گذارش
من جي دنيا:
موجوده دؤر جو ”انسان“ اڄڪلهه جي مفڪرن لاءِ هڪ
اهم موضوع بنجي چڪو آهي. دنيا جا فلسفي، عالم ۽
حڪيم، ”انسان“ جي اخلاقي زوال تي رت جا ڳوڙها ڳاڙي
رهيا آهن. سندن چوڻ آهي ته اڄڪلهه جي ”انسان“ جو
ذهن ۽ ضمير ٻئي عدم توازن جو شڪار بنجي چڪا آهن.
اڄوڪي انسان جو فڪر و نظر فقط انگن- اکرن، تجربي ۽
مشاهدي جي مومل واريءَ ڪاڪ ۽ ان جي مانڊاڻ جي ڪڇ ۽
ماپ الجهي چڪو آهي.
انسانيت ۽ ان جا لطيف احساسات، پاڪيزه جذبات، بلند
نصب العين، صحتمند دائمي قدر، اخلاق جا اعليٰ
اصول، انسان جا اجتماعي حق، مساوات ۽ اخوت جو
عالمگير نظام، اهي ۽ ان جهڙا ٻيا ترقي پذير ۽ حيات
پرور اصول اڄڪلهه جي انسان جي نظر ۾ ڄڻ ته ڪا
حيثيت ئي نٿا رکن. هي اهي تلخ حقيقتون آهن، جي رڳو
مشرق نه پر مغرب جي انسان دوست مصلحن ۽ عالمن به
تسليم ڪيون آهن. مغرب جا ڪيترا وڏا عالم اهو
اعتراف ڪري چڪا آهن، ته سائنس ۽ علم جديد جي
مطالعي کانپوءِ اهو واضح ٿو ٿئي ته هن موجوده دؤر
جي جديد تهذيب جي تعمير جي سلسلي ۾، جي جديد اصول
۽ قدر قبول ڪيا ويا آهن، تن کي انسانيت جي تعمير
لاءِ گهٽ ، پر تخريب لاءِ وڌيڪ استعمال ڪيو پيو
وڃي. اهڙن قدرن جي غلط استعمال جي ڪري، انسانذات
جي صحيح ۽ متوازن نشو ونما ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي چڪي
آهي، ۽ ”انسان“ اخلاقي طور جيئن پوءِ تيئن تباهه
ٿي رهيو آهي.
محقق ۽ مفڪرن اهو به اعتراف ڪيو آهي ته اهي اصول ۽
قدر، جي محض ”مادي تعبير“ مان پيداڪيا ويا آهن، تن
جي تجربن ۽ مشاهدن جي چند نتيجن تي اجايو اعتماد
پيدا ڪري،ذي روح ۽ باشعور انسان جي تهذيبي،
معاشرتي، روحاني ۽ اخلاقي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ جي
سلسلي ۾، کين نهايت غلط نموني ۾ استعمال ڪيو ويو
آهي.
انسان ۽ ان جي زندگي هونءَ به نهايت پيچيده آهي،
ان گَهرائيءَ جي ڪا انتها نه آهي، نه ڪو ان جي
وسعت جو ڪو آخري اندازو لڳايو ويو آهي. تنهنڪري جي
ماڻهو، انسان ۽ ان جي مشڪل ۽ پيچيده مسئلن کي رڳو
مادي نقطهء نظر سان حل ڪرڻ ٿا گهرن، سي گويا پوري
انسان ذات کي غلط ۽ تباهه ڪندڙ رستي تي هلڻ لاءِ
مجبور ٿا ڪن. انسان ۽ ان جي اخلاقي ۽ روحاني قدرن
کي ڪڏهن به نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي.
سج ۽ چنڊ جي مشاهدي سان يا خلا پيمائيءَ سان يا
ايٽم بم ۽ هيڊروجن بم جي اڇلائڻ سان ته ”من جي
دنيا“ جي اونهائيءَ کي لهي نه ٿو سگهجي.
من جي دنيا هڪ عجيب دنيا آهي، ۽ تَن جي دنيا ان
کان بلڪل برعڪس، نرالي ۽ الڳ ٿلڳ دنيا آهي. هر
دنيا جا اصول ۽ معيارَ، قدر ۽ نتيجا جدا جدا آهن.
هر دنيا ۾ جستجو ۽ تلاش، تحقيق ۽ حاصلات جا معيار
الڳ الڳ آهن. هر دنيا ۾ ڪڇ ۽ ماپ، تَڪَ ۽ تَورَ جا
توراڙا ۽ ماپا به جدا جدا آهن. ”تن جي دنيا“ ۽ ”من
جي دنيا“ جي سفر جو زادراه ۽ ثمر به الڳ الڳ آهن.
اڄ چنڊ ڏانهن ويندڙ مسافر، پنهنجي محدود ۽ مختصر
سفر لاءِ جي اربن رپين جا مشيني ساز ۽ سامان،
وسيلا ۽ ذريعا استعمال ٿو ڪري، تن جي حيثيت، ”مَن“
جي مسافر وٽ ڌوڙ ۽ ڇائيءَ کان وڌيڪ ناهي!
اڄ چنڊ جو مسافر، پنهنجي بي حوصلگيءَ ۽ ڪم ظرفيءَ
جي ڪري خلا ۾ اُڏرندي چئي ٿو ڏئي ته هت ڪو ڪار ساز
۽ ڪارفرما ۽ سندس ڪارسازي ۽ ڪارفرمائي اڃا تائين
نظر نه آيا آهن! اهڙن عقل جي انڌن ۽ مت جي موڙهن
کي لا انتها خلا ۾، زمين جي چوڌاري ، مختلف روشنين
جا ڪرڻا نظر اچن ٿا، اوندهه مان روشني ۽ روشنيءَ
مان تاريڪيءَ جو بدلجندڙ نظام نظر چڙهي ٿو ، زمين
ڪڏهن لال زار ۽ سبزه زار ته ڪڏهن صحرا ۽ ريگزار
نظر ٿي اچي، ڪڏهن سندس پرواز کان هيٺ تحت الثريٰ ۾
ته ڪڏهن سندس مٿان معلق نظر ٿي اچي، ان اضافي
ڪشمڪش ۽ خلائي رنگ و بو ۾ فقط اهو سوچيو ، ويو ته
آخر اهو سڀ ڪجهه ائين خلا ۾ ڪنهن ته ٽنگي ڇڏيو
هوندو! ائين سوچي، اننڪارساز
کي خلا ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر ”ڪارساز“ کين
خلا ۾ ڪٿي به نظر نه آيو، نه ڪو خلا ۾ نظر اچي
سگهي ٿو، ۽ نه ڪو ڪارساز ان خلا۾ موجود آهي!
ڪارساز ۽ فاطر جي وجود جو اهو تصور
نهايت
غلط آهي. هو مادي ۽ ان جي مڪان کان بالا آهي.
افسوس اهو آهي ته قدرت جي وسيع خلائي ڪائنات ۽ ان
۾ سج ۽ چنڊ جي نظام ۽ نظاري جي دلڪشيءَ ، حسن
آفرينيءَ، ديده زيبيءَ، وجدانگيزيءَ، صنعت گريءَ،
۽ پخته ڪاريءَ ڏانهن ان خلائي مسافر جو ڪو به خيال
نه ويو! حالانڪُ ”مَنَ جي دنيا“ جو مسافر، جڏهن
”مَنَ“ جي اٿاه خلا ۾ جهاتي پائي ٿو،تڏهن سندس
وجدان ۽ احساس، کيس هڪ ”فاطر ۽ قادر“ ۽ مافوق الفڻرت
هستيءَ سان آشنائي ٿو بخشي. وجدان ۽ احساس جي قوت،
کيس روحاني طرح سان هڪ ڪارساز جي وجود جو ”اعتماد
۽ اعتماد“ ٿي عطا ڪري. هو منتشر ۽ وسيع ڪائنات ۾
مومل جي ڪاڪ واري مانڊاڻ ۽ ان جي پراگندگيءَ ۾
”هڪ“ ئي مشاهدو ٿو ڪري ۽ لطيف جي زبان ۾ چوي ٿو:
”راڻوئي راڻو، ريءَ راڻي ناهه ڪئي!“
يا لطيف جي چوڻ موجب:
ايک قصردرلک- ڪوڙئين ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏنهن ڪيان پرک- تيڏهن سڄڻ سامهون!
”من جي دنيا، جو عارف ذري ذري ۾ ۽ قطري قطري ۾، حق
جو مشاهدو ٿو ماڻي، هو ”ڪثرت“ کي سهيڙي، هڪ ”وحدت“
کي ئي محسوس ٿو ڪري ۽ غيريت جا سڀ اضافي اهڃاڻ، ۽
”قيد ۽ بند“ ٽوڙي ”وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت، وحدت ڪل“
ٿو چوي. اهڙي عارف جو سير ”من جي دنيا“ ۾ ٿو رهي ۽
پنهنجي سير لاءِ چوي ٿو:
”پيهيجان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ!“
سندس ”روح رهاڻ“ ئي آهي، جا کيس هن ڪائنات ۽ حيات
جي ڳجهن اسرارن کان واقف ٿي ڪري. ان مقام تي پهچي،
”انسان“ جي وجدان ۽ احساس کي نه ڪو ”نفسيات“ ٿي
سمجهي سگهي ۽ نه ڪو انسان جي اونهائيءَ جو ”مافوق
النفسيات“ کي ئي پتو ٿو پوي. جديد دور جا اهي
نفسياتي ماپا، هن حقيقت کي ماپي ئي نه ٿا سگهن.
اهو تسليم ٿو ڪجي ته هڪ طرف انسان، شعور جي ماتحت
عمل پيرا آهي، ته ٻئي طرف منجهس ”لاشعوري ۽ غير
شعوري“، عناصر جي موجودگيءَ ۾ ڪار فرمائيءَ جي
دنيا به وسيع آهي. بس ايتريءَ ڄاڻ ۽ سڃاڻ کان
پوءِ، اها دعويٰ ڪرڻ ته جديد نفسيات سان، ”انسان“
جي هر مشڪل مسئلي کي حل ڪيو ويو آهي، نهايت
احمقانه جرات آهي.
هن دور جو مشهور سائنسدان، اليڪس ڪيرل، صدر
راڪفيلر انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل ريسرچ (آمريڪا)
فرمائي ٿو:
”اهو علم ۽ اهو فن، جن جو تعلق بيروح مادي سان آهي
۽ جي انسان جي زندگيءَ متعلق بحث ٿا ڪن، تن ۾ عجيب
۽ غريب تفاوت ۽ تضاد زندگيءَ متعلق بحث ٿا ڪن، تن
۾ عجيب ۽ غريب تفاوت ۽ تضاد موجود آهي. روح واري
مخلوق، خاص طرح سان انسان جي باري ۾ جا به معلومات
اڄ تائين حاصل ٿي سگهي آهي، ان جي صحت، شڪ ۾ گمان
جو شڪار رهي آهي، ان ۾ اسان کي ڪابه نمايان ترقي ۽
ڪاميابي حاصل نه ٿي آهي. اهي علم ۽ فن به اڃا
تائين ابتدائي ۽ اوائلي منزل ۾ آهن. ”انسان“ ڏاڍي
پيچيده مشين آهي. تنهنڪري ان متعلق جلد بازيءَ سان
ڪنهن خاص راءِ قائم ڪرڻ کي علمي راءِ چئي نٿو
سگهجي. اڄ تائين اهڙا ڪي به اصول ۽ معيار، طريقا ۽
وسيلا اسان کي هٿ نه اچي سگهيا آهن، جن سان پوري
انساني زندگيءَ ۽ ان جي مختلف شعبن ۽ ان جي باهمي
واسطن ۽ رابطن متعلق ڪا مڪمل معلومات حاصل ڪري
سگهيا هجون. ”انسان ۽ ان جي ”مَنَ جي دنيا“ متعلق
اسان جا اٺسٺا ۽ نتيجا، اسان جي جهالت جي
افسوسناڪ حد تائين پهچي چڪا آهن.“
هي آهي، ”انسان“ ۽ ”مَنَ جي دنيا، متعلق اسان جي
علمي ۽ سائنسي وسيلن ۽ ذريعن جو حال!
اهو ساڳيو مفڪر ۽ سائنسدان، انسان ۽ علم جي مرڪز
متعلق بحث ڪندي لکي ٿو:
”اسان جي بحث ۽ نظر، علم ۽ ڄاڻ جو مرڪز ۽ محور
”انسان“ هئڻ گهرجي، پر افسوس اهو آهي جو انسان ئي
ويچارو، اڄڪلهه جي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اجنبي ۽
ويڳاڻو رهجي ويو آهي! ويچارو انسان، هن مادي دنيا
۾ رهندي، ڳڻتين ۾ ڳرندي ۽ جهورين ۾ جهڄندي، نه
”مَنَ جي دنيا“ جي مسئلن کي حل ڪري سگهيو آهي ۽ نه
”مَن جي دنيا“ کي مقصدن کي ماڻي سگهيو آهي. ڇو ته
هو پنهنجي ”ڄاڻ ۽ سڃاڻ“، پنهنجي ”فطرت ۽ تخليق “،
پنهنجي ”مقصد ۽ بلند نصب العين“ کان بلڪل بي خبر
۽ نا آشنا رهجي ويو آهي! ان حالت ۾ رهندي انسان ڇا
ٿو حاصل ڪري سگهي؟“
اليڪس ڪيرل، اڃا به نشترزنيءَ کان قلم نه روڪيو
آهي. پوري اعتماد سان چوي ٿو:
”ٻيو ته حيرت اها آهي ته بيجان مادي سان تعلق
رکندڙ علم ۽ فَن، ڪري چڪا آهن.اصل ۾ اهوئي انسانيت
جو سڀ کان وڏو زيان آهي.“
بيجان مادي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ مفاد کان ڪو به
انڪار ڪري نٿو سگهجي، مادي نعمتن جي حاصلات ڪا بري
چيز نه آهي، اهي به بيشڪ زندگيءَ جون اهم ضرورتون
ئي آهن، پر ساري زندگي رڳو ماده جي پيداوار ته
ناهي! هت رڳو اهو ظاهر ڪرڻو آهي ته اهڙن مادي مفاد
طلب ماڻهن جي گمراهيءَ ۽ سندن بي راه رويءَ واري
طرز استدلال جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته انهن نه ڪو
حيات ۽ ڪائنات جي تخليق ۽ باهمي ربطه تي غور ڪيو
آهي ۽ نه ڪو انسان جي بلند ۽ اخلاقي نصب العين کي
مطالع ڪيو آهي. هنن جي نظر ۾ انسان چند مادي عناصر
جي ظهور ترتيب جو طبعي پيداوار آهي، ۽ فقط ڪاربن،
ڪيلشم، گندڪ، فولاد ۽ لوڻ جهڙين چند چيزن مان
انسان جڙيو آهي، تنهنڪري انسان آهي هڪ عناصرن مان
ٺهيل مشين، جا اعليٰ درجي جي پيچيده ۽ دلچسپ
مشين ئي آهي، ان کان وڌيڪ ”انسان“ جي ٻي ڪا به
حقيقت ڪانه آهي. ”انسان“ ۽ ”حيوان“ ۾ ڪو به فرق
ناهي. ”انسان“ اڳيان، ”اخلاق ۽ آدرش“ جو سوال
اٿارڻ فضول آهي. ائين وسهڻ ته ”انسان“ جي زندگيءَ
جو ڪو مقصد آهي، ان تي سوچڻ آهي اجايو مٿو کپائڻ،
جنهن مان ته ڪجهه ورڻو ناهي. اخلاقي نصب العين،
صحتمند قدر، مثبت معيار، شعور ۽ آگهي، ضمير ۽
وجدان، اهي سڀ بيسود ۽ بي بهبود، خام خياليءَ جي
پيداوار آهن. ان کان وڌ نه ڪو حيات ۽ ڪائنات جو
تعبير آهي ۽ نه ڪو مَنَ جي دنيا ۽ تَن جي دنيا ۾
ڪو بنيادي فرق آهي. ان ڪري:
”بابر بهَ عيش کوش که عالم دوباره نيست“!
ڇا؟ انسان، حيات ۽ ڪائنات جو تعبير اهوئي آهي، جو
”مَنَ جي دنيا“ کي نظرانداز ڪري بيان ڪيو ويو آهي!
اهڙن اڻ ڪڙهيل پڙهيلن لاءِ لطيف فرمايو آهي:
پَڙهيو ٿا پَڙهن، پر ڪڙهن ڪين قُلوب ۾،
پاڻان ڏوهه چَڙهنِ، جُہ ورقَ ورائِن وِترا.
”مَن جي دنيا“ کان انسان جي محروميءَ کي ڏسي،
”لطيف“ نهايت دلگداز انداز ۾ فرمايو آهي: ”ڦِريا
پَسي ڦيڻ، کَريَن کير نه چکيو!“ هن دؤر جي
دانشورن، عالمن ۽ اديبن تي فرض آهي ته هو پنهنجي
فن ۾ ”انسان“ ۽ ان جي آدرش کي پيش ڪن، جنهن کان
اڄوڪي انسان محروم ٿي چڪو آهي.
لاهوتي لڏي ويا
سنڌ جي ادبي ۽ علمي تاريخ ۾ هي سال ڏاڍو ڳرو ثابت
ٿيو آهي. هن سال ۾ سنڌي ادب جي وفا شعار خدمتگذارن
مان پورو ساٿ ڀرجي هُن پار پهچي چڪو آهي. ان ساٿ
جي وڇوڙي نه فقط سنڌي ادب ۾ خال پيدا ڪيو آهي، پر
ان سان گڏ سنڌي ادب جي خدمتگذارن کي به جهوري وڌو
آهي.
”موت“، زندگيءَ لاءِ لازم ملزوم شرط آهي. ”موت“ هڪ
فطري امر آهي، جنهن کان ڪوبه انسان بچي نٿو سگهي،
پر ڪي ڪي واقعا اهڙا ٿين ٿا، جن جو اثر ڪافي زماني
تائين قائم رهي ٿو ۽ انهن جي تلافيءَ جي ڪابه صورت
نظر نه ٿي اچي.
هينئر تائين جديد فلسفي ۽ مذهبيات جي مطالع وارن
اهو ثابت ڪيو آهي ته زندگي هڪ ارتقا پذير حرڪت
آهي، ۽ اها حرڪت مسلسل هلندي ٿي اچي، آدجڳاد کان
وٺي ، نامعلوم زماني تائين، زندگيءَ ۽ ڪائنات جي
اها ارتقا پذير حرڪت، مسلسل ۽ لاڳتي هلڻي آهي ۽ ان
جي حرڪت ۾ ڪٿي به ڪو ڇيڄو ۽ وقفو نه آهي. ان طول
طويل سفر ۾ ”موت“ هڪ عارضي منزل آهي، جنهن کان
پوءِ حيات بعد الممات جو سفر شروع ٿو ٿئي، فلسفي ۽
تصوفّ جا ڄاڻو حڪيم ۽ فيلسوف چون ٿا ته معنوي طور
تي انسان، روح ۽ حيات باقي ۽ لافاني، زنده ۽
جاودان آهن. باقي عناصرن مان ٺهيل جسم فاني آهي،
ڇو ته عناصر به فاني آهن، ۽ مادي کي حيات جاوداني
حاصل ناهي. روح ئي لازوال ۽ لافاني آهي.
قدرت جي ڪارخاني ۾ ”انسان“ به هڪ وڏي وَٿ آهي،
حقيقي ڪارساز جو نائب ۽ خليفو آهي. هن زندگيءَ کي
سنوارڻ ۽ ترقي وٺائڻ سندس منصبي فرض آهي. بلڪ چيو
ويو آهي ته هيءَ ڪائنات ۽ ان جي ارتقا ۽ تسخير
آهي ئي انسان لاءِ. نظام شمسي، زمين ۽ هوائون، باغ
۽ راغ، اوڀڙ ۽ ميوا، حيوان ۽ ٻيا جاندار، سڀ
”انسان“ لاءِ خلقيا ويا آهن ۽ هيءَ ڪائنات بي مقصد
نه خلقي وئي آهي. ”انسان“ جي حيثيت هن ڪائنات م
نهايت اهم آهي. ان اهميت کي محسوس ڪندي ئي علم
وارن چيو آهي ته ”انسان“ ”عالم صغير، آهي. ان جي
معنوي حيات لاءِ ”موت“ کان پوءِ به حياتيءَ جي
ارتقا موجود رهندي. لطيف چيو آهي:
”نه ڪا ابتدا عبد جي نه ڪا انتها“
بهرحال، عالمن چيو آهي ته انسان ۽ ان جو روح ۽ ان
جا ڪارناما، سڀ زنده رهن ٿا. گويا ”انسان“ کي موت
به هميشہ لاءِ مثائي نٿو سگهي، بلڪ ”موت“ سندس سفر
جي هڪ عارضي منزل آهي، جنهن کان پوءِ حيات بعد
الممات جو سفر جاري رهي ٿو.
لطيف سائينءَ فرمايو آهي:
مرڻا اڳي جي مُئا، سي مَري ٿيا نه مات،
هوندا سي حيات، جيڻا اڳي جي جئا.
مرڻ کان اڳ مرڻ ۽ جيئڻ کان اڳ جيئڻ تي، فلسفيانه ۽
صوفيانه بحث موجود آهن، جن جي اپٽار جي هت گنجائش
نه آهي. فقط ايترو سو چوڻو آهي ته ان ۾ زندگيءَ جي
مسلسل حرڪت ۽ حيات جاودان کي بيان ڪيو ويو آهي.
”انسان“ جي معنوي ڪمال جي به ڪا انتها ناهي، اهو
معنوي ڪمال، هن رنگ ۽ بوءِ جي دنيا ۾، جسماني موت
کان پوءِ به قائم ۽ دائم رهي ٿو، ۽ اهوئي آهي،
”مرڻ کان اڳ مرڻ ۽ جيئڻ کان اڳ جيئڻ“.
سنڌي ادب مان وڇڙيل ساٿي، اگرچ اڄ جسماني لحاظ
سان، هن نگ ۽ بوءِ جي دنيا ۾ موجود ناهن، پر سندن
علمي ۽ ادبي، فني ۽ اخلاقي، عملي ۽ ذهني وجود ۽
ڪارناما اڄ به موجود آهن، ۽ موجود رهندا. انڪري،
اهي ڄڻ ته اسان وٽ حيات به آهن ۽ اسان وٽ موجود به
آهن. ظاهري طرح سان اهي لاهوتي لڏي ويا آهن، پر
اسان وٽ پنهنجو علم ۽ فن ڇڏي ويا آهن. انهن جي علم
۽ فن کي سهيڙڻ ۽ سنوارڻ ۽ انهن جي منصبي فرض کي
اڳتي وڌائڻ اسان جي فرض ۾ شامل آهي.
اسان جا ساٿي پنهنجو وارو وڄائي ويا، هاڻي اسان کي
انهن جي ڪم کي تڪميل تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
لڏي ويل ساٿين جي يادگيريءَ جو اهو هڪ بهترين ۽
مثالي طريقو آهي. ان جي مقابلي ۾، رڳو ماتم
سرائيءَ ۽ اشڪ شوئيءَ مان ته ڪجهه به ورڻو ناهي.
لڏي ويل ساٿ ۾، جي ساٿي اسان کان وڇڙي چڪا آهن، تن
جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جي
هت في الحال ڪابه گنجائش ناهي. اهو ڪم اڳتي هلي
سنڌي ادب جا عالم ۽ دانشور ئي ڪندا. في الحال سندن
نالن پيش ڪرڻ تي اڪتفا ڪجي ٿي.
هن سلسلي ۾ مرحومه بيگم زينت چنا جو اسم گرامي،
سر فهرست آهي. سنڌ جا اديب ۽ دانشور، پيار ۽ پاٻوه
وچان کين ”جيجي“، ڪري سڏيندا هئا. سندن علمي،
ادبي، ۽ سماجي خدمتون سنڌي ادب جي تاريخ ۾ امر
رهنديون.
ان طرح حيدرآباد جي رڄ چڱي مڙس مرحوم سرائي اميد
عليءَ جهڙي ڪهنه مشق افسانه نگار، شيخ عبدالله عبد
مرحوم جهڙي عالم ۽ فاقد، مولوي الله ورائي
بروهيءَ جهڙي عالم دين ۽ صاحب قلم، مرحوم ضياء
الله غلام علي نانا جهڙي فضيلت ڀرئي بزرگ، مرحوم
علي محمد خالديءَ جهڙي پياري قربائتي ۽ زنده دل
شاعر، مرحوم جان محمد جماليءَ جهڙي محترم استاد ۽
تعليمي سڌارڪ، مرحوم محمد حسين آتش جهڙي
قادرالڪلام غزل گو شاعر ۽ مرحوم عبدالغفور انصاري
جهڙي نوجوان اديب ۽ ماهر تعليم ۽ مرحوم ممتاز حسن
جهڙي انسان دوست ۽ سنڌي ادب جي خيرخواه دانشور کان
وڇڙي چڪا آهيون.
دعا آهي ته رب ڪريم کين مَهي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽
سندن پسماندن کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي ۽
ان سان گڏ، الله تعاليٰ سنڌي اديبن ۽ دانشورن کي
پڻ پنهنجي فرض ادائيءَ جي توفيق عنايت فرمائي،جيئن
هو سنڌي ادب جي وڇڙيل ساٿ جي فن ۽ علمي ذخيري کي
سهيڙي، سنواري ۽ شايع ڪري سگهن. سنڌي ادب جي خدمت
جي سلسلي ۾ اها هڪ وڏي خدمت ۽ فرض شناسي چئي سگهجي
ٿي.
الياس عشقي جي آمد:
اها نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته مشهور عالم ۽
شاعر جناب الياس عشقي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو
اسٽيشن ڊائريڪٽر مقرر ٿي آيو آهي.
محترم عشقي صاحب، پنهنجي ادبي مقام جي حيثيت سان،
ڪنهن به رسمي تعارف جو محتاج ناهي. عشقي صاحب،
اردوءَ، فارسيءَ سان گڏ، سنڌي زبان جو وڏو شاعر
آهي. سندس سنڌي شاهڪار ڪلام، مهراڻ رسالي ۾ ڪافي
وقت کان شايع ٿيندو آيو آهي. بيت، دوهي، وائيءَ ۽
ڪافيءَ جي فني محاسن کي جنهن پختگيءَ ۽
قادرالڪلاميءَ، سان عشقي صاحب نباهي چڪو آهي، ان
جو داد سنڌ جا اديب ۽
شاعر،
دانشور ۽ سخن فهم دل کولي ڏئي چڪا آهن. سنڌي ادب
۽ فن جي هڪ ڄاڻوءَ جي حيثيت سان، جڏهن کان عشقي
صاحب ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جون واڳون سنڀاليون
آهن، تڏهن کان ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد جي پروگرامن
۾ نه فقط سنڌي نشريات ۾ اضافو ٿيو آهي، پر ان سان
گڏ سنڌي موسيقي، ادب، تهذيب، تاريخ ۽ ثقافت متعلق
ڪيئي نوان پروگرام پڻ مقرر ڪيا ويا آهن، جي معيار
۽ افاديت جي لحاظ کان قدر جي لائق آهن.
اسان محترم عشقي صاحب جي تقررّ کي سنڌي ادب ۽ فن
جي خدمت ۽ اشاعت جي سلسلي ۾ نيڪ فال سمجهون ٿا ۽
سندس خصوصي توجه جي لاءِ هڪ تجويز عرض رکون ٿا.
سنڌ جي مشاهير جي سوانح، فن ۽ ڪارنامن متعلق اسان
جو مشورو آهي ته انهن جا باقاعده مخصوص ڏينهن
ملهايا وڃن.
سنڌ جي صوفي بزرگن مان حضرت مخدوم نوح رحه، مخدوم
بلاول رحه، شاهه ڪريم، مخدوم محمد زمان لواريءَ،
مخدوم معين ٺٽوي مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي ، شاهه عنايت شهيد وغيره ۽ مشهور شعارن مان،
لطيف، سچل، شاهه عنايت رضوي، خليفي نبي بخش لغاري،
مخدوم گروهڙي، صادق فقير، منٺار فقير،
حمل فقير
مراد فقير، بيدل، سامي، مخدوم امين هالا، سانگي،
قليچ، قادري، مخلص، بسمل، واصف، محمد صديق مسافر،
خادم لاڙڪاڻائي.
ملڪي خدمتگارن مان رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي،
مولانا تاج محمود امروٺي، علامه سيد اسد الله شاهه
ٽکڙائي ، سيد الهندي شاهه ، حسن علي
آفندي
، شمس الدين بلبل، خانبهادر محمد يعقوب ، شيخ صادق
علي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ، خانبهادر الهه بخش
سومري، مولانا دين محمد شاهنواز وفائي، مولانا
محمد صادق ڪراچي، پير تراب علي شاهه، جان محمد
جوڻيجي، سر شاهنواز ڀٽي، مخدوم غلام حيدر صديقي
هالا، پير غلام مجدد سرهندي مٽياروي وغيره ۽ محقق
عالمن مان علامه آءِ آءَ قاضي، علامه ڊاڪٽر دائود
پوٽي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، عثمان علي انصاري، مولانا
عبدالڪريم چشتي، ڀيرومل مهر چند، لالچند امر ڏني
مل، مرحوم رئيس ضياء الدين ايس. بلبل، وغيره جا
ڏينهن ملهايا وڃن ۽ انهن جي سوانح سان گڏ، سندن
تعليمي ادبي، ديني ۽ ملڪي خدمتن تي تقريرون ڪرايون
وڃن.
ان سلسلي ۾ سنڌ جي زنده ۽ مشهور شخصيتن ۽ پراڻن
تجربه ڪارن ۽ ملڪي خدمتگارن جا انٽرويو رڪارڊ
ڪرايا وڃن، جيئن سنڌ جي باشندن کي سندن زبان سان
بيان ڪيل واقعات مان تاريخي حقيقتن جي خبر پئجي
سگهي.
اميد ته هي سلسلو سنڌي ادب ۽سنڌ جي قومي تاريخ ۾
هڪ مفيد اضافو تصور ڪيو ويندو ۽ عشقي صاحب هن
تجويز سان متفق ٿيندو.
شڪريو
آخر ۾ اداره ”مهراڻ“، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري
محترم غلام رباني صاحب جو از حد ٿورائتو آهي، جنهن
صاحب جي فني صلاح ۽ مشوري سان ”مهراڻ“ جي معيار کي
برقرار رکڻ ۾ وڏي مدد ملندي رهي ٿي. |