تحرير، اسان جي زندگيءَ ۾ وڏي اهميت حاصل ڪري چڪي
آهي، پر لفظن، جملن۽ زبان جي بنيادي حيثيت، با
معنيٰ آوازن سان وابسته آهي. اهي ئي آواز، ڄڻ ته
هر علم ۽ هر فن تي گهيرو ڪيون بيٺا آهن. ان ڪري،
شاعريءَ جي هيئت، فقط ڇپيل ۽ لکيل حرفن سان متعيّن
ڪري نٿي سگهجي. اها موسيقيءَ، آواز جي ترتيب، لهجي
جي شيرينيءَ ۽ نرميءَ، اچارن جي صفائي ۽ صحت، مان
معلوم ڪري سگهجي ٿي.
اهو ئي سبب آهي جو اثر پذيريءَ لاءِ، شاعريءَ جي
لکيل ۽ ڇپيل مواد سان گڏ، هيئت، ۽ ان جا وسيلا،
راڳ، اچار، شيريني ۽ نرمي به هئڻ گهرجن.
افسانا
1. هاءِ هيءَ دنيا - محمد
عثمان ناطق
2. ڪنهن سان سُور سليان - چيخوف
مترجم: الاهي بخش
دوداپوري
3. حقير مڇي - آلبرٽ موراويا
مترجم: غلام نبي ميمڻ
4. پينو فقير جي دل - ميڪسم گورڪي
مترجم: چنا شبير
”ناز“
5. آٿت - ”بردو“
سنڌي
ناٽڪ
1. موت ۽ مفاصلو
-
قاضي خادم
” انسان ۽ ان جي سماجي زندگيءَ جي هر پهلوءَ جي
ترجماني، جيتري افساني ۾ ٿي سگهي آهي ، اوتري نه
شعر ۾ نه تاريخ ۾!
”افسانو، انسان جي ڪنهن نه ڪنهن جذباتي
عمل ۽ رد عمل جي اهڙيءَ ته سادي ۽ سولي تصوير ٿو
پيش ڪري، جنهن کان پڙهندڙ جو ذهن هر حال ۾ متاثر
ٿئي ٿو. ائين ٿيڻ سان، ان تاثر جو سلسلو وسيع
ٿيندي ٿيندي، انساني حيات جا ٻيا به ڪيترائي حصا ۽
شعبا پنهنجي گرفت ۾ آڻي ٿو. ايتري قدر، جو پڙهندڙ
پاڻ کي ان معاشري جو اهڙو جزو سمجهڻ شروع ڪري ٿو،
جو سمجهي ٿو ته اهي سڀ حالات ڄڻ ته مٿس ئي گذري
رهيا آهن.
ان ڪري، ائين چوڻ ۾ ڪو به مبالغو نه آهي
ته فرد ۽ معاشري کي اگر ڪا صنف ۽ ڪو فن پنهنجائپ
جي ڏوريءَ ۾ ٻڌي سگهي ٿو ته پوءِ اهو آهي ”افسانه
نگاري“. - غ. م .گ
هاءِ هيءَ دنيا
ڳوٺ جي ڏکڻ طر بڙ جو جهونو ۽ ديو هيڪل وڻ هوندو
هو. آرهڙ جي تيز اُسن ۾ ڳوٺ جا ٻڍا ۽ جوان، بڙ جي
گهاٽيءَ ۽ ٿڌيءَ چانو ۾ کٽولا رکي آرام ڪندا هئا.
ٻارڙا بڙ جي مضبوط ڏارن ۾ لوڏ ٻڌي، ان ۾ لُڏندا
هئا. وقت ڪاٽڻ لاءِ، ڪي پتي راند ۾ ته ڪي نوٽڻي ۽
چَلهر راند ۾ محو ۽ مشغول هوندا هئا. واٽ ويندڙ
مسافر به بڙ جي پکڙيل ڇانو هيٺ چند گهڙيون آرام
ڪري، ٿَڪ ڀڃي، منزل ڏانهن روانا ٿي ويندا هئا.
ڏينهن جي چمڪندڙ روشنيءَ ۾ سندس چهچ ساوا پن اکين
کي فرحت پيا ڏيندا هئا، ۽ پکين جي مٺڙين لاتين سان
گڏ، ڳوٺ جي ٻارڙن جو گوڙ شور به جاري هوندو هو.
ڏينهن جي روشني هوريان هوريان گهٽ ٿيندي ويئي، ۽
رات جي ڪاراڻ وڌندي ويئي، ۽ هر طرف ٻاٽ اونداهي
پکڙجي ويئي. اونداهيءَ ۾ ديو هيڪل بڙ وڌيڪ خوفائتو
پئي معلوم ٿيو. ان جون ڊگهيون ۽ هيٺ لڙڪندڙ جٽائون
ڄڻ ته ڦڻ ڪڍيو کائڻ پئي آيون. هر طرف گهري اونداهي
ڇانيل هئي. فضا ۾ ڪامل سڪوت هو. نيري آسمان ۾ تارا
ڄڻ ته اکيوٽ کيڏي رهيا هئا. رکي رکي، ڪنهن سَمي،
ڪتن جي ڀومڪڻ ۽ گدڙن جي اوناڙين خاموش فضا ۾
ارتعاش پيدا ڪيو ٿي، نه ته وري به گهري چپ – چاپ
ٿِي ويئي ٿي.اُن سمي، بڙ جي گهاٽين شاخن جي گهري
سايي هيٺ، پٽ تي پيل پٿر تي ٻه انساني جسم بلڪل
خاموش ويٺا ئي رهيا. ڄڻڪ پٿر جا بيجان بُت آهن،
صرف سندن ساهه کڻڻ جو آواز هڪٻئي جي ڪنن پئي پيو.
ٿوري ساعت گذرڻ بعد، ساهه کڻڻ سان گڏ، هڪ جسم جي
چپن ۾ حرڪت پيدا ٿي، ۽ هُن غم و اندوهه سان ڀريل
لهجي ۾ چيو ته ”ڇو اڄ تون ايترو خاموش آهين؟ اڳ ۾
تنهنجي چپن تي هر وقت مسڪراهٽ نچندي رهندي هئي، پر
اڄ اُها مرڪ نه آهي. شايد ...“ هُن کن ساعت ترسي
وري چوڻ شروع ڪيو ”سياڻي، مون ڏاڍا جتن ڪيا، رات –
ڏينهن هڪ ڪري محنت ڪيم، پر منهنجو پورهيو ساب نه
پيو، جو توکي حياتيءَ جو رفيق بنائي نه سگهيس،
ڇاڪاڻ ته آءُ غريب هوس ۽ مون وٽ دولت ڪانه هئي، جا
تنهنجن مائٽن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي ها. مون وٽ ته
صرف سکڻي محبت هئي، جنهن کي هن دنيا ۾ ڪير ٿو پڇي.
تنهنجا مائٽ، مايا جي ٺلهي ٻاهرئين موهه تي موهجي
ويا. پوڙهي جي دولت جِي خالي محبت تي جيت ٿي، ۽
منهنجين امين جو سونهري محل قلابازيون کائيندو،
هيٺ ڊهي، پاش پاش ٿي پيو. اميدون مٽيءَ ۾ ملي
ويئون، ۽ مون لاءِ هر طرف ڪاري، ڀيانڪ، ٻاٽ
اونداهي ڇانئجي ويئي. مون کي خواب خيال به نه هو
ته تنهنجي زندگيءَ جا ڌاڳا انهيءَ پوڙهي سان
ڳنڍبا.“
سياڻي بيجان بت بني، خاموشيءَ سان سڀ ٻڌندي
رهي، ۽ سندس نرگسي نيڻن مان آب روان هو. ٿوري
ساعت گذرڻ بعد، هن نمناڪ نيڻ سٿي کنيا، ۽ گنڀير
آواز ۾ وارڻيو: ”پيارا، ڇا تون ائين سمجهين ٿو ته
انهيءَ ۾ منهنجو قصور آهي؟ هرگز نه. آءُ ته پاڻ کي
جيئري ئي قبر ۾ ٿي سمجهان. بي زبان اٻلا ۽ گونگي
گانءِ هوندي به مون پنهنجي زبان کولي، ۽ مٺڙيءَ
ماءُ کي ليلائي چيو ته امان، او امان، مون بي زبان
اڀاڳڻ کي باهه ۾ نه وجهه. مايا جي موهه تي ڀنڀلجي
جيري ئي قبر ۾ نه وپور. اما، تون اهڙي ڇو ڪٺور دل
آهين؟ امان ڇا تنهنجي مامتا ايترو مرده ٿي ويئي،
جو ڪڇين به نٿي؟ اما، خدا واسطي مون اڀاڳڻ تي رحم
ڪر! ... اما، او اما! ... تون ره ته ___،
” جيجل ماءُ، بت بني، ماٺ ڪيو ٻڌندي
رهي:
پر زبان مان هڪ اکر به نه ڪڇي. پر سندس چمڪندڙ
اکين مان لڙڪ، ڌار ڪريو، گهنجيل پيشانيءَ تي وهي
رهيا هئا، جن کي چُنيءَ جي پلاند سان جذب ڪري رهي
هئي، ۽ هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه کڻي چوڻ لڳي ته ’پٽڙي، هن
ظالم دنيا ۾ سڀڪجهه صبر سان سهڻو آهي.‘ غريب کي
ان لاءِ ڪجهه به نه ڪڇڻو آهي، پر کيس اکين هوندي
به انڌو ۽ زبان هوندي به گونگو ۽ ڪنن هوندي به
ٻوڙو ٿيڻو آهي. هن ظالم دنيا ۾ سڀڪجهه سهڻو آهي.‘
وڌيل ڳالهائي نه سگهي، ۽ پاڻمرادو چپن ۾ چوندي رهي
ته ’سياڻي سُهڻي نه هجي ها، ۽ ڄمي ئي نه ها ته اڄ
پيريءَ ۾ هي سندس منٿون ۽ ليلڙاٽ پنهنجي ڪنن سان
نه ٻڌان ها! اي مالڪ، تو غريبن کي سونهن ڇو ڏني،
جا سندن جان لاءِ جوکو آهي. چوندا آهن ته ڏاڍي جي
لٺ کي ٻَه نه، پر ڏهه مٿا آهن.
دولت ۽ ڏاڍ جي هر هنڌ سوڀ آهي. غريب ۽
هيڻي کي طاقتور جي اڳيان سر نمائڻو آهي. جان ويئي
ته پرواهه نه آحي، پر انڪار نه ڪرڻو آهي. واءِ
مجبوري، جا انسان کي ڇا ڇا نٿي ڪرائي؟‘
”پيارا، پيءُ ۽ جيجل ماءُ جي مجبوريءَ
اڳيان صبر ڪرڻو پيو. شايد تون ائين سمجهين ٿو ته
آءُ دولتمند جي گهر سُکي آهيان؛ پر ائين نه آهي.
دولت جي غلامن وٽ ڌن آهي، موٽر بنگلا، نوڪر چاڪر
وغيره، سڀڪجهه آهن. اگر وٽن جا شيءِ عنقا آهي ته
اها محبت. لک خرچين، پر کين سچي محبت هرگز حاصل ٿي
نٿي سگهي. پوڙهي وٽ پيار آهي، مرده. محبت آهي، پر
بيجان. سندس هر ادا نقلي آهي. ڀلا مايا جي مريدن
وٽ محبت ڪٿان آئي؟ هنن کي پيار آهي، ته پئسي لاءِ.
باقي عورت ته دل وندرائڻ جي لاءِ هڪ رانديڪو آهي،
جو هڪ ڀڳو ته وري ٻيو خريد ڪري سگهجي ٿو. آءُ
انهيءَ بيوس پوڙهي جي ٿي نٿي سگهان، جو پيءُ برابر
آهي، جنهن لاءِ منهنجي دل ۾ محبت نه پر نفرت آهي.
تون ئي منهنجي حياتيءَ جو ساٿي آهين. آءُ انهيءَ
پوڙهي وٽ هڪ پل به گهاري نٿي سگهان.
هلو ته هن ظالم دنيا کي ڇڏي، هلي ٻئي هنڌ محبت جي
نئين دنيا آڏيون، جتي وڇوڙي جو ظالم هٿ پهچي نه
سگهي، جتي تون ۽ مان هجون! ... پيارا، ڇو خاموش
آهين؟ ڇا توکي هاڻي مون کان نفرت آهي. ۽ تون
سمجهين ٿو ته آءُ انهيءَ پوڙهي جي آهيان، جو هميشه
پنهنجي اڇي ڏاڙهيءَ کي ميندي لائي جوان ٿيڻ جي
ڪوشش ڪندو آهي، جنهن جي چهري تي ڪابه رونق ڪانهي:
جڏهين نقلي ٻٽيهي صاف ڪرڻ لاءِ ٻاهر ڪڍندو آهي،
تڏهين سندس منهن جا گهنج نمايان هوندا آهن! ڇا،
تون چاهين ٿو ته انهيءَ پوڙهي جي ٿيان؟ هرگز نه!
عورت زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو محبت ڪندي آهي، سا به صرف
هڪ مرد سان، جو تون ئي مون لاءِ آهين.“
سياڻي جيئن وڌيڪ ڳالهائيندي ويئي، تيئن
وڌيڪ جذباتي ٿيندي ويئي. هوءَ غم جي شدت ۽ غصي جي
حالت ۾ ڏڪي رهي هئي، ۽ ڦٿڪندڙ مڇيءَ جيان هن پاڻ
کي کڻي لطيف جي گود ۾ اڇلايو ۽ هو کيس حيرت جي
نظرن سان ڏسندو رهيو.
ڪجهه دير بعد سياڻيءَ اکيون پٽيون. سندس غزالي
نيڻن مان لڙڪن جون لڙهيون زارو قطار وهي رهيون
هيون. سندس بدن باهه جيان ٻري رهيو هو، ۽ هوءَ
خاموشيءَ سان نهاريندي رهي.
سياڻيءَ جي شادي سندس مرضيءَ جي خلاف بيحس پوڙهي
سان ٿي هئي، ۽ محبت جي ناڪاميءَ به هن جي ذهن تي
ڪافي برو اثر ڪيو، جنهنڪري سارو ڏينهن پنهنجن پورن
۾ گم سُم رهندي هئي. تاهم کيس اميد جو آڻلکو
ترورو نظر ايندي هو ته ضرور هن دکي جيون ۾ محبت جي
جوت لڳائڻ وارو ايندو، ۽ نراس نه ڪندو. پر لطيف جي
گڏجاڻيءَ سندس رهيل کهيل اميدن تان پاڻي ڦيري
ڇڏيو، جنهنڪري سندس ذهن کي ڏاڍي چوٽ رسي. انهن
خيالن ۾ گم، آڪاش جي تارن کي ڳڻيندي ۽ پُور
پچائيندي، بستري تي ليٽي پيئي، ته انهن خيالن ۾
ئي ننڊ جي ديري مٿس غالب پئجي ويئي. ننڊ ۾ انهيءَ
گذريل گڏجاڻيءَ جو منظر اڀري آيو: ڄڻڪ پاڻ لطيف
اڳيان ليلائي چئي رهي آهي ته ’پيارا، او پيارا،
مون اڀاڳڻ کي ائين ظالمن وٽ ڇڏي نه وڃ. آءُ وري
واپس ڪانه وينديس. آءُ تنهنجي ٿي چڪي آهيان، هاڻي
توکي هرگز نه ڇڏينديس، وري ٻيهر پوڙهي وٽ ڪانه
ويندس!‘ ائين چئي جيئن زور سان لطيف کي ڀاڪر ۾ ٿي
ورتائين، تيئن سندس اک کلي پيئي، ۽ ڏسي ته آءُ هت
اڪيلي آهيان، لطيف ته آهيئي ڪونه. هو چرين وانگر
هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي، پر کيس ڪجهه به نظر نه
آيو ۽ پريان اهوئي پوڙهو کٽ تي کونگهرا هڻي رهيو
هو، جنهن تي نظر پوڻ شرط کانئس زوردار چيخ نڪري
ويئي، جا رئيس جي بلند و بالا عمارت سان ٽڪري، فضا
۾ پکڙي ويئي، ڪمهلو، آڌيءَ رات جي سمي، دانهن تي
حويليءَ جا سڀ نوڪر چاڪر سجاڳ ٿي پيا. رئيس محمد
خان به اکيون مهٽي اٿيو. ڏسي ته سندس نئين نويلي
ڪنوار روئي به پيئي، ۽ ٽهڪ به پيئي ڏئي ۽ تَنَ جي
ڪپڙن کي ڦاڙي رهي آهي. تپرس ۾ پئجي ويو ته هي ڇا؟
رات ته چڱي ڀلي ستي هئي! هو اڃا ڪو فيصلو ڪري ئي
ڪري ته ان وچ ۾ حويليءَ جا سڀ نوڪر ۽ نوڪراڻيون
اچي گڏ ٿيا. زالون اڳتي وڌي آيون، ۽ پنهنجو پنهنجو
رايو ڏيڻ لڳيون. ڪا پئي پوي نظر بد لڳي آهيس، ته
ڪا چوڻ لڳي ته جن جو اثر ٿيو آهيس، ته ڪا وڌي چوڻ
لڳي ته حويليءَ جي اترئينءَ ڪنڊ ڏانهن پرين جو
آسٿان آهي، اوڏانهين ويئي هوندي. جيترا منهن،
اوتريون ڳالهيون، هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو رايو
هو.
محمد خان ته مجسمه استعجاب بنيو مختلف آوازن کي
ٻڌندو رهيو، ته اچانڪ هيءُ ڇا ٿي ويو؟ ڪجهه لمحن
گذرڻ بعد سندس چپ چُريا ۽ چوڻ لڳو ته ”هاڻي ڇا ڪرڻ
گهري؟“ زالون جي هيترو وقت ماٺ ۾ هُيون، تن ۾ وري
چرپر پيدا ٿي، ۽ هرڪا اڳتي وڌي پنهنجو رايو ڏيڻ
لڳي ته ”ڳوٺ جي ٻاهران ستين جو آسٿان آهي، اتي وٺي
وڃڻ گهرجي.“ وري ٻيو آواز آيو ته ”پير جهنڊل شاهه
جي چوڪنڊيءَ تي وٺي وڃو، ۽ بُٺي (قبر جي خاڪ
پياريوس ته اهو غيبات جو اثر لهي وڃي.“ ائين ڪندي،
هڪ ڪراڙي اڳتي وڌي ۽ کنگهندي فخريه انداز ۾ چيو ته
”ڏاڍيون چريون آهيو: اوهان کي ڪهڙي ڄاڻ؟ مون هي
اڇا وار اُس ۾ ڪونه آندا آهن. منهنجي ڳالهه مڃو ته
روشن فقير مشهور سرندائيءَ کي گهرايو، جو هڪ ڄاڻو
جنائي آهي ۽ سڀ خبر لهي ڏيندو.“
ڪجهه دير تائين ته ميڙ تي ڪامل ماٺار ڇائنجي ويئي،
۽ ٿوري ساعت رئيس جو آواز خاموشيءَ کي ٽوڙيندي
بلند ٿيو ته ’روشن فقير کي هڪدم وٺي اچو.‘ حڪم جي
دير هئي، روشن فقير جو ڳوٺ به گهڻو پري ڪونه هو،
وري جو رئيس سڏ، سو يڪدم تيار ٿي جلد ئي اچي پهتو.
فقير ڪرڙوڍ ڄمار جو، رنگ سانورو، سياهي مائل،
اکيون ويٺل ۽ چپتريون، نڪ بِنو ۽ ناسون ڦوٽاڙيل ۽
ڏاڙهي گهاٽي، جنهن جي سنوارت به شايد گهڻي وقت کان
ورتل ڪانه هئي. قد درميانو، مٿي تي هرک جو وڏو
پٽڪو، جيئن ورتل هو، تيئن پاڻيءَ جو منهن ڪونه ڏٺو
هئائين. وڏو پهراڻ پاتل ۽ ججهن سَرن واري سٿڻ پاتل
هئس، ۽ ڪلهن تي ڪاري کٿي ويڙهيل، هڪ هٿ ۾ ڏنڊو ۽
ٻئي ڪلهي تي سرندو رکيل هوس. انوکي انداز سان قدم
کڻندو آيو، ۽ پهچڻ سان هن وڏي آواز سان سلام
ورايو. ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻڪ پاڻ جِن آهي.
سندس پُر رعب صورت سڀني ويٺلن تي چڱو اثر ڪيو، ۽
پريان ويٺل سياڻي به هن جي شڪل ڏسڻ سان هيسجي
ويئي. فقير وڇايل گاديلي تي ويٺو، ۽ سامهون ويٺل
ماڻهن تي هڪ اڇاتري نظر وڌائين، ۽ سرندي جي تارن
کي درست ڪرڻ لڳو. رئيس بت بنيو ويٺو رهيو، ۽ ڪنهن
مهل سياڻي کي ڏٺائين ته ڪنهن وقت فقير ۽ ميڙ
ڏانهن ٿي نهاريائين. چند لمحن گذرڻ بعد، فقير کي
مخاطب ٿي چيائين ته ”فقير صاحب، هن ڪمبخت کي نه
معلوم ته ڇا ٿي ويو آهي؟ ڪنهن غيبات وغيره جو ته
واسو ڪونه ٿيو آهيس. سيگهه ڪر، ۽ هن منهنجي دل جي
راحت تان اِها بُري بَلا ٽار.“
فقير پر وقار انداز ۾ وارڻيو، ”اوهين ڪابه ڳڻتي نه
ڪريو. مون هي اڇا پار انهيءَ ڪم ۾ آندا آهن. مون
کي پنهنجي حياتيءَ ۾ اهڙو ڪوبه جن نه گڏيو آهي، جو
ڇڏي نه ويو هجي. جن ته ڇا، پر سندس اَبو به ٻانگون
ڏيندو ويندو هليو.“
روشن فقير، سُرندي جي تارن کي درست ڪري، چيو ته
”جنهن نينگر کي غيبات آهي، انهيءَ کي هڪدم حاضر
ڪريو. سُراندائيءَ جو ڪڙڪيدار آواز جاءِ ۾ گونجڻ
لڳو، ۽ سياڻيءَ کي فقير جي اڳيان ويهاريون ويو، جا
ويڙهجي ڳنڍڙي ٿي ويهي رهي. سُرندي تي لهرو شروع
ٿيو، ۽ ويٺلن جي چُر پر هوريان هوريان گهٽ ٿي
ويئي.
ٿوريءَ دير بعد، سرندائيءَ جو ڪرخت آواز وري فضا ۾
بلند ٿيو، ۽ آواز تي سڀ ويٺل دهلجي ويا ۽ سياڻيءَ
به ڏڪي ويئي ۽ کانئس زوردار بي اختيار چيخ نڪري
ويئي. روشن فقير به ويو جوش ۾ ڳاڙهو ٿيندو. سندس
ويٺل چپترن اکيون ٻاهر نڪري آيون، ڄڻ ته باهه جا
الا چمڪي رهيا آهن، ۽ سندس ٻي ڊولا چپ چُريا، ۽
زوردار آواز ۾ سياڻيءَ کي مخاطب ٿي چيائين ته
”خبردار، اي انسان جا ويري، تو هن بيگناهه نينگر
کي ڇو ورتو آهي؟ هن تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ هن
جي جند آزاد ڪري وڃ ۽ توکي جيڪي گهرجي سو گهر.“ پر
سياڻيءَ تي پٿر جو بت بڻي، خاموش، ڦاٽل اکين سان
ڏسندي رهي ۽ زبان مان ٻڙڪ به ڪانه ڪڇي.
سرندائي گهڻو ئي مٿو هنيو، ۽ پنهنجا سڀ حيلا هلايا
۽ جن کي شربت جو پيالو ۽ رت جو پيالو پيارڻ جي
لالچ ڏني، ڪئين سُنهن، قسم ڏنا، پر وريو ڪي به
ڪين. پاڻ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو لعل ٿي ويو ۽ سندس مضبوط هٿ
هوا ۾ بلند ٿيو ٺا ... ٺا .... ٺا! سياڻيءَ جي جسم
تي ڌڪ لڳڻ شروع ٿيا. سياڻيءَ جون اکيون آب سان تر
ٿي ويون، ۽ جهيڻي آواز ۾ چوڻ لڳي: ”ادا، او ادا،
مون کي مار نه! ادا، مون کي جن ڪونهي! الله ڙي،
هاءِ هاءِ! ... او اما! ... او ...“
ليڪن هو سخت ڌڪن جي ڪري بيهوش ٿي ويئي، ۽ محمد خان
مڇن کي تاءُ ڏيئي نهاري رهيو هو، ۽ روشن فقير
ويٺلن تي هڪ غائرانه نظر وڌي، ۽ پوءِ رئيس کي
مخاطب ٿي چيائين ته ” سائين هاجيءَ شاهه ۽ علي
حيدر جي حڪم سان جن ويندو هليو. اوهان ڪوب ويچار
نه ڪريو، ۽ اهو غيبات جي غشيءَ جو اثر آهي، جو پڻ
لهي ويندو. ان بعد هو سرندو ڪلهي تي رکي ۽ ڏنڊو هٿ
۾ کڻ، موڪلائي گهر ڏانهن راهي ٿيو. گڏ ٿيل
زائفائون ۽ مرد به هڪ هڪ ٿي رمندا رهيا. پر
سياڻيءَ هوش ۾ نه آئي ته نه آئي، ۽ سندس نبض به
ڍريءَ رفتار سان هلي رهي هئي. محمد خان گهريءَ سوچ
۾ ڪنڌ هيٺ ڪريو ويچار ۾ ويٺو هو ته هاڻي ڇا ڪرڻ
گهرجي.
هوڏانهن سياڻيءَ جي ماءُ به دستور موجب اڄ سويل ئي
اٿي هئي، ۽ رات ننڊ به پوري ڪانه آئي هيس. جو رات
بدخواب ڏٺو هئائين، جنهن ڪري دل ۾ ڪئين وهمي خيال
ٿيڻ لڳس، ۽ خداتعاليٰ کي ٻاڏائڻ لڳي ته ” اي موليٰ
اڙين جا آڌار، ٻيوسيلن جا وسيلا، منهنجي جگر جي
ٽڪرن ڏانهن خير ڪجانءِ.“ هيءَ اڃا انهن ئي پورن ۾
هئي ته کيس خبر ملي ته سياڻيءَ کي جن ٿي پيو آهي ۽
ان ڪري جنائيءَ ڏاڍو ماريو اٿس، انهيءَ ڪري اڃا
سامت ۾ ڪانه آئي آهي. انهيءَ بدخبر ٻڌڻ شرط ڄڻ ته
مٿانئس وڄ ڪِري پيئي، ۽ ڪم ڪار اڌ ۾ ڦٽو ڪري، چرين
وانگر اوڏانهن ڊوڙندي ويئي، ۽ پاڻمرادو ڀڻ ڀڻ ڪندي
به ويئي: ’مون ظلم ڪيو جو سياڻيءَ کي ظالمن جي
چنبي ۾ ڏنم ... سياڻيءَ کي جن ڪونهي ... ان کي نه
ماريو ... او پٽڙي ... آءُ ... اچان پيئي. ان مهل
رات پنهنجا ٽپڙ ويڙهي چڪي هئي، ۽ صبح صادق ڏينهن
جي آمد جو پيغام آندو. ڏينهن چٽو ظاهر ٿي ويو.
سياڻيءَ جي ماءُ اتاولائيءَ سان محمد خان جي حويلي
ڏانهن ڊوڙندي ويئي. جيئن رستي جو موڙ پار ٿي
ڪيائين ته پريان سامهون موٽر ڪار تيز رفتار سان
اچي رهي هئي. موٽرڪار جو رستي جي موڙ تي هڪ انساني
جسم سان ٽڪر ٿيو ۽ ڌڙام جي ڏڪائيندڙ آواز سان هڪ
نحيف انساني جسم زمين تي ڪري پيو. پوڙهيءَ جو سارو
بدن رتورت ٿي ويو، ۽ رت ڦوهارا ڪري وهي رهيو هئس.
۽ سنديس زبان مان آخري لفظ نڪتا ته ”پٽڙي ... مون
... مو... ن ... ظلم ... ڪيو ... تو ... تو ...
تون ... مو ... مو ... مون کي خدا ... ... .....
علي .... بخ...ش !! ...!!
موٽرڪار ٿورو اڳتي هلي زور بريڪ لڳائڻ سان وڏي
جهٽڪي کائڻ بعد، بيهي رهي. موٽر ڪار ۾ سياڻيءَ جو
نيم مرده جسم پيل هو. جنهن کي علاج ڪرائڻ لاءِ
اسپتال ڏانهن کڻي وڃي رهيا هئا.
موٽرڪار جي ڌڏڪي کائڻ تي سياڻيءَ جون اکيون کليون.
جي آب سان ترهيون. ۽ چپن ۾ چوندي رهي مون ... کي
... جن ّ ... ڪو ... نهي ... نه ... نه ... ماريو
... آ ... ما ... آ ... آ... ما! ... لطيف! ...
مون ... کي ... معا ... ف ... ڪج! ... ! وڌيڪ ڪڇي
نه سگهي ۽ هڪ ئي هچڪيءَ سان سندس پساهه جو پکيئڙو
هن خاڪي پڃري مان پرواز ڪري ويو. رئيس محمد خان
موٽر ڪار تان لهي، پوڙهيءَ جي چچريل ۽ رت ۾ ٻڏل
لاش کي ڦاٽل اکين سان گهوري رهيو هو. ۽ پوڙهيءَ جو
مرده جسم ائين چئي رهيو هو ته ”اسين غريب آهيون
... مفلس آهيون ... ڇا ڪريون؟ خدا شل! ... حسن ...
غريب ... کي ... نه ڏئي!! ...!
چيفوف
مترجم: الاهي بخش دودا پوري
”ڪنهن سان سور سليان“
منهن اونداهي هئي. گهميل برف هوريان تازن روشن ڪيل
فانوسن جي مٿان ڦيراٽيون کائي ڪري رهي هئي. جاين
جي ڇتين، گهوڙن جي پٺين، ماڻهن جي ڪلهن ۽ ٽوپلن تي
ان جا نرم ۽ سنها تهه چڙهندا ٿي ويا. گاڏيءَ وارو
ايونا پوتاپو بلڪل سفيد ٿي ويو هو ۽ ڀوٽ وانگر پئي
لڳو. هو ايترو ته جهڪي ويو هو، جيترو انساني جسم
جهُڪي سگهيو ٿي؛ هو پنهنجي گاڏيءَ تي ويٺو هو، پر
هن ۾ ڪنهن به قسم جي چرپر پيدا نٿي ٿي. ائين ٿي
ڏٺو ته جيڪڏهن سموري برف هن جي مٿان ڪِري ته به هو
ان کي لاهي ڦٽو ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪندو. هن
جوننڍڙو گهوڙو به سفيد ٿي ويو هو ۽ ماٺ ڪيو بيٺو
هو. ان جي ماٺ، بي ڊولائي، ۽ ڪاٺيءَ جهڙين ڊگهين
ٽنگن کي ويجهي ڏسڻ سان به اهڙيون ئي ٿي معلوم
ٿيون. هو ٽڪي پئسي وڪامندڙ ڪاٺ جي رانديڪي جهڙو
ڏيک ڏئي رهيون رهيون. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته هو
ڪنهن گهري خيال ۾ گم هو. جيڪڏهن اوهان کي اوهان جي
آرام ڏيندڙ گهر مان بستري تان اٿاري، ههڙي مردار
ماحول ۾ ڦٽو ڪيو وڃي، جنهن ۾ ڀيانڪ روشن ڏيندڙن
بتيون، اڻ کٽندڙ گوڙ ۽ خلق ڀڄ ڀڄان ۾ هجي ته جيڪر
اوهان به پاڻ کي ڪنهن ڳالهه تي خيال ڪرڻ کان روڪي
سگهو! ڪافي وقت ايونا ۽ ان جو گهڙو اتان چريائي نه
هئا. منجهند جي مانيءَ کان اول پنهنجو وٿاڻ ڇڏي
آيا هئا. پر هن مهل تائين ڀاڙو ئي نه لڳو هونِ.
شام جو ڪوهِيڙو شهر تي ڪِري رهيو هو. بتين جي سفيد
روشنيءَ جا ڪرڻا ويا ٿي چٽا ٿيندا. ۽ شهر جو گوڙ
جيئن پوءِ تيئن ويو ٿي وڌندو. ”وبرگ تائين گاڏي“
اوچتو ايونا جي ڪنن ته آواز پيو. ايونا ٽپ ڏيئي
اُٿيو، ۽ پنهنجي برف سان ڍڪيل پنبڻين مان ڏٺائين
ته هڪڙو آفيسر مٿي تي ٽوپلو ۽ بت تي اورڪوٽ ڍڪيو
بيٺو آهي.
”وبرگ روڊ،“ آفيسر ورجايو. ”اڙي، تون ننڊ ۾ آهين
ڇا؟“ ”وبرگ روڊ“. ايونا ڪنڌ ڌوڻي، رينن کي ڇڪيو.
گهوڙي جي ڪنڌ ۽ پٺيءَ تي چڙهيل برف جا تهه ترڪي
اچي هيٺ ڪريا. آفيسر سليج ۾ چڙهي ويٺو. گاڏيءَ
واري، گهوڙي کي همت ڏيارڻ لاءِ چپ ڀيڪوڙي، رينن کي
ڇڪ ڏيئي، پنهنجو ڪنڌ بدڪ وانگر اڀو جهلي ويهي رهيو
۽ پنهنجو هنٽر ضرورت کان سواءِ عادت مطابق، هوا ۾
گهمائڻ لڳو. ننڍڙي گهوڙي به پنهنجي ڳچي اڳتي ڪئي،
۽ پنهنجن ڪاٺ جهڙين ٽنگن تي زور ڏيئي، سواءِ ڪنهن
فيصلي جي اڳتي وڌڻ لڳو.
”اڙي انڌا! ڇا ٿو ڪرين؟“ جون رڙيون، رستي تي
هيڏانهن هوڏانهن ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي واتان نڪري،
ايونا جي ڪنن تي پئجي رهيون هيون.
” اڙي بدمعاش ڪاٿي ٿو ٽانگو هلائين؟ - - - - سچي!“
”توکي ته بگي هلائڻ ئي نٿي اچي. سڄي هٿ تي هل.“
آفيسر ڪاوڙ ۾ رڙ ڪئي.
خانگي گاڏيءَ واري هن کي گارين جا دس ڏيڻ شروع
ڪيا، واٽهڙو جنهن جو پاسو هن جي گهوڙي جي نڪ سان
گسيو هو، رستي تان ڀڄي ڪنڊ وٺي پنهنجي ڪوٽ تان برف
لاهي رهيو هو ۽ هن کي خار مان گهوري نهارڻ لڳو.
ايونا پنهنجي گاڏيءَ تي ائين پئي پاسا ورايا ڄڻ ته
ڪندن تي ويٺو هو. پنهنجي ٺونٺ ائين پئي هيڏي هوڏي
ڪيائين ڄڻ ته پنهنجو وزن بروبر ڪري رهيو هو. ائين
وات ڦاڙيون ويٺو هو ڄڻ ڪو سندس دم گهٽي رهيو هو ۽
ڄڻ کيس پتوئي نه هو ته ڇو ۽ ڇاجي لاءِ هو اتي ويٺو
هو.
”اهي سڀ ڪهڙا نه بدمعاش آهن!“ آفيسر چرچو ڪندي
چيس، ”ائين پيو لڳي ڄڻ گڏ جي سازش سٽي اٿن ته توکي
اتان لاهي کڻي ڦٽو ڪن يا توکي گاڏيءَ جي هيٺان
ڏيئي ڇڏين.“ ايونا ڪنڌ ورائي آفيسر ڏانهن ڏٺو ۽
پنهنجا چپ چوريا. ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته هن ڪجهه
چوڻ پئي چاهيو، پر هن جي نڙيءَ مان صرف هلڪڙو آواز
نڪتو.
”ڇا؟“ آفيسر پڇيو.
ايونا پنهنجي چپن تي مرڪ آندي ۽ وڏي جُهد سان کهري
آواز ۾ چيائين، ”منهنجو پٽ، ’بارن‘ هن هفتي مري
ويو.“
”هون! ڇاجي ڪري مري ويو؟“
ايونا پنهنجو سڄو جسم آفيسر ڏانهن ڦيرائي چيو:
”ڪنهن کي ڪهڙو پتو! چون ٿا وڏي تپ جي ڪري. هو ٽي
ڏينهن اسپتال ۾ هو ۽ پوءِ مري ويو ....... ڌڻيءَ
جو امر اڻٽر آهي.“
”بدماش، ڪنڌ سڌو ڪري ويهه.“ اوندهه مان آواز آيو.
”ڪراڙا ڪتا، نشي ۾ الوٽ آهين ڇا؟ اڙي اکيون ته
کولي ويهه“
” هل، هل،“ آفيسر چيس، ”ورنه اتي سڀاڻي تائين به
نه پهچي سگهنداسين. ٿورو تڪڙو!“ گاڏيءَ واري وري
پنهنجي ڳچي سڌي ڪئي ۽ سڌو ٿي ويهي رهيو ۽ منهن
ڪومائي هوا ۾ هنٽر ڦيرائڻ لڳو. ڪيترائي ڀيرا هن
ڪنڌ ورائي پنهنجي سواريءَ ڏانهن وٺو، پر هن پنهنجو
اکيون ٻوٽي ڇڏيون هيون ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ هن ڪا
ڳالهه ٻڌڻ پسند ڪانه پئي ڪئي. هن، آفيسر کي وبرگ
روڊ تي لاٿو ۽ هڪڙي گُتي جي اڳيان اچي بيٺو. هو
پنهنجي گديءَ تي وري ڪٻو ٿي ويو ۽ سانت ڪري ويهي
رهيو. برف وري به هن ۽ سندس گهوڙي کي ڍڪڻ شروع
ڪيو. هڪ ڪلاڪ، ٻه ڪلاڪ ..... پوءِ ڦُٽ پات تي بوٽن
جا چيڪاٽ ڪڍائيندي، جهيڙو ڪندي هڪڙا ٽي جوان آيا،
انهن مان ٻه ڊگها ۽ ڏٻرا هئا ۽ هڪ بندرو ۽ ڪٻڙو.
”پوليس اسٽيشن تائين ٽانگو کپي.“ ڪٻڙي چچريل آواز
۾ چيو. ”ٽنهين جي لاءِ چار – آنا.“
ايونا رينون کنيون ۽ گهوڙي کي سنڀاليو. چار آنا
مناسب ڀاڙو ڪين هو، پر هينئر جيتريقدر ڀاڙي جو
سوال هو ان جي هن کي اها پرواهه نه هئي، ته اهو
رپيو آهي يا ٽڪو. جوان هڪٻئي کي ڌڪيندا، گاريون
ڏيندا سليج وٽ اچي پهتا ۽ ٽنهي ڄڻن ساڳئي وقت سليج
۾ ويهڻ جي ڪوشش ڪئي. پوءِ ٽنهي ۾ انهيءَ ڳالهه تي
تون ڇا تون ڇا شروع ٿي ويئي ته ڪهڙا ٻه ويهن ۽
منجهانئن ڪهڙو هڪڙو بيهي رهي. آخر گهڻين گارين،
ڇڪتاڻ ۽ گهه پيهه کان پوءِ، فيصلو ٿيو ته ڪٻڙو
بيهي، ڇاڪاڻ ته هو سڀني ۾ بندرو هو.
”چڱو، هاڻي جود ڪري.“ ڪٻڙي پائدان تي بيهندي
پنهنجي گهڻُي آواز ۾ چيو ته هن جي ساهه جا ڦوڪارا،
ايونا جي ڪنڌ کي پئي لڳا. ”اڙي پوڙها! تنهنجي ٽوپي
ته ڪهڙي آهي، شايد انهيءَ کان وڌيڪ بڇڙي، سڄي
پيٽسبرگ ۾ ڪانه ملي.“
” هه – هه – ها!“ ايونا کليو، ”ههڙيءَ
...............“
”اڙي ههڙيءَ وارا، جود ڪر! ڇا سڄو رستو انهيءَ
رفتار سان هلندين؟ ...... ڪنڌ وارو ٺڪاءُ
ڪرائينس.“
”منهنجو مٿو ڄڻ ڦاٽي رهيو آهي“، هڪڙي ڏٻري چيو
”گذريل رات دانڪما سوز وٽ واسڪاءِ مان چار بوتلون
شراب جون چٽ ڪري ڇڏيون.“
”مون کي پتو نٿو پوي ته تون ڪوڙ ڇو ٿو ڳالهائين.
ٻئي ڏٻري خار مان چيو. ”تون پير کوڙي ڪوڙ کي ٿو
وهائين.“
”خدا جي مار جي اهو ڪوڙ هجي.“
”اهو ايترو سچ آهي، جيترو چئجي ته جونءِ کِلي“
” هه – هه – ها ،“ ايونا ڏند ٽيڙڻ لڳو، ”ڪهڙا نه
زندهه دل آهن!“
”ٿو؛ کڻي کڏ ۾ وجهوس.“ ڪٻڙي ڪاوڙ مان چيو.
”اڙي پوڙها، ڪجهه هلندين يا نه؟ ائين ئي گهوڙو
هلائيندو آهين ڇا؟ هنٽر کي هلاءِ! ڪجهه تڪڙو، ٿوري
کنج ڪڍينس.“
ايونا پنهنجي پٺيان ڪٻڙي کي جڪ کائيندو ڏٺو ۽ هن
جي آواز ۾ ڏک محسوس ڪيو. هن، هنن جا گهٽ – وڌ لفظ
ٻڌا، رستي جي ماڻهن ڏانهن نهارڻ لڳو، ۽ آهستي
آهستي هن جو اڪيلائيءَ وارو احساس گهٽجي ويو. ڪٻڙو
قسمن تي قسم کڻي رهيو هو. سندس زبان کي تڏهن بس ٿي
آئي، جڏهن يا ته اُٺ جيڏو ڊگهو قسم ٿي کنيائين يا
وري کنگهڻ سببان هن جي نڙي گهٽجي ٿي ويئي. ڏٻرا
ماڻهو، ناديجا پيٽرونا، نالي هڪ عورت جي ڳالهين ۾
مشغول ٿي ويا هئا. ايونا ڪيترا ڀيرا ڪنڌ ورائي هنن
ڏانهن نهاريو ۽ ٿوري گهڙيءَ لاءِ ماٺ ڪري ويهي
رهيو ۽ وري ڪنڌ ورائي، جهيڻي آواز ۾ چوڻ شروع
ڪيائين:
”منهنجو پٽ ... هن هفتي ... مري ويو.“ ” اسان سڀني
کي مرڻو آهي.“ ڪٻڙي ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ ڪنگهي
پنهنجا چپ اگهي ڇڏيائين. ”چڱا مڙس، هاڻي ڪجهه جلدي
ڪري. سچ پچ مان انهيءَ رفتار سان هلي نٿو سگهان.
خدا ڄاڻي اتي الائي ڪڏهن پهچنداسين؟ ٿورو ڪنڌ واري
ڇمڪي هڻيس.“
”او جزا، ٻڌين به ٿو، ڪنڌ سڪائي رکندو و سانءِ، تو
واري رفتار کان ته ماڻهو پنڌ چڱو. ڪا ڳالهه مٿي ۾
به ويهئي ٿي، يا هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ٿو
ڇڏين؟“
ايونا هنن جي گستاخيءَ ڀريل جملن تي رنج ٿيڻ بجاءِ
صرف ٻڌندو رهيو.
هه – هه – ها! ”هو کليو، ”زنده دل نوجوان آهن،
الله وڏي حياتي ڏئين.“
”گاڏيءَ وارا، تنهنجي شادي ڪيل آهي؟“ هڪڙي ڏٻري
پڇيس.
”مان؟ هه – هه – ها، زنده دل جوان! هاڻي منهنجي
لاءِ زال ۽ پوسل وارو گهر ... هه – هه – ها ....
ائين کڻي چئجي قبر رهجي ويا آهن. منهنجو پٽ مري
ويو ۽ مان جيئرو رهجي ويس ... عجب جهڙي ڳالهه، موت
کان رستو ڀلجي ويو. مون ڏانهن اچڻ بجاءِ منهنجي پٽ
ڏانهن هليو ويو....“ ايونا ڪنڌ واريو ته جيئن هنن
کي ٻڌائي ته منهنجو پٽ ڪيئن مري ويو. پر انهيءَ
مهل ڪٻڙي وڏو ساهه کڻي چيو، ”ڌڻيءَ جا شڪر، آخر
منزل تي پهچي وياسين“. ايونا ڏٺو ته هو هڪ وڏي
اونداهي دروازي مان اندر گم ٿي ويا. هڪ ڀيرو وري
هو اڪيلو ٿي ويو ۽ وري چؤ طرف سامت هن کي وڪوڙي
ويئي .... هن جو ڏک جو گهڙيءَ سوا لاءِ گهٽجي ويو
هو، گهڻي شدت سان هن جي دل کي وڪوڙي ويو. هو
انتطار ۾ رستي جي ٻنهي پاسي، ايندڙ ويندڙ واٽهڙن
ڏي انهيءَ خيال سان نهاري رهيو هو ته من انهن مان
ڪوبه هڪ اهڙو ملي، جو هن جي دل جي درد کي ٻڌي. پر
ماڻهن جا ميڙ هن توڙي سندس دل جي پيڙا ڏي اک کڻي
ڏسڻ کان سواءِ هلندا ٿي ويا. هن جو درد ايڏو گهڻو
۽ گهرو ٿي ڏٺو، جو جيڪڏهن هن جي دل ڦاٽي پوي ها ۽
ان مان هن جي دل جو درد، اڌما ڏئي نڪري ها ته
سڄيءَ دنيا کي گهيري وڃي ها. پر انهيءَ هوندي ڪنهن
به ڏانهنس نهاريو ئي ڪين ٿي. انهيءَ درد، پاڻ کي
هن جي دل جي پردن ۾ اهڙيءَ طرح ڇپائي ڇڏيو هو، جو
ڪوبه ان کي ڏينهن جو ڪيڏيءَ به روشنيءَ ۾ ڏسي نٿي
سگهيو.
ايونا، بنگلي جي چوڪيدار کي ڳوڻ سوڌو ويندو ڏسي،
خيال ڪيو ته ان سان ڳالهايان.
”يار، ڪيترو وقت ٿيو هوندو؟“ چوڪيدار کان پڇيائين.
”ساڍا نَو! تون هتي ڇو بيٺو آهين؟ اڳتي وڌ.“
ايونا ڪجهه قدم اڳتي وڌيو، هن جو جسم ڪٻو ٿي ويو ۽
هو وري پنهنجي غم ۾ محو ٿي ويو. هن محسوس ڪيو ته
ماڻهن ۾ همدرديءَ لاءِ واجهائڻ اجايو هو. پنجن
منٽن جي اندرئي هو سڌو ٿي ويهي رهيو ۽ پنهنجو ڪنڌ
ائين ڌو ڏي کڻي مٿي ڪيائين، ڄڻ سور جي چهنڊڙي پئجي
وئي هيس، ۽ رينن کي، ائين سٽڪارو ڪڍيائين، ڄڻ
هينئر سور هن جي برداشت کان ٻاهر ٿي ويو هو.
”تنبيلو“ هن خيال ڪيو، ۽ ننڍڙي گهوڙي ڄڻ خيال
پروڙي، ڊوڙڻ شروع ڪيو.
ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ ايونا هڪڙي گندي مچ جي ڀرسان
ويٺو هو. مچ جي چوگرد پٽ تي ۽ تختن تي ماڻهو
کونگهرا هڻي رهيا هئا. هوا دونهاٽيل گرم ۽ دم
گهٽيندڙ هئي. ايونا ستلن ڏانهن نهاريو، ٽنگن کي
کنهيائين ۽ ايترو سوير موٽي اچڻ تي افسوس ڪرڻ لڳو.
”مون ته گهوڙي جو داڻو به نه ڪمايو آهي،“ هو خيال
ڪرڻ لڳو، ”اهائي ته منهنجي مصيبت آهي. ماڻهو جنهن
پنهنجو ڪم چڱيءَ طرح پورو ڪيو آهي ۽ جنهن پنهنجي ۽
پنهنجي وهٽ جي پيٽ قوت لاءِ چڱو ڪمايو آهي، سو
هميشه مزي سان ننڊ ڪري ٿو. هڪڙو نوجوان گاڏيءَ
وارو هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ٿورو اٿي ويٺو، ننڊا کڙو ڪڻڪڻ
لڳو ۽ پاڻيءَ جي ڏول ڏانهن ٿورو وڌيو.
”توکي پاڻي کپي ڇا؟“ ايونا پڇيس.
”پاڻي کپي ڇا!“
”ڏاڍو چڱو. تنهنجي صحت ڏاڍي سٺي آهي. پر ٻيلي ٻڌ –
توکي خبر هوندي، منهنجو پٽ مري ويو آهي .... تو
ٻڌو آهي نه؟ هن هفتي اسپتال ... اهو وڏو قصو آهي.“
ايونا انهيءَ خيال سان نهاريو ته هن جي ڳالهه جو
ڪهڙو اثر ٿيو. ڪجهه به نه – جوان پنهنجو منهي ڍڪي
ننڍ ۾ غلطان ٿي ويو هو. پوڙهي ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽
مٿو کنهڻ لڳو. جهڙيءَ ريت جوان کي پاڻيءَ پيڻ جي
ضرورت هئي، اهڙيءَ ريت پوڙهي کي ڳالهائڻ جي تمنا
هئي. هفتو اچي پورو ٿيو هو جو هن جو پٽ گذاري ويو
هو، پر اڄ ڏينهن تائين هو ڪنهن کي به چڱيءَ طرح
پنهنجو ڏک ٻڌائي نه سگهيو هو. هن آهستي ۽ خيال سان
ٻڌائڻ پئي گهريو ته هن جو پٽ ڪيئن بيمار ٿيو، هن
ڪهڙي سختي ڏٺي، هن مرڻ کان اول ڇا چيو ۽ هو ڪيئن
مري ويو. هن چاهيو پئي ته پٽ جي جنازي ۽ دفن ڪرڻ
جو ذڪر ۽ اسپتال مان مرحوم پٽ جي ڪپڙن کڻي اچڻ
جواحوال، ذري پرزي ڪري ٻڌائي. هن جي ڌيءَ، انيشيا،
پري ٻهراڙيءَ ۾ هئي. هن انهيءَ جي به ڳالهه ڪرڻ
پئي گهري، ڇا اها معمولي ڳالهه هئي، جا هن ٻڌائڻ
پئي گهري؟ يقينن ٻڌندڙن جي دل ڀِڄي پوي ها ۽ ٿڌا
ساهه کڻي هن سان همدردي ڪن ها. اهو به بهتر هو ته
هُو عورتن سان پنهنجي دل جو درد ونڊي ها، جيتوڻيڪ
اهي ٻن لفظن ٻڌڻ کان پوءِ اچي سڏڪن ۾ پونديون آهن.
”هلي گهوڙي جي سار لهجي،“ ايونا خيال ڪيو؛ ”سمهڻ
لاءِ ته هميشه وقت آهي، تنهنڪري ان جي ڳڻتي ڪهڙي.“
هن ڪوٽ پهريو ۽ تنبيلي ڏانهن هليو ويو. هو گاهه
پٺي ۽ موسم بابت خيال ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته اڪيلائيءَ
۾ پٽ جي خيال ڪرڻ جي سگهه ئي نٿي ساريائين. هو
پنهنجي پٽ جون ڳالهيون ته ٻڌائي سگهيو ٿي، مگر
اڪيلائيءَ ۾ پٽ جون ڳالهيون ياد ڪرڻ يا ان جو تصور
ڪرڻ، هن جي لاءِ بيحد عذاب ڏيندڙ هو.
”گاهه ٿو کائين؟“ ايونا پنهنجي گهوڙي جي چمڪندڙ
اکين ڏانهن نهاريندي، ان کان پڇيو، ”ڀلي کاءَ،
جيتوڻيڪ داڻو ڪين ڪمايو اٿئي، مگر تون گاهه کائي
سگهين ٿو. ها! مان هينئر گاڏيءَ وهائڻ کان ڏاڍو
لاچار ٿي ويو آهيان – منهنجو پٽ وهائي سگهي ها، نه
مان. جيڪڏهن جو جيئرو هجي ها ته فرسٽ ڪلاس ڊرائيور
هجي ها. ايونا ٿورڙو ماٺ ٿي ويو ۽ وري چوڻ لڳو.
”منهنجا ننڍڙا گهوڙا، حقيقت ائين آهي. هاڻي ڪزما
ايونچ ڪونهي. هو اسان کي سورن جي زندگيءَ لاءِ
اڪيلو ڇڏي هليو ويو. هاڻي ٻڌ، جيڪڏهن توکي ٻچڙو
هجي ها ۽ تون ٻچڙي جو پيءُ هجين ها، ۽ اوچتو هو
توکي ڇڏي هليو وڃي ها ۽ تون اڪيلو زندگي ڪاٽڻ لاءِ
رهجي وڃين ها ته تولاءِ ڪهڙي نه ڏک جهڙي ڳالهه ٿئي
ها! ڇا اها ڏک جهڙي ڳالهه ناهي؟“
ننڍڙو گهوڙو، جو چارو به چٻاڙي رهيو هو ۽ هن جون
ڳالهيون به ٻڌي رهيو هو، تنهن پنهنجي مالڪ جي هٿ
تي منهن رکي، ڦوڪارا هڻڻ شروع ڪيا.
ايونا جي دل ۾ هن جي عزت وڌي ويئي ۽ پنهنجي ننڍڙي
گهوڙي کي سمورو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيائين.
آلبرٽ موراويا
سنڌيڪار: غلام نبي ميمڻ
حـقــيـر مـڇـي
اڪثر ڪري ماڻهن کي پنهنجي متعلق صحيح اندازو ڪونه هوندو آهي
۽ هو انهيءَ ڳالهه جو به فيصلو چڱيءَ طرح ڪري ڪين
سگهندا آهن ته کانئن اعلى ڪير ۽ ادنى ڪير؟ انهيءَ
اصول جي تحت مان پنهنجي شخصيت متعلق شديد قسم جي
احساس ڪمتري جو شڪار رهيس، مان پنهنجو پاڻ کي سڀني
کان بالاتر تصور ڪندو هوس. جيتوڻيڪ منهنجي جسم ۾
فولادي قوت ۽ سختي ته هئي ڪانه ۽ نه وري ڪو صفا
نجيف ۽ ڪمزور ئي هوس. پر ڏٺم ته ڏاڍو احساس پيدا
ٿي ويو هو ته مان بلڪل ناتوان ۽ ڪمزور آهيان. شيشي
جهڙو، شيشو به اهڙو جيڪو سڀ کان نازڪ هجي. مان
پنهنجي ذهن ۾ هر گهڙيءَ پنهنجي شخصيت جو جائزو
وٺندو هوس ۽ انهن سڀني صفتن ۽ صلاحيتن جو اندازو
لڳائيندو هوس، جيڪي هڪ سٺي انسان ۾ اڪثر ڪري هجڻ
گهرجن، جسماني قوت: نه هجڻ جي برابر، مان هڪڙو
نهايت ئي ڪمزور قسم جو ڍانچو هوس، ذهانت: ٻڙيءَ
کان ٿورڙي، مان سڄي عمر پليٽون صاف ڪرڻ واري ملازم
وانگر ڪڏهين سڌو ٿي بيهي نه سگهيس. انهيءَ کان
وڌيڪ منهنجي ڪند ذهنيءَ ۽ نالائقيءَ جو ٻيو ڪهڙو
دليل ٿي سگهي ٿو. رونق مٿئون کان وٺي گم، زرد ۽
سڪل منهن، اکين ۾ مهينن ۽ سالن جو گند ڪچرو. نڪ
پڪوڙي جهڙو، جنهن کي منهن جي ڊول ۽ اڏاوت سان ڪنهن
به قسم جو ميل جول ڪونه هو، ۽ اهڙيءَ طرح ٻيون به
انساني خرابيون، حوصلي مندي، چستي ۽ چالاڪي، شخصيت
جي ڪشش، انهن سڀني متعلق ڪجهه نه چوڻ ئي بهتر آهي. |