صلح کان ڪم ورتو وڃي. مير صاحبن،
مجددي برزگن مان پير فدائي محي الدين ۽ پير نظام
الدين ڏانهن رجوع ڪيو. پير فدائي محي الدين ان وقت
حيدرآباد ۾ ٿي رهيو هو ۽ پير نظام الدين شڪارپور ۾
مقيم هو. پير نظام الدين نه فقط وڏو عالم هو، پر
وڏو شاعر به ٿي گذريو آهي، ڪئپٽن. ايف. جي گولڊ
سمڊ پنهنجي ياداشت ”ميمائرس آف شڪارپور“ ۾ سندس
ذڪر تفصيل سان ڏنو آهي. سندس تربت لکيدر جي ڀرسان
آهي. هنن سرهندي بزرگن جو جيئن ته ابدالي خاندان
معتقد هو، ان ڪري هيءُ بزرگ ميرن جي طرفان شاهه وٽ
پهتا.
شاهه سندن حقيقت کي ٻڌي ٿوري وقت لاءِ فڪر ۾ پئجي
ويو، پر پنهنجي ارادتمنديءَ کي قائم رکڻ لاءِ،
ميرن ڏانهن پنهنجا ٻه وڪيل، محمد شريف ۽ قاضي محمد
حسن، موڪلي ڏنائين.
ابتدائي ڳالهين کان پوءِ فيصلو ٿيو ته، جنگ جي
تاوان ۾ چار لک رپيا نقد ۽ پنج سؤ اُٺ شاهه کي ڏنا
وڃن. هي شرط منظور ڪيو ويو. ميرن کي هن خرچ کان
سواءِ هڪ لک رپيا، شاهه شجاع جي سردارن کي به ڏيڻا
پيا. بهرحال هن مال مفت کي قبضي ۾ آڻڻ کان پوءِ،
شاهه شجاع، پنهنجي قسمت آزمائيءَ لاءِ قنڌار طرف
روانو ٿيو. ميرن جي طرفان سندن هڪ سردار بهادر خان
کوکر، شاهه جي حاضريءَ ۾ قنڌار تائين رهيو.
کرڙيءَ جي جنگ ۾ جو ڪجهه به گذري چڪو، اهو
نهايت افسوسناڪ حادثو هو سنڌيءَ ۾ ضرب المثل آهي
ته ”تِرَ جي گٿي سَؤ چوٽون کائي.“ مير صاحب جيڪڏهن
شروع ۾ دانشمنديءَ کان ڪم وٺن ها ته ڪڏهن به ايتري
مصيبت ۾ نه اچن ها. هنن ضد ۾ اچي مفت خونريزيءَ کي
دعوت ڏني، جنهن ۾ هنن پنهنجا بهترين ماڻهو ته
مارايا، پر وڏي چَٽي به ڀري ڏنائون. ان کانسواءِ
هي حقيقت به ظاهر ٿي پئي ته سندن فوج، ڪنهن به وڏي
مقابلي جي اهل نه هئي. هن شڪست کان پوءِ گهربو
ائين هو ته مير صاحب پنهنجي طاقت کي وڌيڪ مضبوط ۽
منظم بڻائين ها. مگر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سندن طاقت جو
شيرازو خانگي معاملن جي سبب وڌيڪ منتشر بڻجي ويو،
سو به ان وقت، جڏهن ٻاهريون طاقتون سندن چوڌاري
لامارا ڏئي رهيون هيون.
|