عالم هينئر ان نتيجي تي پهتا آهن ته رڳ ويد واري
ٻولي ڪا هڪ ٻولي نه هئي (ص 36). انهيءَ دؤر ۾ ئي
آريه ٻوليءَ ڏيهي ٻولين کي ڪجهه ڏنو ۽ ڪجهه انهن
کان ورتو (ص 37)، ۽ وديا جو ڦهلاءُ صرف برهمڻ طبقي
تائين محدود ڪيو ويو (ص 39).
گپتا دور کان پوءِ برهمڻ واد جي زبردست
اثر ڪري سنسڪرت عوامي ٻوليءَ کي هٽائي ڇڏيو ۽ خود
سرڪاري ٻولي ٿي وئي (ص 41 ۽ 42). سنڌ جي ڪن شهرن ۽
ڳوٺن جي نالن مان به ان ڪري سنسڪرت جو پورو پورو
پتو پئجي سگهي ٿو (ق 4- ص68)، پر ڪن شهرن جي نالن
مان سامي ٻوليءَ جو پتو پڻ پوي ٿو. مثلا ماتلي شهر
جو اصل نالو ”مهاتلا“ هو (ص 69). ”تلا“
پڇاڙي سنسڪرت يا آريه ٻوليءَ جي نه آهي بلڪ سڌي
سنئين سامي گروهه جي پئي لڳي، ڇو ته عربي ۽ عبراني
۾ ”تل“ جي معنيٰ آهي بيٺڪ. اهڙيءَ طرح سان
سيوهڻ جو پراڻو نالو هو ”هرمتلا“ ۽
حيدرآباد جو اصل نالو هو ”پٽاسلا“. اهي لفظ
آرين جي اچڻ کان به آڳاٽا آهن (ص 70).
ڪن شهرن جا نالا سامي ٻولين جي ريت موجب
بيٺل آهن. مثلا ڳڙهي ياسين، ڳڙهي خيرو،
پڊعيدن وغيره. هنن شهرن ۾ ڳڙهي ۽ پڊ، اڳياڙيون
ٿي ڪم آيون آهن ۽ سامي ٻولين موجب اڳياڙيون آهن.
سنڌ جي ڪيترن شهرن جي نالن ۾ ڳوٺ، واه ۽
ٽنڊو لفظ ڪم آيل آهن، جي سنسڪرت جا نه آهن ۽ غير
آريائي بنياد جا ٿا ڏسجن. او آر گِرني جي ڄاڻ
موجب، هِٽائيٽ ٻوليءَ ۾ ”ٽنڊوڪي“ لفظ هو،
جنهن جي معنيٰ آهي انسانذات. انهيءَ لفظ جو ميل
ٻئي ڪنهن به ٻوليءَ جي معنيٰ رکندڙ نه آهي، بلڪ هر
وزنيءَ جي راءِ هيءَ آهي ته موهن جي دڙي واري
سڀيتا جا اڏيندڙ ۽ پراچين هٽائيٽ لوڪ ڪنهن هڪ ئي
اجهي ۾ پهرين رهندا هئا (ص 71-74). اهڙيءَ طرح سان
“واه“ پڇاڙي هٽي لوڪن جي شهرن ۾ به هوندي
هئي، جهڙوڪ نينوا. انهيءَ ”واه“ جو
نشان سنڌ جي ڳوٺن ۾ ملي ٿو. (جهڙوڪ ميرواهه). نسڌ
جي ڪيترن شهرن جي نالي پٺيان وري پراچين پارسيءَ
جا اهڃاڻ ملن ٿا، جهڙوڪ رتوديرو، بنگل ديرو- اهو
”ديرو“ لفظ ديهه مان نڪتل ڏسڻ ۾ ٿو اچي،
جنهن جي معنيٰ آهي ”زمين“.
سنڌ جي شهرن جي نالن ۾ ”ڪوٽ“ پڇاڙي
ڪم آيل آهي، تن مان ساک قوم جو اثر ڏسڻ ۾
اچي ٿو. ڇو ته انهن جي ٻوليءَ ۾ ”ڪنٺ“ جي معنيٰ
آهي ”شهر“ جنهن مان ڪوٽ لفظ نڪتل ڏسجي ٿو
(ص 76).
آرين جي اچڻ کان پوءِ ماڻهن جي شخصي نالن
تي سنسڪرت جو ايڏو ته اثر ٿيو جو انهن مان ذاتيون
معلوم ٿي سگهنديون هيون. مثلا برهمڻن جا نالا هئا:
وشنو پرشاد، دوارڪا پرشاد، مهاديو، شنڪر وغيره.
کترين جا نالا هوندا هئا: ڀيم سنگهه، پرتاب سنگهه،
ويرسين وغيره. وئيشن جا نالا هوندا هئا: چڻومل،
مٽر مل، ڀڳڙو مل وغيره. شودرن جا نالا هوندا هئا:
ڪارو، ڀورو، پيٿو، کينهوڙو وغيره. آرين جي اثر کان
اڳ سنڌي ماڻهن جا نالا ان طرح نه رکيل هئا (ص 77).
ٽاڊ جي راءِ موجب سڪندر جي وقت ۾ سيوستان
(سيوهڻ) وٽ جاڙيجا قوم رهندي هئي، جا پاڻ کي
”شيام پتر“ سڏائيندي هئي. سنڌ جي موجوده
جاڙيجن جو اهو خيال آهي ته هو سريا (شام) مان لڏي
آيا آهن. پُتر ڪڙم جو نالو آهي، ۽ ان ڪري
سلوا لوڪ سلوا پترا، ڪيهر لوڪ پاڻ کي ڪيهر
پتر، چنن لوڪ پاڻ کي ڇننپُتر سڏائيندا هئا. اهي
نشانيون اڄ به هندن ۽ مسلمانن جي ڪن آڪهين ۾ موجود
آهن. جهڙوڪ: آسر پوٽا، ڪيسر پوٽا وغيره (ص 81).
ڏيهي عالمن جو اهو به رايو رهيو آهي ته
ڏيهي ٻولين جي ساٺيڪو سيڪڙو لفظن جو بنياد سنسڪرت
۾ آهي جا ڳالهه غلط آهي (ق 5، ص 31). عبراني
هياهه يا هيهه جو مطلب آهي ”هُو
هئو“. امن مان ئي سنڌي لفظ ”هو“ نڪتو
آهي. اگرچ سنسڪرت جي ڄاڻن، ”هو“ جو ڌاتو
سنسڪرت ڀُو ڄاڻايو آهي (ص 44). سنسڪرت
سنڌيءَ تي ايترو ته غالب پئجي وئي، جو اڄ ڄڻ ائين
لڳي ته سنڌي ٻولي سڌو سنئون سنسڪرت مان نڪتي آهي
(ص 47).
يورپي ڀاشا وگيانن جي اها به راءِ آهي، ته
انڊو يورپي ڀاشا گروهه، ساسي گروهه ۽ هيمي گروهه
جي ٻولين جي ڪٿي نه ڪٿي اهڙي هڪجهڙائي پئي لڳي، جو
ائين پيو سمجهجي ته اهي ٽيئي گروهه ڪنهن هڪ يڪي
گروهه مان نڪتل ٿا ڏسجن (ص 48-49). شيئرڊ
جو اهو رايو آهي ته دجله نديءَ جي ڪنهن ارد گرد
واري ايراضيءَ ۾ هڪ ايراضي هوندي هئي، جنهن ۾
ٻولين جو هڪ يڪو ڪتاب پيدا ٿيو هوندو، جنهن مان
پوءِ انڊو يورپي، ۽ سامي ٻولين جا گروهه الڳ ٿي
ويا ٿا ڏسجن (ص 49).
سميري سڀيتا ۽ سنڌو سڀيتا جي وچ ۾ گهرو
رشتو هو (ق -7، ص 29). ۽ انهيءَ وسڻ لاءِ ڪافي سبب
ملن ٿا ته اوائلي سنڌو ٻولي هڪ الڳ نوعيت واري
ٻولي هئي، جنهن تي پوءِ نه صرف انڊو يورپي روه جو،
پر سامي گروه جو به اثر پيو. جنهنڪري ان جو روپ
ايترو ته بدلجي ويو، جو اڄ سندس الڳ نوعيت پوريءَ
طرح پروڙڻ مشڪل ڪم ٿي پيو آهي (ص 30). اتهاسڪ
حوالن مان اهو به پتو پوي ٿو ته سنڌي ۽ سامي لوڪ
گڏو گڏ رهندا هئا ... البته سامي گروهه جو اثر
سنڌي ٻوليءَ تي شروعاتي دور ۾ ئي ضرور پيو هوندو
(ص 43). موهن جي دڙي واري سڀيتا جي سمي ۾، ڪجهه
سامي لوڪ اتر اولهه هند ۾ رهندا هئا (ص 34). سنڌي
ٻوليءَ جي معرفت ئي آريائي ۽ سامي ٻولين جو پاڻ ۾
ميلاپ ٿيل ٿو ڏسجي (ص 36). سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترا
اهڙا لفظ آهن جي سڌو سنئون سامي گروهه جي ٻولين
سان واسطو رکن ٿا. مثلا سامي ۽ بابلي فعل ”اسو“
جو مطلب آهي اُڀرڻ“، ۽ سنڌي لفظ اسر جي
معنيٰ آهي ”وڏو صبح“ جو مٿئين لفظ مان نڪتل ٿو
ڏسجي (ص 41). عبراني لفظ ”بٽر“ جو مطلب آهي
”ڪٿڻ“ ۽ سنڌي اکر ”بٽئي ڪرڻ“ به ان سان ميل
کائي ٿو (ص 42-43). عبراني لفظ ”پلٽ“ جو
مطلب آهي ”ڀڄڻ“ ۽ سنڌيءَ ۾ ”پلٽو کائڻ“ به
اهڙي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو، يعني اصلوڪي ڳالهه کان
ڀڄڻ (ص 43). ازانسواءِ عبراني لفظ ”ملل“
معنيٰ ”مُرجهائڻ“ آهي. سنڌي ”ملول“ اکر به
ان سان تعلق رکي ٿو. هٽائٽي ٻوليءَ جي صرف ونحوَ
جي اکرن جو به سنڌي صرف نحوَ جي اکرن سان ميل ڏسڻ
۾ اچي ٿو (ق 9- ص، 70). ”پيونڪ“ جاتيءَ
وارا ماڻهو موهن جي دڙي کان وٺي ڀونوچ سمنڊ تائين
ڦهليل هئا، انهن ۽ آريه لوڪن جي وچ ۾ ڪيتريون
جنگيون لڳيون. انهن ”پني“ لوڪن جي هٿن ۾ ئي
تمدني شهر چوٽيءَ تي رسيل هئا. ”واڻيو“ لفظ
انهن کان ورتل ڏسڻ ۾ ٿو اچي (ص 74). اتهاسڪ طرح
اهو به ثابت ٿي چڪو آهي ته سنڌي لوڪن ۽ سميري لوڪن
جي وچ ۾ گهرو رشتو هو. ضمير واحد متڪلم ”مان“
۽ ”مون“، ڇهه هزار ورهيه اڳ سميري ٻوليءَ ۾
رائج هئا (ص 77).
انهن مٿين ڳالهين مان اهو ثابت ٿئي ٿو
ته ”سنڌين جو آرين جي اچڻ کان اڳ سامي ماڻهن سان
تمام گهرو تعلق هو، ۽ ان ڪري سامي ٻولين جو
پراڻو اثر سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄ به نظر اچي ٿو.“
شري رچنداڻيءَ ٻيو به هڪ ننڍڙو ڪتاب 112
صفحن جو سن 1963ع ۾ شايع ڪيو آهي“، جنهن جو نالو
آهي ”سنڌو جي جهلڪ، ان ۾ سنڌين جو تعلق
ساڪ، قديم مصرين، سُميرين، هٽي، آرين ۽ ٻين
اوائلي قومن سان ڏيکاريو ويو آهي. ازازسواءِ سنڌي
ٻوليءَ جو انهن قومن جي ٻولين ۽ ٻين ٻولين جهڙوڪ
جرمن، لئٽن، يوناني فرانسي سان لاڳاپو ڏيکاريو ويو
آهي. آخر ۾ باب ٽئين ۾ سنڌي ٻوليءَ جون مختلف
منزلون ڏيکاريون ويون آهن. سندس چوڻ موجب سنڌي ته
سنسڪرت کان به پراچين ٻولي آهي (ص 82): ويدن جي
هستي ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي هنڌ جي مختلف ايراضين ۾ ڪي
ٻوليون، جي ڪنهن هڪ ٻوليءَ جون شاخون هيون، سي
چالو هيون (ص 82). اُهي پراڪرت سڏجڻ ۾ آيون ۽
بدلبيون رهيون. هر هڪ ايراضيءَ کي پنهنجي پنهنجي
پراڪرت ٻولي هئي (ص 83). انهن پراڪرت ٻولين جي
وڪاس سان گڏو گڏ هڪ اُپ ڀاشا جو وڪاس ٿيندو رهيو
جنهن کي وياڪرڻ جي ٻنڌڻن ۾ بند ڪري، سنواري ۽
سڌاري ”سنسڪرت“ نالو ڏنو ويو (ص 83). سمي گذرڻ سان
پراڪرت ٻولين جو وڪاس (ڦيرو) ٿيندو رهيو ۽ اُهي
اپڀرنش جي منزل کي پهتيون: ان بعد موجوده ٻوليون
ٿيون. اهڙي طرح سنڌي ٻوليءَ جو جنم ٿيو. پر حقيقت
۾ سنڌي پراڪرت ته ايامن کان وٺي پئي هلندي آئي (ص
83). انڊو
–آريائي
ٻوليءَ جي گروهه جون ڪيتريون ئي اپ ڀاشائون
(ننڍيون ٻوليون) هيون، جن مان اوائلي سنڌي به هڪ
اپ ڀاشا هئي (ص 84).
ٻوليءَ کي پهرين پراڪرت ئي سڏيو ٿي ويو.
پراڪرت اکر جو ارٿ (مطلب) آهي پراڪ + ڪرت يعني جا
سڀ کان پهرين ڀاشا، جو روپ وٺي چڪي هجي (ص 93). ان
ڪري سنڌي پراڪرت سنسڪرت کان به آڳاٽي آهي. اها
سنڌي پراڪرت پوءِ بدلجي اپڀرنش ٿي. آخر ۾ شري
رچنداڻيءَ، اٺين، ڏهين، يارهين، ٻارهين ۽ تيرهين
صدي سنڌيءَ ٻوليءَ جا ڪي پار پتا آهن جي نهايت
ڪارائتا آهن.
مسٽر رچنداڻيءَ، ٻيو به هڪ مضمون لکيو
آهي، جنهن ۾ يورپ جي جپسي (رولو) قومن جي ٻوليءَ
بابت آهي، جا ڄڻ ته سنڌي ٻوليءَ آهي (1). مون کي
ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ کان معلوم ٿيو آهي ته انهن
جپسين کي جرمنيءَ ۾ سنڌي لوڪ ڪري سڏبو آهي. انهن
جپسين جي ٻوليءَ تي يورپ ۾ ڪافي کوجنا ڪئي ويئي،
جا ڊاڪٽر قاضيءَ جي قول موجب ڄڻ لاڙي، ٿري، ڪڇي
وغيره ننڍين ٻولين وانگر سنڌيءَ جي هڪ ننڍي ٻولي
پئي معلوم ٿئي. هجي ڪو نوجوان سنڌي شاگرد، جو هن
ڏس ۾ کوجنا ڪري ۽ سنڌين جي وسريل تاريخي باب کي
روشني ۾ آڻي.
مسٽر رچنداڻيءَ کي هن ڳالهه جو جس ڏيو ته
کوجنا جي ڪم ۾ اورج آهي. ڪيئن نيون ڳالهيون ڪتابن
مان ڳولي ڪڍيون اٿس. افسوس فقط هن ڳالهه جو آهي ته
حوالا پوري پتي سان ڪونه ڏنا اٿس. منهنجي لکڻ تي
وچن يعني واعدو ڏنو اٿس ته ساري گڏ ڪيل مواد لاءِ
ٻيهر محنت ڪري باقاعدي حوالا پيش ڪندو. جي ائين
ڪيائين ته کيرون لهڻندو.
مسٽر رچنداڻي، جديد لسانيات جي اصولن کان
بخوبي واقف ڪونهي، ان ڪري سندس کوجنا جي ترتيب
ڪجهه قدر علمي نٿي لڳي. ان هوندي به سندس کوجنا کي
قدر جي نگاهه سان ڏسي سگهجي ٿو. سندس محنت اسان
سنڌين جو داد لهڻي، جنهن جو هو حقدار آهي.
انهيءَ ساڳئي دور، يعني 60-1963ع جي وچ ۾،
ٻه ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي صوتيات تي آمريڪا ۾ لکيا
ويا. هڪ مسٽر بورڊي سنه 1960ع جي وچ ۾ ٻه ڪتاب
سنڌي ٻوليءَ جي صوتيات تي آمريڪا ۾ لکيا ويا. هڪ
مسٽر بورڊي سنه 1960ع ۾ ڊاڪٽريءَ جي ڊگريءَ واسطي
لکيو: ٻيو مسٽر لڇمڻ خوبچنداڻي ايم. اي جي ڊگريءَ
واسطي لکيو. مسٽر بورڊي جو تحقيقي ڪتاب اسان کي
ملي نه سگهيو آهي، مگر مسٽر خوبچنداڻيءَ وارو نظر
مان گذريو آهي. مسٽر خوبچنداڻيءَ، پنهنجي مخصوص
لهجي کي نظر ۾ رکي پوءِ سنڌي صوتيات تي ڪم ڪيو
آهي، ۽ علمي لحاظ کان بلڪل عمدو ڪم ٿيل آهي، ڇو ته
جديد لسانيات جي روشنيءَ ۾ آمريڪا جي ماهر استادن
جي رهبريءَ هيٺ لکيو اٿس. ان ڪري پنهنجي دائري
اندر بلڪل ڪارآمد ڪتاب آهي. افسوس فقط اهو آهي جو
اهو ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيل آهي، جنهن مان سنڌي
ڄاڻو فائدو وٺي نٿا سگهن.
سن 1962ع ۾، مون هڪ مختصر مقالو ”علم
لسان ۽ سنڌي زبان“ جي نالي سان لکيو، جو سنڌ
يونيورسٽيءَ جي ”سنڌي صحيفي“ ۾ ڇپيو. ان ۾
علم لسان بابت محض ابتدائي معلومات پيش ڪئي وئي
هئي. ان جو سبب اهو هو، جو علم لسان تي مون ان وقت
گهر ويٺي ٻه ڪتاب پڙهيا هئا، جن جا ڪي حصا ته بلڪل
سمجهه ۾ نه آيا. مثلاً آءٌ ان وقت ”علم آواز“
(Phonetics)
۽ ”علم صوتيه“
(Phonemics)
جي وچ ۾ فرق سمجهي نه سگهيس. جديد لسانيات،
فني لحاظ کان بلڪل مشڪل علم آهي، جنهن کي استادن
جي رهبريءَ کان سواءِ سمجهي نٿو سگهجي. مٿئين
مقالي ۾ ڪي غلطيون هيون، جن مان ڪن جي درستي ته
بروقت ڪئي وئي، ليڪن ڪي غلطيون اهڙيون به هيون، جن
جو پتو ولايت وڃڻ کان پوءِ پيو. مثلاً صفحي 15 تي
ترڪي زبان جا جي لفظي فقرا پيش ڪيا هئم، سي
انگريزي ڪتاب تان ڏسي لکيا هئم، تنهنڪري انهن جو
تلفظ سنڌي زبان ۾ غلط لکي ويس. بعد ۾ انهن جي
درستي ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ کان معلوم ٿي، جا پوءِ
هٿ سان لکي وئي. انهيءَ جو پتو هِتي پيو، ليڪن ٻه
ٽي غلطيون اهڙيون به سرزد ٿيون هيون، جن جو پتو
ولايت ۾ پيو ۽ جن جو پتو اڄ تائين ڪنهن کي نه پيو
آهي. انهن مان هڪ غلطي هيءَ هئي، ته انگريزي دَ يا
دِي
(The)
جو بنياد عربي ”ال“
ٻڌايو هئم (ص 31) جو حقيقت جي خلاف آهي. ٻي غلطي
هيءَ هئي ته گاسليٽ جي اصل صورت ”گئس لائيٽ
لکي وئي هئي (ص 24 ۽ 33). مگر صحيح صورت گئسلين
(Gasolene)
آهي. مرحوم فتح مُحمد سيوهاڻي پنهنجي ”آفتاب
ادب“ ۾ ٻي صحيح صورت ڏني آهي ۽ اها آهي گئسلِن
Gasoline
(ص 88). گاسليٽ جي اصل صورت اگرچ گئسلين آهي، مگر
سنڌيءَ ۾ اهو لفظ گئس لائيٽ مان بدلجي آيو
آهي، جو انگريزيءَ ۾ موجود ناهي. انگريزي ۾ گئس
۽ لائيٽ به ڌار ڌارلفظ آهن جي مرڪب نٿا
ٿين. ٽين غلطي اها هئي ته سنڌيءَ ۾ عربيءَ جي شدن
ڪم نه اچڻ جو سبب ”ڪم ڪوشش“ ڏسيو ويو هو.
مگر حقيقت هيءَ آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي نظام موجب
”شد“ کي صوتيتي
(Phonemic)
اهميت آهي ئي ڪانه. ان ڪري اسين سنڌي عام طرح سان
شد ڪم نه آڻيندا آهيون. ازانسواءِ ترجمي ڪندي
لسانيات جا ڪي فني اصطلاح سنڌيءَ ۾ پوريءَ طرح
ترجمو ٿي نه سگهيا. مثلاً سُر، يا مصّوت
(Vowel)
کي علامتي صوتيه ۽ وينجن يعني مُصمة
(Consonant)
کي اکري صوتيه لکيو ويو هو.
مٿئين غلطين کي پاسيرو رکي، جيڪڏهن ڪتاب
کي ڏٺو وڃي ته لسانيات ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تجزيي تي
اهو ابتدائي ڪارائتو ڪتاب آهي.
ساڳئي سال ۾، سنڌي الف- ب جي ارتقا تي
مسٽر عبدالڪريم لغاري تحقيقي مقالو لکيو، ۽ ايم
–
اي امتحان لاءِ ان کي پيش ڪيائين. اهو مقالو تحقيق
جي لحاظ کان نهايت ڪارائتو آهي. البت اُن ۾ ڪي ڪم
آندل اصطلاح
(Terms)،
جديد لسانيات جي لحاظ کان ناموزون آهن، جن جي
درستي ضروري آهي.
مٿئين مقالي جي لکجڻ کان سال کن پوءِ،
يعني 1963ع ۾ ، مسٽر غلام علي الانا، انگريزي زبان
۾ هڪ تحقيقي ڪتاب لنڊن ۾ ايم
–
اي ڪرڻ لاءِ لکيو، جنهن جو عنوان آهي ”عربي
عنصر سنڌيءَ ۾“. اهو ڪتاب به انگريزيءَ ۾ لکيل
آهي. انهيءَ ڪتاب جو هڪ باب سنڌي صورتخطيءَ سان
تعلق رکي ٿو، جنهن کي پوءِ وڌائي ويجهائي، ڪتابڙي
جي صورت ۾ سن 1964ع ۾ شايع ڪيو ويو. ان جو ٻيو
ڇاپو سن 1965ع ۾ شايع ٿيو آهي، جو پهرين ڇاپي کان
سڌريل آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ سنڌي صورتخطيءَ جو
تحقيقي انداز ۾ جائزو ورتو ويو آهي ۽ انهيءَ جو
تاريخي پس منظر پڻ پيش ڪيو ويو آهي. آخر ۾ مسٽر
الانا پنهنجي طرفان ڪي سفارشون به پيش ڪيون آهن،
جن تي ڪنهن به اڄ تائين فني ۽ علمي بحث نه ڪيو
آهي.
|