سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1974ع

مضمون:

صفحو :15

·       پروفيسر محمد صالح راهو

سر ڊاڪٽر جارج ابرهام گريئرسن

برصغير پاڪ ۽ هند ۾ زبانن جي اڀياس ۽ اُنهن تي تحقيقات جو ڪم ته ويدن واري  زماني کان شروع ٿي چڪو هو، ۽ ڪافي اوج تي پهتل هو. پاڻني ۽ پتنجليءَ جهڙا چوٽيءَ  جا عالم جيڪي اٽڪل اڍائي  هزار ورهيه اڳ ٿي گذريا آهن، تن جا نالا اڄ به زبان دانيءَ  جي علم سان ذوق رکندڙ عالمن ۽ محققن کان ڳجها نه هوندا .

ليڪن افسوس جو ان کان بعد واري دور ۾ صرف ڪتاب نويسيءَ  جي موهه جي ڪري، ٻوليءَ  جي هن مکيه پهلوءَ  تي تحقيق جو ڪم بلڪل بند ٿي ويو. البته سورهين صديءَ  ڌاري، يورپ جي ڪن عالمن مان جهڙوڪ، سروليم جونس، وقت جي ٻين پنڊتن ۽ عالمن جون ڪيتريون بيجا جٺيون ڦٺيون سهي ۽ خوشامدون ڪري به ڪيترين ئي هندستاني ٻولين جو اڀياس ڪيو.

موٽي ملڪ وڃڻ تي هن هتان جي تهذيب ۽ تمدن جي، يورپ وارن سان اهڙي ته واکاڻ ڪئي ٿي ڏسجي، جو اتان جا ٻيا به ڪيترائي عالم هن ڏِس ۾ ڪم ڪرڻ کي جُنبي ويا. اهڙيءَ طرح اسانجي ٻولين  جي تحقيق  جو سَلو پنهنجي ملڪ جي بدران يورپ ۾ وري اڀريو. حقيقت  ۾ اهو انهن جي ريسرچ وغيره جو ئي نتيجو هو، جو هن برصغير ۾ ورهين  کان پوءِ هن ڏس ۾ وري ڪم ٿيڻ شروع ٿيو.

ويهينءَ صديءَ جي مشهور ڀاشاودوانن جهڙوڪ: تاراپوروالا، گيڻي،سنيتي،ڪمار چئٽر جي، سديشورورما، ڪتري بابو رام سڪ سينا وغيره به برک يورپي عالمن جي نظرداريءَ هيٺ ٻولين جي علم جو اڀياس ڪيو.

1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن ته ڪيترائي انگريز عملدار توڻي ٻيا انگريز عالم، سنڌي ٻوليءَ  ۽ سنڌي ساهت جي اڀياس کي لڳي ويا ۽ ٻوليءَ، خواهه ادب تي ڪيترائي عمدا مضمون ۽ ڪارائتا ڪتاب، ڊڪشنريون ۽ گرامر ڇپرائي پڌرا ڪيائون. هنن مان ڪئپٽن جارج مٽئڪ، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرنمپ، جان بيمس، سر رالف ٽرير ۽ سر ڊاڪٽر جارج ابرهام گريئرسن جا نالا قابل ذڪر آهن.

هن صحبت ۾ اسين صرف آخرالذڪر عالم ڊاڪٽر سر جارج ابرهام گريئرسن بابت مليل معلومات پيش ڪرڻ تي اڪتفا ڪنداسون.

برصغير پاڪ ۽ هند جي ٻولين تي ٿيل تحقيق جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر گريئرسن جو نالو زنده جاويد رهندو. پاڻ الدين سول سروس ۾ بالا عملدار  هو. ڊبلن يونيورسٽيءَ  ۾ مشهور معروف استاد، پروفيسر  ائٽڪنسن جو قابل شاگرد هو. هن صاحب 1888ع کان وٺي ”بينگال رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ“ جي مدد سان، سڄا سارا  ويهه ورهيه،  رت ست ڏيئي، بر صغير جي وڏين ننڍين ٻولين ۽ انهن جي اپڀاشائن جي تفصيلوار  جاچ پڙتال يا سروي ڪري هڪ نهايت  عمدي تصنيف ان گئسٽڪ سروي جي تخليق ڪئي. سندس هن سروي ۾ 500 کان وڌيڪ  ٻولين جا گرامر، نموني طور هر اپڀاشا جا ڪي ٽڪرا ۽ آکاڻيون ترجمي سميت ڏنل آهن. پوري سروي 11 ضحنيم جلدن تي مشتمل آهي، جن مان ڪي جلد ته ٻن يا ٽن حصن ۾ ورهايل آهن. هي سمورا جلد 1908ع کان وٺي 1967ع تائين ڪلڪتي مان ڇپجي تيار ٿيا. هن ۾ آريه ۽ دراوڙ ٻولين، وچ هندستان جي سنٿالي ۽ ڀيل ٻولين، هماليه  جي پهاڙي ٻولين، فِر نٽيئر جي ايراني ٻولين کان ويندي خانه بدوش قبيلن جي ٻولين جو به تفصيلي  ذڪر  ڪيل آهي. هي سروي پنهنجو مٽ پاڻ آهي. چيو ٿو وڃي ته: ان جهڙو تفصيل وار ڪم دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ اڃا تائين به ٿي نه سگهيو آهي.

ان گئسٽڪ سروي جي اٺين جلد جي پهرئين حصي ۾ سنڌي ۽ ملتاني ٻولين جو مڪمل احوال ڏنل آهي. سنڌي ڪٿان جي زبان آهي؟ تنهن لاءِ کيس  سنڌ ملڪ جي جاءِ وقوع سمجهائڻي هئي. هن دانشمندي ڪري سنڌ جي حدن جي تعين ڪرڻ وقت ملڪي حدن جي بدران طبعي حدون بيان ڪيون آهن،جي اڄ به اوتروئي درست آهن، جيترو عيسوي ارڙهينءَ  صديءَ  جي آخر ۾ درست هيون. سنڌ جي روايتي  ٽن ڀاڱن، سري، وچولي ۽ لاڙ جي حدن جي نشاندهي، جنهن وضاحت  سان هن صاحب ڪئي آهي، تنهن کان وڌيڪ واضح اڄ سوڌو ڪنهن ٻئي عالم مشڪل ڪئي هجي.

ڊاڪٽر گريئرسن جي سروي مطابق سنڌيءَ جون 2 اپڀاشائون آهن. جهڙوڪ: سرائڪي، وچولي، لاڙي، ٿري، ڪڇي ۽ لاسي.

انهن سڀني اپڀاشائن مان هرهڪ جو تفصيل سان ذڪر ڪيو اٿس.

لفظ سنڌيءَ جي معنيٰ ۽ مطلب سمجهائڻ کان پوءِ لکي ٿو ته: ”سنڌي اگرچ خاص سنڌ علائقي جي زبان آهي، پر تنهن هوندي به پنهنجي همه گير مقبوليت جي ڪري، علاقائي حدون عبور ڪري سڀني پاڙيسري پرڳڻن جي ڳچ جيترن حصن ي ڇانئجي ويئي آهي، ۽ اتي اهڙيءَ ئي محبت سان ڳالهائي ٿي وڃي، جهڙو خاص سنڌ ۾.“

ٻئي هنڌ هو لکي ٿو ته ”سنڌي، صوبه سنڌ جي اترئين پاسي کان ٽپي اتر- اولهه ڏي بلوچستان، ۽ اتر اوڀر ڏي پنجاب، ۽ بهاولپور تائين وڃي پهتي آهي. بلوچستان جي مکيه زبان اگرچ بلوچي آهي، ليڪن علائقي جو اهو ڀاڱو جتي ٻنهي علائقن جي وچ ۾ حائل ٿيندڙ جبلن جي اوچائي گهٽ ٿيندي ٿي وڃي، ۽ ماڻهن جي اچ وڃ نِسبتاً وڌيڪ آهي، اُتي سنڌي ڪثرت سان ڳالهائي ٿي وڃي. بلوچستان جي ڏاکڻي حصي ۽ ڄام جي لس ٻيلي ۾ ته زبان آهي ئي سنڌي،  ڏکڻ ڏي هيءَ زبان رڻ لتاڙي ڪڇ تائين هلي ويئي آهي ۽ اُتي  اُتان جي ٻين زبانن سان گڏ خوب مروج آهي. هتان وڌندي سنڌي ٻولي، گجرات تائين وڃي پهتي آهي ۽ گجراتيءَ سان ڪلهوڪلهي ۾ ملايون ڳالهائي پئي وڃي. هوڏانهن ٿر مان اُڪري مارواڙ، جوڌپور، جيسلمير ۽ راجپوتانا سوڌو ٻولي ڪافي مقبول آهي.“

سنڌي زبان جي دائري جي حدبندي، چوڌاري ڳالهائيندڙ زبانن سان ڪندي لکي ٿو ته ”هن جون حدون اولهه ڏي بلوچي، اتر ڏي ملتاني، اوڀر ڏي مارواڙي ۽ ڏکڻ اوڀر ڏي گجراتيءَ سان وڃي ٿيون لڳن.“  هن بيان کان پوءِ قابل مصنف، سنڌيءَ جي اصل ۽ ان جي شاخن  کي نهايت  تفصيل سان بيان ٿو ڪري. سندس هيڏي ڪارنامي کي پڙهندي، پڙهندڙ جو ڌيان بار بار ان حقيقت تي سوچڻ تي مجبور ٿو ٿئي: ته اهو ڪهڙو عالمي عشق هو، جنهن هن پرڏيهيءَ  کي دنيا جي ٻين لذتن کان ڪنارو ڪرائي، راتين جون راتيون ننڍون حرام ڪرائي، نيڻن جي نرت نچوڙائي، اهڙي ڀاري ڪم کي سرانجام ڪرڻ تي مامور ڪيو، جيڪو فرهاد جي ”جوئي شير“ کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ ڪين نه هو.

پنهنجي سروي جي آخر ۾، سنڌيءَ جي ذڪر ڪيل ڇهن اپڀاشائن جي ساخت، انهن جي ارتقاءُ، منجهن فرق ۽ هر هڪ جي مقبوليت جا انگ اکر پڻ ڏنا اٿس. جنهن مان سنڌيءَ جي وسعت ۽ عام مقبوليت جي قومي ساک ٿي ملي. آخر ۾ انهن سنڌي ڳالهائيندڙن جا انگ اکر به ڏنا اٿس، جيڪي ان وقت: يعني 1910ع—1911ع ڌاري برصغير پاڪ وهند جي جدا جدا صوبن ۽ رياستن ۾ رهيا ٿي.

هنن انگن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت سنڌين جو تمام گهڻو تعداد، پنجاب خواه ڪڇ ۽ گجرات سرحد ۽ بلوچستان جي پرڳڻن ۾ رهندوهو. هو وڌيڪ لکي ٿو ته ”بمبئي، يمبئيءَ جي رياستن، مدراس، مدراس جي رياستن، ميسور، حيدرآباد دکن، سينٽرل انڊيا ۾ سنڌي عام جام ڳالهائي ويندي هئي، نه رڳو ايترو پر سنڌين جو خاصو تعداد يوپي، بهار، اوريسا ۽ بنگال جهڙن دور دراز صوبن ۾ پڻ موجود هو.“

مطلب ته: ڊاڪٽر گريئر سن اسان جي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ تي ههڙي بي بها مواد موجود ڪرڻ لاءِ جيڪي وهڻ ولوڙيا يا جيڪو علمي خزانو، هن تصنيف جي شڪل ۾ اسان کي ورثي ۾ ڏنو، تنهن ڀلائيءَ کي اسين ڪنهن به حالت ۾ ڀلائي نٿا سگهونءِ

             (ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سنڌ جي شڪرئي سان.)

محمد اسماعيل عرساڻي

هرڻ جو شڪار

الله تبارڪ و تعاليٰ جي قدرت تان قربان وڃان. ٿر جهڙي ريگستان ۾ اهي اهي دلڪشيون ۽ دلربائيون پيدا ڪيون اٿس، جن جو هڪ هڪ ڪري بيان ڪجي ته هزارها صفحن تي مشتمل هڪ ضخيم ڪتاب ٺهي پوي. ٿر جا نظارا هڪ هڪ منهنجي ذهن ۽ اکين اڳيان آهن. نه وسريا اٿم نه وسرندا. سال 1935ع کان سال 1950ع (لڳاتار) تائين پندرهن سال ٿر سان واسطو رهيو اٿم ۽ ان جي ڀٽ ڀٽ ۽ ڳوٺ ڳوٺ ڏٺو اٿم. ان جون سنون، ترايون، مڙها، ڏهر، تڙ، ويريون هڪ هڪ ڪري عبرت جون اکيون کولي ڏٺيون ۽جاچيون اٿم. ٿر جو ڪٺو (ڪنٺو) مهراڻو، ڍٽ، پارڪر، ڇاڇرائي، سامروٽي سڀ منهنجي دل تي اُڪريل آهن. وسڪاري جا وقت ۽ اُوسر جا زمانا به ڏٺا اٿم. ٿر جا گس، گاهه،مال جو مستانه وار، هونگارو  ۽ هڪلون ڪنن سان ٻڌيون اٿم جن جا آواز اڃا منهنجي ڪنن ۾ ٻُري رهيا آهن. مارن جا جهوپا، جهوپڙيون، لانڍيون، چوڪيون ۽ چؤنرا دماغ ۾ هر وقت ڦرندا رهن ٿا. لکڻ ويٺو آهيان ته دل ڀرجي اچي ٿي. اکيون پاڻيءَ  سان پرنم ٿي وڃن ٿيون، ڀانيان ته اڏامي وڃي ٿر جي ڀٽن کي پسان، مگر ڪاش يا ته آءٌ اهو هوس،اهو سخت جان عرساڻي هوس جو ڏهه ڏهه ڪلاڪ اٺ جي پٺيءَ تي سواري ڪندو هوس، ۽ روزانه چوويهه ميل اُٺ جي سواري منهنجو معمول هئي ۽ اڄ جسماني ضعفَ هن منزل تي پهچايو آهي جو گهر جي چاڙهيءَ جي چند ڏاڪن چڙهڻ سان به سهڪ وٺيو وڃي. نظر موڪلائي ويئي آهي ۽ پڙهڻ کان عاجز ٿي چڪو آهيان. رب العزت مون کي صالح اولاد ۽ رزق وافر سان نوازيو آهي، ڪنهن جو محتاج نه ڪيو اٿس. البته صحت جي گرانبها چيز کان نرهه آهيان. ڄمار 67 سالن کي پهچي چڪي آهي ۽ بزرگن جي دعا ماري رکيو آهي!

مصيبت اور طولِ زندگاني--  بزرگون ڪي دعا نيه مار ڊالا.

مٿيان چند لفظ جذبات جي وهه ۾ وهي لکي ويٺو آهيان، ورنه اهو لکڻ مقصود نه هو . مقصد هو هرڻ شڪار بابت ناظرين  ڪرام کي ڪجهه معلومات ڏيڻ. قادر ڪارساز جي قدرت اپار آهي. ٿر جي بيابان ۾ سهڻي ۾ سهڻو پکي ۽ سهڻي ۾ سهڻو جانور بڪثرت پيدا ڪيو اٿس. يعني هرڻ ۽ مور ٿر وڃڻ کان اڳ ٻڌندو هوس ته مور باغن ۾ رهندا آهن ۽ وڻڪار وڻندي اٿن، پر ٿر وڃڻ بعد انهن جا ولر ٿر جي ريگستان ۾ ڏسي حيرت وٺي ويئي: ٿر جا باغ ته کٻڙ، ڄاريون، ڪنڊا ۽ ڪونڀٽ ٿوهه ۽ ڪانڪهه هوندا هئا. مون پنهنجي ”سير ريگستان“ ۾ ان بابت ذڪر ڪيو آهي، تنهنڪري هن ننڍڙي مضمون ۾ ان لاءِ گنجائش نه آهي. ورنه طوالت جو باعث ٿيندو ۽ مان هر ڳالهه کي مختصر ڪرڻ گهران ٿو.

هرڻ جي شڪار بابت هيٺ ذڪر ڪيل معلومات مون کي پنهنجي محترم دوست مسٽر محمد قاسم صاحب ميمڻ ساڪن ڏيپلي جي صحبت مان نصيب ٿي. هيءُ منهنجو پيارو دوست اول ته ڏيپلي پرائمري اسڪول جو هيڊماستر هو ۽ بعد ۾ پنهنجي لياقت ۽ قابليت جي طفيل اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيو ڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو  مون سان ڏيپلي تعلقي قابليت جي طفيل اسسٽنت ڊپٽي ايڊيو ڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو ۽ مون سان ڏيپلي تعلقي جي گشت ۾ اڪثر اسڪولن جي امتحانن لاءِ همسفر هوندو هو. سندس حسين چهري ۽ ان سان گڏ سهڻي سيرت منهنجي دل ۾ سندس لاءِ برادرانه شفقت ۽ محبت واري جاءِ پيدا ڪري ورتي هئي. سندس کلڻ ڳالهائڻ دلپذير هوندو هو ۽ رعبدار شخصيت  هوندي به نياز ۽ نمرتا منجهس بدرجهء اتم موجود هئي. جو به ساڻس هڪ دفعو ڪچهري ڪندو هو، ان کي پنهنجي محبوبانه گڻن سان موهي وجهندو هو. مان کيس ڪڏهن به زيردست نه سمجهيو مگر هنکي عزيز ڀاءُ ڄاڻندو هوس. هينئر هن صاحب به رٽائر ڪيو آهي. سندس طبع مون وانگر ئي عليل رهي ٿي. دعا آهي ته الله تبارڪ وتعاليٰ سندس عيال ۾ برڪت وجهي ۽ کيس صحت سالم عطا فرمائي—آمين.

شڪار ڪرڻ:

هرڻ ڪنهن نه ڏٺو هوندو! هيءُ جانور ٻاڪري مال جي دفعي مان اوڳاريندڙ جهنگلي پُسو آهي. سندس قد، رنگ، شڪل شباهت ٻڪرين وانگر جدا جدا طبعي ڀاڱن مطابق ٿيندي آهي. بريون ٻڪريون اڪثر هرڻين جهڙيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. جابلو ڀاڱي ۾ سرهه ۽ گڊ، ميداني ڀاڱي ۾ ڦاڙهو، ڪاربهر  ۽ سامبر، رڻ پٽن ۾ پوڄانت ۽ کر کو، ٿر ۾ ڪرڙيو، سڀ هرڻن جا قسم آهن. پر ٿر جي هرڻ جي سونهن سڀ کان وڌيڪ آهي. سدا وا کاڻ جڳائي جنهن چوپاين جانورن ۾ هن هلڪڙي، جيتامڙي پسوءَءِ کي جا سونهن بخشي  آهي، تنهن جي ڪهڙي واکاڻ ڪجي؟ هڪوار ڏسڻ سان ئي من موهجو وڃي. ڀانءِ ته سدا پيو ڏسانس. سندس هر عضوو سونهن جو سرچشمو ڏسڻ ۾ ايندو. هلڪڙو جسم، هلڪو ريحائون پيٽ، هلڪو ڀورو ڳاڙهو رنگ، ڊگها سنها سڱ، نهايت سهڻو مهانڊو،ننڍا ڪن، وڏيون گول ڪاريون ۽ نهايت حَسين اکيون، جنهن تان شاعرن عورت جي سهڻين ۽ اکين کي ”مرگهه نين“ سڏيو آهي. هرڻ کي مرگهه ۽ اَهو به سڏيو ويندو آهي. هَنسي ڳچي، ننڍڙو پڇ، سنها ننڍڙا هلڪڙا مخملي وار، نهايت سنهيون ڊگهيون مضبوط کڙيون تڙيون ۽ چست ڄنگهون، ننڍڙا کُرَ ۽ بلڪل چست بدن، ڪنن جو سَرلو ڇال تي ڇال هڻندو ائين ڀڄندو آهي ڄڻ ته زمين تي پير رکيئي ڪونه ٿو. اکڇنڀ ۾ هوا سان ڳالهيون ڪندو نظر کان الوپ ٿيو وڃي.

انگريزن جي زماني ۾ مشڪل سان ڪنهن امير کي بندوق جو پروانو هوندو هو، تنهنڪري هرڻ جو شڪار به نالي ماتر ٿيندو هو. برسات جي بوندا باري ۽ سانوڻ ۾ ٿر ۾ چپي چپي تي هڪ، ٻه، پنج، ڏهه، پندرهن هرڻن جا ٽولا جهنگل ۾ ڇيڪ سائو گاهه چرندا ڏسبا هئا ۽ دل کي راحت ۽ اکين کي سرور بخشيندا هئا. هرڻ ٿر جي بي بها سونهن هو. هر ڳوٺڙي جي پريان سوين هزارين مور پکين جي چونگار پيئي پوندي هئي ڄڻ ته بهشت آهي. انهن جي سونهن ڳوٺاڻن خواهه سياحن جي دل بهلائڻ لاءِ پنهنجو مثال پاڻ هئي. نهايت افسوس جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ٿيڻ بعد بچاءِ جي بندوق جي پرواني  عام ٿيڻ سان هرڻ ۽ مور بندوقن چونڊي ڇڏيا ۽ ٿر جي سونهن هلي ويئي. وري به جيڪڏهن هرڻن ۽ مورن جي شڪار تي ڪا سخت بندش پوي ته ساڳي سونهن ٿر کي موٽي ملي.

هاڻي اچون ٿا شڪار تي. ’مروان موت ملوڪان شڪار،. شڪار جو حرص، خبط، چوس ۽ شوق انسان کي نهايت بيدرد بنايو ڇڏي ۽ شڪار جو مرض به اهڙي بري بلا آهي، جهڙو نشو، جو نيٺ شڪارين کي علتي ۽ عاد تي بنايو ڇڏي. شڪار هٿ آين ته ايڏي ته خوشي ٿيندين ڄڻ ته جاگير نصيب ٿين. شڪار پٺيان اُڃ، بک، ڏک ۽ ٿَڪ َ جي پرواهه ئي نه ڪندا گهاٽ گهيڙ ۽ کڏڻا ٺاهي لِڪ ڪري هرڻن جو شڪار ڪن، پر ٿر ۾ شڪار جا ڪيترائي نمونا بنايا ويا آهن.

1- پيري کڻڻ سان شڪار: ٿر جو پٽ وارياسو آهي، جنهن ۾ پيرن جو نشان هميشہ چِٽو ۽ پڌرو ٿئي ٿو. ماڻهو اڪثر چوپايو مال چاريندڙ آهن ۽ گُم ٿيل مال جو پيرو کڻي وڃي جانور هٿ ڪندا آهن. ان ڪم ۾ اڪثر هرڪو ماهر آهي. ٿر جا پکي مشهور آهن جن تي هڪ جدا مضمون جي ضرورت ٿيندي. شڪاريءَ  کي جهنگ گهمندي  هرڻ جو تازو پيرو نظر آيو ته هرڻ کي ڳولڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندو. وڻن جي اوٽ ۾ لِڪندو، گوڏن ۽ ٺونٺين ڀر گسڪندو، هرڻ جي نظر کان بچندي وڃي نشان جيتري فاصلي تان فائر ڪندو. هرڻ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ويهڻ جي پاٿاري، وارياسي پڌر تي ڪندا آهن، جا شڪاري اڳواٽ جانچي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ پير کڻي وڃي اتي پهچندا آهن. هن طريقي کي پيرو کڻي شڪار ڪرڻ سڏيو ويندو آهي.

2- گرگ جو شڪار: گرگ جي شڪار جا شڪاري ڇا ڪندا آهن جو هڪ ٻيلهانگي يا ٻيڙانگي ڪاٺي هٿ ۾ کڻندا آهن، جنهن کي اُٺ جي ناڪيلي ڀرسان جهليندا آهن ۽ ناڪيلي واري اُٺ جي مهار ان ۾ ويڙهي  ڇڏيندا آهن، تان ته اُٺ کي پنهنجي مرضيءَ موجب جنهن طرف يا جنهن ڏس ۾ کيس ورائڻو پوي ته کيس موڙي سگهجي ۽ پوءِ شڪاري اُٺ جي اڳين ڄنگهن سان قدم ملائي اُٺ کي هلڻ جي سِکيا ڏيندا آهن ۽ اُٺ ۾ لِڪَ ڪندا هلندا آهن. اهڙي اُٺ کي گرگ چوندا آهن. هرڻ ويچارو انسان کان ته ڪوهين پري ڀڄي ويندو آهي، پر ٻئي چوپائي مال کان هرگز نه ٽهندو آهي. تنهنڪري شڪاري جتي هرڻ ڏسن ته اُٺ کي گرگ بنائي پاڻ هرڻ جي مخالف سمت،اُٺ ۾ لِڪَ ڪري ساڻس قدم ملائيندا پاڻ لِڪَ ڪندا هرڻ جي نظر کان بچندا رهندا آهن. ويچارو ڀورڙو هرڻ اُٺ کي اڪيلو اُٺ سمجهي چرڻ ۾ مشغول رهندو آهي. اوچتو اُٺ جي پوين ڄنگهن سان قدم ملائڻ وارو توبچي غريب هرڻ کي گوليءَ جو نشانو ڪري ڇڏيندو. ازانسواءِ اُٺ جي مٿان به ٽپڙن ۾ ويڙهجي سمهي شڪار ڪنداآهن. هن طريقي کي گرگ جو شڪار ڪوٺيو ويندو آهي، اُٺ اوڳو جانور آهي ۽ بندوق  جو ٺڪاءُ تي هرگز نه ٽهندو آهي، فقط ڪَن کڙا ڪري هيڏي  هوڏي نهاريندو رهندو آهي.

3- اوچتو شڪار: اوچتو هرڻ ڏسڻ ۾ اچي ۽ هرڻ به ماڻهوءَ  کي ڏسي وجهي ته جهٽ ڇلانگ ماري وٺي ڀڄندو آهي ۽ نظر کان غائب  ٿي ويندو آهي. پرهيءُ  جانور تمام ڀوروڙو آهي ۽ هڪ ٽپ ٽپي يا سٽ پنڌ ڊوڙي  پوئتي ڏسندو ته ماڻهو نظر  بچائي ڪونه ٿو اچي ته ڳالهه وساري چرڻ کي لڳي  ويندو آهي. شڪاري به هرڻ جي نظر بچائي لِڪندو ڇپندو اچي پهچندس ۽ ويچاري کي فائر جو نشانو بنائيندو آهي. چون ٿا ته هرڻ کي ڀڄي وڃڻ بعد اها پوئتي  ڏسڻ جي عادت  نه هجي ته پوءِ کيس  ڪڏهن به ڪو شڪاري هوند نشانو بنائي نه سگهي.

4- رن ۽ ٿر  جي ڪس جو شڪار: جتي ٿر 7 رڻ پاڻ اچي ملن ٿا، اتان جا هرڻ صبح ساجهر ماڻهن جي خوف کان يا پنهنجي روزانه معمول موجب رڻ ۾ هليا ويندا آهن. سڄو ڏينهن رڻ جي سڌي  ۽بنان  وڻڪار ٻُٽي  ميدان تي پَن ٻوٽا چرندا وتندا آهن. سج لٿي مهل درنده جانورن کان سيءَ کان بچاءَ خاطر يا ٻچا ڄڻڻ خاطر ۽ انهن جي سلامتيءَ  واسطي  رات جو ٿر جي ڀٽن ۾ هليا ويندا آهن ۽ پنهنجي رهائش  واري جاءِ يعني پوکارئي، پٽن جي ڏرڙن، غارن ۽ وڻن  جي جهڳٽن ۾ وڃيو آرام ڪن جي جايون سندن لاءِ هميشہ جو پوکاريو آستانو  يا گهر هونديون آهن.

شڪاري رڻ ڏانهن لهندڙ گس، گهيڙ ۽ گهاٽ  وڃي جاچيندا آهن جتان کين هرڻن جا پيرا رڻ ڏانهن ويندڙ نظر ايندا آهن. جڏهن خاطري ٿيندين ته سج لٿي مهل رڻ مان هرڻ واپس موٽندا ۽ انهن لنگهن تان لانگهائو ٿيندا ته پوءِ اهڙن لانگهن تي يا سج لٿي يا صبح جو ڀنڀرڪي ۾ زمين تي کڏون يا کڏڻا يا مورچا  بنائي يا وڻن ۾ لِڪي وڃِي ويهندا آهن يا پيٽ ڀر سمهي پوندا آهن. اڃا ويچارا هرڻ ويجها اچن ته گوليءَ جو نشانو ٿيو وڃن. هڪڙو هرڻ ڪِريو ته ويچارا ٻيا ڀورڙا هرڻ منجهي پوندا آهن. ڪجهه ڊپ به ٿيندن ۽ ٽاهه به کائيندا ۽ ڪِري پيل هرڻ جي دانهن تي ڏانهس همدرديءَ مان موٽي ايندا جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو جو ٻه- ٽي ٻيا به اجل جو شڪار ٿيندا. ان بعد هراسجي ڀڄي ويندا آهن.

5- جيپ سان شڪار: اڄڪلهه اميرن ۽ آفيسرن  جو شڪار جيپ جي ذريعي  ٿيندو آهي.  رڻ جي سڌي ميدان ۾ هرڻن پٺيان تيز جيپ کڻي ڇڏيندا  آهن ۽ نيٺ ويچارو ساهه وارو جانور ٿڪجيو پوي ۽ جيپ ويجهو پهچيو وڃي ۽ هرڻن تي گولين جو وسڪارو لايو ڏين، هرڻن  جي ڇالن جو نظارو هن شڪار ۾ عجيب منظر لائي ڇڏيندو آهي. هرڻ ويچارا ايڏا  ته وڏا ڇال ماريندا آهن جو انگشت بدندان اچي ويندي آهي. هرڻن جي اها ڊوڙ فقط ان ڪري ممڪن ٿي سگهي ٿي جو هيءُ جانور پاڻي نه پيئندو آهي سو به جڏهن وسڪارو ٿئي ۽ ترايون پاڻيءَ  سان ڀرجي وڃن تڏهن رات جو لِڪي لِڪي تراين جي تَڙن تي ايندو آهي نه ته  ٻيو ٿيو خير،  پاڻي نه پيئڻ ڪري ئي هي  جانور ايترو ڊوڙي  ۽ ڇال ڏيئي  سگهي ٿو. پاڻي پيئندڙ جانور ائين ڪري نه سگهندو ۽ جلد ٿڪجي ڪِري پوندو. ڪڏهن ڪڏهن ڪي پيٽ سان (حامله) هرڻيون ويچاريون هن ظلم جو شڪار ٿينديون آهن. انهن کي جڏهن پيٽ پيل ٻچي سوڌي گولي لڳندي آهي، تڏهن جيڪا هوءَ ٻاڪار ڪندي آهي. ان جي ٻڌڻ سان هڪ انسان جا وار ئي ڪانڊارجي ويندا آهن، مگر ظالم شڪاري اها ٻاڪار ٻڌي ٽهڪڙي ۾ پئجي ويندا آهن.

هنن سڀني شڪارن جو مون معائنو ڪيو آهي. سال 1936ع ۾ مون به شڪار جو شوق دل ۾ ڌاري بندوق جو ليسن  ورتو هو.مگر پهريون ئي دفعو جڏهن رڻ جو شڪار ڏٺم ته توبهه تائب ٿي ويس ۽ بندوق فقط لٺ وانگر سانڍيو رکيو ويٺو هوندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ڏيپلي جو ستارو ميمڻ مون کان بندوق گهرندو هو، جنهن کي ڪارتوس به ڏيندو هوس ۽ هو شڪار ڪري ايندو هو. ورنه ڏيپلي ۾ هرڻ جو پنڊو هڪ ٻن رپين ۾ ملي ويندو هو، ۽ پچارائي کائيندو هوس. ستارو ميمڻ هڪ هوشيار پيرڙيو شڪاري هو ۽ عام طرح آفيسر آفيسر  کيس پنهنجي بندوق ۽ ڪارتوس ڏيندا هئا ته هو ڍَڪيءَ جو سوير ويندو هو ۽ شام جو وڏي سج ضرور ڪونه ڪو هرڻ شڪار ڪري ايندو هو. هرڻن ويچارن جا سهڻا سڱ منهن جي هڏي سوڌا اميرن جي بنگلن جي ديوارين جي آرائش هڪ طرف ٿيندا ته ٻئي طرف هرڻ جي کلن مان نرم بوٽ، نماز جا مصليٰ، فراسيون، نتون (فطعون ) ۽ زير گاديون ٺاهيون وينديون هيون.

هن کان اڳ پَلن، ڍنڍن جي پکين، تترن ۽ بلبلن جي شڪار تي مضامين لکيا اٿم. دل چوي ٿي ته ڦاڙهن، تلورن ۽ گوڙامڻن، سهن ۽ سيهڙن جي شڪار بابت لکان، جي شڪار اکئين ڏٺا اٿم. انهن کان سواءِ شينهن جي شڪار ۽ هاٿين جي ڦاسائڻ بابت جيڪي حقيقتون مرحوم عثمان علي انصاريءَ  جي زباني ٻڌيون اٿم، انهن کي قلمبند ڪرڻ سان  به منهنجي نظر ۾ ناظرين ڪرام کي ڪافي معلومات حاصل ٿيندي.    --- وما توفيق الا بالله.

·      الهداد ”عاصم“ ٻوهيو

شعر جي اڀياس جا نوان طريقا

الف---  (1) معاڳ:

شعرجي اڀياس (Study of Pietry) جي طريقن ۾ لڳاتار ڦير گهير ۽ سڌارو ٿيندو رهيو آهي. جن ڳالهين جي ڪري هي سڌارو آيو آهي، تن مان ڪي هي آهن.

(1) ٻوليءَ جي استعمال ۽ بهتر ٻوليءَ جي معيار جي باري ۾ ڪي نوان نظريا ظاهر ٿيا آهن.

(2) شاعريءَ جي ضرورت، ان جي فني حيثيت ۽ ان جي ٻوليءَ جي باري ۾ به وڌيڪ مطالعي ۽ ڇنڊڇاڻ جي ڪري ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون اڳيان اڀري آيون آهن. هاڻي هنن سوالن جا جواب ته شعر ڇا آهي؟ ٻوليءَ جو ڪم ڪهڙو آهي؟ نثر ۽ نظم جي وچ ۾ بنيادي فرق ڪهڙو آهي؟ بلڪل نرالا ڏنا ٿا وڃن. هي سڄو ڪم ادب جي ڇنڊڇاڻ ۽ تورتڪ (Criticism) جي علم جي ترقيءَ جي مدد سان ٿيو آهي. ادبي تنقيد اسان جي اکين جي اڳيان اسان جي ڏسندي ڏسندي ترقي ڪندي رهي آهي ۽ هاڻي اُها گهڻو اڳتي وڌي چڪي آهي. 1950ع ۽ ان کان پوءِ وارو دؤر، سنڌي ادب ۾ نئين سجاڳيءَ وارو آهي ۽ اهوئي دؤر آهي جنهن ۾ ادبي تنقيد وڏي ترقي ڪئي آهي. هاڻوڪي تنقيد، ادب ۾ آرٽ جي ضرورت کي گهٽائڻ جي حق ۾ ته نه آهي، پر ان جا اصول اهڙا آهن، جو هاڻي ادب ۾ وڏي ۾ وڏي حيثيت آرٽ کي نه، پر ان جي سماجي ڪارج کي ملي رهي آهي. آرٽ کي به هاڻي ڪنهن نه ڪنهن سماجي ڪارج جي پورائيءَ جو هڪ وسيلو سمجهو ٿو وڃي. هن جو مطلب اهو نه آهي ته خود آرٽ جي اهميت گهٽجي چڪي آهي، پر هن جو مطلب فقط اهو آهي، ته آرٽ هينئر خود مقصد نه آهي، پر ڪنهن مقصد حاصل ڪرڻ جو وسيلو آهي ۽ شعر ۽ آرٽ  شعرجي مساوي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ان کي تمام مٿاهين درجي تائين پهچائڻ جو وسيلو آهي.

شاعريءَ  کي ڪجهه وقت اڳي يعني ارنونڊ جي زماني ۾ انسانذات  جو روحاني ورثو سمجهيو ويندو هو. شاعري اڄ به انسانذات جي روحاني ورثي جهڙي آهي، پر اڄ انهيءَ روحاني ورثي کي انسان جي معاشي، معاشرتي ۽ سماجي زندگيءَ  جي گهُرن پٽاندر نون طريقن سان ڏٺو ٿو وڃي.

(2) ڪي بنيادي ڳالهيون

شاعريءَ جو وسيلو (mearium) فقط هڪڙو آهي ۽ اُهو آهي ٻولي . ٻوليءَ جي باري ۾ وڏي تبديل ان وقت آئي، جنهن وقت اهو ڏيکاريو ويو ته ٻوليءَ  جو ايڪو لفظ نه پر جملو آهي. هن ننڍڙيءَ ڳالهه، ٻوليءَ جا ڪيترائي آسماني نظريا ڊاهي وڌا. اڳي اهو سمجهيو ويندو هو ته نالا ٻوليءَ  جو بنياد آهن، ۽ فعل ۽ صفتون بعد ۾ نالن جي ڪري ٺهيون آهن.هن خيال ۾ ٻوليءَ جي بياني حيثيت ۽ اظهار واري پهلوءَ کي بنيادي نه پر ثانوي حيثيت ڏني ويندي هئي. نالن يا اسمن کي ٻوليءَ جي سڄي هنر جو سرچشمو سمجهيو ويندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com