دل: ادا دماغ اهي ته، ڳالهيون چڱيون مگر هاڻي اهو
ٻڌاءِ ته، تون ڪهڙا خير جا ڪم ٿو ڪرين جو پاڻ کي
ايترو سُڌارڪ ٿو سمجهين؟ تون ڳالهائين ٿو ۽ مان
سوچيان ٿي، ها ٻڌاءِ“
دماغ: ڏاڍي ڪا بي سمجهه ۽ ٻالي ڀولي آهين دل ! بار
بار ٿو چوانءِ ته، منهنجي صلاح ۾ سچ جو زهر پيل
هوندو آهي. هن معاملي ۾ تون مون کان وڌيڪ ڪامياب
آهين. ها! مگر ائين نه آهي ته هروڀرو سڀ انسان
منهنجا بي فرمان آهن. ائين نه آهي. ٻڌ دل! غور سان
ٻڌ. منهنجو چوڻ سوَن مان ڪي ڳاڻ ڳڻيا وٺندا آهن. ۽
جيڪي منهنجي ڳالهين ۾ اچي ويندا آهن. اهي توکان
نفرت ڪندا آهن. تون انهن کي ڪونه وڻندي آهين. هو
منهنجي پيار ۾ غرق ٿي ويندا آهن.
دل: قطع ڪلامي معاف، جيڪڏهن مون کان نفرت ڪندا آهن
ته، تون ئي ٻڌاءِ اهڙا بي سمجهه ڪهڙو کٽيو کائيندا
آهن؟
دماغ: اصل ڪا صفا مستاني آهين. چَري! صاف ٿو
سمجهايانءِ ته به نٿي سمجهين؟ اڙي چري! جيڪي انسان
توکان متنفر هوندا آهن. ۽ مون سان نينهن نڀائيندا
آهن. اُهي دنيا جا وڏا وڏا، فيلسوف، سائنسدان،
سياستدان، اديب، عالم، مؤرخ ۽ محقق هوندا آهن.
اُهي دنيا ۾ وڏا وڏا منصب ماڻيندا آهن. لکن ڪروڙن
جا مالڪ ٿي ويندا آهن. هن هن زماني ۾ تون جيڪي به
وڏا وڏا آفيسر ۽ عملدار، تاجر ۽ تمندار ڏسين ٿي
اهي منهنجائي ته معتقد ۽ مريد آهن. تڏهن ته اهڙو
مان پيا ماڻين، بنگلن ۽ بلڊنگن ۾ ٿا رهن. سيرو
تفريح لاءِ موٽرون ۽ ٽانگا اٿن. پهرڻ لاءِ ريشمي
وڳا ۽ کائڻ لاءِ سڀڪجهه اٿن. تنهنجي پويان پوڻ
وارن جا وري ڪهڙا حال ۽ ڪهڙا قال آهن. پريشان،
سرگردان . نه ويٺي ساءُ نه بيٺي. ڇڳل ڇاتيون ۽
اجهاڻل اکيون کنيون پيا هاءِ هاءِ ڪن، ڪي بيمار،
ڪي بي روزگار ڪي ديوانا ڪي دلگير. هر هر تنهنجي
مٿان هٿ رکيو پيا آهون ڀرن.
دل: تون ڳالهائيندو وڃ.
دماغ: ڇا ڳالهايان. ڪا هڪ ڳالهه ته نه آهي ته
ڳالهائي پوري ڪريان، هي ته هڪ وڏو داستان آهي، جو
آسانيءَ سان کُٽي ۽ ختم نٿو ٿي سگهي. اڃا مهيني کن
جي ڳالهه آهي ته مون هن مسڪين کي دربدر ڏسي کيس هڪ
دڪان کولي ويهڻ جو تاڪيد ڪيو. هن غريباڻو دڪانڙو
کولي وڌو. الله مالڪ آهي روزانو رپيو ڏيڍ مڙيوئي
ڪمائي، پيٽ جي دوزخ جي آگ کي اُجهايائين پئي. مگر
تون ٺِري ويهڻ جي ڪٿي آهين. ٻانهن کان وٺي اچي
تباهيءَ جي ڪناري ي بيهارينس. پيو جو همراه ته
سموري ميڙي چونڊي ”پير جعفر شاهه“ جي ميلي جي
موقعي تي ”نرگس“ جي بلوري نيڻن تان قربان ڪري آيو.
اهائي بک، اهوئي آزار....
هٿ ٻڌي چيومانس. اڙي يار! هينئر پاڻي سر تان ٽپي
هليو ٿي. اک پٽ. خدا سان ڪم پوندئي، تون شاعر
چڱيرو آهين. ڪوڙ نه چئبو. تنهنجا شعر سنڌڙيءَ جي
ڳاڙهن ٻيرن کان مٺا ۽ سرنهن جهڙا سرها آهن. تون
پنهنجي زندگي تباهيءَ جي ڦاهيءَ تي لٽڪائي شاعر
چڱو ٿيو آهين. هاڻي ڳالهه ٻڌ. سڀ ڌنڌا ڇڏي الله کي
ياد ڪري پنهنجي شاعريءَ ۾ پيهي وڃ. پنهنجي وطن ۽
وطن واسين جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَلاءِ گيت لک. دنيا
وارن تنهنجو قدر نه ڪيو ته ڌڻي انهن ڀلاين جو
ڀاڙو توکي ضرور ڏيندو. تنهنجي چڱائي برباد نه
ويندي ۽ اها ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن رنگ ضرو لائيندي.
تو اتي به ڪونه ڇڏيس. تو چيس: اها وري ڪهڙي شاعري
آهي، اڙي چريا ڇلڪندڙن جامن ۽ زلفن جي زنجيرن جون
ڳالهيون ڪر. مگر هن دفعي هن تنهنجي صلاح کي ٺوڪر
هڻي منهنجو پاسو ورتو. الله مالڪ ۽ مهربان آهي. هن
جي نس نس ۾ هاڻي پنهنجي ملڪ جي محبت ۽ ملڪ وارن جي
خدمت جو احساس ڀرجي ويو آهي. ڏاڍا سٺا شعر ٿو چوي،
اصلاحي، تعميري اخلاقي ۽ علمي. مون کي ته لذيذ ۽
مٺا ٿا لڳن هن جا شعر. چؤطرف به نيڪي ۽ ناماچاري
ٿي وئي اٿس. چڱو وقت ٿو گذريس. مطلب ته، هاڻي
مڙيوئي منهن کڻڻ جهڙو ٿيو آهي. جيڪڏهن هي منهنجو
پويون چوڻ به نه وٺي ها ۽ هروڀرو توکي چنبڙي پوي
ها ته ڇا ٿئي ها؟ سوچيو اٿيئي؟ پوءِ هن غريب جي
جاءِ يا ته قبر ۾ هجي ها يا وري اسپتال يا جيل ۾.
شڪر ٿيو وري به پاڻ جهلي ورتائين. صبح جو ڀليل
جيڪڏهن شام جو واپس گهر اچي ته، ڀليل نه چئبو.
دل: ادا دماغ! تو ته، اڄ منهنجا ڪن کڙڪائي ڇڏيا.
لعنت آهي منهنجي حال تي. جيترو تو ڳالهايو آهي
اوترو مون سوچيو آهي. تنهنجون سڀ ڳالهيون مون کي
وڻيون. منهنجا ڀاءُ مون کي معاف ڪر. مان تنهنجو ۽
هن غريب جو گناهه کڻي چڪي آهيان. مان ندامت جي
لڙڪن ۾ ٻڏان ٿي. برابر مان تنهنجي ڪنهن به راءِ
سان شامل نه رهي آهيان.
خدا ڄاڻي ڪيترن اٻوجهن جون زندگيون مون گمراهيءَ
جي غارن ۽ ماضيءَ جي کنڊرن ۾ اُڇلائي ڇڏيون آهن.
خدا مون کي غارت ڪري. مان عظيم گناهگار آهيان.
سوچيان ٿي، منهنجا گناهه ڪيڏا نه ڀاري ۽ بلند آهن،
اصل هماليه جيڏا. منهنجون بڇڙايون ۽ برايون تمام
وڏيون ۽ ڊگهيون آهن. سمنڊن جي وسعتن جيڏيون
ويڪريون ۽ ڪهڪشان جيان ڊگهيون. افسوس! ادا دماغ!
مون ته انسانيت جو خانو خراب ڪري ڇڏيو. ٻيو ڇا؟
(روئي ٿي)
دماغ: روءُ نه ڀيڻ! غلطيءَ کان پوءِ ندامت جا ٻه
ڳوڙها ڳڙي پون ته
به چڱو. ائين برابر آهي ته تو ڪيترن ئي انسانن کي غلط راهن تي
هلڻ لاءِ چئي، کين هميشه لاءِ روڳي ۽ رنجور بنائي
وڌو آهي. تنهنجا گناهه ڪي رواجي گناهه ڪونه آهن.
مگر وري به تون پڇتائين ٿي، پنهنجي گناهه جو
اعتراف ڪرين ٿي. اڄ کان پوءِ تون جيڪڏهن پنهنجين
چڱاين ۽ ڀلاين تي قائم ۽ ثابت قدم رهينءَ ته پوءِ
الله مهربان آهي. هو توکي بلڪل بخشي ڇڏيندو. هو
رحم جو گهر آهي. ۽ وري وقت به ويو ڪونهي اڃا
انسانن جي اوسر ۽ اُڀار جاري آهي. اڳي جي ڀيٽ ۾
هينئر ته انسان پاڻ
گهڻا آهن. ۽ سندن ڳاڻاٽو ستارن کان به سرس پيو
نظر اچي. ماڻهو وڌندا پيا وڃن. ڀلا ڪا زمين ته نٿي
وڌي؟ گهڻن ئي مسئلن اچي منهن ڪڍيا آهن. اٽي جا،
لٽي جا ۽
اجهي جا مسئلا سنگين صورتون پيا اختيار ڪندا وڃن. انسان ويچارا
پنهنجي پريشانين جي چڪيءَ ۾ پيسندا پيا وڃن . هي
پيٽ جي آتش اُجهائڻ لاءِ ماندا ۽ منتظر پيا رهن.
هي وقت تنهنجي ۽ منهنجي وڙهڻ جو نه، پر ٺهي هلڻ جو
وقت آهي. تنهنجو ۽ منهنجو ڦيٽاڙو انسانذات جي
ڪسمپرسيءَ ۽ ڪمزوريءَ جو باعث ٿي پوندو. هي بکون ۽
بيماريون، هي بيڪسيون ۽ بيروزگاريون. هي ظلم ۽ ڏاڍ
۽ هي آهنج ۽ آنياءَ، اتحاد ۽ اخوت جي هوائن جي هڪ
ئي جهوٽي سان ختم ٿي ويندا. ملڪ ۾ ايڪي ۽ الفت جو
واءُ وري ويندو. دنيا جي وسعت تي هڪ نئين جنت جڙي
پوندي. جنهن ۾ آهون ۽ دانهون، ڪونه هونديون، جي
هونديون ته، بس خوشيون ۽ کيجون هونديون، ٽهڪ ۽
مرڪون هونديون. ٻئي صورت ۾ تنهنجي ۽ منهنجي ويڙهه
هن عالم ناپائيندار کي جهنم زار بنائي وجهندي.
ڪنهن به انسان جي ڳلن تي ڳاڙهاڻ ۽ اکين ۾ آرام نه
هوندو. ڪنهن جي به ڇاتيءَ ۾ سرور ۽ چپن تي مرڪ نه
هوندي. جي هوندي ته بس بيقراري ۽ بيچيني هوندي. ڏک
۽
ڏهاڳ
هوندا. غم ۽ گوندر هوندا، ڀلا ٻيو ڇا هوندو؟
تنهنڪري منهنجي ڀيڻ! منهنجي جيجل! اڄ مون سان پڪو
واعدو ڪر ۽ سچو اقرار ڏي، جيئن منهنجي اندر ۾
اطمينان ۽ آرام جون لهرون ڦهلجي وڃن. ويجهو اچ.
پنهنجو هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏي. اچ اوري اچ.
دل: ڀاءُ! مون کي وڌيڪ پريشان نه ڪر. منهنجي حال
تي رحم کاءُ. مان اڳي ئي پنهنجي لڄ جي لڙڪن ۾ پيئي
لڙهان. مون کي وڌيڪ شرمسار نه ڪر. مون کي شرمسار
نه ڪر، هي وٺ منهنجو هٿ. تون منهنجو ڀاءُ به مان
تنهنجي ڀيڻ! تون وڏو ۽ مان ننڍي.
مون کي خدائي لايزال جي عميق گهراين ۽ وسعتن جو
قسم. مان اڄ کان پوءِ تنهنجي ڪنهن به حڪم جي
انحرافي نه ڪنديس. توکي جيئن وڻي تيئن ڪر. مان ڪير
آهيان تنهنجي اڳ پوڻ واري؟ منهنجي توبہ، منهنجي
زاري.
دماغ: مون کي تنهنجن وعدن تي ويساهه آهي دل!
تنهنجو منهنجو ٺاهه انشاءالله، انشاءالله انسانذات
کي بهارن جي دنيا ڏي وٺي ويندو. ۽ ڪو به انسان
آهون نه ڀريندو.....
...... ..... .....
مون کي سجاڳي اچي ويئي. اتر پاسي واري جامع مسجد
جي منبر تان مؤذن جي اذان جو سنگيت اُٿيو. مون خدا
جو نالو ڳڌو. اُٿي غسلخاني ۾ گهڙي ويس. وهنجي
سهنجي جڏهن آئيني اڳيان ٿي بيٺس تڏهن ڏٺم ته چهرو
سرخ سرخ پئي لڳو. ڳاڙهو لعل ٿي پيو هوس. بدن ۾
گويا نئينءَ رت جا واهُڙَ وهي هليا هئا. جسم ۾
تازگي ۽ توانائي ڀرجي ويئي هئي. ڄڻ ته نئين جواني
نصيب ٿي هئي. سوچيم: اتحاد ۽ ايڪي ۾ ڪيڏو نه لطف
آهي.
•عبدالڪريم. م. قاضي نصرپوري
آءُ پرين آءُ
حاجي قاسم زميندار هو. سندس ڳوٺ ڪراچي_ حيدرآباد
سپر هاءِ وي تي ڄام شوري جي نزديڪ هو. حاجي قاسم
وٽ رگناٿ نالي هڪڙو اقليتي فرقي جو هاري هو. رگناٿ
کي هڪ ڌيءَ هئي ان جو نالو
پدما
هو. رگناٿ ايماندار ۽ محنتي هاري هو. ٻه جوڙا ڍڳن
جا، هڪ مينهن ۽ ڪجهه ٻڪريون ۽ ڪافي گهرو سامان
هوس. وقت تمام سٺو ۽ عزت سان
پيو گذرندو هوس. ضرورت وقت ٻين عزيزن جي به مالي مدد ڪندو هو،
تنهنڪري پنهنجي گنات ۾ ڪافي عزت جي نگاهه سان ڏٺو
ويندو هو. حاجي قاسم جو مٿس خاص هٿ هو، پدما
خوبصورت هئي ان ڪري هن جي جوانيءَ سڀني کي گهائي
وڌو هو سڀاءُ جي سٺي ۽ خوش طبع هئي. ڪپڙا سدائين
سٺا پائندي هئي، جنهن سان به مرڪي ڳالهائيندي هئي
سو کيس پنهنجو سمجهندو هو. نتيجو اهو ٿيو جو سندن
خواهه ڀر وارن ڳوٺن جا عاشق مزاج جوان هن کي
پنهنجو سمجهي پيا پاڻ ۾ وڙهندا هئا. جنهن جي
پدما
کي، نڪا جَنِ ِ ڪَن ِ. هر هر جي جهيڙن ۾ ۽ رتوڇاڻ
حاجي قاسم کي تنگ ڪري ڇڏيو. جڏهين حقيقت معلوم ٿيس
تڏهن اوباش ماڻهن جو اچڻ ڳوٺ ۾ بند ڪري ڇڏيائين ۽
پنهنجي ڳوٺ جي لوفرن کي به تنبيهه ڪيائين ۽
معاملو رفع دفع ٿي ويو. حاجي عثمان ڪمدار کي خاص
تاڪيد ڪيائين ته رگناٿ جي گهر جي حفاظت جو خاص
خيال رکي. سندن ڪڙم مان ڌيرو ناني لاڙ ۾ ڪنهن
زميندار وٽ ڪمدار هو ۽ سندس عزيز ناري ۾ ڪنهن
زميندار وٽ هاري هئا. سي ڪجهه ڪم چور هئا ته ڪجهه
آسماني بلائون پين اتي رهندي قرض لاهي نه سگهيا.
زميندار ڪم تي زور رکيو ۽ هنن ڀڄڻ جو سعيو ڪيو،
آخر زميندار ڌيري کي گهرائي ميڙ منٿ ڪئي ته هنن کي
پنهنجي زميندار
وٽ
ٻنيءَ
وٺي ڏئي ۽ پنهنجي ضمانت تي تقاوي وٺي هن کي اَجو
ڪي وٺي هلي. صحيح چيو اٿن ته ”ننگ جون پاڙون دوزخ
۾،. ڌيري جي قسمت ڦٽي ۽ پنهنجي برباديءَ جي
شروعات، هن پنهنجن هٿن سان ڪئي هنن کي اَجو ڪري
لڏائي آيو. سادوسودو ڌيرو چڱي چڪر م ڦاسي
ويو. عام طرح سنڌ جا هاري تقاويءَ جا ڪوڏيا، آبادي
جي رقم کان تقاوي زياده کڻيو وڃن. ٻه ڪلاڪ ٻنيءَ ۾
پنج ڪلاڪ مال جو گاهه، شام جو هوٽلن ۾، رات جو
جوا، فصل لهي ته ٽي ڌاڻيون ! منهن روئڻ جهڙو، وري
منٿون، ڪمدار ڪُڇي ته چونس ڪٽڻُ ۽ چمچو. زميندار
قرض جي تقاضا ڪري ته بدڪار ۽ ظالم! ڌيري ڪافي قرض
کڻي هنن جي جند ڇڏائي هئي ۽ ٻيو خرچ پکو به ڪافي
کڻي ويا هئا. ڪم جو چاڙهو ڪونه، ٻيوئي اڌ ٻنيءَ ۾
اڌ جوا جي ٽڪريءَ ۾، يوريا ڀاڻ نالي ماتر ٻنيءَ ۾
باقي واچون ۽ ريڊيا وٺي ساٿ سنگت کي کارائي
ڇڏيائون. ڪمدار جا پنهنجا هئا تنهن رکيا مٿن ڪک
زميندار فصل ڏسي، ڌيري سان ڪم اهڙو ڪيو جهڙو ڪتي
سان ڪجي. اڳيان ڌيري جي هلي ڪانه، قرض ۾ ضامن پاڻ
هو. ڪڇي ته سُڃا مائٽ رات جو رليون ڦٽيون ڪريو
مرڳو ڀڄيو ٿا وڃن، سورن پيئڻ ڳڻتين کائڻ سان فصل
ڪٿي ٿو ڀلو ٿئي. ان لاءِ جنهن محنت جي ضرورت هئي
سا ٿي ڪانه، فصل لٿو ته سڀني جي مٿي تي هٿ،
زميندار
جو
قرض جيڪو لٿو سو لٿو، باقي ڌيري جو مال ضبط ڪري
زميندار هارين کي ڪڍي ڇڏيو ۽ ڌيري جي ڪمداري ختم.
ڌيرو جيئرو ته هو پر مرڻ جهڙو ٿي ويو. نه رهي عزت
۽ نه رهيو مال، ڌيري جا ٻه نوجوان پٽ هئا هڪ ڪرشن
ٻيو پريمو ساڳئي زميندار وٽ سرڙيو ٿي رهيو.
پريمونءَ پيءُ کان موڪلائي حاجي قاسم جي ڳوٺ ۾ اچي
رگناٿ جو جوڙو سنڀاليو. هنن چاهيو ٿي ته پنهنجي
ڪِريل پيءُ کي وري ساڳئي مقام تي پهچائين. پريمون
وڃڻ سان ڪم کي چهٽي ويو. کيس ڳولڻو هجي ته ٻنيءَ ۾
يا گهر، ٽيو ڪو به هنڌ ڪونه هو جتي هو ملي سگهي.
مال جي واري ڦيريءَ مان ئي رگناٿ کي ڏوڪڙ ڪمائي
ڏٺائين . هو به قدر دان هو، پريمي کي حصو ڏيندو
رهندو هو، پريمون رگناٿ جي دل ۾ گهر ڪري ويو ۽
حاجي قاسم به کيس گهرندو ۽ ڀائيندو هو. هر ڪنهن کي
ڪم مٺو آهي، چم ڪنهن کي به مٺو ڪونهي ٻن پٽن جي
محنت پيرسن پيءُ کي ٻن سالن ۾ مالي بحران مان ڪڍي
ٻاهر ڪيو. حاجي قاسم
پريمي کي زور ڪيو ته ڌيري ۽ ڪرشن کي لڏائي وٺي
اچي. پيءَ جي اچڻ بعد به پريمون کاڌي پيتي، رهڻي
ڪهڻي ۾ رگناٿ سان گڏ هو. پريمي
۽ پدما جي پريت به پڌري ٿي پئي. حاجي قاسم کي حاجي عثمان ٻڌايو
ته کلي وڌائين. جڏهين هنن کي گڏ ٻنيءَ تي ڏسندو هو
ته ترسي ڪجهه چرچا ڀوڳ ڪري دل خوش ڪندو هو. سندس
وڃڻ بعد هو ٻئي چورنگاهن سان هڪٻئي کي ڏسندا هئا ۽
مرڪندي ڪم کي لڳي ويندا هئا. هڪ دفعي حاجي قاسم
رگناٿ ۽ ڌيرو ٽيئي ٻني گهمندي اچي پريمي ۽ پدما
وٽ بيٺا. حاجي عثمان ڪمدار اڳيئي اتي هو. حاجي
قاسم پريمي کان پڇيو ته ”ڇورا پدما تنهنجي ڇا لڳي!
جڏهن ڏس تڏهين گڏيو وتينس! ”پريمي مرڪي کڻي ماٺ
ڪئي ۽
پدما هلڻ لڳي. حاجي قاسم رگناٿ ۽ ڌيري کي چيو ”پٽيل ڇا هي هنن
جا اڃا هٿ پيلا نٿا ڪريو. ڪهڙي دير اٿو؟“ ڌيري چيو
”سائين، پر ماتما جي ديا آهي اسان وٽ سڀ ڪجهه
آهي....“ حاجي قاسم وراڻيو ”رات جو اوطاق تي اچجو
ته تاريخ مقرر ڪريون. ڪپڙا ڳهه اوهان جا، ماني
منهنجي.“ حاجي قاسم وڏو زميندار هو. جهڙو هو چڱو
مڙس اهڙوئي زورآور ۽ ڪرڙو سندس ڳوٺ ۾ ڪيترن مذهبن مذهبن ۽ ذاتين جا ماڻهو رهندا
هئا. هن جو اباڻو دستور هو ته سندس ڳوٺ ۾ ڪنهن
هاري يا مزور جي گهر م شادي ٿي ته ماني هو خود ڪندو هو. ڪنهن به مزور يا هاريءَ جي گهر ۾ ماڻهو مئو
ته ان جو ڪفن دفن به سندس زمي هوندو هو. انهي
معاملي ۾ سڀني هارين ۽ مزورن کي پنهنجو اولاد ڪري
سمجهندو هو. ڌيرو ۽ رگناٿ شاديءَ جو ڏينهن مقرر
ڪري آيا. هاري ۽ مزور بنا ذات پات ۽ مذهبي خيال جي
شاديءَ غميءَ ۾ هڪٻئي سان ڀائرن وانگر هلندا هئا.
پريم ۽ پدما جي شاديءَ جي خبر
ٻڌندي
ساري ڳوٺ ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي. هيءَ شادي
سارو ڳوٺ پنهنجي شادي سمجهڻ لڳو. حاجي عثمان رگناٿ
۽ڌيري کي گهرائي ٻڌايو ته حاجي وڏي جي مرضي آهي
پدما جي شادي سندس حويليءَ ۾ ٿئي ۽ مرداڻو
ميڙ سندس اوطاق ۾ ٿئي. زميندار ۽ ڪمدار جو هيڏو
قرب ۽ صداقت ڏسي هنن جي اکين ۾ خوشي کان پاڻي اچي
ويو ۽ دعائون ڪندا ويا. هن خبر تي سارو ڳوٺ دنگ
رهجي ويو ۽ سڀني هڪ نيڪ قدم کي ساراهيو. خير سان
پريم ۽ پدما پتي ۽ پتني جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا. دنيا
ڀلن ۽ برن ٻنهي جو مڪان آهي. هي حسين نوجوان جوڙو
گهڻن
جي نظرن ۾ ڪکندو هو. پريم جوڙو ڪاهي ڪوڏر ڪهاڙي
کڻي ٻنيءَ تي ويندو هو ۽ پدما گهر جو ڪم لاهي
مانيءَ جي بدڙي مٿي تي ڏُڌ، مکڻ جي دکي ڪڇ تي، ڊيل
جيان ٽلندي ٻنيءَ تي ايندي هئي. پريم تي نظر پوندي
ئي مشڪڻ شروع ڪندي هئي. وک ۾
لاشعوري تيزي اچي ويندي هيس. پريم به جيئن پدما
کي ڏسندو هو تيئن خوشي ۾ باغ بهار ٿي ويندو هو ۽
ازغيبي ڏور ۾ ڇڪجي هن ڏانهن وڌندو هو. ڏُڌ مکڻ جي
دکي لاهيندي ڪن ۾ الاجي ڇا چوندو هوس پدما اچي کل
۾ ڇٽندي هئي. کلندي خوش ٿيندي
گڏجي
ماني کائيندا هئا. ٿوري دير ڪچهري ڪري پريم جوڙي
جي ڪندو هو ۽ پدما ٿورو پريان گاهه ڪرڻ ويهندي
هئي، پدما ڪڏهن گهر جي ڪم سبب دير ڪندي هئي ته
پريم سندس منهن پنهنجي هٿن ۾ جهلي چوندو هو ته
”تون مون کي ڏاڍو انتظار ٿي ڪرائين، ائين نه ڪر
منهنجو ڪم ٿو خراب ٿئي“ پدما کلندي چوندي هئي ”جي
حجور“ ۽ وري کلي هڪ ٿي ويندا هئا هڪ ڏينهن پريم ڪم
تي ويو پٺيان اوچتو مهمان اچي ويا ۽ پدما کي غير
معمولي دير ٿي ويئي. واندي ٿي ماني کڻي تڪڙو ٻنيءَ
تي آئي پر پريم ڏانهس نهاريو به ڪونه. هن جي دل
ڌڙڪڻ شروع ڪيو. ماني رکي پريم جي ڀر ۾ بيهي چيائين
”ڇو راجا پنهنجي راڻيءَ ڏانهن نٿو نهارين؟“ پريم
هوئي ايتري گهورو ٻي خطا ڀاڪر پائي دير جو سبب
پڇيائين ۽ ماني کائڻ ويٺا، پريم ڪم لاءِ اٿندي کلي
چيو ”ٻڌ راڻي! آئيندي دير ڪئي ته جوڙو اتي بيٺو
هرندو آءٌ رُسي منهن
ڪري
ويندس.“ پدما مرڪندي وراڻيو ”هاءِ رام ايتري سزا،
معاف ڪر سائين.“ پريم پدما ڏانهن وک وڌائي، هوءَ
ڏائٽو کڻي هرڻيءَ جيان ڇال ماري وڃي گاهه ڪرڻ
ويٺي. ٻئي ڏينهن پدما گهڻو اڳ ۾ ماني تيار ڪري
کڻي آئي. پريان ئي جوڙو بيٺل نظر آيس پر پريم نظر
ڪونه آهي. هانوَ ۾ مهر لڳي ويس ۽ اکين اڳيان
اوندهه اچي ويس. ڊوڙندي انهيءَ وڻ هيٺ آئي جتي
روزانو گڏجي ماني کائيندا هئا. لڙڪ اکين ۾ آڻي
روئندڙ آواز ۾ سڏَ ڪيائين.
”ناٿ! پريم ناٿ! اوناٿ“ پر پريم ڪونه آيو. هن جي
سڏن تي رگناٿ سو ڊوڙندو
آيو. پدما روئيندي کيس پريم وارو ڪالهوڪو دڙڪو
ٻڌايو. نياڻيءَ جي مٿي تي هٿ رکي دلاسا ڏڍ ڏيندو
گهر وٺي آيس. پريم جي گم ٿيڻ
ساري ڳوٺ کي پريشان ڪري ڇڏيو. راڄ گڏ ٿي ويو، پيرا کڄي ويا، چئن
ماڻهن جا پيرا وڃي سپر هاءِ وي تي چڙهيا. زميندار
ڪمدار ۽ سندن پٽ موٽرن ۽ جيپن ۾ ڪي ڪيڏانهن ويا ته
ڪي ڪيڏانهن ٽئين ڏينهن حاجي قاسم موٽي آيو. رگناٿ
۽ ڌيري کي ٻڌايائون ته ڪجهه پتو پيو آهي اميد ته
پريم هٿ اچي ويندو،ٻئي طرف پدما ، سا پنهنجو دماغي
توازن وڃائي ويٺي، هر روز صبح جو سويل دستور موجب
ماني ٺاهي ٻنيءَ
تي کڻي ويندي هئي، جنهن
وڻ هيٺ ويهي ماني کائيندا هئا اتي ماني رکي روئڻ
ويهندي هئي، بار بار چوندي هئي ”ناٿ اڄ ته مون دير
ڪانه ڪئي آهي هاڻ ته رسڻ ڇڏ. پرماتما جو واسطو
اٿيئي هاڻ ته پرچ.“ٿوري دير صبر ڪري امالڪ ”آءٌ
پريم آءٌڪري دانهون ڪندي هئي ۽ هيڏي هوڏي
بيخوديءَ جي عالم ۾ ڊوڙندي هئي. بس پوءِ مائٽن
مان ڪونه ڪو ويندو هو ۽ وٺي ايندو هوس، پدما جي
غم ۾ ڳوٺ جي هر هڪ
عورت ذات شامل هئي پر وس ڪنهن جو ڪونه هو. حاجي
قاسم ۽ حاجي عثمان ٻنيءَ تي آيا، پدما دستور
موجب پاڻ
سان ڳالهائي رهي هئي ۽ دانهون ڪوڪون پئي ڪيائين،
ڌيرو مٿي تي هٿ رکيو ويٺو هو ۽ رگناٿ وڻ جي ٿڙ تي
مٿو رکيو بيٺو هو. پدما جي نظر حاجي صاحبان تي
پيئي ته منهن سورج مکيءَ گل جيان کڙي پيس ۽ مرڪندي
پڇيائين ”ڪاڪا، توهان ڪو ڏٺو...“ ڪنڌ کڻي هيٺ
ڪيائين. حاجي قاسم رگناٿ۽ ڌيري جي ڪلهن تي هٿ رکي
بيٺو. پدما کي چيائين ”ها ٻيٽي ايندو ضرور ايندو:
رسي ڪونه ويو آهي. ٻيٽي جيسين پريم
توکي
آڻي نه ڏيندس تيسين بنگلي ۾ پير نه پائيندس.“
بهرحال ، پدما جي حالت جيئن پوءِ تيئن خراب ٿيندي
ويئي تان جو معاملو ٻڌڻ تائين پهچي ويو ۽ مائٽن
ٻڌي ڇڏيس، ڏينهن خاموش رات جو روئندي رهندي هئي
وري چوندي هئي ته ”مون کي ڇوڙيو قه سنڀران ڪاڪو
وٺيو ٿو اچيس.“ تيار ٿي ماني
کڻي
ٻنيءَ تي ويندي هئي. رئندي دانهن ڪندي تان ڪو وٺي
ايندو هوس ته واه نه ته منهن ڪري هلي ويندي هئي.
وري ٻڌي ڇڏيندا هئس، رات ٿيندي هئي ته روئڻ شروع
ڪندي هئي صبح جو ساڻي ٿي پيئي هوندي هئي. خوشيءَ
وارو کلڻ پاڳلپڻي جا ٽهڪ ٿي ويا. ڊيل وارو هلڻ بي
مقصد ڊوڙن ۾ تبديل ٿي ويو. املهه ماڻڪ جهڙي پدما
زنده لاش ٿي ويئي. حاجي قاسم عام طور ڳوٺ کان
ٻاهر رهڻ لڳو. وقتي ايندو هو رگناٿ ۽ ڌيري کي
دلاسا ڏئي پدما کي يقين ڏياري حويليءَ مان ئي
هليو ويندو هو. آخر خبر پيئي ته پريم کي ڪن رقيبن
اغوا ڪري بيگار ڪئمپ وارن کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي.
ڪافي ڪوشش بعد پوليس اٽالي سان بيگار ڪئمپ تي
چڙهائي ڪري نه فقط پريم کي پر ڪيترن بيگناهن کي
آزاد ڪرايائين ۽ مجرمن کي قانون جي حوالي ڪيائين.
خوش ٿي پريم کي جيپ ۾ ويهاري سڌو جيپ آڻي ڌيري جي
گهر جي گهٽيءَ وٽ بيهاري. خوشيءَ ۾ بي خطا ”پدما
بيٽي پدما“ ڪندو ڊڪندو اندر ويو. ڏسي ته ڌيري جي
گهر لانڍيءَ ۾ لک تي ڳوٺ جون زالون جهڳٽو ڪريو
ويٺيون پار ڪڍن، پريان مال جي ڇني ۾نک تي ڳوٺ جا
ماڻهو خاموش ويٺا آهن. حاجي قاسم کي ڏسي اٿي بيٺا.
حاجي خاموش رگناٿ جي ڀر ۾ ويهي رهيو ۽ پريم حيرت ۾
سڀني کي ڏسندو رهيو. پدما نه ڏسي ڌيري کان پڇيائين
”پٽيل پدما ڪٿي“. هن روئي وراڻيو. ”سائين وڃي
سرڳواسي ٿي“ ! حاجي قاسم پڇيو: ”سو ڪيئن، رگناٿ
روئي ٻڌايو ”سائين ڪالهه صبح جو سويل مون کي
اُٿاري چيائين ”ڪاڪو وٺيو پيو اچيس. ڇوڙيو ته
سنبران.“ مون کي به قياس اچي ويو ٽي چار ڏينهن ٻڌي
ٿي ويا هيس ۽ مون کڻي ڇوڙيس. دستور موجب سنبري
ماني ٺاهي کڻي هلي. ڇوڪرا جوڙا ڪاهي ويا هئا. ڌيرو
به الائجي ڪاڏي اُٿي ويو پر منهنجي منجهيس نظر
هئي. خيال ڪيم ته پٺيان ٿو وڃانس ته، ايتري ۾
پاڏو ڇري پيو سوچيم جيسين پهچندي ۽ ڏک ارمان روئي
هلڪو ڪندي اوستائين آءٌ مينهن ڏهي وٺندس. مينهن
ڏهي ورتم، ڏسان ته پدما ماني وڻ هيٺ ڇڏي ڪافي دور
نڪري ويئي آهي: آءٌ سڏ ڪندو پٺيان ڊوڙندو ويس ته
”اوهان پريم کي وٺي آيا آهيو“ آءٌ وڃان ٿي پريم
وٽ، ائين چوندي جيسين آءٌ پهچان تنهن کان اڳ ۾ پاڻ
ڦليليءَ جي ڪپ تي بيهي پريم پريم ناٿ اجها آيس.
توکي پرچائڻ،چوندي کڻي ٽپو ڏنائين. اسان بروقت ڪڍي
پر هوءَ ته وڃي پرماتما سان ملي.“
سڀني غم جي ويٺل جي اکين مان لڙڪ وهي هليا. اوچتو
حاجي
قاسم ڏٺو ته پريم آهي ئي ڪونه!
هڪل ڪيائين ”ڏسو پريم ڪاڏي ويو“ ويٺلن ۾ ڊوڙ پئجي
ويئي. پريم پدما جو حشر ٻڌي بي خطا ڦليليءَ ڏانهن
ڀڳو. حاجي قاسم جيپ ۾ هن جي پٺيان پيو.
ايتري ۾ پريم سپرهاءِ وي تي پهچي ويو. بيخوديءَ ۾
تيز ڊوڙندي رستي جي وچ ۾ ڪنهن تيز رفتار ڪراچيءَ
کان ايندڙ بس هيٺان اچي ويو. حاجي قاسم به پهچي
ويو. بس مان مسافر لهي آيا ۽ ڳوٺ جا ڊوڙي ايندڙ
ماڻهو به پهچي ويا. ڏٺائون ته پريم رت ۾ لت پت
حاجي قاسم جي هنج ۾ هو. سڀني سمجهيو ته مري ويو پر
هن اوچتو اکيون کوليون ۽ چيائين ”ڪاڪا پدما راڻي
بيٺي آهي. آءٌ رٺو ڪونه آهيان پدما اجهو آيس
راڻي.“
ٻڌندڙن
جو ڄن هانو ٿي ڦاٽو. عورتون (پئسينجر) ته جنسي
روئي پيون. حاجي قاسم پريم جو لاش جيپ تي رکيو
ڌيري ۽ رگناٿ کي چيو ته ”پٽيل پريم ۽ پدما پئسن
سان ملن ته نوٽن ۾ توري وٺي ڏيانوَ پرڇا ڪجي رب
سائين جي سرڪار ڏاڍي آهي.“
•آسڪر
وائلڊ
سڌيڪار: محبوب علي جوکيو
دوستيءَ جي هام
ڪنهن سمي، ڪو ايماندار نوجوان هوندو هو، جنهن جو
نالو هينز هو. هن ۾ خاص ساراهڻ جهڙيون هي خاصيتون
هيون ته هڪ کِلمک جوان هو ۽ نهايت نرم دل انسان
هو. هن ۾ حضور شرميءَ ۽ دوستيءَ جو جذبو انهيءَ
حد تائين هو، جو هو ٻين جي ڀلائيءَ ۽ مفاد کي
هميشہ پنهنجي چڱائيءَ ۽ دلچسپين تي ترجيح ڏيندو
هو. هو هڪ ننڍيءَ جهوپڙيءَ ۾ اڪيلي سر رهندو هو ۽
سڄو ڏينهن پنهنجي باغ ۾ محنت ۽ پورهيو ڪندو رهندو
هو. هن پنهنجي باغ کي اهڙو ته سهڻو ۽ وڻندڙ بڻائي
ڇڏيو هو، جو ان جهڙو باغ ڪٿي به ڳوٺ جي اوسي پاسي
ڪونه هو. هن جي باغ ۾ هر موسم جا ڪئين گل موجود
هئا جي هر موسم ۾ باغ ۾ رونق لايو بيٺا هوندا هئا.
هڪڙا گل ڪومائبا هئا ته انهن جي ڀر ۾ وري ٻيا گل،
موسم موجب ٽِڙندا هئا. اهڙيءَ طرح هر وقت باغ ۾
سونهن ۽ خوشبوءِ جي ڪمي ڪانه هوندي هئي. |