سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1968ع

مضمون:

صفحو :4

”وفا“ ناٿن شاهي

تون ڪاٿي آن هرجائي؟

چنڊ ٻُڏو تارا گم ٿي ويا،

رات تي اونداهه ڇائي،

ڪاٿي آن هر جائي...

گهڙي گهڙي اونداهيءَ جا راڪاس ڪليجو ڏارن،

قدم قدم تي ڇرڪ ۽ کٽڪا، منهنجي من کي ڳارن:

پل پل منهنجي نس نس ۾ ٿي گهاءَ هڻي تنهائي.

تون ڪاٿي آن هر جائي...

وهي وهي اکين مان سرمو ٿي ويو پاڻي پاڻي،

رڙيون ڪري وارن مان اڏري وئي آ، رات جي راڻي:

ٿي ڪافور، جهَڪي ٿي ويئي، چپڙن جي لالائي.

تون ڪاٿي آن هر جائي...

ڳوڙهو ڳوڙهو ٿي اکين مان، رات وڃي ٿي وهندي،

ديپ وڃن ٿا دم ٽوڙيندا، ڪاڪ وڃي ٿي ڊهندي:

ڏٻرو ٿي ويو جسم سمورو، جان چپن تي آئي.

تون ڪاٿي آن هر جائي...

لوڪ گيت

”نياز“ همايوني

ڇــيــڄ

گهور وڃان، گهرو وڃان، گهور وڃان گهور،

رنگ-رَتي، روپ-وَتي، تنهنجي ڳليءَ تان،

                                                 گهور وڃان......

ڇپر مٿي ڇمر نچي، پَڌر مٿي مور-

جنهن به ڏٺو توکي بڻيو، چانڊوڪيءَ جو چور:

                                                گهور وڃان......

جهاڙ رکي، جوڳيءَ وڌي، هِنئين اندر هور-

جهور وڌا، جيءَ اندر، پپل وارا پور:

        گهور وڃان......

پٿر پوي پاڻيءَ اندر، لَهر ڀري زور-

تنهنجون ڳالهيون، ٻُڌي ٻُڌي، بڻجي وياسين ڀور:

                                                 گهور وڃان......

ڀيڄ-ڀني، ڪنهن نه لَڌي، راتين جي پرگهور-

چنگ بڻجي، چاهه وڌو، ڇاتيءَ اندر شور:

                                                 گهور وڃان......

گهور وڃان، گهور وڃان، گهور وڃان، گهور!

نگ- رَتي، روپ – وَتي، تنهنجي ڳليءَ تان.

                                               گهور وڃان......!

نــظــم

عبدالڪريم ”گدائي“

چمن ۾ ٿو اچي بهار!

 

اٿي رفيقَ، همسفر،

 

سجاڳ ٿي ڪو موڙ ڪَر

۽ گِرد و پيش ڪر نظر،

 

سمو آ ڇا حسين تر!

نظر ڀري ذرو نهار!

چمن ۾ ٿو اچي بهار!

 

نسيم صبح جو ڇُهاءُ،

 

گلن جي بوءِ جو هُگاءُ،

اٿاري دل ۾ ٿو امنگ،

 

اُٿِي اُٿِي ڪو چور چنگ!

ورهين جون تلخيون وسار!

چمن ۾ ٿو اچي بهار!

 

هي ظلم و زور عارضي،

 

اجهو اچي ٿي زندگي،

افق تي باک ٿي ڦٽي،

 

اجهو ٿئي ٿي روشني،

تون دل ۾ حوصلو ته ڌار!

چمن ۾ ٿو اچي بهار!

 

هي ننڊ موت سر بسر،

 

اُٿي، تون ڪاهلي نه ڪر،

قدم وڌاءِ تيز تر،

 

۽ منزلن تي رک نظر،

يقين رک ۽ اعتبار!

چمن ۾ ٿو اچي بهار!

 

گراني جون شڪايتون،

 

ستم سنديون حڪايتون،

سڀيئي درگذر ته ڪر،

 

هي باهمي رقابتون.

انهن جو ڪر نه ڪو شمار!

چمن ۾ ٿو اچي بهار.

 

ڪٺن اگر آ مرحلو،

 

ڇڏيو مگر نه حوصلو،

قدم قدم قطار ۾،

 

وڌو وڌو، هليا هلو،

پهاڙ کان به آرپار!

چمن ۾ ٿو اچي بهار!

هري درياني ”دلگير“

اچي ٿي هُو پريان شرميلي ناري،

اُها جنهن کي آ جوڀن جي بهاري،

اُها نيڻن ۾ نوري، نُور واري،

اُها جنهن کي چپن تي مرڪ پياري:

پريان سندريءَ جو ڪيڏو شان آهي،

سندرتا کان به سوڀياوان آهي!

 

اجهو هاڻي نشيلي نار آئي،

کڻي آنند- پيالو، تار آئي،

سندس وارن مان ڇا هٻڪار آئي،

چمڪ چهري منجهان چؤڌار آئي:

گهليون هيرون، مٺين مٺڙين وٺڻ لئه،

اچي آغوش ۾، هن کي جهلڻ لئه!

 

بهار هير آئي گلستان ۾،

وڻن ٽاريون وَڄايون آجيان ۾،

پکڙجي ويئي خوشبو بوستان ۾،

نئين ڄڻ زندگي آئي زمان ۾:

چمن ۾ بوند شبنم خوب ٽهڪي،

گلن تي، گاهه تي، موتين جان چمڪي!

 

ڪيا آنند، ابڇر ڇا نظارا،

ڏسي ان کي، مٿان مُرڪيا ستارا،

ڪيائون پرت مان ڪيڏا پسار،

ڇپي ويا پو، پڇم جي پاسي سارا:

هو ڄڻ سندريءَ پسڻ جي لئه ها ترسيل،

سندس جهاتيءَ جهٽڻ جي لئه ها ترسيل!

 

صبا سُرَ ساڻ، تيون، خوب ڳاتيون،

اٿي سپنن مان بلبل، لنوندي لاتيون،

ڪيون ڪوئل جي ڪوڪو، برهه باتيون،

ٻڌي مکڙين، پنن مان پاتيون جهاتيون:

مڙن ۾ محبتي محفل مچي وئي،

پريان جئن سونهن جي ديوي اچي وئي!

 

پريان پُورب مان ٿيو پڻ پرت پرماڻ،

فلڪ تي ٿوري ٿوري آئي ڳاڙهاڻ،

جهَڪيري، سون – رنگي، پوٿي نيلاڻ،

نظر ۾ آئي پو، شرميلي لالاڻ:

پريان سونهري ڪرڻن جي جهلڪ ٿي،

پو سورج جي ڪنيءَ جي پڻ چمڪ ٿي!

 

جيئن پرڀات پياري پير پائي،

اُمنگن ساڻ هردو ٿي نچائي،

جئين آهسته سج باکون ڦٽائي،

ٿو سونو رنگ اوندهه تي رچائي:

تئين نراَس مان پڻ آس ايندي،

دکي ”دلگير“ جي دل شاد ٿيندي!

”سليم“ ڳاڙهوي

آسمان ڏانهن ڏِس، آسمان ڏانهن ڏِس!

واٽ ويندي گگن توکي ڇا ٿو چوي؟

 

ٿر کي سائو رکڻ جو سليقو هُجي،

 

مينهن هاري مگن توکي ڇا ٿو چوي؟

تنهنجا بازو بهارن جا آهن عَلم، 

 

هي چمن، چمن توکي ڇا ٿو چوي؟

”توکي مون ڇا ڏنو، مون کي تو ڇا ڏنو“، 

 

پنهنجو پيارو وطن توکي ڇا ٿو چوي؟

ذرّو ذرّو وطن جو اٿئي قيمتي، 

 

پنهنجو بر، پنهنجو بن، توکي ڇا ٿو چوي؟

سِک سياهي هٽائڻ جو سج کان سبق، 

 

ضوفشان، ضوفگن توکي ڇا ٿو چوي؟

”مرد ڪامل جو پهچي ٿو مون تي قدم“،  

 

چرخ، چرخ ڪُهن توکي ڇا ٿو چوي؟

موت منصور کي ڪين ماري سگهيو، 

 

دار سان گڏ رَسَن توکي ڇا ٿو چوي؟

سُڻ مغنّي جي نغمي ۽ سُرتار کي،  

 

فن نگارن جوفن توکي ڇا ٿو چوي؟

شاهپارا اديبن جا ڇا ٿا چون، 

 

شاعرن جو سُخن توکي ڇا ٿو چوي؟

نقطچيني زماني جي سُڻ اي رفيق!  

 

ڪر ته هوڏانهن ڪَن، توکي ڇا ٿو چوي؟

جيڪو عامل رهيو، تنهن کي عزّت مِلي،

جيڪو غافل رهيو، تنهن کي ذلّت ملي!

فتاح ملڪ

پـنـهـنـجـو پـيـار پـکـيـئـڙي جـهـڙو!

پنهنجو پيار، پکيئڙي جهڙو:

پرهه ڦٽيءَ جو ڦڙڪيون ماري!

آزاديءَ سان اُڏري اُڏري، 

 

کنڀڙا کوهي، گهر ڏي گهاري.

جسم جڏهن ڀي سهڪي سهڪي،  

 

سنجها آڻي، سيج وهاري.

هيءُ به پنهنجي پاڙي اوڙي،   

 

ڦٿڪي ڦٿڪي ساٿ سنڀاري.

پرجي ڪنهن جو ڪانءُ لڳو آ،   

 

هيکل ويهي، رات گذاري.

ترسي، تڙپي، ڳوڙها ڳاڙي،   

 

ماڪ ٽٽي ۽ سڏڪا ساري.

ساٿي جيڪر ايندو هوندو،  

 

پن کَڙڪي ۽ پور پَچاري.

پرهه وري جي جوڀن ماڻي،  

 

آڪاشن ۾ دُور نهاري.

تَنهن پر ڏاڍيان ڏاڍيان ڳائي،   

 

اُڀ کي ڏاري، پريت پُڪاري.

واهيرن مان رات لڙي جي،   

 

پو ڪجهه سوچي، پاڻ اُڏاري.

ڄاريون ڳولي، ڪانَ پڇائي،   

 

ساٿي ويٺو ماڳ وساري.

جيءَ- جياپو، نيٺ ته ايندو،  

 

اَک ٿي ڦڙڪي، ايندو آري.

هاءِ، اميدون، ڪنهن به نه پرکيون،  

 

ساٿي ڪوئي سُور سنڀاري!

”پروانو“ ڀٽي

مــشـورو

اي دوست، منهنجي ڳالهه ٻُڌ:

 

 

هي زندگيءَ جو ڪاروان،

 

هلندو ئي رهندو مهربان:

ڦِرندائي رهندا پاسبان،

 

ٿيندا ئي رهندا امتحان:

وڌندڙ وڃي ٿيا ڪامران،

 

هٽندڙ سندا گم ٿيا نشان:

ڪجهه حوصلو دل ۾ کپي، ڪجهه ولولو دل ۾ کپي!

 

اي دوست، منهنجي ڳالهه ٻُڌ:

 

 

ڇو ٿو رهين تون بي خبر،

 

ڪجهه هوش ڪر، اي هوشورَ:

تنهنجي اها منزل نه آ،

 

جنهن تي سندءِ آهي نظر:

پيدا نئون ڪر، اي جوان، 

 

پنهنجي جبين لئه سنگِ در،

جيڪي وڌي اڳتي ويا،

 

تن جو وڃي ٿي همسفر:

ڪجهه حوصلو دل ۾ کپي، ڪجهه ولولو دل ۾ کپي!

 

اي دوست، منهنجي ڳالهه ٻُڌ:

 

 

تنهنجو اُڏڻ، شاهين مثل،

 

تُنهنجا ارادا ڄڻ جبل:

يارن جي صدقي ساهه سِر،

 

دشمن لئه بنجي وڃ اَجل:

دنيا ڪري ڀل شور شر،

 

پر فيصلي تي رهه اَٽل:

تعمير ڪر ڪو نئون جهان،

 

ٽوڙي روايت جا محل:

ڪجهه حوصلو دل ۾ کپي، ڪجهه ولولو دل ۾ کپي!

اي دوست، منهنجي ڳالهه ٻُڌ:

 

 

ساقي نئون، محفل نئين،

 

رهبر نئون، منزل نئين:

ويهڻ مان ڪجهه وريو نه آ،

 

هر وک اڳيان منزل نئين:

اوندهه هڪالي، ڪڍ، سڄڻ،

 

۽ ٻار ڪا مشعل نئين:

هي ملڪ تنهنجو آهي پر،

 

ڪجهه تون به ڪر هلچل نئين:

ڪجهه حوصلو دل ۾ کپي، ڪجهه ولولو دل ۾ کپي.

”آثم“ ناٿنشاهي

پــاراتــو

مون کي محسوس ٿئي ٿو ته هميشه وانگر،

اڄ به مون ڏانهن، تو اي دوست، نهاريو بِيٺي.

 

گرچه ظاهر ۾ زبان بند هئي تُنهنجي ، پَرَ،

تو اُمنگن جي زبان ساڻ پُڪاريو بِيٺي.

 

پنهنجي اکڙين جي ڪٽورن ۾ ڀري آبِ حيات،

تو اشارن ئي اشارن ۾ پياريو بِيٺي!

 

پَر اُنهيءَ آڇَ ڪيل آب مان، منهنجا محبوب!

پنهنجي اکين کي مون هڪ ڍُڪُ به پيارڻ نه ڏنو.

 

تنهنجي ناڪام وڃڻ کانپوءِ ندامت  ۽ خلش،

مون کي سُکَ ساڻ سڄو ڏينهن گذارڻ نه ڏنو.

 

منهنجي مغرور طبيعت جو ڀَڄي شل ڳاٽو!

جنهن مون کي تو ڏي نظر ڀر به نهارڻ نه ڏنو.

  

آزاد نظم

واسديو ”نرمل“

لڙڪ ۽ مرڪ

بهار آئي آهي،

گلن جي چپن تي،

ڪري رقص ٿي مسڪراهٽ:

مگر، ڪير ڄاڻي سگهي ٿو ته ڪڏهين،

اِها مرڪ ٿي ويندي گم.

خبر ناهه ڪڏهين،

گلن جا اِهي چپ،

اُنهن جي اکين جا،

ڇَپر بڻجي پوندا،

۽ پوءِ درد تن جو،

ٿي شبنم جا قطرا،

اُنهن جي مٿان ئي ته لڳندو سو تڙڦڻ!

هي لڙڪن ۽ مرڪن ڀري زندگي،

خبر ناههِ ڇا هي!

”استاد“ بخاري

”خدا حافظ“

توجہّ دوست!

علم النفس جا ماهر-

اسان کي ڪجهه ٻڌائن ٿا-

چون ٿا:

خوش رهو –ٽهڪو- !

کِلو – ڳايو-

ڪريو موجون.

نه ڀلجي ڪا سڀاڻي جي ڪريو ڳڻتي.

هي آئيندو،

هي مستقبل-

فريب آهي.

جو ڪجهه آهي سو اڄ آهي.

بکيا ماڻهو:

اوهان جي گهڻ گهرائي لاءِ-

شڪريوّ !

مٺا ناصح،

هي آئيندو- هي مستقبل- سڀاڻي-

سڀ اوهان کان ٿا ٻڌون.

اسان کي ڳڻتي ڇا پر ڇِڪڙي آهي-

اَڄ جي-

۽ اَڄ رات جي-

هاڻي جي- هينئر جي.

توجہّ دوست!

پنهنجي ديس جا شاعر-

اسان کي ڪجهه ٻڌائن ٿا.

چون ٿا:

جوش کي کائو-

جگر جي خون کي پيئو.

مگر جيئو.

ڏکيا ماڻهو:

اسان وٽ جوش ڪاٿي آه؟

جو کائون.

ڪٿان رت ايترو آڻيون؟

ولي محمد ”وفا“

ارادو

شهر زندان،

دشت ويران-

باغ سُنسان، ڇا ڪجي!

ماتم ڪجي؟

ڪنهن جو ڪنهن جو غم ڪجي!

زخمِ دل، زخمِ جگر،

زخمِ فراق،

ڪهڙي ڪهڙي زخم جو مرَهم ڪجي!

آءُ، پرين ڪا ڪوششِ باهم ڪجي!

”راز“ ناٿنشاهي

صبح آيو، وري اهو رستو.

ڌوڙ ساڳي ڇُهي پئي ٿي فلَڪ.

منهنجي محبوب ڳوٺ جا مارو،

پنهنجي مينهُن جو وڳ وڃن چارڻ.

منهنجي گهر کان وٺي،

پري تائين،

هڪڙو نغفو پيو ٻڌڻ ۾ اچي:

جيڪو اُڀري جو پيو چَڙن مان ٿو،

مون کي محسوس ٿو ٿئي ڄڻ هي،

منهنجو راتوڪو شعر آهي ڪو:

منهنجي ۽ ”هن“ جي پيار جو وعدو-

ساڳيو هوبهو اهو نغفو-

جيڪو اُڀري چَڙن مان ٿو!

 

غزل

”نياز“ همايوني

او راڳي! او ويراڳي، اُٿ ڳاءِ اُهو ڳُڻ وارو راڳ!

جنهن سان جاڳي روح جو راڻو، ڪاڪ رَسي ڪوهيارو راڳ!

 

مُنهنجي ڌرتي منهنجو گُلشن، ”ڌرتيءَ جا گل منهنجا گيت“،

آءٌ ٿو ڳايان، ڳائيندس، پيو، جنم جنم هي پيارو راڳ!

 

جيسين باک بهاري ناهي، جيسي صبح سَوايو ناهه!

تيسين ڪڻڇي ڳائيندي پئي، ڳائيندي ڪيڏارو راڳ!

 

تنهنجي سُرت سريلي مون کي نُوريءَ وانگ نهال ڪيو،

 ڪينجهر ڪپ تي ڄڻ ته تماچيءَ جهونگاريو ريٻارو راڳ!

 

منهنجا گيت رُکاڻ ڀريل هئا، تنهنجي سُور سواد ڏنو،

تنهنجي سار جو آئي ٿي پيو ماکيءَ جو مانارو راڳ!

 

جوڳيءَ ويس ۾ جندڙي پنهنجي، تو لئه ٿي سنياس ڪري،

   نيٺ ته سمجهي ويندي، سائين، منهنجو هي موچارو راڳ!

 

آءُ ته چارڻ، چاتر وانگي، اُڀ ۾ اڏري جهُڙ جهاڳيون،

هيٺاهينءَ ۾ مير مڙيوئي، گدلو ٿيندو سارو راڳ!

 

ڪنهن جي واجهه ۽ ٻاجهه نه گهرجي، پنهنجي تُر هي تَرڻو آهه،

پاڻهي تارَ مان تاريندو هي پنهنجو ساهه سگهارو راڳ!

 

اڄ جي آهي آڇّ ته ڇاهي، سُڀان ته ڪرهي ٿيندي ڪّڇَ،

آخر پنهنجي پاس ورائي، ايندو بخت جو ڍارو راڳ!

 

هيل ”نياز“ نه مينهن وَٺا، نڪي پنهنجي پاسي ماڪ پئي،

 جيڪس سورن سانت هئي يا ڪين هيو سونهارو راڳ!

”عارف المولا“

حُسن تنهنجو جناب- ڇا چئجي؟

چنڊ يا آفتاب- ڇا چئجي؟

واه رخ تي نقاب، ڇا چئجي،

 

شمس اندر سحاب، ڇا چئجي.

آبِ ڪوثر چوان يا آبِ حيات،

 

سرخ لبڙن جو آب، ڇا چئجي.

هڪ ئي سُرڪيءَ ڪيو سدا مخمور،

 

لعل لب جو شراب، ڇا چئجي.

سيه زلفن جو دوش تي کولڻ، 

 

نانگ ڪارا، سحاب، ڇا چئجي.

عقل ۽ هوش تي ڪِري بجلي،

 

تنهنجي زلفن جو تاب، ڇا چئجي.

گيسوئي تابدار جي خوشبو، 

 

مشڪ و عنبر گلاب ، ڇا چئجي.

هِن پگهر جي حَسين قطرن کي، 

 

شبمني بر گلاب، ڇا چئجي.

تنهنجو مون وٽ اچڻ مِلڻ مُرڪڻ، 

 

هي حقيقت يا خواب، ڇا چئجي.

گڏ وِهارڻ، وري ڪرڻ پردو، 

 

واه وا، هي حجاب، ڇا چئجي.

مُنهن مَٽڻ ۽ بهانه سازي کي، 

 

رنج، ڪاوڙ، عتاب، ڇا چئجي.

زندگيءَ جي اُداس برپٽ کي، 

 

رُڃ چئجي، سَراب ، ڇا چئجي.

هِن فنا جي جهان کي يارو، 

 

خواب چئجي، حباب، ڇا چئجي.

زاهدن ساڻ، عشق جون ڳالهيون،

 

رِڍ اڳيان رباب، ڇا چئجي.

بي خبر سان خبر ڪرڻ غم جي،

 

اَنڌيّ اڳيان ڪتاب، ڇا چئجي.

مرد مولا سندي زيارت کي، 

 

حج و برڪت، ثواب، ڇا چئجي.

آهه ”عارف“ ازل کان تا به آبد،

طالبِ بوتراب، ڇا چئجي!

مرزا فيض علي ”فيض“

نظر ۾ تنهنجي جي ناهن، وقار جي قابل،

سي عاشقن ۾ ٿين ڪئن شمار جي قابل؟

غضب آ، تن کي مليو آه طوق رسوائي،

ڳچيون هيون جي حقيقت ۾ هار جي قابل!

زيادتي آ، گلن کان ٿيا، تن کي خار نصيب،

جي بلبليون هيون، بوسه و ڪنار جي قابل.

هزار داغ، منقش غمن جا ٿيا دل تي،[1]

نگينه دل نه هو، نقش و نگار جي قابل.

خوشيون ٿيون ختم ۽ ڪافور ٿي ويا جذبا،

فقط هي غم ئي رهيا، اشتهار جي قابل.

ضعيف سمجهي، يا بي يارو ناتوان سمجهي،

اسان کي ڪو نه ٿو سمجهي، ڪو پيار جي قابل.

ٿين ٿا روز نوان ميل ۽ نوان ميلاپ،

نه آبنائي وفا، استوار جي قابل.

ڊگهيون ۽ طول ٿيون ڪنهن جون تمنائون، تعريفون،

۽ منهنجي  مدّعا، سڀ اختصار جي قابل.

آ صاف گو لئه زماني ۾، اڄ سزا، تعزير،

فقط ٿي مَدح و ثنا، افتخار جي قابل

نه اڄ فضا ۾ آ شاهين کي، رخصت پرواز،

ٿيا ڪرگسن جا جهميلا، شڪار جي قابل.

فقط هي جرات رندانه جو ڪمال هو هڪ،

وگر نه هو ڪٿي، منصور، دار جي قابل!

هي سمجهي آءٌ سگهيس ڪين ڪي، ڪو سمجهائيم،

ته اهل درد نه ٿيا ڇو شمار جي قابل.

زبان جي تيغ کان جنهن جي هو ڪلهه عدو لر زان،

سندس ٿيو هٿ نه ڇو، اڄ ذوالفقار جي قابل.

جهان ۾ ملڪ جو پنهنجي ڪيو هو ڳاٽ بلند

سو آهي، ڪين ڇو اڄ ڪنهن وقار جي قابل!

ڪيو جنهن بزم روشن، دکائي دل جا چراغ،

سو انجمن ۾ نه اڄ، يادگار جي قابل.

اسان جي دل ۾ ڪدورت جو، هي گمان، افسوس!

هي آئينو ته نه هو، ڪنهن غبار جي قابل.

ستم گري آ، سراسر زيادتي آهي،

جو سمجهي دل جي صفائي، ڪو دار جي قابل.

چئن گهڙين سندي طاقت تي هي غرور، گهمنڊ،

هي رعب و تاب نه آ اعتبار جي قابل.

ڪٿي آ دهشت نادر، تشددّ، چنگيز،

ٿيا تَههَ مٽيءَ جا سندن، پر، مزار جي قابل.

ڪڏهن چويم ٿي وحشت، ته هن زمين کي ڇڏ،

جو هي زمين نه سندم ٿي، قرار جي قابل.

مگر خزان هي ڏسي ٿي نه خسته دل، اي ”فيض“،

جو ٿيندو جلد هي گلشن، بهار جي قابل!

ليکراج ”عزيز“

ٿو ڪير ڏسي توڏي، دل ڪنهن جي تو پرڀائي،

آئينو کڻي هاڻي ٿي، پنهنجو تماشائي!

 

کڻ شمع ڳلن جي اڄ، وڃ ڳول وڍيل پنهنجو،

غم ڪر نه ڏسي لب جي، بيڪار مسيحائي.

 

ڪنهن جا نه وري گهٽبا، گهٽ آهه ڪرڻ خاطر،

رئندو نه ڪو جو سمجهين، وڄي شهنائي.

 

زلفن کي ڀلي ڇوڙي، زنجير سنواري ڪر،

دل قيد نه ٿيندي ڪا، سر ٿيندو نه سودائي.

 

ويو شوق نيازيءَ جو، هر دل مان اُٿي هاڻي،

فرصت نه ڀلي توکي، ڏي تنهنجي خود آرائي.

 

ساڳيون ئي دليون آهن، ناهن ڪي اکيون بدليون،

ديدار ته ڇا ناهي، ڪو وصل جو شيدائي.

 

هر داغ ۾ سَو گلشن ٿيا پيش نظر، دل جي،

ڇا ٿيو جي چمن جي مٽ، جي تنهنجي ٿي رعنائي.

 

مجبور محبت ۾ دل ٿيندي هنئر مشڪل،

ڪنهن جا نه ڪندا رخصت، هي صبر شڪيبائي.

دل سنگ، حوادث جي اڄ وقف نه ٿي سگهندي،

اندر مان اٿي سارو ويو شوق، جبين سائي.

 

هو تنهنجو ”عزيز“، اول، هڪ مُهر بهَ لب عاشق،

اڄ ظلم ڏني هن کي، ڇا قوت گويائي.

جئسنگاڻي ”سام“

توکي جنهين صنم هر ويل جستجو آ،

خود گلستانِ دل ۾ ان گل جو رنگ ويو آ.

ڪو ٿو مڪان ڳولي، ڪو لا مڪان ووڙي،

جهاتي جي دل ۾ پائين، دلداد دوبدُو آ !

سَو روپ رنگ ڌاري، ٿو پاڻ نِت پسائي،

هر ويل، هر ڳليءَ ۾، پِرُ تنهنجي روبرو آ.

هر هاج ۾ فراقت اُن جي سدا رهي ٿي،

هر هڪ خيال ۾ گڏ، مونسان جو ”هوئي هو“ آ.

تون مورتيون ٿو ڀيٽين، سجدا ڪرين ٿو هر جا،

پر ”سام“ تنهنجي صورت ۾ يار هو بهُو آ.

”محبوب“ سروري

زماني جو اهڙو وريو واءُ آهي،

نه سنگّن ۾ ساڳيو رهيو ساءُ آهي!

رڳي آهه يارن کي آڪڙ اجائي،

 

ٿيو سير سڀڪو نه ڪو پاءُ آهي.

ڏسون ڪير ٿو هت کَٽي، ڪير هاري، 

 

جو هيءَ زندگاني به هڪ داءُ آهي.

اوهان هڪڙو لمحو ٿا گڏ گهاريو مشڪل،

 

اسان زندگيءَ جو هنيو داءُ آهي.

ڇا برتاءُ آهي اسان جو اوهان سان، 

 

اوهان جو اسان سان ڇا برتاءُ آهي.

اوهان جي جفا تي، اسان کي سزائون، 

 

هي آهي تلافي، هي پرچاءُ آهي؟

وڏي مهرباني، ڦري دل هليو وئين،  

 

لُٽيل ڪاروان کي نه ڊپ ڊاءُ آهي.

هي تنهن جي شڪايت جا ڳوڙها نه آهن،  

 

هي پنهن جي ئي غلطيءَ تي پڇتاءُ آهي.

غزل جي ئي صورت ۾ تو وت مان پهتس،

 

”ضرورت ئي ايجاد جي ماءُ آهي!“

محبت جي ٻولي ٿو ”محبوب“ سمجهي،

 

اسان وٽ رسيو، صرف پڙلاءُ آهي!

”سليم“ ڳاڙهوي

آسمان تي غبار ڇو آهي،

هي زمين سوگوار ڇو آهي؟

چشم انجم شمار ڇو آهي،

 

ضبط دل مان فرار ڇو آهي.

حسرتن جي غريبخاني ۾،

 

شور ۽ انتشار ڇو آهي.

چشم پُرنم ڪَلي ۽ گل پُرخون،

 

هاءِ، قاتل بهار ڇو آهي!

عندليبن کي ڪير سمجهائي،

 

گل جي دامن ۾ خار ڇو آهي.

تون ٻڌائين ته مان مڃيان توکي، 

 

منهنجو تو ساڻ پيار ڇو آهي؟

منتظر اي ”سليم“ آهين تون،

ايترو انتظار ڇو آهي؟

”ذوالفقار“ راشدي

تقدير جي تند هوائن ۾، تبدير ڏيئي جي لاٽ ڪئي،

۽ اوريان پريان اونداهين جي ديون ڪاري ٻاٽ ڪئي!

ڪنهن ڏنگ هيو، ڪنهن ڏنڀ ڏنو، ڪنهن چيٿاڙيو، ڪنهن چيڀاٽيو،

ڪا ڦڻ ڦڙڪي، ڪا ڏاٺ ڏڪي، ڪنهن ڪاريهر دل ڪاٽ ڪئي!

هِن سُور سٿيا، هُن پور ڏنا، ڪنهن ياد رُئاريو راتين جو،

جنهن نير ٽمايو نيڻن مان، ڄڻ ڇو هوءَ ڇُٽڪي ڇاٽ ڪئي.

هو ويجهو ڪٿي ڪو ڪوس ٿيو، ڪا دل ڦٿڙي، ڪو پيار مُئو،

ڪنهن ڪيههَ ٻُڌي، ڪنهن ريهه سُئي! جنهن روح کي چيري واٽ ڪثي!

ڄڻ دل جي قبرستانن ۾ حسرت جا مُردا جاڳي پيا،

شايد ته ڏنو تو آ آٿت، ڪنهن تاري اُڀ ۾ لاٽ ڪئي.


(برتتبع غزل- مخدوم محمد امين فهيم، صديقي، ۽ ڊاڪٽر سيد اسد الله ”بيخود“ حسيني)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com