گـــذارش
آه ! علامه . آءِ . آءِ . قاضي!
سنڌي ادب ۽ ثقافت، علم ۽ فن، تهذيب ۽ تمدن جي پارکن ۽
عالمن لاءِ هيءَ خبر نهايت ڏک پهچائيندڙ آهي ته هن
قحط الرجال جي دور ۾، اسان سنڌ جي مايه تاز فرزند،
بلد پايه عالم، جليل القدر مفڪر، بي مثال عالم ۽
محقق، حضرت علامه آءِ آءِ قاضي جهڙي عظيم شخصيت
کان 13 اپريل 1968ع تي محروم ٿي چڪا آهيون.
انا لله وانا اليہ راجعون.
علامه مرحوم جي وفات حسرت آيات سان نه فقط اهل سنڌ ۽
برصغير هندو پاڪ کي بلڪ پوري انسانذات کي عظيم
نقصان پهتو آهي، جنهن جي تلافي هزارن سالن گذرڻ تي
به ٿيڻ ناممڪن آهي. علامه صاحب جي ذات بابرڪات
انهن جليل القدر عبقري ۽ جينيس ماڻهن ۾ شمار ڪري
سگهجي ٿي، جن لاءِ علامه اقبال فرمايو آهي:
هزارون سال نرگس اپني بي نوري په روتي رهي،
بڙي مشڪل سي هوتا هي، چمن مين ديده ور پيدا.
علامه صاحب جهڙي جامع صفات هستي، انساني تاريخ ۾ هڪ
اهڙو مثال آهي، جنهن جي محاسن ۽ خصائل، سيرت ۽
سوانح تي لکڻ لاءِ دفتر درڪار آهن.
علامه مرحوم جي شخصيت، ڪنهن به
رسمي تعارف جي محتاج ناهي. علامه جي علمي فيوضات
کان نه فقط سنڌ ۽ برصغير هندو پاڪ جي صاحب نظر
ماڻهن استفادو ڪيو آهي، پر ان کان علاوه، يورپ ۾
پڻ هزارين اهڙا صاحب دل موجود آهن، جن عالمه صاحب
جي فڪر و نظر مان استفادو ڪيو آهي.
انساني علوم و فنون کان وٺي، مذاهب عالم، جي تقابلي
مطالعي، فلسفي ۽ سائنس، حڪمت ۽ ادب، شاعري ۽ آرٽ،
تاريخ ۽ تمدن، لغت ۽ منطق، نفسيات ۽ تصوف جي عميق
۽ دقيق، جزئيات تائين سندن نگاهه هئي.
باوجوديڪ يورپ ۾ گذارڻ جي، سندن فڪر و نظر ۾ ذري جيترو
به فرق نه آيو. بالخصوص قرآن ۽ ان جي حقائق ۽
معارف تي، سندن نگاهه، بصيرت افروز ۽ مجتهدانه
هئي.
پاڻ هن دور ۾، جديد ۽ قديم افڪار ۽ نظريات تي، جاناقادانه ۽
مفڪرانه نگاهه رکندا هئا، اها نهايت عميق ۽ دقيق
عالمانه ۽ مبصرانه هئي. ساري حياتي، انساني تاريخ
۽ ان جي حالات، ڪوائف ۽ نظريات جي ڇنڊڇاڻ ۽ تطبيق
۾ گذاريائون، ۽ هر مسئلي ۽ نظريي جو حال، قرآن مان
ٻڌائيندا رهيا. قرآن ڪريم جي مختلف آيات تي، سندن
پيش ڪيل توجيهات کي، هن جديد دؤر جي مسائل ۽
مقتضيات جي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڏي علمي ۽ فڪري
حيثيت حاصل آهي. باوجود وسيع مطالع جي، سندن ذڪر و
فڪر جو مرڪز ۽ محور قرآن ڪريم ئي رهيو. پاڻ
فرمائيندا هئا ته ”قرآن ڪريم ئي فهم ۽ بصيرت جو
جامع ڪتاب آهي – افسوس جو ان مان تمام گهٽ نفعو
حاصل ڪيو ويو آهي!“
سندن مطالع جي وسعت جي اها حيثيت هئي، جو پاڻ ڪنهن به
علمي مسئلي تي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ، مسلسل گفتگو ڪندا
رهندا هئا. سندن ڪلام ۽ پيشڪش ۾ شيريني ۽ نرمي
هئي، سندن انداز بيان شسته ۽ شائسته هو، سندن
پيرايه بيان دلنشين ۽ جاذب نگاهه هو. سندن ڪلام
ٻڌڻ وارن هميشه ائين ئي پئي محسوس ڪيو آهي ته
علامه جي زبان مان علم ۽ عرفان جي بارش وسي رهي
آهي. ڪلام جي پختگي، دليل جي پختگي ۽ نتيجي جي
پختگي، فڪر و نظر وارن ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي
ڇڏيندي هئي. وڏا وڏا صاحب مطالع ماڻهو اهو ئي
محسوس ڪندا هئا ته گويا جو ڪجهه به علامه صاحب
فرمايو آهي، اهو هنن نه ڪٿي پڙهيو ۽ نه ڪٿان ٻڌو
آهي ! علامه صاحب جي نگاهه جي اها اهليت ۽ جزالت،
سندن وسيع مطالعي، وسيع غور و فڪر، رياض ۽ مشقت جو
نتيجو هئي.
علامه صاحب جي عملي زندگي پڻ مخصوص معيارن ۽ قدرن جي
حامل هئي. سندن ساري حياتي، وضع داريءَ ۾ بسر ٿي،
پر ان ۾ ڪو به تڪلف ۽ تصنيع نه هو. سندن زندگي،
پرهيزگاريءَ ۽ نيڪ سيرتيءَ جو عمدو مثال هئي.
ساريءَ حياتيءَ ۾ نه ڪنهن کي ايذائيائون، نه ڪنهن
جو حق کسيائون، نه ڪنهن کي نقصان پهچايائون، نه
ڪنهن کي رنج ڪيائون، اخلاق جي ان اعليٰ مقام تي،
هن وقت ۾ تمام ٿورا انسان موجود نظر اچن ٿا. اڄ ته
رڳو مڪر ۽ فريب آهي!
جديد تهذيب جي ماحول ۾ نشو و نما حاصل ڪرڻ کانپوءِ به
خالص مشرقي اخلاق ۽ ڪردار تي قائم رهيا. فضوليات ۽
لغويات سان ڪڏهن به سندن شغف نه رهيو. هميشه غور ۽
فڪر ۾ مستغرق رهيا.
لطيف فرمايو آهي:
ڪڇن پڇن ڪين ڪي، نه ڪي ڳالهائين،
ڪنهن جنهن منجهه آهين، سا پر پروڙڻ ڏاکڙو!
پنهنجي عمر عزيز جي هر لمحه تي سندن نگاهه هئي. سندن
غور و فڪر ڄڻ ته احتساب جي ميزان جي علامت بنجي
چڪا هئا. معمولي کان معمولي مسئلي کان وٺي، ڪنهن
بين الاقوامي ۽ اهم مسئلي تائين، سندن نڪته سنج ۽
عالمانه، محققانه ۽ ناقدافه راءِ، عليٰ وجہ
البصيرت رهندي آئي.
سندن پرورش ان ماحول ۾ ٿي، جو ماحول سيرت ۽ اخلاق جي
قدرن ۽ معيارن جي حفاظت ڪندڙ هو. سندن اک ان گهر ۾
پٽي جنهن ۾ نمازون ۽ روزه، تسبيح ۽ تلاوت جي
پابندي هئي. ان ڪري، ننڍيءَ عمر ۾ ئي سندن فڪرو
نظر جي تربيت ۽ دينداريءَ ۽ ديانتداريءَ واري
ماحول جي اثرات، منجهن دين سان وابستگي پيدا ڪئي.
ان کان علاوه پاڻ امام غزاليءَ جي سيرت ۽ افڪار
کان تمام گهڻو متاثر ٿيا. غزاليءَ جي فلسفه اخلاق،
فلسفيانه ۽ صوفيانه توجيهات کان پاڻ ايترو ته
متاثر هئا، جو جديد فلسفين جي افڪار ۽ خيالات تي
به غزاليءَ کي ترجيح ڏيندا هئا. جديد نفسيات ۽
جديد فلسفه الاحيات جي اهم مسئلن ۾ به پاڻ غزاليءَ
جي فيصلن ۽ نتيجن کي پسند ڪندا هئا.
ان سلسلي ۾، لطيف جي وجد انگيز ڪلام ۽ سيرت کان به ڏاڍو
متاثر رهيا. لطيف جي ڪلام جي شرح ڪندي، جيڪي
توجيهات ۽ تعبيرات، علامه صاحب جن جي زبان فيض
ترجمان مان ٻڌا ويا آهن، اهي سندن خيال ۽ فڪر جي
وسعت ۽ گهرائيءَ جي ساک ڀرين ٿا. لطيف جي هر لفظ،
هر بندش، هر بيت ۽ هر مضمون تي سندن عالمانه ۽
عارفانه نگاهه هئي. لطيف جي فن ۽ فڪر جي تعارف ۾
جي سندن چند ارشادات موجود آهن، ”لطيفيات“ ۾، وڏو
مقام حاصل ڪري چڪا آهن. پاڻ لطيف جو رسالو به ايڊٽ
ڪيائون، جو بورڊ شايع ڪيو آهي.
علامه صاحب جن کان مابعد الطبعيات متعلق جن صحبتين ڪجهه
ٻڌو آهي، انهن جو چوڻ آهي ته جديد سائنس ۽ ان جي
اڪتشافات تي سندن دسترسي، هڪ ماهر فن کان گهٽ نه
هئي، ان طرح قديم ۽ جديد فلسفيانه افڪار تي پڻ
سندن نگاهه مجتهدانه هئي. ان سان گڏ، ادب ۽ شعر جو
پاڪيزه مذاق، جو علامه مرحوم ۾ نظر آيو، اهو ٻئي
هنڌ نظر نه ٿو اچي. سندن اسلوب نگارش به اهڙو شسته
۽ پاڪيزه هو، اهڙو مدلل ۽ سهل ممتنع هو، جو ان جو
ڪنهن کان به تتبع ٿي نه ٿو سگهي.
بهرحال اهڙو جامع الصفات بزرگ، علوم و فنون جو جامع،
عمل ۽ پاڪيزگيءَ جو پيڪر، هن فاني دنيا مان لڏي،
دارالبقا ۾ آرامي ٿيو! لطيف چيو آهي:
ڪڇي ڪا ڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري!
سندن باقيات الصالحات ۾ جي ڪتاب ۽ مقالا آهن، تن
جي اشاعت لاءِ، سنڌي ادبي بورڊ ۽ مسٽر اي ڪي
بروهي، ڪم ڪري رهيا آهن.
هونءَ ته علامه صاحب جن، ساري حياتي، علم ۽ فڪر جي
مطالع ۽ تلاش، تحقيق ۽ تدقيق ۾ گذاري ڇڏي: پر ان
هوندي به، اوائل ۾ هن علائقي ۾ مختلف حيثيتن ۾
ملازمت کانپوءِ، سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر
ٿيا. ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته پاڻ ئي سنڌ
يونيورسٽيءَ جا اڏيندڙ ۽ معمار هئا. سنڌي
يونيورسٽيءَ جي تشڪيل ۽ ان جي نصب العين جي وضاحت
انهن تقريرن ۾ موجود آهي، جي تقريرون خاص ان موضوع
تي ڪيائون، جي ”مهراڻ“ رسالي ۾ شايع ٿيل آهن.
پاڻ آخري زماني ۾ گوشه نشين رهيا. اها گوشه نشيني به
علمي ۽ فڪري فيوضات جي سلسلي ۾ پياسن ۽ صحبتين
لاءِ مڪتب بنجي پئي. باالعموم هر ڏينهن تي ۽
باالخصوص هر جمع تي ، سندن صحبت، ”رهاڻ“ ۽ ڪچهري
ٿيندي هئي، جنهن ۾ علمي ۽ فڪري، ديني ۽ فلسفي
مسئلن تي ڪڏهن تقرير ٿيندي هئي۽ ڪڏهن رسمي طور
گفتگو.
علامه صاحب جي جامع الصفات شخصيت جي ان قسم جي فيوضات
مان جن خوش نصيب ماڻهن ڪجهه حاصل ڪيو آهي، تن مان
مشهور قانوندان ۽ مفڪر مسٽر اي ڪي بروهي به آهي،
جنهن جي بين الاقوامي شهرت کان هر ڪو واقف آهي. هڪ
ڀيري چيائين:
”هن دور جو عظيم الشان انسان، ايشيا ۾ رهي ٿو. ايشيا ۾
پاڪستان ۾ رهي ٿو. پاڪستان جي علائقي سنڌ ۾ رهي
ٿو، ۽ علائقي سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ رهي ٿو. خوش
نصيب آهن حيدرآباد جا رهواسي، جن وٽ دنيا جو عظيم
ترين انسان، علامه قاضي صاحب رهي ٿو!“
پر افسوس جو اڄ دنيا جو اهو عظيم ترين انسان،
حيدرآباد ۾ نه آهي!
حيف در چشم زدن، صحبت يار آخر شد،
روئي گل سير نه ديديم، بهار آخر شد.
سندن وفات تي، دنيا جي وڏن وڏن عالمن ۽ فاضلن پيغام
موڪليا آهن: ان سلسلي ۾ صدر مملڪت پاڪستان، فيلڊ
مارشل محمد ايوب خان، پڻ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ان
طرح صدر مملڪت ڀارت ڊاڪٽر ذاڪر حسين، پڻ اظهار
تعزيت ڪيو آهي. ان طرح سڀني اخبارن پڻ ايڊيٽوريل
لکي، علامه مرحوم کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
دعا آهي ته رب ڪريم کين مرهي ۽ جنت نصيب ڪري ۽ سندن
پسماندن کي خبر جميل جي توفيق عنايت فرمائي.
فاني ڙي فاني، دنيا دم نه هڪڙو،
ڪوڏر ۽ ڪافي، آهي سر سڀڪنهين.
-لطيف
لاهوتي لڏي ويا!
علامه قاضي صاحب کان علاوه، هن ٿوري عرصي اندر به ٻه-
چار اديب ۽ اهل قلم وفات ڪري چڪا آهن، جن جي علمي
۽ تعليمي خدمتن جو اعتراف سڀني علمي حلقن طرفان
ڪيو ويو آهي.
مرحوم مولوي فيض محمد ”فيض“ حيدري، (ٽنڊو حيدر، صدر بزم
طالب المولا ٽنڊو حيدر، ضلعو حيدرآباد)، سنڌي ادب
۾ پنهنجي مخصوص فن ۽ ڪلام جي ڪري ڪافي شهرت رکي
ٿو. مرحوم هڪ ديندار ۽ عالم دين، وضع دار ۽ ۽
قلندرانه طبع جو ماڻهو هو. ساري عمر تعليم ۽ تدريس
۾ گذاريائين. سندن غزل، مولود، مداحون ۽ ڪافيون
ساري سنڌ ۾ مشهور آهن. سندن ڪتاب ”مظلوم عورت“
نهايت رقت انگيز تحرير آهي، جا جذبات سان لبريز
آهي. شال رب مرهيس.
ٻيو جناب سيد علي اصغر شاهه مرحوم ميهڙ وارو آهي، جنهن
جي علمي ۽ تعليمي خدمتن کان سنڌ جا تعليمي حلقا
واقف آهن. شاهه صاحب، نهايت با اخلاق، نيڪ سيرت ۽
نيڪ صورت، پرهيزگار ۽ ديندار شخصيت جو مالڪ هو.
ساري عمر خدمت خلق ۾ صرف ڪيائين. سندن ناگهاني
وفات ، اهل سنڌ لاءِ صدمه جانڪاهه ثابت ٿي آهي.
دعا آهي ته رب ڪريم شال سندن وڏي ڀاءُ ۽ سنڌ جي
مشهور عالم ۽ فاضل، الحاج سيد علي اڪبر شاهه صاحب
۽ سندن اولاد ۽ عزيزن کي صبر جي توفيق عنايت
فرمائي.
ان سلسلي ۾، ٿر پارڪر جي مشهور اهل قلم ۽ استاد رائچند
جو لاڏاڻو به دکدائڪ آهي. رائچند، ٿر جهڙي پسمانده
علائقي ۾ پيدا ٿيو. سندن ڪتاب ”تاريخ ريگستان“
سنڌي ادب ۾ هميشه يادگار رهندو. آشا آهي ته شال
سندس آتما کي تسڪين نصيب ٿئي، سندس پسماندن ۽ سندن
فرزند پرڀو ”ناشاد“ کي صبر جي توفيق عنايت ٿئي.
ان طرح هڪ نوجوان ۽ اڀرندڙ اديب، مرحوم دلدار احمد ”اديب“ به
زندگيءَ جي پرشور ۽ هنگامه خيز منزلن تي هلندي،
شڪست قبول ڪري، وڃي موت جي گود ۾ آرامي ٿيو. هن
نوجوان جو ڪلام ۽ افسانا، سندس فڪر انگيز طبع جي
اڄ به گواهي ڏئي رهيا آهن.
”مهراڻ“ جو خاص ”شاعر نمبر“
سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”مهراڻ“ متعلق، بورڊ جي هڪ خاص
فيصلي موجب، هر سال هڪ خاص نمبر شايع ڪرڻو آهي، ان
فيصلي موجب، مهراڻ 4-1968ع جو پرچو، خاص ”شاعر
نمبر“ ٿي نڪرندو. ان ۾ زنده شاعرن جي چونڊ ڪلام،
مختصر سوانح ۽ فوٽي سان شايع ڪيو ويندو.
شعراءَ ڪرام کي عرض آهي ته هو شاعريءَ جي هر صنف تي،
مثلن، بيت، دوها، ڪافي، وائي، گيت، لوڪ گيت، نظم،
آزاد نظم، غزل، رباعيون، قطعا، قصيدو، مثنوي
وغيره پنهنجي مختصر سوانح ۽ فوٽي سان جلد ارسال
فرمائين، جيئن وقت تي ترتيب هيٺ آڻي سگهجن.
ان خاص نمبر جي ضخامت، مهراڻ جي
اڳين خاص ضخيم نمبرن جيتري ٿيندي ۽ اهو نمبر سنڌي
ادب ۾ هڪ مڪمل تذڪره شعراءَ ٿي رهندو. اميد ته ان
تاريخي يادگار جي ترتيب ۾ شعراءَ ڪرام جلد از جلد
شموليت فرمائيندا.
ان طرح ٻيا نمبر هيٺينءَ طرح ٿي سگهن ٿا:
”افسانه نمبر“، ”ناول نمبر“، ”ڊرامه نمبر“،
”شخصيات نمبر“، ”مڪاتيب نمبر“، آپ بيتي نمبر“،
وغيره. ان جو تفصيل آئينده شايع ڪيو ويندو.
بورڊ جا نوان ميمبر
دستور موجب، بورڊ جي نون ميمبرن جو تقرر، جناب
گورنر صاحب، مغربي پاڪستان، هن طرح ڪيو آهي:
جناب مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب المولا“ ميمبر قومي
اسيمبلي، ”تمغه پاڪستان“، (چيئرمين سنڌي ادبي
بورڊ)،
جناب آغا عبدالنبي صاحب، رٽائرڊ ڪمشنر،
ڊاڪٽر محمد صالح قريشي صاحب،
وائيس چانسلر سنڌي يونيورسٽي،
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، صدر شعبه
تعليمات،سنڌ يونيورسٽي،
ڊاڪٽر قاضي نبي بخش صاحب، صدر
شعبه فارسي، سنڌ يونيورسٽي،
خانصاحب عبدالله چنا، رٽائرڊ ڊپٽي ڪمشنر،
عبدالغفور صاحب ڀرڳڙي، ايڊووڪيٽ،
محترمه بيگم شمس العلماءَ علامه دائود پوٽه مرحوم،
جناب عبدالمجيد خان، ڊائريڪٽر تعليمات، حيدرآباد.
شڪريه
اداره ”مهراڻ“ ، جناب مخدوم محمد زمان
صاحب ”طالب المولا“ چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ، ۽
جناب ڊاڪٽر سيد عبدالله شاهه الحسيني، اعزازي
سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ جو شڪر گذار آهي، جن
مواد جي ترتيب ۽ انتخاب جي سلسلي ۾ معاونت فرمائي.
ان طرح اداره ”مهراڻ“، مسٽر غلام رباني، اسسٽنٽ
سيڪريٽري مسٽر علي بخش احمد زئي، مئنيجر پريس ۽
سندن ڪارڪنن جو احسانمند آهي، جن جي فني تعاون سان
”مهراڻ“ وقت تي ڇپجي سگهيو آهي.
ان طرح ”مهراڻ“ آفيس جي ڪارڪن ۽ رفيق، پرڀو ”ناشاد“
مواد جي نقل، ترتيب ۽ پروف بينيءَ ۾ قابل قدر ساٿ
ڏنو آهي.
-غ.
م. گ.
بيت: مخدوم محمد زمان ”طالب المولا“، احمد خان
”آصف“،
”قمر“
نوابشاهي،
”وفا“ ناٿنشاهي.
دوها:
نارائڻ ”شيام“، ”تنوير“ عباسي، لکميچند ”پريم“،
”آثم“ ناٿنشاهي، محمد سومار شيخ، ”استاد“ بخاري.
ڪافيون:
”بيخود“ حسيني، ”عارف المولا“، جئسنگهاڻي ”سام“،
”محسن“ ڪڪڙائي، حافظ ”احسن“، احمد خان ”اختر“،
”خادم“ سروري، احمد خان ”آصف“،
”وفا“ ناٿنشاهي، رحيم بخش ”قمر“، ”نثار“ بزمي.
وايون:
شيخ اياز، حافظ ”احسن“ چنا، ”استاد“ بخاري، ”وفا“
ناٿنشاهي، ”آثم“ ناٿنشاهي، احمد خان ”اختر“،
”نثار“ بزمي، پرڀو ”ناشاد“.
گيت:
”سليم“ ڳاڙهوي، ”عارف المولا“، ”محسن“ ڪڪڙائي،
عبدالقيوم ”صائب“، ”مجذوب“ لاشاري، ”نثار“ بزمي،
”وفا“ ناٿنشاهي.
لوڪ گيت: ”نياز“ همايوني.
نظم:
عبدالڪريم”گدائي“، هري ”دلگير“، ”سليم“ ڳاڙهوي،
”فتاح“ ملڪ، ”پروانو“ ڀٽي، ”آثم“ ناٿنشاهي.
آزاد نظم: واسديو ”نرمل“، ”استاد“ بخاري، ولي محمد ”وفا“، ”راز“
ناٿنشاهي.
غزل:
”نياز“ همايوني، ”عارف المولا“، مرزا فيض علي
”فيض“، ليکراج ”عزيز“، جئسنگهاڻي ”سام“، ”محبوب“
سروري، ”سليم“ ڳاڙهوي، ”ذوالفقار“ راشدي، ايم ڪمل،
”استاد“ بخاري، واسديو ”نرمل“، ”نشتر“ ناٿنشاهي،
”وفا“ ناٿنشاهي، ”آثم“ ناٿنشاهي، ”نثار“ بزمي،
”انور“ هالائي، ”جليل“ سروري، پرڀو ”ناشاد“.
قطعا:
”پروانو“ ڀٽي، حافظ محمد ”احسن“ چنا، ”محسن“
ڪڪڙائي، ”نشتر“ ناٿنشاهي، ”استاد“ بخاري، احمد خان
”آصف“، ”وفا“ ناٿنشاهي، ”آثم“ ناٿنشاهي، غلام سرور
ٻگهيو.
رباعيون: حافظ محمد ”احسن“ چنا، ”سليم“ ڳاڙهوي،
”محسن“ ڪڪڙائي، ”استاد“ بخاري، ”راز“ ناٿنشاهي،
لکميچند ”پريم“.
نيون طرزون: ”محسن“ ڪڪڙائي، ”راز“ ناٿنشاهي،
واسديو ”نرمل“.
غير ملڪي ٻولين جي شاعري:
مئڊم ٽيڪلا مولينهر (سئنڊيگو-
ڪئليفورنيا-آمريڪا): مترجم: پرڀو ”ناشاد“.
” هر شاعر، پنهنجي فڪر ۽ نظر جي حيثيت سان، پرک جي
اک رکي ٿو. ۽ هر ڪنهن جي اک به پنهنجي آهي ته پرک
به پنهنجي آهي. اتي اچي ائين چئي ٿو سگهجي، ته
شاعر پنهنجي اک ۽ پنهنجي پرک جي روشنيءَ ۾، پنهنجي
فن جو حسن ۽ جمال به ڄڻ پاڻ ئي ٿو پيدا ڪري. شاعر
جي نگاهه، ٻاهرئين نموني ۾ ته قدرت ۽ ڪائنات جي
رنگين ۽ دلڪش نظارن کي ڏسي پسي ٿي، پر ان سان گڏ،
جذبن ۽ خيالن جي دنيا ۾، زندگيءَ جي حسين پري به
کيس گهڻو ڪجهه ٿي سيکاري ۽ ڏيکاري!
”غور ۽ فڪر جي عالم ۾، جڏهن شاعر جا مونا، طور
سينا ٿا بنجن، ۽ مٿس الهام جي گهڙي ٿي اچي، تڏهن
سندس سڀ تجربا ۽ مشاهدا، توڙي حال، قال ۽ خيال، سڀ
ولوڙي ۾ اچي وڃن ٿا- جيئن ماٽيءَ ۾ مهي! مٿان آڇ
ئي آڇ وڃي ٿي رهي، پر تري ۾ اهو ٿو گڏ ٿئي، جنهن
کي ”آب-حيات“ سڏجي. اهو ”آب-حيات“ شاعر پنهنجن
خيالن جي پيالن ۾ اوٽي ۽ آڇي، پاڻ به مست ۽ مدهوش
ٿو ٿئي ته ٻين تي به ڪيف ۽ خمار جا کيپ ٿو چاڙهي
!“ --- غ . ۾. گ |