سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1974ع

مضمون:

صفحو :8

منهنجا وار ڪانڊارجي ويا. مون کي ائين لڳو ڄڻ چاچي ڏائڻ آهي. بيبي پنهنجي چاچا کان ڊڄندي هئي. جڏهن چاچيءَ چاچا جو ڊپ ڏنس، تڏهن سڏڪا ڀريندي، ٻهاري ڏيڻ لڳي. ”جلدي ڏيئي وٺ ٻهاري! اڃا هي ٿانو صاف ڪرڻا پيااٿئي....“

”چاچي، مون کي بک لڳي آهي. ماني کائي، پوءِ ڪم ڪنديس...“

”ماني تنهنجو موالي پيءُ ڏئي ويو آهي، جو ماني ٿي گهرين! هل پهرين ڪم ڪري وٺ، ماني پوءِ،.....“

مون کان وڌيڪ ٻڌو ڪونه ٿيو. مان اُتان ٻاهران ئي موٽي آيس.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ آءٌ بلڪل چاق ٿي ويس. صبح مهل تيار ٿي، بيبيءَ جي گهر ويس، جيئن ٻيئي گڏجي اسڪول وڃون. گهر ۾ گهڙيس، ته ڏٺم ته بيبي بورچيخاني ۾ آڏيون ابتيون مانيون پچائي رهي هئي. مون کيس چيو، ”بيبي، اسڪول ڪانه هلندينءَ ڇا! ڏاڍي دير ٿي ويئي آهي....“

بيبيءَ اکيون کڻي، مون ڏانهن نهاريو. کن پل لاءِ هوءَ مون کي ڏسندي رهي. پر پوءِ يڪدم ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين. شايد پنهنجن ڳوڙهن کي ٿي مون کان لڪايائين. مون هڪ ڀيرو کانئس پڇيو، ”اڄ اسڪول ڪانه هلندينءَ ڇا!

”ماڻس پڻس به پڙهي هئي، جو هيءَ پڙهندي، اڄ کان هن جو پڙهڻ بند آهي. ڌيءَ ڌڻ لاءِ ڪو ايڏو پڙهڻ ضروري آهي ڇا! تون وڃ شاني، توکي دير ٿيندي هوندي....“

مون کي اعتبار ئي ڪونه آيو ته هيءَ ڪا اهائي چاچي آهي. جيڪا سڀني پاڙي جي ٻارن کي پيار ڪندي هئي. کيس ڇا ٿي ويو آهي! پورو وقت اسڪول ۾ بيبيءَ جي باري ۾ سوچيندي رهيس ته آخر بيبي ڪير آهي، سندس ماءُ پيءُ ڪٿي آهن، ۽ چاچيءَ جو هن سان ڪهڙو رشتو آهي، ۽ جي ڪو رشتو آهي به ته پوءِ مٿس ايڏو ظلم آخر ڇو!

پوءِ اُنهن سڀني سوالن جا مون کي جواب ملي ويا. ڇا ٿيو، جو ٻنپهرن جو بابا ماني کائڻ گهر آيو. بابا اوڙي پاڙي جي ڳالهين ۾ دلچسپي ڪونه وٺندو هو. ان ڪري کيس ڪنهن به ڳالهه جي خبر ڪانه هئي. بابا امان کان پڇيو، ”هيءَ مائي رحمت جي گهر ڪهڙي ڇوڪري اچي رهي آهي؟“ ڪنهن کان وٺي  پالي اٿس ڇا؟“

مان ورانڊي جي ڪنڊ ۾ گُڏين راند ڪري رهي هيس. چاچيءَ رحمت ۽ بيبيءَ جو ذڪر ٻڌي، ڪن کڙا ٿي ويم.

”شانوءَ جا پيءُ، اها هڪ وڏي ڳالهه آهي. توکي خبر آهي ته يوسف ۽ احمد ٻئي ڀائر آهن. وڏي ڀاءُ يوسف ته پنهنجي زندگيءَ کي سنواري ڇڏيو، پر احمد پنهنجو پورو ناڻو عيش عشرت ۾ وڃائي ڇڏيو. جيڪي ڪجهه بچيس، تنهن مان شادي ڪيائين. چون ٿا ته مائي به ڪا وڻواند هئي، پوءِ خدا ڄاڻي ڪوڙ يا سچ! وڏي ڀاءُ گهڻوئي اُن شادي کان جهليس، پر هن سندس ڪا پرواهه نه ڪئي. شرابي ته اڳ ۾ ئي هو. شاديءَ کان پوءِ رهيو سهيو حال به ويس. جوڻس جهڙو تهڙو گهڻو ئي سمجهايس، پر هو اُن سان به وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويو. آخر اها ڳالهه وڌي طلاق تائين وڃي پهتي. طلاق جي خبر جڏهن يوسف کي پيئي، تڏهن ڀاءُ وٽ ويو ۽ چيائينس ته ڇوڪري پنهنجي آهي، اُن ڪري ماڻس کي نه ڏجان! مائيءَ گهڻائي هٿ پير هنيا، پر آخر ۾ ڇوڪري به پيءُ جو ساٿ ڏيئي بيٺي. ٻار ته هئي، کيس ڪهڙي خبر ته ڇا ٿيڻ وارو آهي!“

”امان تنهن ڏينهن چاچيءَ، بيبيءَ جا وار پٽي، کانئس ٻهاري ڏياري رهي هئي، ۽ مان اڄ صبح سان سندس گهر ويس، ته جيئن اسڪول وڃون، ته چاچيءَ چيو، ”ماڻس به پڙهي هئي، جو هيءَ پڙهندي!“ امان! ويچاريءَ جو پڙهڻ به چاچيءَ بند ڪري ڇڏيو!“ مون بيبيءَ جي حمايت ۾ ڳالهائيندي چيو:

امان ۽ بابا جن هڪٻئي ڏانهن نهاريو.

”آخر ته ڏيرياڻيءَ پنهنجو رنگ ڏيکاريو، پر دير ئي ڪانه ڪيائين!“امان چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي.

۽ انهيءَ واقعي کان پوءِ مون کي خبر پيئي ته بيبي ڪير هئي، ۽ چاچيءَ جو ساڻس ڪهڙو رشتو هو. مان سوچڻ لڳيس ته چاهي ڪيڏي به پنهنجي ڪو مائٽي ڏيکاري، پر ماءُ پيءُ جهڙو مقدس پيار ڪير به ڪونه ڏيئي سگهندو. هڪ ٻه ڀيرو امان به چاچيءَ کي سمجهايو ته ؟پرائي اولاد تي ايڏو ظلم ٺهي نٿو.“ پر هميشہ چاچي سڀني کي ائين چئي، ماٺ ڪرائي ڇڏيندي هئي ته ”مان ڪا هن جي دشمن آهيان ڪيئن! مان پاڻ هن جو برو ڀلو ڄاڻان ٿي.“

ائين امان کيس چوڻ ڇڏي ڏنو، ۽ مون کي به چاچيءَ جي گهر وڃڻ کان جهلي ڇڏيائين. پر مان وري وري ڪو وجهه وٺي، اُتان ٿي ايندي هيس. ويچاري بيبي هر وقت قيدين وانگر گهر ۾ بند هوندي هئي. مجال آهي جو در تي بيهي، ڪنهن گاڏيءَ واري کان شيءِ وٺي سگهي. هڪ ڀيرو چاچي پنهنجي دوا وٺڻ ڊاڪٽر ڏانهن ويئي. بيبي گهر ۾ اڪيلي هئي. اوچتو گهٽيءَ ۾ چوڙين واري هوڪو ڏنو. بيبيءَ جو چوڙين جي کڻڪار ٻڌي، سو رهيو ڪونه ٿيس ۽ در کان ٻاهر نڪري، وڃي چوڙين واري وٽ بيٺي. اُنهيءَ گهڙيءَ چاچيءَ گهٽيءَ مان منهن ڪڍيو. پوءِ ته قيامت مچي ويئي. ڇا بيبيءَ جو ڪومل بدن ۽ ڇا باهه ٻارڻ جون ڪاٺيون! بيبيءَ جون رڙيون سڀني پاڙيوارن ٻڌيون. بيبيءَ جون رڙيون ٻڌي، مان زور زور سان سڏڪا ڀرڻ لڳيس. اُن وقت مان رڳو چاچيءَ کي پٽڻ لڳيس---الله ڪري ٽرڪ جي هيٺان اچي وڃي! خدا ڪري سندس مٿان ڇت ڪري پئي. اُن کان سواءِ مان ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهيس! اُن ڏينهن کان پوءِ چاچي ڪيڏانهن ويندي هئي، ته بيبيءَ تان ٻاهران تالو ڏيئي ويندي هئي.

ڏينهن مهينن ۾ ۽ مهينا سالن ۾ تبديل ٿيندا رهيا. مان وڏي ٿي ويئي هيس. اُن ڪري گهر کان ائين ٻاهر نڪرڻ جو ته ڪو سوال ئي پيدا ٿي ٿي سگهيو. بهرحال، پنهنجي پڙهائي ڪانه ڇڏيم. مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي، نتيجي جو انتظار ڪرڻ لڳيس. بيبي به هاڻ جوان ٿي چڪي هئي. ايڏن ڏکن ۽ ظلمن جي باوجود به بيبيءَ جي جواني ڏسڻ وٽان هئي. گداز جسم رنگ اهڙو جو هٿ لائڻ سان ميرو ٿي وڃي. چاچي کانئس پوري گهر جو ڪم وٺندي هئي. رات جو ٻارهين تائين چاچيءَ کي زور ڏيئي پوءِ سمهندي هئي. هڪ ڀيري کيس گهر ۾ سُڏڪندي ۽ پٽ کي پوچي ڏيندي، مون کي عجب وٺي ويو. سچ ته اُن وقت منهنجي اکين مان ڳوڙها نڪري آيا.

هيترن سالن ۾ هوءَ فقط هڪ دفعي اسان جي گهر آئي هئي، سو به منهنجي ڀاءُ جي عقيقي تي. اُن ڏينهن هوءَ تمام گهڻي خوش هئي، ڄڻ قيد مان آزادي ملي هجيس. مان به ڪڏهن ڪڏهن سندس گهر ويندي هيس. هڪ ڀيري مان وٽس ويس، ته ڏ‎ٺم ته هوءَ ڏاڍي ملول هئي. کيس ايڏو اُداس ڏسي، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ٻيئي ٻانهون سندس ڳچيءَ ۾ وجهي، پيار مان پڇيومانس،  ”ڇا ڳالهه آهي بيبي! تون گهڻي....“

”ڪجهه نه، ڪجهه به ته نه نهي!“ هن يڪدم چيو.

”ڪا ته ڳالهه آهي، تڏهن ته ايتري چپ آهين؟“

بيبيءَ گهڻوئي لٽايو، پر جڏهن کيس مجبور ڪيم، تڏهن هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، ۽ ڳيت ڏيئي، هن چيو، ”شاني، چاچي منهنجي شادي ٿي ڪرائي“

”اهو تمام سٺو ٿيو. گهٽ ۾ گهٽ ههڙي عذاب ۽ ظلم کان ته جان آزاد ٿيندءِ!“ مون نهايت خوش ٿي چيو.

”چري پهرين ڳالهه ته ٻڌ! چاچي مون کي وڪڻڻ چاهي ٿي. پورا پنج  هزار ڇپا اٿس. ۽هو ڏيڻ لاءِ بلڪل  تيار آهن. ٻيو شرط چاچيءَ هيءُ رکيو آهي ته شاديءَ کان پوءِ شهر ۾ نه ايندي، جيئن پنهنجي ماءُ سان ملي نه سگهي! هاڻِي ٻڌاءِ شاني، آءٌ ڇا ڪريان! امان سان ملڻ جو هڪ رستو سوچيو هوم، پر چاچيءَ اُهو به بند ڪري ڇڏيو.“ بيبيءَ جي اکين مان ڳوڙها ٽمي ڪِري پيا، مون کي سمجهه ۾ ڪونه آيو ته هي بيبي چئي ڇا پيئي . ڇا،، چاچيءَ  بيبي وڪڻن لاءِ پالي هئي! جي بيبيءَ جي ڳالهه سچي آهي، ته بيبيءَ جي زندگيءَ جو هاڻ خدا حافظ آهي!

”مان پنهنجي ماءُ ڏانهن وينديس......“ بيبيءَ چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي.

”ڇا چيئي، پنهنجي ماءُ ڏانهن ويندينءَ‘! گهر ڏٺو اٿئي ماڻهين جو؟“

”گهر ڏٺو ته ڪونه اٿم، پر خبر اٿم”،

”چري، اهڙو ڪچو ڪم نه ڪجان! جي پڪڙجي پئينءَ ته تنهنجو چاچو جيئري پورائي ڇڏيندوءِ..... مون مرڪندي چيو.

۽ هُن به مرڪي ڏنو. ٿوري دير ويهي، هِتِ هُت جون ڳالهيون ڪري، آءٌ گهر موٽي آيس. گهر ۾ هر وقت بيبيءَ  جي باري ۾ سوچيندي رهيس. ٻن ڏينهن کان پوءِ، چاچي رحمت اسان جي گهر آئي. گهڻي دير امان سان ويٺي ڳالهايائين. مون کي شڪ پيو ته چاچي رحمت بيبيءَ جي مڱڻي جي دعوت ڏيڻ آئي آهي، ۽ هو به ائين. ٻئي ڏينهن بيبيءَ جو مڱڻو هو. مون سمجهيو ته بيبي حالتن سان رشتو ڳنڍي ڇڏيو آهي. مان ۽ امان تيار ٿي، مڱڻي تي ويوسين. بيبيءَ  جا ساهرا پيسي وارا امير ماڻهو هئا. مڱڻي ۾ به گهڻو ئي ڪجهه چاچيءَ  ۽ بيبيءَ کي مليو. مان سڄو وقت بيبيءَ  جي پاسي ۾ ويٺي هيس بيبي بلڪل چپ ويٺي هئي، منهنجي ڇيڙڻ تي ٿورو مُرڪي،وري ماٺ ٿي ٿي ويئي. مڱڻو به خيرخوبيءَ  سان پورو ٿيو. آءٌ  ۽ امان گهر موٽي آيونسين. چادري لاهي، کٽ تي رکي،امان چيو،

”خدا جو شڪر آهي، جو رحمت کي اها ساڃهه ته پيئي، هاڻي کٽڻ نياڻيءَ جا ڀاڳ.“

امان کي اها خبر ڪانه هئي ته بيبيءَ جي شادي نه پر سندس وڪرو ٿيو هو. مون بهتر سمجهيو ته امان کي ٻڌائي ڇڏيان.پوءِ شروع کان آخر تائين امان کي پوري ڳالهه ڪري ٻڌايم.

 

”آئي مٺيس! رحمت ته ڪا دجال ٿي ڏسجي، نياڻيءَ کي وڪيو اٿس. شل الله جي مار پيوسَ“

بيبيءَ جي مڱڻي کي هفتو گذري ويو هو مڱڻي کان پوءِ بيبيءَ سان ملاقات ٿي ڪانه سگهي. صبح جو وقت هو. اٽڪل ڇهه کن ٿيا هئا. مان ننڍڙي ڀيڻ جو منهن ڌئاري رهي هيس، ۽ امان ماني پچائي رهي هئي. اوچتو دروازو زور زور سان کڙڪڻ لڳو. مان حيران ٿي ويس ته صبح صبح سان ڪير آهي! مون ڊوڙي وڃي دروازو کوليو. چاچي رحمت مون کي ڌڪو ڏيئي، اندر آئي، ۽ زور سان چوڻ لڳي: ”شانيءَ جي ماءُ ! آءٌ لٽجي ويس! آءٌ برباد ٿي ويس.“

امان ”ڇا ٿيو! ڇا ٿيو!“ ڪندي بور چيخاني کان ٻاهر نڪري آئي. مان پنهنجيءَ جاءِ تي بُت بڻجي ويس.

”ڇا ٿيو رحمت؟“

”ائين پڇ ڇا نه ٿيو! بيبي رات ڀڄي ويئي!“ چاچيءَ ٻيئي هٿ گوڏن تي هڻندي چيو:

”مون امان ڏانهن نهاريو ۽ امان مون ڏانهن نهاريو.

”آئي اڪيلي وڃي ها، ته به ٺهيو، پر پورو ڳهه ڳٽو، پئسو پنجڙ سڀ ميڙي چونڊي کڻي ويئي. آءٌ ته برباد ٿي ويس! مان هينئر پوليس ۾ رپورٽ ٿي لکرايان. ڪيڏانهن بچي نڪرندي.

ڳهه ڳٺي ۽ پئسي پنجڙ جو ته چاچي بلڪل ڪوڙو ڳالهائي رهي هئي، ڇاڪاڻ ته بيبيءَ کي ايڏو وقت ئي مليو هوندو، ۽ هن جي اها ڳالهه بلڪل ڪوڙي نڪتي. پوليس جڏهن چاچيءَ رحمت جي گهر جي جاچ جوچ ڪئي، تڏهن ڏٺو ويو ته هن جا سڀيئي زيور ۽ گهر جو سڀئي سامان سڙو جيئن جو تيئن موجود هئا.

بيبي جڏهن چاچيءَ جو گهر ڇڏي نڪتي، تڏهن سڌي پنهنجي ماءُ جي گهر ويئي ماءُ پنهنجي ڏکويل ڌيءَ کي کڻي ڇاتيءَ سان لاتو.

نثار بزمي

دماغ.... دل.... ۽ انسان

ساري ڏينهن جي لوچ ۽ سوچ کان پوءِ رات جا ٻه گره هڻي جڏهن ويچارو انسان انهيءَ ٿڪاوٽ کي دور ڪرڻ لاءِ، آرام جي بستري تي ليٽي ٿو، تڏهن ننڊ جي راڻي مٺيون ۽ مَڌُر لوليون ڏيئي، کيس صبح جي ستاري تائين دنيا و مافيها کان بي نياز ڪيو ڇڏي ٿي. سڄي سنسار جا سونهري سپنا پوءِ هن جي اکين جون کڙڪيون کولي اندر پيهي وڃن ٿا،۽ حضرت انسان هڪ عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿيو وڃي.

مان به ائين ئي سڄي ڏينهن جي هَڻُ هَڻان ۽ هاڃاري کان پاڻ ڇڏائي، جڏهن سمهڻ لاءِ پنهنجي گهر جي ڇت تي چڙهيس تڏهن، عجيب منطر پئي لڳو. اڄ آسمان جي دامن تي ستارن جي ڪا سالياني ڪانفرنس هئي. موقعي جي فائدي وٺندي ڏکڻ جي مستاني هوا کي به ٺري ويهڻ ڪونه آيو هو ۽ هوءَ پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي ڄڻ نچي رهي هئي. ڪائنات جي انگ انگ مان نور جون لاٽون پئي بکيون. خدا جي ساراهه جون سرڪيون ڀري سمهي رهيس. ننڊ راڻيءَ جي مٺڙين لولين تي مسحور ٿي، سندس گود ۾ ڍرڪندو ويس ۽ سپنن جي خوبصورت ننگريءَ ۾ گم ٿي ويس.

ڏسان ٿو ته منهنجو دماغ ۽ منهنجي دل هڪٻئي جي آمهون سامهون بيٺا هئا. دماغ جي چهري تي فاتحاني انداز جون جهلڪون پئي ڊوڙيون . دل جون عشوه گريون اڄ به بامِ عروج تي پئي نظر آيون پاڻ ۾ ڪو عجيب بحث ڇيڙي وڌو هئائون. ڏاڍا پئي سوال جواب ڪيائون. پهريائين ته مان ڪجهه سمجهي ڪونه پئي سگهيس. مگر ذرا هوش سنڀاري پوري توجهه ۽ غور سان انهيءَ مزيدار بحث کي ٻڌڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪيم. ٻئي ڄڻا ڳالهائيندي ڳالهائيندي قدري تِکا پوندا پئي ويا. جيڪي ڪجهه ڳالهيون ٿيون: اُهي مون پوريءَ طرح ٻڌي ۽ سمجهي پئي سگهيون. سندن گفتگو جو اندازو اجهو ڪجهه هن طرح  وارو هو.

دماغ: مگر دل! پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته اسين هن غريب جي جسم جا ٻه مکيه حصا آهيون. ٻيءَ معنيٰ ۾ هن محسن اسان جي آرام ۽ آسائش لاءِ اسان جون جايون پنهنجي بدن ۾ بنائي ڇڏيون آهن. اهو ڪو ٿورو احسان ته نه چئبو؟

دل: ها.... بلڪل وڏو احسان.

دماغ: اها هن جي وڏي ۾ وڏي نوازش چئبي. هن جي اهڙين عنايتن جوعيوضو اسان وٽان به کيس چڱو ملڻ گهرجي.

دل: مگر اسان هن سان ڪهڙي بُرائي ڪريون ٿا؟ اسين ته پاڻ هن جا وڌ ۾ وڌ خيرخواه ۽ خيرانديش آهيون. اسان مان هن کي اڃا  تائين ڪو ڏک سور ته ڪونه پهتو آهي؟ اسين ته هن سان هميشہ گڏ رهي هن جو ڀلو چاهيون ٿا. هي اسان جي سهاري ۽ ساٿ سان ته دنيا ۾ دم پيو کڻي.

دماغ : بلڪل صحيح آهي دل! مگر منهنجو اشارو ڪنهن ٻئي طرف  آهي. اي دلَ! سوچڻو اهو آهي ته، جيڪڏهن تنهنجي ۽ منهنجي اڻبڻت ختم ٿي وڃي: ته :جيڪر هي انسان وڌيڪ شاد ۽ شاداب ٿي تختئه  دنيا تي ڪو نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ۽ سندس هاڻوڪي سڪل چپن تي جيڪر تازگي ۽ سونهن اچي وڃي. سندس ڇڳل  ڇاتي جيڪر نئين  جوڙجي وڃي. هن جي اجهاڻل اکين ۾ جيڪر جوت جا نوان نِڪورا جمال جرڪي پون.

دل: جيڪڏهن هيءَ کليل حقيقت به نٿي سمجهين ته باقي ڇا ٿي سمجهين؟ اڙي چري! تون اهو ڪونه ٿي ڄاڻين ته جڏهن به مان هن کي ڪنهن راهه راست تي هلڻ لاءِ  چوندو آهيان. يا کيس ڪنهن نيڪ ڪم ڪرڻ جي  تلقين ڪندو آهيان تڏهن، تون هڪدم منهنجي خلاف ٿي بيهندي آهين. ۽ پوءِ رنگارنگي ڳالهيون ٻڌائي هن کي گمراه ڪري وجهندي آهين. ڇاڪاڻ ته مان هن کي سچ جو سنيهو ڏيندو آهيان، تڏهن هي جوان ان کي زهر جو ڪڙو جام سمجهي ڊڄي ۽ دٻجي ويندو آهي. ۽ هي تنهنجي سبز باغن ۾ پاڻ کي وڃائي مون کان بي نياز ٿي ويندو آهي. ۽ پوءِ نتيجو ڇا نڪرندو آهي؟

دل: واه ادا واه! چڱا ٿو مون تي الزام اُڇلائين. مون کي ته تعجب آهي ته، تنهنجي زبان ڪيئن پئي قينچيءَ جيان وَهي. ته ڇا! منهنجي ڪا به راءِ ڪنهن ڪم جي نه هوندي آهي؟ اهو غلط آهي، بلڪل غلط. پنهنجي هوش  جي دوا ڪر. هيءُ ته هر وقت مون تي هٿ رکي پيو عشق ۽ الفت جا اظهار ڪندو آهي. تنهنجي ڀيٽ ۾ مان هن کي وڌيڪ پياري ۽ عزيز آهيان. جيڪڏهن بقول تنهنجي مان ايتري بي خبر ۽ بيوقوف هجان ها ته پوءِ هي منهنجي دامن سان ڇو چنبڙي  پوي ها. ۽ توکان ڇو ايترو بيزار هجي ها؟ مان ته هن کي بهارن ڏي وٺي ويندي آهيان . جتي گل ۽ غنچا ٽڙندا آهن، جتي ڪليون مسڪرائينديون آهن. تون ته هن کي مشين بنائي سارو ڏينهن هڄائيندو رهندو آهين. تڏهن ته هي توکي پيار ڀرين اکين سان ڪونه ڏسندو آهي. ائين آهي نه؟

دماغ: اهو ته مون اول ئي چيو ته مان هن کي سچ ۽ سچائي جو زهريلو پيالو پيارڻ چاهيندو آهيان، مگر هي ان کي تلخ ۽ تيز سمجهي تنهنجي هٿان شربت نما شراب  پي ويندو آهي. تون پاڻ ئي سوچ ته، آخر تنهنجي پيار هن کي ڏنو به وري ڇا آهي؟

دل: خير! اهي بحث ته پوءِ ٿيندا. اول اهو ٻڌاءِ ته، مان تنهنجي خلاف ڪيئن ويندي آهيان. مان ته پاڻ تنهنجي عزت ڪندي آهيان ۽ توکي ”ادي“ کان سواءِ سڏ نه ڪندي آهيان. مگر تون پاڻ غرور ۾ پيو اُڏرندو آهين ۽ مون کي ته، ڪجهه سمجهندو ئي نه آهين. ها، جيڪڏهن واقعي مان تنهنجي خلاف آهيان ته ڪيئن؟ ڇا اهڙا ڪي ٺوس مثال ڏيئي سگهندين.

دماغ: هڪ ٻه نه مگر هزار اهڙا مثال ڏيئي سگهندس. ٻُڌين ته ٻُڌ.

دل: ها ٻڌاءِ.

دماغ: دل ڏهاڪو ورهيه کن اڳ منهنجي صلاح تي هي جڏهن روينيو تپيدار بنيو هو تڏهن، عجيب حالت هئي هن جي. هزار پئي هٿن مان ڪڍيائين سکن ۽ سنجهنجن جي سيجن تي پئي ستو. ڪا ڳڻتي ڪانه هوس اصل بادشاهه پئي لڳو، ڀلا تپيداريءَ جهڙيءَ رپيا وسائيندڙ نوڪري جو ملي هئس.

پر توڪٿي ويهڻ ڏنس. رقاصائن ۽ رنڊين جي ڪوٺين تي طبلن جي ٿاڦن ۽ پائل جي جهنڪارن ۾ هن کي گم ڪري ڇڏيئي. شيشن جي پالڪين ۾ لعل پريون پئي لاٿائين. اڃا هڪ سال به پورو ڪونه گذريو ته، نه رهيو بانس ۽ نه بانسري. ڪيڏانهن ويو جاه  ۽ جلال ۽ ڪيڏانهن ويئي عزت ۽ عظمت، خزان جي سڪل پن وانگر پئي رليو، ها سڪل پن وانگر، جنهن جي ڪا منزل ڪانه هوندي آهي، جنهن جو ڪو ماڳ ڪونه هوندو آهي.

ٻه-چار سال رلندي ۽ رئندي هن جا گذريا ته مون کيس مشورو ڏنو ته ميان! موتين جي داڻن جهڙا اکر اٿئي، ڏاڍو هوشيار ۽ ڪمائتو ماڻهو آهين. ”سيٺ ستارخان“ کي تو جهڙي ڪم ڪندڙ جي سخت ضرورت  آهي، مهيني ۾ ٻه سؤ کن رپيا ملي ويندءِ. مزي سان وقت گذري ويندءِ. چريو نه ٿيءُ. منهنجو چيو وٺ، مگر تو کيس ”شاليمار سينما“ تي گيٽ ڪيپر ٿي وڃڻ لاءِ زور ڀريو، تو چيس: ”جنت“ جي در تي بيٺو هوندين، تنهنجي اکين اڳيان پرين جهڙيون پدمڻيون پييون گذرنديون. سندن ساڙهين جي پلون مان نڪرندڙ سرهي بانس سان تنهنجا سانس سرها ٿي ويندا. هي تنهنجي ڳالهين ۾ اچي ويو. مون گهڻو ئي کيس روڪيو مگر مڙيو بنهه ڪونه. ٻه چار مهينا ته خير جا گذريس، مگر هڪڙي ڏينهن تنهنجي چوڻ تي هڪ وڏ گهراڻيءَ ڇوڪريءَ سان ڇيڙڇار ڪري ئي چڪو. نتيجو ڇا نڪتو؟ روزگار تي لَت اچي ويس بدنام ۽ بي عزت به ٿيو. ۽ ذري گهٽ جيل جي هوائن جهٽڻ کان بچي ويو.

دل: ها ڀلا اهڙو ڪو ٽيون مثال؟

دماغ: ٽيون ڇا، توکي اهڙا ڪيئي مثال ڏيئي سگهان ٿو. ٻڌڻيون سال هي ”حيدرآباد“ جي شاهي بازار مان لنگهيو. ”سري گهاٽ“ جي ويجهو واچن جي دڪان جو هڪ مالڪ مڙيو ئي ڪو اوجاڳيل هو. جهوٽا پئي کاڌائين. هن دڪان جي واچن ۽ ان جي جهوٽا کائيندڙ مالڪ ڏي ڏٺو. هڪل ڪري چيومانس: خبردار! چوري ڪرڻ گناهه عظيم آهي. خدا کان گهُر. اهو سڀ جو نگهبان ۽ ننگپال آهي. هن جا خزانا هر سائل جي لاءِ هميشہ کليل هوندا آهن. چوري بروفعل آهي. هوش سنڀال: هليو هل مگر تو چيس: اهو ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي جو ڪنهن جي بيخبريءَ جو فائدو وٺندي ڪجهه بکئي پيٽ لاءِ هٿ ڪري سگهجي. ٻه چار واچون هٿ اچي وينديون اڄڪلهه مهانگائيءَ جو ڇا عالم آهي. چڱي خاصي رقم ٺهي پوندي، ڪجهه وقت آرام سان گذاريندين، مون چيس: خدا انهيءَ بڇڙائيءَ کي پسند هرگز نٿو ڪري. اسلام ۾ هي بري ۾ بروفعل ڪوٺجڻ ۾ اچي ٿو پرايو حق ڇنڻ ڪٿان جو انصاف آهي ڏٺم ته تون ورتل سج وانگر ڳاڙهي ٿي وئينءَ. ياد آهي ته، تو ان مهل اسلام تي به چڱا ڇوه ڇنڊيا. چَيئُه: اسلام ڇا جو نالو آهي. همراه کي جو ڏنئه ٽيڪو ته، اصل نه ڪيائين هم نه تم. سڌو وڃي واچن جي هڪ خوبصورت باڪس کي هٿ ڳنڍيائين. دڪاندار اوٻاسي کائي جاڳي پيو. هي واچون ڦٽو ڪري وٺي ڀڳو. تکوڀڄندي هڪ سوڙهيءَ گهٽيءَ ۾ کتل لوه جي گرڊر سان وڃي لڳو. گوڏي جي ڍڪڻي به ڀڄي پيس. وڏي آزار ۾ اچي ويو. ۽ پوءِ ڇهه مهينا کن لوڙي لوڙي مَس وڃي ٽرڻ ڦرڻ جهڙو ٿيو. تڏهن به عيب ڪونه ڇڏيس. اڄ تائين ويچارو پيو لنگڙائي.

دل: بس نه؟

دماغ: بس وري ڪيئن. اڃا ٻڌ ته ٻڌايان.

دل: ها ٻڌاءِ.

دماغ: ڪجهه عرصو اڳ هيءُ ”سکر“ جي ”لب مهراڻ“ جي هڪ سرسبز ۽ حسين چؤپاري ۾ رکيل هڪ بئنچ تي اخبار ۾ پنهنجو ڇپيل شعر پڙهي رهيو هو. ان وقت سطح زمين تي شام جون حسين ۽ چنچل سرخيون ڪنهن محبوب جي ڳلن وانگر ڳاڙهيون پئي لڳيون. ٿڌين هوائن جا جهوٽا جسمن ۾ تازگي ڀري رهيا هئا. ٻه ڪاليجي ڇوڪريون اچي اتان گذريون. هڪڙي ته بس حور هئي. نانگڻ وارا وڪڙ ورائيندي پئي وئي. گهمڻ سان پئي گهايائين. پدمڻي پدمڻي. هي ويچارو اخبار جي مطالع ۾ محو هو، مگر تو سنهڙي  چهنڊڙي پائي کيس هوشيار ڪيو. تو چيس: هيڏي ته ڏس مصر جي ملڪ چپ ته ڏسينس، رفتار ته، جھڙيون نارنگي جون ڦارون ذيفن جا زنجير ته ڏيسنس ڇا غضب جي اٿس. ڇا ٿو سمجهين؟

مون چيس: ميان ديوانگي ڇڏ. پنهنجو ڪم ڪر. اهڙيون پريون ڪيئي ٻيون دنيا ۾ دم کڻن. ڪا هيءَ هڪ ته نه آهي. اها ڪا چڱي ڳالهه نه آهي. هي قوم جون معصوم نياڻيون آهن. انهن ڏي کڻي ڏسڻ به گناهه عظيم آهي. مگر تون مڙڻ جي ڪٿي هئينءَ. هي جوان اخبار ڦٽو ڪري اُٿيو، سيني تي هٿ رکي هن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. پوءِ ڇا هو؟ توکي پتو آهي؟

دل: ها مون کي خبر آهي، تون ڳالهاءِ.

دماغ: ڇوڪريءَ وٺي دانهون ڪيون، اصل گهل گهوڙا پئجي ويئي، هن پيرن تي زور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ويجهن بنگلن جي پٽيوالن ۽ چوڪيدارن کيس قابو ڪري وڌو. پوءِ جا هن جي حالت ٿي سا ڇا چئجي. سخت مارڪٽ بعد ڇهه مهينا جيل ياترا ڪري آيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com