سنڌيءَ ۾ نام
–
ٿڙ گهڻو ڪري سُر
(Vowel)
پورا ٿين ٿا. ڪو به سُر، نام جي پڇاڙيءَ ۾ اچي
سگهي ٿو. مثال: اَ (کٽ، هوءَ، ٻهَ)، آ (دوا، راجا،
آها، سا) ، اِ (سيٺ، رات)، ٻي (هاري، ماني،
مڙيوئي)، اُ (پُٽُ)، مَسُ، هيءُ، پنجاه)، اوُ
(ماڻهو، ڳئون هوُ) اي (هجي، ٿي، بي . اي.)، ايء
(جيء، ودياليء وشيءَ)، او (ڇوڪرو، اُهو، جو، سٺو)،
اؤ (ڄؤ، ڀؤ، سؤ).
ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ آيل ڪجهه لفظ، وينجن
(Consonant)
۾ به پورا ٿين ٿا، جي گهڻو ڪري جنس مونث ۾ آهن.
مثال: بس
(Bus)،
نرس، بارش.
نام
–
ٿڙ جي جنس:
سنڌيءَ ۾ ٻه جنسون آهن- مذڪر ۽ مونث. اهڙن نام
–ٿڙن
جو انداز بلڪل ٿورو آهي، جن ۾ اشتقاقي پڇاڙيءَ
(Derivational Suffix)
ذريعي جنس ظاهر ڪيل هوندي آهي.
مثال: ماسڙ، پڦڙ ۾/ - آڙ/ مذڪر ڏيکاريندڙ پڇاڙي
آهي. ساڳيءَ ريت، / - اي/،/ - آ/،/- آ/،/- اِ/
پڇاڙيون ، جنس مونث ڏيکارين ٿيون. مثال طور،
ڇوڪري، هوءَ، اُها، ڇوڪرِ. ٻيا نام
–
ٿڙ، جن ۾ جنس ڏيکاريندڙ اشتقاقي پڇاڙي لڳل ڪانه
آهي، تن جي جنس، ٻوليءَ جي وهنوار موجب مقرر ٿي
ويئي آهي. اهڙا لفظ، پنهنجي جنس، جملي ۾ فعل، صفت
وغيره جي لاڳاپي ذريعي ظاهر ڪن ٿا. مثال: ڪٿا جو
”رسُ“ (مذڪر)، ڪمند جي ”رس“ (مونث):
”مان“ (مذڪر) لکان ٿو، ”مان“ (مونث) ٿي: مون
”پاڻي“ (مذڪر) پيتو، مون ”ماني“ (مونث) کاڌي.
حالتن ۾ نام
–
ٿڙ جي ڦيري جي بناوٽ:
حالت فاعلي، عدد واحد ۽ نام جو جيڪو روپ آهي، تنهن
۾ گردان ڏيکاريندڙ ڪا به پڇاڙي لڳل نه هوندي آهي:
انهيءَ ڪري نام
–
ٿڙ جو اصل روپ ۽ حالت فاعليءَ وارو روپ، ساڳيو
هوندو آهي. باقي حالت فاعليءَ جي عدد جمع ۾، توڙي
حالت عام (واحد، جمع) ۽ حالت ندا (واحد، جمع) ۾
نام
–
ٿڙ جو گردان، پڇاڙيءَ لڳائڻ سان جڙندو آهي. مثال:
نام-ٿڙ + حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙي =
نامُ:
دوا +/ - اون/ = دوائون
اِهو +/ اي/ = اِهي
ٽي +/- اِن / = ٽنِ
ضميري پڇاڙيون
(Pronominal Suffixes)
گهڻين ئي ٻولين ۾ ڏٺو ويو آهي ته ٿڙ ۾
گرداني پڇاڙيءَ کان پوءِ ٻي ڪا به پڇاڙي ڪانه
لڳندي آهي، پر سنڌيءَ ۾ ائين ڪونهي. سنڌيءَ ۾ ڪجهه
لفظن ۾ گرداني پڇاڙيءَ کان پوءِ ضميري پڇاڙي پڻ
لڳي سگهي ٿي، پُٽَسِ خط لکيو- هتي ”پُٽُ“ لفظ ۾ /-
آ/ حالت عام، عدد واحد جي پڇاڙي آهي، جنهن جي
پٺيان ضميري پڇاڙي/ - سِ/ لڳل آهي.
اِنهيءَ مان ظاهر آهي ته ڪجهه نام
–ٿڙن
جو ڪنهن به حالت
(Case)
وارو روپ، سڌو يا ضميري پڇاڙي کڻي جملي ۾ ڪم اچي
ٿو.
حالت فاعلي: هن جو پٽُ بيٺو آهي- پُٽُسِ
بيٺو آهي.
حالت عام: هن جي پُٽَ خط لکيو
–
پٽَس خط لکيو.
حالت ندا: منهنجا ڏير! هيڏانهن ته اَچج
ڏيرَ مِ! هيڏانهن ته اَچج.
حرف جر
(Postpositions):
نام
–
ٿڙ جو حالت عام وارو روپ، پنجن نمونن سان جملي ۾
داخل ٿي سگهي ٿو.
(1) ٻي ڪا به پڇاڙي يا حرف جر کڻڻ کان
سواءِ:
”ڇوڪري“ خط لکيو. ”ڇوڪرن“ خط لکيا. مان
”ڪراچيءَ“ ويندس.
(2) حالت عام وارو روپ + ضميري پڇاڙي.
پٽَس (پُٽَ+ سِ) خط لکيو.
(3) حالت عام وارو روپ + ضميري پڇاڙي +
حرف جر.
پٽس کي (پُٽَ+ سِ + کي) خط لکيم.
(4) حالت عام وارو روپ + حرف جر.
”ڇوڪري کي“ ڪتاب ڏي. ”ڇوڪرن کي“ ڪتاب
ڏي.
(5) حالت عام وارو روپ + حرف جري پڇاڙي.
ڳوٺان (ڳوٺ+ آن)، ڳوٺِ (ڳوٺ+ اِ).
حرف جر گهڻو ڪري اَڻ ڦرندڙ لفظ آهن- مثال-
”۾، تي“ پر ڪي ڪي حرف جر، حالت ۽ عدد ۾ ڦرن ٿا.
مثال- ڇوڪري جو ڪتاب، ڇوڪري جا ڪتاب، ڇوڪري جي
ڪتاب مان. ڪجهه حرف جر، سنڌيءَ ۾ فقط حالت عام جي
نام پٺيان استعمال ٿيندا آهن. مثال- ڇوڪري کي، نهر
۾. اهڙن حرف جرن کي فقري ۾ ٻڌل
(Phrase bound)
حرف جر سڏجي ٿو. پر ٻيا حرف جر اهڙا آهن، جن جو
سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال وسيع آهي. اهي حالت عام جي
نام پٺيان استعمال ٿيڻ کان سواءِ، جملي جي بيهڪ ۾
ٻين هنڌن تي پڻ استعمال ٿين ٿا. اهڙن حرف جرن کي
آزاد
(Free)
حرف جر سڏجي ٿو. مثال طور- ڳوٺ ”پاسي“: ”پاسي“
ٿيءُ: ”پاسي“ ۾ ويهه. ڪجهه حرف جر سادي يا مفرد
روپ وارا آهن ته ڪجهه مرتب روپ وارا. مثال - ۾،
تي، وٽ، مفرد حرف جر آهن. کان (کي +/- اَن/)،
منجهان (منجهه+/- اَن/) مرتب حرف جر آهن. نام ۽
حرف جر جي وچ ۾ ميلاپ پڪو نه آهي، جنهنڪري انهن جي
وچ ۾ زور ڏيکاريندڙ حرف به اچي سگهن ٿا. مثال
–
اُنهني کي (اُنهن+/ اي/+ کي)، ٻنهي کي (ٻن+/-هِي/+
کي). حالت عام جي نام پٺيان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ
حرف جر اچي سگهن ٿا.
(1) حالت عام ۾ نام + هڪ فقري ۾ ٻڌل حرف جر. هو
گهر ۾ ويٺو آهي.
(2) حالت عام ۾ نام + ٻه فقري ۾ ٻڌل حرف جر. مان
تو کان سواءِ گهمڻ نه ويندس.
(3) حالت عام ۾ نام + هڪ آزاد حرف جر.هو اوڀر پاسي
ويو آهي.
(4) حالت عام ۾ نام + هڪ فقري ۾ ٻڌل حرف جر + هڪ
آزاد حرف جر. انهيءَ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟
هاڻي ڏسبو ته نام
–
ٿڙ جي حالت عام ۾، حرف جر تائين، وڏي ۾ وڏي بناوٽ
هن ريت ٿيندي.
نام
–
ٿڙ+ حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙي+ ضميري پڇاڙي+ حرف جر+
حرف جر.
مثال- پٽس کان سواءِ (پٽُ+/- آ/+/- سِ/+
کان + سواءِ).
حرف جر جون پڇاڙيون
(Postpositional Suffixes)
حرف جري پڇاڙين جا مثال هن ريت آهن:-
/- آن/ڳوٺان،/- آئون/ڳوٺئون،/اوُن/هٿون،
ڳوٺون،/-اِ/ هٿ، گهرِ/- ا ين/ ٻارين ٻچين، هٿين
بجين،/- اِين/چئِين (رپئين).
حرف جري پڇاڙيون، حرف جر کان هيٺين ڳالهين ۾ ڦريل
آهن:-
(1) حرف جر، حالت عام ۾ بيٺل ڪنهن به نام پٺيان
اچي سگهي ٿو، پر حرف جري پڇاڙين جو استعمال فقط
ٿورن نامن سان ٿئي ٿو. (2) حرف جري پڇاڙين جي
اڳيان حالت عام جي پڇاڙي غائب ٿئي ٿي. ڳوٺَ مان
–
ڳوٺان (ڳوٺ+/- آن/). (3) نام سان حرف جري پڇاڙيءَ
جو ميلاپ اهڙو ته پڪو آهي، جو انهن جي وچ ۾ ٻيو ڪو
به حرف ڪونه ٿو اچي سگهي. (4) سڀيئي حرف جري
پڇاڙيون، مفرد ۽ اڻ ڦرندڙ روپ آهن. انهن مان
ڪيتريون پڇاڙيون، مرتب حرف جر جوڙين ٿيون. منجهه
+/- آن/- منجهان. (5) نام جي پٺيان، هڪ کان وڌيڪ
حرف جري پڇاڙيون ڪم نه اينديون آهن.
حرف جري پڇاڙيءَ اڳيان، حالت عام واري
پڇاڙي غائب ٿيڻ ڪري، عدد واحد ۽ جمع ۾، هم- آواز
(Homophonous)
لفظ جڙي پون ٿا. اهڙيءَ حالت ۾ فقط بيان مان ئي
ڄاڻ پوي ٿي ته حرف جري پڇاڙي، عدد واحد جي نام
پٺيان لڳل آهي يا عدد جمع واري نام پٺيان. مثال-
هن هنڌان- هن هنڌ تان
سڀني هنڌان
–
سڀني هنڌن تان
هن هنڌِ
–
هن هنڌ تي
سڀني هنڌءِ
–
سڀني هنڌن تي.
جهوني سنڌيءَ ۾ توڙي پهاڪن ۽ چوڻين ۾
ڪيترائي اهڙا مثال ملن ٿا، جن ۾ حالت عام واري
پڇاڙي، حرف جري پڇاڙيءَ اڳيان غائب ڪانه ٿي آهي.
ڪلهنئون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي:
مونهان ئي اڳيِ:
تنئِان وڍيوهيڪڙو: توهان ڌار (توکان ڌار)ِ
ساجن سَڀِنئِان سهڻو: هِنان پوءِ (هن کان پوءِ).
/ - آن/،/- آئون/،/- اون/،/ -اين/
پڇاڙيون، اي، ايء، اؤ ۽ وينجن ۾ پورن ٿيندڙن نامن
پٺيان ڪونه ٿيون لڳنِ باقي ٻين سڀني سُرن ۾ پورن
ٿيندڙن نامن سان سندن واهپو نظر اچي ٿو. مثال-
آ- هڙ- هڙان، هڙئون، هڙونِ زال- زالين:
سَتَ
–
ستين.
آ- دنيا- دنيئون، دڻيان، دڻيون
(ڏسو-اصطلاح-دڻيون پاڻيون نڪتل).
اِ- دل-دليؤون، دليون، دليان، اک- اکئين.
اي
–
پاڻي- پاڻيئون، پاڻيون، پاڻيان.
اُ
–
هنڌ
–
هنڌئون، هنڌون، هنڌان، هنڌين.
اوُ
–
مِروُن
–
مِرُئان.
او
–
خيسو- خيسئون، خيسون، خيسان.
/- اِ/پڇاڙيءَ جو استعمال گهڻو ڪري ”آ“ ۾
پورن ٿيندڙ مذڪر اسمن سان ٿئي ٿو. ”آ“ پڇاڙيءَ
وارا ڪي اسم پڻ /- اِ/کڻن ٿا. مثال- گهرُ
–
گهِر : کَڏَ- کڏِ.
/- اِين/ پڇاڙي لفظ ”ٻه“، ”ٽي“ ۽ ”چار“
سان استعمال ٿيل نظر اچي ٿي. ٻين (رپئين)، ٽين
(رپئين)، چئِين(رپين).
/- اين / کان سواءِ، ٻيون سڀ حرف جري
پڇاڙيون، بيان موجب، جدا جدا حرف جرن جي معنيٰ ڏين
ٿيون. مثال-
پيرين پوڻ = پيرن تي پوڻ.
اُڀ اکئين پيو ڏسجي = ڏسجي = اُڀ اکين سان
پيو ڏسجي.
گهڻين زالين (گهڻين زالن سان) گهر نه هلي،
گهڻين مردين (گهڻن مردن سان) هَر نه هلي.
غريبان مار = غريبن تي مار.
آه غريبان (غريبن جي) قهر خدائي.
پرائي بودئون (بودن تي) ڪاٺ
ڪپہ
ڪونئرو.
پرائي دهلين (دهلن تي) احمق نچي.
جهڙو حال حبيبان (حبيبن جو) تهڙو پيش
پريان (پرينءَ لاءِ، پرينءَ وٽ).
ڳوٺان (ڳوٺ کان) پيو اچان.
هيءَ شيءِ وڃي گهَرِ (گهَرَ ۾) رک.
هو وڃي پٽِ (پٽ تي) پيو.
جهوني سنڌي ۾، ڪن حرف جري پڇاڙين جو
استعمال، ضميرن سان به نظر اچي ٿو. مثلا- توهان،
مونهان، سڀنئان، تنئان، هِنان.
حالتن
(Cases)
بابت سمجهاڻي:
سنڌيءَ ۾ حالتن کي سمجهائيندي، عالمن، چڱو
ئي مونجهارو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ٽرمپ ۽ بيمس (1)،
سنسڪرت سان سنڌيءَ جي ڀيٽ ڪندي، سنڌي نامن جي
حالتن جو بيان ڪيو آهي ۽ ڏيکاريو اٿن ته ڪيئن
سنسڪرت جون اٺ حالتون هاڻوڪين آريه ڀاشائن ۾ نظر
اچن ٿيون. سندن راين موجب، گردان جي خيال کان نام
پنهنجيءَ پڇاڙيءَ ۾ ڪجهه ڦير گهير ڪري فقط ٻه
حالتون ڏيکارين ٿا- حالت فاعلي ۽ حالت عام. سنڌيءَ
۾ ڪجهه نامَ حالت ندا به ڏيکارين ٿا. سنسڪرت جون
ٻيون حالتون، حالت عام جي نام پٺيان حرف جر لڳائي
ظاهر ڪيون وڃن ٿيون. سنڌيءَ ۾ ڪي نام، حالت آپادن
(Ablative)
۽ حالت مڪاني
(Lovative)
پڇاڙين لڳائڻ سان به ظاهر ڪن ٿا. ۾مثلا
–
گهران، ڳوٺان، گهر، ڳوٺَ.
جهمٽمل نارومل وسڻاڻي، سنڌيءَ ۾ وڀڪتي يا
حالت سمجهائيندي لکي ٿو
–
”وڀڪتي شبد جي اکري معنيٰ آهي ڀڃڻ، يعني شبد جي
پڇاڙيءَ جو اهڙيءَ طرح ڀڃڻ يا انهيءَ ۾ اهڙي مٽ
–
سٽ ڪرڻ، جنهنڪري عملي ۾ ٻين شبدن سان ملي وڃي.
اهڙو پڇاڙيءَ جو مٽجڻ يا وڀڪتي، سچ ته سنڌيءَ ۾
آهي ئي هڪ، يعني شبدن جون پڇاڙيون جدا جدا حالتون
ڏيکارڻ لاءِ هڪ ڦيرو ٿيون کائن. اهڙي ڦريل پڇاڙيءَ
کي ”سامان روپ“ يا ”عام صورت“ چوندا آهن. اهو شبد
جو اهڙو روپ آهي، جو پاڻ ساڳيو ئي ٿو رهي، پر جدا
جدا ناميوگي (حرف جر) ملائڻ سان منجهانئس جدا جدا
وڀڪتيون ٿيون ٺهن (1)“. وري انهيءَ صفحي تي،
سنسڪرت جي اثر هيٺ اچي، هو صاحب لکي ٿو، ”سنڌي ۾
اَٺ وڀڪتيون آهن“. ان بعد سنسڪرت جي طرز تي، اُنهن
اَٺن ئي وڀڪتين جي سمجهاڻي ڏنل آهي.
ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي ۽ ڏيارام وسڻمل
ميرچنداڻيءَ جي راين موجب، ”اسم يا ضمير جو جملي ۾
ٻين لفظن سان جيڪو لاڳاپو آهي، يا انهيءَ لاڳاپي
ڏيکارڻ لاءِ جا ڦير ڦار اُن اسم يا ضمير جي صورت ۾
ٿئي ٿي، تنهن کي اسم يا ضمير جي حالت چون ٿا“. (2)
هنن صاحبن، اسم ۽ ضمير جون پنج حالتون ٻڌايون آهن-
حالت فاعلي، حالت مفعولي، حالت جري، حالت اضافت
(حالت جريءَ جو هڪ خاص قسم) ۽ حالت ندا.
مرزا قليچ بيگ، گدواڻيءَ ۽ مير چنداڻيءَ
واري حالت جي وصف کنئي آهي. (3) هن صاحب، پنهنجي
سنڌي وياڪرڻ جي پهرئين ڀاڱي ۾ ٽي حالتون ڄاڻايون
آهن ۽ حالت ندا کي حالت فاعليءَ جو هڪ قسم ۽ حالت
اضافت کي حالت جريءَ جو هڪ قسم ليکيو آهي. پر پوءِ
وري سنڌي وياڪرڻ جو ٽيون ڀاڱو لکندي ويچار ڦيرايو
اٿس. اتي حالت اضافت ۽ حالت ندا کي جدا ڳڻي، ڪل
پنج حالتون ڄاڻايون اٿائين.
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي به گدواڻيءَ ۽ مير
چنداڻيءَ جي ڏنل حالت جي وصف کي قبول ڪري (4)،
حالتن جا مکيه ٽي قسم ڄاڻايا آهن- حالت فاعلي،
حالت مفعولي ۽ حالت جري. هن صاحب، حالت ندا کي
حالت فاعليءَ جو ئي هڪ نرالو قسم ڪري ليکيو آهي ۽
حالت اضافت کي حالت جريءَ کان جدا سمجهندي پڻ رواج
موجب انهيءَ کي حالت جريءَ جو هڪ قسم ڪري کڻڻ لاءِ
مجبور ٿيو آهي.
ڪنهن به ٻوليءَ جي جڏهين اسين بيهڪ جاچڻ
چاهيون ٿا، تڏهن اسان کي ٻين ٻولين جي اثر کان آجو
ٿي انهيءَ ٻولي جو اڀياس ڪرڻ گهرجي. اهڙي اڀياس
بعد اسان جي سامهون ٻوليءَ جي جيڪا صورت اچي بيهي،
تنهن جي پوءِ ڀلي ٻين ٻولين سان ڀيٽ ڪري ڏسون ۽
انهيءَ جي بڻ- بنياد ۽ تاريخي ڦير گهير تي ويچار
ڪريون. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنسڪرت ۾ اسم،
اٺ حالتون ظاهر ڪن ٿا، يعني هر هڪ حالت ۾ اسم جدا
جدا روپ ڏيکاري ٿو. مثال طور، ”رام“ لفظ جا سنسڪرت
۾ عدد واحد ۾ جدا جدا اٺ روپ آهن: رامَہ
(رام)، رامَم (رام کي)، راميڻَ (رام سان)، رامايهَ
(رام لاءِ)، رامات (رام کان)، رامَسيهَ (رام جو)،
رامي (رام ۾)، رام (اڙي رام). پر هاڻوڪين آريه
ٻولين ۾ ڪو به اسم، سنسڪرت اسم وانگر جدا جدا اٺ
روپ ڪونه ٿو ڏيکاري. انهيءَ ڪري، سنڌيءَ توڙي ٻين
جديد آريه ٻولين ۾ اسم جون اٺ حالتون مڃڻ غير واجب
آهي.
سنڌيءَ ۾ گهڻا نام گردان ۾ فقط ٻه حالتون
ڏيکارين ٿا، ۽ هر هڪ حالت ۾ واحد ۽ جمع جو فرق پڻ
ڏيکارين ٿا. مثال:
|
واحد |
جمع |
واحد |
جمع |
حالت فاعلي- |
ڇوڪري |
ڇوڪريون |
اِهو |
اِهي |
حالت عام- |
ڇوڪريءَ |
ڇوڪرين |
اِنهيءَ |
اِنهن |
|
|
|
|
|
|
اِ ۽ آ کان سواءِ، ٻين سُرن ۾ پورا ٿيندڙ
مذڪر اسم، گردان ۾ ٽي حالتون ڏيکارين ٿا، جن مان
هر هڪ حالت ۾ اُهي واحد ۽ جمع جو فرق به ظاهر ڪن
ٿا. مثال:
|
واحد |
جمع |
واحد |
جمع |
حالت فاعلي- |
ڇوڪرو |
ڇوڪرا |
ٻارُ |
ٻار |
حالت عام- |
ڇوڪري |
ڇوڪرن |
ٻارَ |
ٻارنِ |
حالت ندا- |
ڇوڪرا |
ڇوڪرؤ |
ٻارَ |
ٻارو |
|
|
|
|
|
|
هيءَ حقيقت سڀني عالمن محسوس ڪئي آهي، پر
حالتون سمجهائيندي، انهيءَ گردان جي ڪسوٽيءَ تي
حالتن جي سمجهاڻي ڪانه ڏني اٿن. حالت عام لاءِ
سنڌيءَ ۾ وياڪرڻ لکندڙن، ”عام صورت“ لفظ ڪتب آندو
آهي. هتي اهو ڌيان رکڻ گهرجي ته گردان ۾ جيڪي روپ
بلڪل ساڳيا آهن، تن کي هم
–
آواز
(Homophonous)
روپ سڏبو آهي. مثلا
–
ٻار( حالت فاعلي، جمع)، ٻارَ(حالت عام، واحد)،
ٻارَ (حالت ندا، واحد)، هم- آواز هوندي پڻ اهي لفظ
نحوي بيهڪ ۽ الڳ الڳ طرح استعمال ٿين ٿا، انهيءَ
ڪري اِهي جدا جدا لفظ ليکجن ٿا.
روايتي
(Traditionel)
وياڪرڻن ۾ لفظن جي گرداني ڦير ڦار کي، توڙي جملي ۾
ٻين لفظن سان سندن لاڳاپن کي ”حالتون“ سڏيو ويو
آهي. گردان ۾ ته لفظ فقط ٻه يا ٽي حالتون ڏيکارين
ٿا، پر جملن ۾ ٻين لفظن سان سندن لاڳاپا ته گهڻا
آهن. انهيءَ ڪري ئي روايتي وياڪرڻن ۾ حالت
سمجهاڻيءَ ۾ مونجهه پيدا ٿي آهي. حقيقت ۾ نام،
گردان ۾ جيتريون حالتون ظاهر ڪري ٿو، اوتريون اُن
جون حالتون ليکڻ ئي صحيح آهي.
جيڪي عام حالت مفعولي ۽ حالت اضافت جدا
ڄاڻائين ٿا، سي اِتي گرداني ڪسوٽي
(Inflectional criterion)
ڇڏي، جملي ۾ لفظ جي استعمال جي ڪسوٽي يعني نحوي
ڪسوٽي
(Syntactic Criterion)
ٿا کڻن. مثال طور، هيءُ ”صوف“ سٺو آهي. احمد ”صوف“
کائي ٿو.
–
اِنهن ٻن جملن ۾ ”صوف“ لفظ جي صورت ساڳي آهي، پر
جملي ۾ جدا جدا لاڳاپن ڪري، پهرئين جملي ۾ اهو لفظ
فاعل آهي ته ٻئي جملي ۾ مفعول آهي. ساڳيءَ طرح
–
عليءَ کي ڪتاب ڏي، عليءَ کان ڪتاب وٺ، عليءَ وٽان
ڪتاب کڻي اچ، هيءُ عليءَ جو ڪتاب آهي، هي عليءَ جا
ڪتاب آهن، عليءَ جي ڪتاب جو جلد سٺو آهي،- اِنهن
جملن ۾ ”عليءَ“ لفظ پٺيان جدا جدا حرف جر ڪتب آيا
آهن، جن مان ”جو، جا، جي“ حرف جر وارن جملن جي
بناوٽ ٻين جملن کان ڦريل آهي، ڇا ڪاڻ جو اهي حرف
جر، لاڳو اسم جي عدد، جنس ۽ حالت موجب پنهنجي
ضرورت ڦيرائين ٿا. انهيءَ ڪري حالت اضافت کي ٻين
حالتن کان جدا ڪري ليکڻ ۾ نحوي ڪسوٽيءَ جو سهارو
وٺڻ آهي. جيڪڏهن نحوي ڪسوٽي کڻي، لفظ جو گردان
سمجهائڻو آهي ته پوءِ نام جي گردان ۾ فقط حالت
مفعولي، حالت اضافت ۽ سنسڪرت وارين اَٺن حالتن
تائين لفظ جي ڦيري کي محدود ڇو رکجي؟ پوءِ ته ڪو
لفظ جملي ۾ ٻين لفظن سان جيترا لاڳاپا ڏيکاري ٿو،
اوتريون حالتون اُنهي لفظ جي گردان ۾ کڻڻيون
پونديون، جو بلڪل غلط آهي.
ڪشنچند گدواڻيءَ ۽ ڏيارام ميرچنداڻيءَ،
حالت جي جيڪا وصف ڏني آهي، تنهن کي مرزا قليچ بيگ
۽ ڀيرو مل مهرچند پڻ قبول ڪيو آهي. انهن مڙني
صاحبن، حالت جي وصف، گرداني توڙي نحوي ڪسوٽيءَ جي
آڌار تي جوڙي آهي، جا انگريزيءَ جي روايتي گرامرن
تان ورتل ٿي ڏسجي (1). سنڌيءَ ۾ انگ به ٻن حالتن ۾
ڦرن ٿا، جن جو انهيءَ وصف ۾ ذڪر ڪيل ڪونهي. حالت
جي وصف، گرداني ڪسوٽيءَ موجب هن ريت ٿيندي- جملي ۾
ٻين لفظن سان لاڳاپو ڏيکارڻ لاءِ نام جي صورت ۾
جيڪا گرداني
(inflectional)
ڦير ڦار ٿئي ٿي، تنهن کي اُنهيءَ نام جي حالت چئجي
ٿو. مثال طور، ڇوڪرو خط لکي ٿو، ڇوڪرا خط لکن ٿا،
ڇوڪري کي ڪتاب ڏي،- جملن ۾ ڇوڪرو، ڇوڪرا، ڇوڪري،
ڇوڪرن لفظ، جملي جي بناوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جيڪو
روپ اختيار ڪن ٿا، تنهن کي سندن حالت سڏجي ٿو. هتي
اهو ڌيان رکڻ گهرجي ته گرداني ڦير ڦار، اشتقاقي
(Derivational)
ڦير ڦار کان علحدي آهي. ”ڇوڪرو“ لفظ مان ”ڇوڪري،
ڇوڪراٽ، ڇوڪراڻي، ڇوڪراڻو“ لفظ به جڙن ٿا. اها
اشتقاقي ڦير ڦار يا اشتقاقي بناوٽ چئبي.
حالت فاعلي، حالت عام ۽ حالت ندا جي وصف
هن ريت سمجهڻ گهرجي:
(1) حالت عام، نامَ جو اهو روپ آهي، جنهن جي پٺيان
حرف جر استعمال ٿي سگهي ٿو.
(2) حالت ندا، نامَ جو اهو روپ آهي، جيڪو هيٺ ڏنل
طرز تي جڙي ٿو.
واحد
جمع
1- ڇوڪرا
ڇوڪرؤ
2- ٻار
ٻارو
3- ڀائر
ڀائرو
4- رهاڪو
رهاڪُئو
(3) حالت عام ۽ حالت ندا کان سواءِ ٻيا
جيڪي گرداني روپ نام اختيار ڪري ٿو، تن کي حالت
فاعلي سڏجي ٿو.
ڪنهن حالت وارو لفظ جملي ۾ ڪهڙو ڪهڙو ڪم
(Function)
ڪري ٿو، يعني ٻين لفظن سان ڪهڙا ڪهڙا لاڳاپا
ڏيکاري ٿو، تنهن جي سمجهاڻي علم نحو جي ڀاڱي ۾ الڳ
ڏيڻ گهرجي. مثال طور، حالت فاعلي واري نام جا جملي
۾ ڪجهه استعمال آهن:
(1) فاعل- ”پکي“ اُڏاڻو.
(2) مفعول- هن ”پکي“ ماريو.
(3) فعل جو پورائو ڪندڙ
–
گهوڙو ”جانور“ آهي.
حرف جري پڇاڙيون ۽ حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙيون:
سنڌيءَ ۾ نام جو گردان سمجهائيندي، ڪن عالمن،
”ڳوٺان، ڳوٺئون، ڳوٺون“ جهڙن لفظن کي حالت آپادان
(Ablative Case)
۾ ڄاڻايو آهي، جن ۾ /- آن/، /- آئون/،/ اوُن/
پڇاڙيون، حالت آپادان ڏيکارين ٿيون. ساڳيءَ طرح
ڳوٺِ، گهرِ لفظن ۾ /-اِ/ پڇاڙي، حالت مڪاني
(Lovative Case)
ڏيکاريندڙ ٻڌائي ويئي آهي. ٻارين ٻچين، هٿين
–
بجين جهڙن لفظن ۾ /- اين/ پڇاڙي، حالت عام
(Oblique Case)
جي پڇاڙي ٻڌائي ويئي آهي (1). انهيءَ ۾ شڪ نه آهي
ته اهي پڇاڙيون، سنسڪرت، پراڪرت جي حالتن
ڏيکاريندڙ
(Case terminations)
پڇاڙين مان نڪتل آهن. پر هن وقت سنڌيءَ ٻوليءَ جي
بيهڪ ۾ اهي پڇاڙيون حرف جر جو ڪم ڪن ٿيون. انهيءَ
ڪري کين حرف جري پڇاڙيون سڏڻ ئي درست آهي. سنڌيءَ
۾ حالتون ڏيکاريندڙ پڇاڙيون اهي آهن، جيڪي نام جي
صوت ۾ گرداني ڦير ڦار ڏيکارين ٿيون. مثال طور،
ڇوڪري خط لکيو،- هن جملي ۾ /-اي/ پڇاڙي، ”ڇوڪرو“
نام
–
ٿڙ جي حالت عام، عدد واحد ڏيکاريندڙ پڇاڙي آهي.
(ڏسو 4-1،5-1،6-1).
پراڻي سنڌيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا مثال ملن ٿا،
جن ۾ نام جي حالت عام ڏيکاريندڙ پڇاڙي، حرف جري
پڇاڙيءَ اڳيان غائب ڪانه ٿي ٿئي. مثلا
–
ڪلهنئون، تنئان، سڀنئان، ڳوٺنئون. اهڙن مثالن مان
صاف ظاهر آهي ته نام
–
ٿڙ ۾ حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙيءَ پٺيان حرف جري پڇاڙي
لڳل آهي، نه ته هڪ ئي نام- ٿڙ پٺيان حالت
ڏيکاريندڙ ٻه پڇاڙيون مڃڻيون پونديون، جا ڳالهه
بلڪل بي
–معنيٰ
آهي. عام حالت واري نام پٺيان جيئن حرف جر استعمال
ٿئي ٿو، تيئن هنن مثالن ۾ حرف جري پڇاڙي لڳل آهي.
ٻنهيءَ جي بيهڪ ساڳي آهي، - نام-ٿڙ + حالت
ڏيکاريندڙ پڇاڙي+ حرف جر يا حرف جري پڇاڙي.
(4) اسم جي گرداني بناوٽ:
اسم- ٿڙ سان جيڪي حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙيون
(Case-suffixes)
لڳن ٿيون، تن سڀني کي ڏهن سَٽَن ۾ ورهايو ويو آهي.
هر هڪ سَٽُ اسم
–
ٿڙ جي جنس ۽ پڇاڙيءَ واري سُر سان ٻڌل آهي. انهن
سٽن جي آڌار تي اسم
–ٿڙ
به ڏهن ڪلاسن ۾ ورهايل آهن. فقط
–پيءُ،ڀاءُ،
ڌيءَ، ماءُ، جوءِ، ڀيڻ ۽ نونهن
–نرالا
(Exceptional)
اسم- ٿڙ آهن، جن کي جدا ڪلاسن ۾ رکيو ويو آهي. اي
۾ پورا ٿيندڙ اسم
–
ٿڙ سنڌيءَ ۾ تمام گهٽ آهن. مثلا
–
هِجي، بي. اي.، ايم . اي انهن مان فقط هجي جو عدد
جمع ۾ روپ هجيئون ملي ٿو. باقي ٻين ”اي“ وارن اسم-
ٿڙن جي صورت سڀني حالتن ۾ ساڳي رهي ٿي. انهيءَ ڪري
اهي اسم-ٿڙ ڪلاسن جي بيان ۾ نه ڄاڻايا ويا آهن.
حالت ندا فقط اِ، آ، کان سواءِ ٻين سُرن ۾ پورا
ٿيندڙ مذڪر اسم
–ٿڙ
ڏيکارين ٿا. حالت فاعلي ، عدد واحد اسم- ٿڙ جي
صورت ذريعي ئي ظاهر ٿئي ٿو. منجهس ڪا به حالت
ڏيکاريندڙ پڇاڙي لڳل نه آهي.
جيڪي اسم
–ٿڙ،
حالت ندا علحديءَ صورت ذريعي گردان ۾ نٿا ڏيکارين،
تن جا حالت فاعليءَ وارا روپ ئي جملي ۾ ڪنهن کي
سڏڻ وغيره لاءِ استعمال ٿين ٿا.
حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙيون.
مذڪر:
1- او ا - اي - آ - آ -
آنِ -اؤ (- آ)
2- اُ، اؤ 2 - آ - آ - آ
- اَنِ -او (- آ)
3- اي،او 3 - آ -0 *-0 -
اُنِ - او
4- ايء 4 -0 -0 -0 -
آنِ - او
5- اِ، اِ 5 -0 -اون
(-0)-اُنِ
مونث:
1- (الف) اَ، آ، اؤ
6 -0 - اون - اُنِ
(ب) آ، اِ، ايء، وينجن
2- اوُ 7 -آ -0
-اُنِ
3-اِي 8 -آ -اُوُن
-اُنِ
نرالا اسم
–
ٿڙ:
1- اُ(ڀاءُ، پيءُ) 9 -0 -0 -رُ،
-رَ-رَن،-اُنِ -رَ-رو
2- اَ، اِ، اُ ( ڌيءَ، نونهن10 -0
-رُ-رون،-رُنِ- اُنِ
اسمن جي گرداني روپاولي
(Inflectional Paradigm)
|